وساريان نہ وسرن! (اَڻپوري آتم ڪٿا)
جيل جي ٻاهران ڪيترائي مرد، عورتون، پيرسن ۽ ننڍا ڇوڪرا بِيٺل هئا. ڪيترين ئي عورتن جي ڪَڇن تي ننڍڙا معصوم ٻار روئي رهيا هئا، ڪن کي مائرون پرچائي رهيون هيون، ڪن جي رانڀاٽن سان دل دھل يو ٿي وئي. آخر هي ڇو ٿا روئن؟ ڪنھن جي لاءِ ٿا روئن؟ هي سڀ ماڻھو ڪنھن جو اِنتّظار ڪري رهيا آهن؟ هنن جي پريشاني، اُڻ تُڻ ۽ مونجهہ مان اِيئن لڳو تہ ڄڻ هي سڀ ڏوهاري هئا ۽ پنھنجي قِسمت جو فيصلو ٻُڌڻ آيا هئا.
جيل جو مُکيه دروازو بند هو. مون کي وٺي آيل پوليس وارن لوهي دروازي جي سيخن مان اَندر هٿ وَڌائي، بِيٺل هڪ سپاهيءَ کي منھنجي گرفتاريءَ جو حُڪمنامو ڏِنو. ڪجهہ دير بعد جيل جو ننڍو دروازو کُليو ۽ اسان کي اِشاري سان اَندر اَچڻ لاءِ چيو ويو. اسان جيئن ئي اَندر گِهڙياسين تہ جيل جي سپاهيءَ دروازي کي زور سان بند ڪري، اَندران ڪُلف هڻي ڇڏيو، ڄڻ تہ هن نہ ٿي چاهيو تہ ٻاهر جي دُنيا جو ڪوبہ ماڻھو اَندر اَچي.
مون کي جيلر جي سامھون آندو ويو، هو هڪ وڏي رجسٽر تي ڪا داخلا رکي رهيو هو. اَسين ڪيتري دير هن جي اَڳيان بِيٺا رهياسين، آخر هن پنھنجو ڪنڌ مٿي کڻي، مون ڏانھن ڏِٺو. منھنجا وارَ ڪانڊارجي ويا. آءٌ زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو جيل ۾ آيو هوس، ڪئين وسوسا، اَنومان مون کي ويڙهي ويا هئا. هيءَ ڪھڙي دُنيا آهي، منھنجو ڇا حشر ٿيندو، منھنجي ذهن تي اُهي سمورا پروگرام تري آيا، جن جي مون ڪئين سال اَڳ رِٿابندي ڪئي هئي. اَگر زندگي جيل ۾ گُذري ويئي تہ پوءِ هيترا سارا ڪم ڪيئن ٿي سگهندا؟ مون تي اِلزام تحت ڏھہ سالَ ٽِيپَ ۽ ٽيھن ڦٽڪن جي سَزا مِلي سگهي ٿي، مون کي اِيئن لڳو، ڄڻ تہ ٽڪي جي بازيءَ تي مون سڀ ڪجهہ هارائي ڇڏيو هُجي. مون پاڻ هلي وڃي ڏاڍي جي لَٺِ کي مٿو ڏِنو.
جيلر منھنجو هٿڪڙيون کولڻ لاءِ پوليس وارن کي حُڪم ڏِنو ۽ پوءِ ساڳئي وڏي رجسٽر ۾ منھنجي داخلا رکڻ بعد هو مون کي جيل اَندر ويندڙ دروازي وٽ وٺي آيو. اُن دروازي تي بِيٺل سپاهيءَ منھنجي تلاشي ورتي ۽ پوءِ دروازو کولي مون کي اَندر وڃڻ لاءِ چيو.
هاڻ خبر پئي تہ آءٌ صحيح معنى ۾ جيل اَندر اَچي چُڪو هوس. سامھون ڪيترائي قيدي هڪ وڏي تندور تي ماني پَچائي رهيا هئا، ٻي پاسي ڪجهہ قيدي جيل جي ڀتين کي گاري مِٽيءَ سان ليپي رهيا هئا، ڪن پاڻي پئي ڀريو تہ ڪن رستي کي ٻھاريءَ سان پئي صاف ڪيو.
ڪيترن ئي قيدين کي پيرَڪڙيون پيل هيون، ڪڙين ۽ زنجيرن جي ڇڻ ڇڻ منھنجي منَ کي ماندو ڪري وڌو. غلاميءَ جو دؤر منھنجي اَکين اَڳيان تري آيو، ڏاڍو گوڙ ۽ وٺ وٺان هئي، ڄڻ تہ ڪنھن ملباري هوٽل ۾ اَچي نڪتو هوس. مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ ڇا ڪيان ۽ ڪيڏانھن وڃان. نظر ڦيرائڻ سان اَندر ڪيترائي گهر ۽ محلا نظر آيا، آخر آءٌ ڪِٿي رهندس؟ ڪيئن کائيندس؟ منھنجو ڇا ٿيندو؟ اَڃا اِنھن ئي ويچارن ۾ هوس تہ هڪ قيدي مون ڏانھن وڌي آيو ۽ اُردوءَ ۾ پُڇيائين: ”تون نئون آيو آهين؟“ مون هائو ڪئي، هن مون کي سندس پويان اَچڻ جو حُڪم ڏِنو. هو تِکو تِکو هلندو جيل جي دروازي وٽ پھتو، جتي ڪيتريون ئي کَٽون پيون هيون، هن مون کي هڪ کٽ کڻي هلڻ لاءِ چيو. مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڪجهہ بہ ڪرڻ کانسواءِ آءٌ سندس مُنھن ۾ تڪيندو رهيس. هن سواليہ نظرن سان مون ڏانھن نھاريندي وري چيو: ”کٽَ کڻ، ڏِسين ڇاٿو!“ مون هن کي سمجهائڻ واري اَنداز سان آهستي آهستي چيو: ”آءٌ اّخبار ۾ ايڊيٽر آهيان، مون کان کٽون ڇو ٿا کڻايو؟“ اِها ڳالھہ ٻُڌي صفا بِر ٿي ويو ۽ رڙ ڪندي چيائين: ”ڏوھہ ڪري سگهو ٿا، باقي کٽون نہ ٿا کڻي سگهو؟“ اِيئن چئي هن مون کي ٻانھن کان جَهليو، ڇِڪيندو هڪ وڏي قيديءَ ’اَڳواڻ‘ وٽ وٺي آيو ۽ کيس دانھن ڏيندي چيائين: ”هي ڪم ڪرڻ کان اِنڪار ٿو ڪري.“ اَڳواڻ قيديءَ جي هٿَ ۾ لَڪڻ هو، هن کي ڏھہ والي وڏي شلوار پيل هئي، پُٺا اُگهاڙا هئس، هو سنڌي ملھن وانگر لوڏ سان هلندي مون ڏانھن وَڌڻ لڳو، هن جي اَکين ۾ تندورَ وارا مچَ پئي ٻَريا، مُڇون تمام وَڏيون، ڇِڪيلَ ۽ صفا سِڌيون هئس، ڄڻ تہ واٽون ٻُڌائڻ واريون تختيون هيون.
هن منھنجي ويجهو اَچي، ڏاڍي آڪڙ مان پُڇيو: ”اڑے تم کام نہیں کرے گا؟“ مون هن جي ڊيل ڊول ۽ سنڌي لھجي مان سمجهي کيس سنڌيءَ ۾ جواب ڏِنو: ”ڪم کان ڪھڙو اِنڪار، مگر اسان کان بہ ڪم وٺو، اِها ڳالھہ ٺھي نہ ٿي.“
”تون وري ڪھڙو نواب آهين؟“
”اَخبار جو ايڊيٽر آهيان.“ اِيئن ئي دُسڙ ۾ پير هنيم.
”ڪوڙيون خبرون لِکي سگهو ٿا، باقي ڪم نہ ٿا ڪري سگهو.“ اِيئن چئي هن اُن قيديءَ کي ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”هن کي وڏي صوبيدار ڏي وٺي وڃ!“
مون صوبيدار سان پنھنجو تعارف ڪرايو، جيڪو ڀارتي فلمن جو ولين لڳو ٿي. هو وڏي پيٽَ سان آرام ڪُرسيءَ تي، ٽنگَ ٽنگَ تي چاڙهي، قيدين کان ڪم وٺي رهيو هو، ڳالھہ ڳالھہ تي گارِ جو زِيپٽ هو. هن منھنجي ڳالھہ ٻُڌي، پنھنجو منھن وڌيڪ بُڇڙو ڪري ڇڏيو ۽ ڏاڍي بيزاريءَ سان جواب ڏِنائين: ”وڃ! او هُتي پريان ڇَٻرَ تي وڃي ويھہ، پوءِ تنھنجو حِساب ڪريون ٿا.“
آءٌ ڇٻرَ تي وڃي ويھي رهيس، تقريباً ٻہ ڪلاڪ گُذرڻ بعد مون کي وٺي، هڪ وڏي هال ۾ اَچي بند ڪيائون، جتي اَڳي ئي سؤ کن ٻيا قيدي قابو هئا. هي جيل اَندر جيل هو. هال جي ٻنھي پاسي وڏا لوهي دروازا هئا، هتي هال ۾ ويٺل قيدين مون کي ’نئون قيدي‘ سمجهي، ڪيترائي ڄڻا وڌي اَچي مِليا ۽ ايڏي تہ آڌرڀاءُ ڪيائون، ڄڻ تہ آءٌ جيل مان ڇُٽي، پنھنجي گهر آيو هوس. ڪو چوي مون وٽ ويھہ، ڪو چوي اسان سان رھہ، ڪي چادر ۽ وهاڻا کڻي آيا، ڪن فروٽ آندو، ڪن خوش خير عافيت ڪئي، ڪي دلداري ڏِيڻ لڳا: ”پرواھہ ناهي، جيل بہ مڙس ڏِسندا آهن.“ هڪ ڄڻي رڙ ڪري ’چنون ميان‘ کي سڏ ڪيو. پريان هڪ ننڍي قدَ، ٿلھي ٿنڀري جسم وارو ’چنون ميان‘ ڪيترن ئي قيدين مٿان ٿيندو، لُڏندو مون کي اَچي ڀاڪرين پيو، ٻَکُ وِڌائين، ڄڻ ملھہ ٿو وڙهي. ايڏي تہ حُب ۽ پيار سان مون کي چُھٽي ويو، ڄڻ تہ اسان سالن جا سنگتي هئاسين. هن ٻين قيدين کي هٽائي، مون کي بستري تي ويھاريو ۽ چيائين: ”تون اسان جو ڀاءُ آهين، اسان جو سائين آهين، اسان جو مھمان آهين، متان ڪا ڳڻتي ڪرين. مون ڏانھن ڏس! آءٌ هينئر سترهون ڀيرو جيل آيو آهيان.“ مون حيرانگيءَ سان هن ڏانھن ڏِٺو. ”اَڙي بابا! تون عجب ڇو ٿو کائين؟ هي جيل اسان جو گهر آهي، هتي جي مانيءَ لاءِ اسان کي عزت آهي. جيل کان ٻاهر اسان کي سڀ چور سمجهن ٿا، چوري نہ ٿا ڪريون، تہ بہ اسان کي چور سمجهيو وڃي ٿو، ٿاڻن تي سَڏي ماريو، ڪُٽيو وڃي ٿو، مِٽ مائٽَ بہ اسان تي ڀروسو نہ ٿا ڪن، اُن ڪري ڪونہ ڪو بھانو ٺاهي، ڪنھن جو کِيسو ڪتري، جيل هليا اِيندا آهيون. هتي ڏاڍا خوش آهيون، ڪيترا دوست ڀائر اَٿئون. هتي پيار محبت آهي، ڪير بہ ڪنھن کي ڏوهي نہ ٿو سمجهي، اَسين سڀ برابر آهيون، اِهي ڳالھيون ٻاهر جي دُنيا ۾ نہ مِلنديون. هي ڏس تنھنجي ڀر ۾ ويٺل پريو مُڙس ڇھہ خون ڪري آيو آهي. ٻاهر دُنيا وارن هن کي خوني بڻايو، هتي هن کان وڌيڪ شريف ۽ مِٺو ماڻھو ڪونھي.“
اُهو شخص وَڌي مون سان اِيئن اَچي مِليو، ڄڻ تہ آءٌ سندس اَبو اَمان هوس، هنن پنھنجو ڪنڌُ جُهڪائي، منھنجي گوڏن تائين آندو. منھنجي سڄي جسم کي سيءُ وٺي ويو ۽ وارَ کَڙا ٿي پيم، هن ايتري اَدب ۽ نِوڙتَ سان منھنجا هٿَ چُميا، جو منھنجي سڄي پيشاني پگهر سان شل ٿي ويئي. ايتري ۾ هڪ ڄڻو بسڪوٽ کڻي آيو. چنونءَ ٽيڳر ڪندي اُن کان بسڪوٽ کسي ورتا ۽ پاڻ پنھنجي هٿن سان مون کي بسڪوٽ کارائڻ لڳو. سڄو وات بسڪوٽن سان ڀري ڇڏيائين ۽ پوءِ پُڇيائين: ”ڀلا اِهو تہ ٻُڌاءِ، تون ڪھڙي ڏوھہ هيٺ آيو آهين؟“ بسڪوٽن سبب منھنجو وات بند هو. اِها حالت ڏِسي، هڪ ٻي قيديءَ چيو: ”اَڙي چنو! اَڃا همراھہ آيو مس آهي، کيس ساهُه پَٽڻ تہ ڏي، پوءِ سڀ خبرون ڪنداسين، هاڻ اَعجاز کي سڏ ڪر تہ گانو وانو ٿي وڃي.“
اَعجاز اَڳ ۾ ئي اسان سان ويٺو هو. هن دَٻو کڻي، محمد رفيع جو هڪ گانو ٻُڌائڻ شروع ڪيو: ”او دنیا کے رکھوالے٬ سن درد بھرے میرے نالے“ آواز ڇا هو، محمد رفيع جيئرو اَکين اَڳيان ويٺل ڏِٺوم. هن ايتري تہ جوش ۽ مِٺي
آواز ۾ گانو ڳايو، جو سڄو هال ماٺ ٿي ويو. جڏهن گانو پورو ٿيو تہ سڀني تاڙيون وڄائي هن کي دادُ ڏِنو. تاڙين جي هُل تي پوليس واري لوهي سِيخن ۾ مُنھن وجهي رڙ ڪئي: ”ماٺِ ڪيو ٿا يا ٿي وڃي حِساب ڪتاب!“ پوءِ تہ سڀني ٽڙي پَکڙي پنھنجن پنھنجن بسترن ڏانھن هليا ويا. مون سان گڏ اَعجاز جو ئي بسترو هو، مون آهستي آهستي اَعجاز کان پُڇيو: ”تنھنجو هتي ڪيئن اَچڻ ٿيو؟“ هن ڪوبہ جواب نہ ڏِنو ۽ خاموش رهيو. مسلسل خاموشيءَ ۾ هن جي سُڏڪن جو آواز اَچڻ لڳو. مون ڪنڌ وَرائي هن ڏانھن ڏِٺو، هو زاروقطار روئي رهيو هو. مون کيس آٿت ڏيندي چيو: ”هينئر توهان مون کي دلداري ڏيئي رهيا هئا، هاڻ توهان پاڻ روئي رهيا آهيو، آخر ڳالھہ ڇاهي؟“ هن ٻُڌايو تہ کيس آوارہ ڦُرڻ جي ڏوھہ هيٺ اَڍائي سؤ روپيا ڏَنڊ يا ڏيڍ مھينو سَزا ڏِني ويئي. جيئن تہ وٽس اَڍائي سؤ روپيا نہ هئا، اُن ڪري هو جيل هليو آيو. هتي پھچڻ بعد پويان ڪراچيءَ ۾ جيڪا زبردست ٻوڏ واري بارش ٿي هئي، اُن ۾ هنن جو گهر، جيڪو هڪ نالي جي ڪِناري تي هو، اُهو لُڙهي ويو. اُن ٻوڏ ۾ سندس ننڍڙو پُٽ ۽ ڌيءَ بہ پاڻيءَ ۾ ٻُڏي مري ويا. گهر ۾ هن جي زال کانسواءِ ٻيو ڪوبہ نہ هو. شايد هي گهر ۾ هجي ها تہ ٻارن کي بَچائي سَگهي ها. اِهو واقعو ٻُڌائي هو هڪ ڀيرو وري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ مون کان بہ پاڻ جهليو نہ ٿيو.
اُها جيل جي پھرين رات هئي....
رات جو وڏو حِصو ڳالھين، کِل، ڀوڳَ ۽ هڪٻئي جو حالُ اَحوالُ ڏِيڻ وٺڻ ۾ گُذري ويو، باقي رات ڏاي سُڪون سان ننڊ آئي. اَهڙي سُڪون واري ننڊ شايد ئي زندگيءَ ۾ ڪا نصيب ٿي هيم. جڏهن ماڻھو ٻاهر آهي تہ هن مٿان ڪئين جوابداريون ڪَرُ کڻيو بِيٺيون هونديون آهن، مگر جيل اَچڻ کانپوءِ اِنسان وقتي طور اَهڙين سڀني جوابدارين کان ’آزاد‘ ٿيو وڃي. ٻيو نہ تہ اُنھن جوابدارين کان بچڻ جو ڪو ’سبب‘ تہ مِليو وڃي. دُنيا ٻُڏي يا بَچي، جيل وڃڻ کانپوءِ ماڻھو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ٻاهر جي دُنيا ۾ گهر جو فڪر، ٻارن ٻَچن جو فڪر، ماءُ پيءُ جو اونو، ڌنڌي ڌاڙيءَ جي وٺ وٺان. صبح جو ننڊ مان اُٿي اَخبارون پڙهو، سِڄي دُنيا جا سُورَ اَندر کي ويڙهي ويندا. ڪٿي جنگ پئي هلي، ڪٿي ماڻھو پيا مرن، ڪٿي لَڏَپلاڻ آهي تہ ڪٿان ڏُڪار، سيلابن، طوفانن، بيمارين جون خبرون پيون اَچن، اُهي پڙهي، دل پئي رَڙندي ۽ خُدا پاڪ جي در پئي ٻاڏائيندي: ”او منھنجا رب! اِنسان کي مصيبتن ۽ آفتن کان بَچاءِ، دُنيا مٿان عذاب ۽ ڏُک ختم ڪر! اَگر توکان نہ ٿو پُڄي تہ اي خُدا! مون ۾ پاڻ واري شڪتي پيدا ڪر! پوءِ تون ڇُٽل آهين، وري توسان ڪوبہ ڪڏهن بہ شڪايت نہ ڪندو.“ مگر اِهي ڳالھيون نہ ڪڏهن ٿيون آهن ۽ نہ ئي ٿي سَگهنديون. اِنسان آسرن ۽ اُميدن تي ڪيئي جُڳَ وڃائي چُڪو آهي، هو اَڪيلو سڀ اِختيارات قبضي ۾ ڪيو ويٺو آهي، ڪنھن کي بہ ويجهو اَچڻ نہ ٿو ڏئي. حالانڪہ ورهائي کائڻ ۾ سڀني جي ڀلائي آهي. هن دُنيا جا گهڻا حُڪمران مٿئين جي پاليسيءَ تي عمل ڪندا آهن.
آءٌ ڪڏهن ڪڏهن دُنيا جون تڪليفون ۽ ڏُکَ ڏِسي سوچيندو هوس تہ ڪو اَهڙو هنڌ هجي، جيڏانھن ڀڄي جان ڇَڏائجي، مگر ڪڏهن ڪوبہ اَهڙو هنڌ ميسر نہ آيو. شايد هي جيل دُنيا جي ڏُکن کان ڀڄي پناھہ وٺڻ جو ڪنھن حدَ تائين چڱو هنڌ آهي، جتي گهڻين ڳالھين کان نجات مِلي ٿي. هتي آزاد دُنيا وارا سُورَ نہ آهن، هتي ڪوبہ بُک وِگهي نہ ٿو مري ۽ نہ ئي ڪنھن کي ملڪيت بڻائڻ جي خواهش پيدا ٿئي ٿي ۽ نہ ئي ڪنھن کي ملڪيت کسجڻ جي ڊپَ وچان دل جا دؤرا پون ٿا. هتي رشتن، ناتن جو ڪوبہ ڄارُ وڇايل نہ آهي، ماءُ، پيءُ، ڌيءُ، پُٽ، ڀيڻ، ڀاءُ، چاچا، ماما، نانا، ڏاڏا، اَهڙا ڪي بہ رشتا هن دُنيا ۾ نہ مِلندا. هتي اِنسان دُنيا جي تمام گهڻن خفن کان ’آزاد‘ ٿيو وڃي. دُنيا وارا هن کي ’قيدخانو‘ سَڏين ٿا، حالانڪہ اَصلي قيدخانو تہ هيءَ دُنيا آهي، جتي وکَ وکَ تي اِنسان قيد ٿيل آهي. سماج جو، قانون جو، حاڪمن جو، مذهب، جو، ذات پات جو، رنگ ۽ نسل جو ۽ خاص طور دولت جي لالچ جو، اُها لالچ، جا ڄمڻ کان زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين اِنسان کي ڊوڙائيندي آهي، هوش ۽ هٻڇ جي رِڻ پٽ بيابانن ۾ اِنسان دولت پويان ڊوڙي ڊوڙي ساھہ ڏيندو آهي، مگر هن جي بُک، دولت جي بُک ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي آهي. شايد اِهو ئي سبب آهي، جو دُنيا ۾ سوشلسٽ اِنقلاب آندا ويا آهن تہ جيئن اِنسان کي دولت پويان ڊوڙي ڊوڙي مرڻ کان بَچايو وڃي.
اُها رات ڏاڍي اِطمينان ۽ سُڪون واري رات هئي. منھنجي اَک تڏهن کُلي، جڏهن پوليس وارن جون سِيٽيون زور زور سان منھنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳيون. آءٌ ڇرڪ ڀري اُٿس. ڪي بسترا ويڙهي رهيا هئا، ڪي پنھنجو سامان هڪ ڪُنڊ ۾ جمع ڪري رهيا هئا، ڪن اوٻاسيون پئي ڏِنيون. شايد صبح جا ساڍا پنج يا ڇھہ ٿيا هئا. آءٌ هونئن هر روز رات جو دير سان سمھندو آهيان ۽ صبح جو تمام دير سان، وڏي سج اُٿندو آهيان. اُن کانپوءِ ڪيتري دير تائين جسم مان وٽَ ڪڍندي گُذرندي آهي، مگر اَڄ دير سان سمھي، تمام جلدي اُٿيو هوس، اُن جي باوجود پاڻ کي تازو توانو سمجهيم. مون ڀر واري قيديءَ کان پُڇيو: ”هاڻ ڇا ڪرڻو آهي؟“ پر هن منھنجي ڳالھہ ئي نہ ٻُڌي، ٽِين جي دَٻي مان ننڍڙي آرسي ڪڍي، پنھنجو منھن ڏِسڻ لڳو. رات وهايل لُڙڪ سندس مُنھن تي نشان ڇڏي ويا هئا.
ايتري دير ۾ رڙ ٿي: ”جوڙي جوڙي ٿي وڃو!“ بس! اَک ڇنڀَ ۾ سڀ ٻہ ٻہ ڄڻا ٿي ويھي رهيا، اَهڙي اَدب ۽ اَحترام سان ٿي ويٺا، ڄڻ خُدا جي بارگاھہ ۾ حاضري ڏِيڻ آيا هجن. مون کي پنھنجي ساٿي قيديءَ ٻانھن کان ڇِڪي پاڻ سان ويھاريو، جيئن جوڙي پوري ٿئي. ايتري ۾ پوليس وارا اَندر گهڙيا ۽ قيدي ڳڻڻ لڳا. هڪ، ٻہ، ٽي، چار! زور زور سان، ڏهڪاءُ وجهڻ واري نموني اِيئن آواز ڪڍندا ويا، ڄڻ تہ هٽلر جون فوجون پريڊ ڪنديون هجن.
ٿوري دير ۾ سڀ قيدي هڪ هڪ ٿي، هال کان ٻاهر وڃڻ لڳا. اُن وقت مون ڏِٺو تہ ڪيترن ئي قيدين کي مستقل طور چيلھہ ۽ پيرن ۾ زنجيرون يا ٻيڙيون پيل هيون، شايد خوفناڪ قيدي ٿي لڳا يا اِنقلابي تحريڪن جا ليڊر هئا. پوءِ مون کي ياد آيو تہ زندگي جا معمولي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بہ اِنسان کي اِنقلابي تحريڪن کان گهٽ ڪم ڪرڻو نہ ٿو پوي. هن دُنيا ۾ جيئڻ جو جبل جهاڳڻ لاءِ ايتريون ئي قربانيون ڏِيڻيون پون ٿيون، جيتريون اِنقلابي تحريڪن لاءِ ڏِنيون وينديون آهن. هي زنجيرن ۾ جَڪڙيل اِنسان ڪير هئا؟ چورَ، ڌاڙيل يا قاتل! هي ماڻھو ذاتي، اِنفرادي مسئلن کي مُنھن ڏِيڻ لاءِ چورَ، ڌاڙيل ۽ قاتل بڻيا هئا. اُها اِنفرادي قوتَ يا ڪوشش جڏهن اِجتماعي رنگ اِختيار ڪندي آهي تہ دُنيا ۾ اِنقلاب اِيندا آهن.
آءٌ هال کان ٻاهر نڪتس. مون ڏِٺو تہ ڪيترائي قيدي هڪ هٿَ واري نلڪي تي هٿ مُنھن ڌوئي رهيا هئا، ڀر ۾ ليٽرين ٺھيل هئا، اُنھن جي جوڙجڪَ اَهڙي هئي، جو ويٺل سڀئي ماڻھو صاف نظر آيا ٿي، نہ صرف ايترو، بلڪہ ويٺل ماڻھن جي اَڌ اوگهڙ بہ نظر آئي ٿي. اِهو منظر ڏِسي سڄي جسم ۾ سياٽو وٺي ويو. آءٌ هٿ مُنھن ڌوئڻ کانسواءِ موٽي هال طرف آيس، هتي هينئر چانھہ ۽ مانيءَ جي ورهاست پئي ٿي. هڪ قيديءَ جي اَڳيان مانين جو وڏو ٿھو رکيل هو تہ ٻي وٽ ٽِين جي دَٻي ۾ چانھہ هئي. مختلف قيدي لائين ۾ ماني ۽ چانھہ وٺندا پئي ويا، اِيئن لڳو ڄڻ ڪنھن مزار تي فقير لنگر وٺڻ آيا هجن. آءٌ بہ لائين ۾ بِيھي رهيس. هن مون کي زنگ لڳل ننڍڙي دَٻي ۾ چانھہ ۽ ٻہ مانيون هٿَ ۾ جهلايون. ماني ڏِيڻ جو اَنداز ايڏو تہ ڏُکوئيندڙ هو، ڄڻ خيرات ٿي ڏِنائون. خبر نہ آهي ڇو مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ هٿ مان چانھہ جو دَٻو ڪِري پيو. ماني ورهاست ڪندڙ قيديءَ رڙِ ڪئي: ”اَڙي! ڏِسين نہ ٿو؟“ مون لوڻون ورائي هن جي مُنھن ۾ ڏِٺو ۽ پوءِ ٻئي مانيون سندس هٿَ تي رکي، پنھنجي هال ڏانھن موٽي آيس.
ٿوري دير ۾ سڀ قيدي ڪمن ڪارين سان ڪيڏانھن ويا هليا، آءٌ اَڪيلو هال ۾ وڃي بچيس. مون لاءِ گهر وارن بسترو موڪليو هو، جيڪو رات کان اِيئن ئي پيو هو. گُذريل رات سُمھڻ لاءِ قيدين مون کي بسترو ڏِنو هو، هينئر هو پنھنجا ٽپڙ ميڙي ويا هئا. اُن ڪري مون پاڻ وارو بسترو کڻي پٽَ تي وڇايو تہ اُن مان ٻہ ڪتاب نِڪتا، جيڪي گهر وارن منھنجي پڙهڻ جي عادت پوري ڪرڻ لاءِ موڪليا هئا. ڪتاب ڏِسي مون کي ايتري خوشي ٿي، ڄڻ تہ سالن کانپوءِ وڇڙيل يارُ مِليو هو. ڪتاب پڙهڻ لاءِ هھڙي نويڪلائي وري ڪڏهن نہ مِلندي! آءٌ وهاڻي تي ٽيڪَ ڏيئي، ڪتاب کولي پنا اُٿلائڻ لڳس، ايتري ۾ رات وارو اُهو پِيرسَن قيدي آيو، جنھن ڪيئي قتل ڪيا هئا. هن مون کي اَڪيلو ڏِسي، پريان ئي رڙِ ڪئي:
”بابا، پُٽ! تون هتي اَڪيلو ڇو ويٺو آهين؟“ ۽ پوءِ منھنجي ڀر ۾ ويھندي پُڇيائين: ”نيرن ڪئي اَٿئي؟“
مون فقط مرڪيو ۽ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏِنو.
هن چيو: ”سمجهيم، سمجهيم....“
اِيئن چئي، هو ٻاهر هليو ويو ۽ ٿوري دير ۾ چانھہ ۽ هڪ اُڦراٽو کڻي آيو. جيستائين مون ماني کاڌي، تيستائين هو ڏاڍي پيار ۽ محبت سان منھنجي اَڳيان ويٺو رهيو. ننڍي هوندي منھنجي ماءُ مون کي اِيئن ئي ماني کارائيندي هئي. جڏهن مون ماني کائي، پوري ڪئي تہ مون کي ٻاهر ورانڊي ۾ وٺي ويو. اُتي هن منھنجي لاءِ هڪ بسترو وڇائي ڇڏيو هو ۽ چيائين: ”هان تون هتي ويھي ڪتاب پڙھہ!“ ۽ پوءِ هو هليو ويو. پريان هڪ ٻي هال اَڳيان ڪجهہ قيدي ڳالھيون ڪري رهيا هئا. اَڃا مون ڪتاب جا چند پنا مسَ پڙهيا هئا تہ هڪ شخص مون ڏانھن وَڌي آيو. ٺھيل ٺُڪيل، اِستري ٿيل پاتل ڪپڙا، بوٽ پالش ٿيل، وارَ سَنواريل، سُھڻو جوان، هن منھنجي ويجهو اَچي سلام ڪيو. مون خوش، خير، عافيت ڪندي، کيس ڀر ۾ ويھاريو. حال اَحوال ڪيوسين، پوءِ تہ اَچي ڳالھين ۾ ڇُٽو، ٻہ ٽي ڪلاڪ دُنيا جھان جا ۽ هِن جيل جا قِصا ٻُڌائيندو رهيو. ساڻس ڪچھريءَ ۾ ڏاڍو مزو آيو، زندگيءَ جا ڪيئي نوان نوان رُخ ڏِسڻ ۾ آيا. ڳالھين ڳالھين ۾ مون کانئس سندس شاديءَ ۽ ٻارڙن بابت پُڇيو. هو هڪدم ماٺِ ٿي ويو، سندس پيشانيءَ تي پگهر داڻا داڻا ڪري نڪرڻ لڳو. هڪ عجيب خوف ۽ حراس جي حالت ۾ مبتلا ٿي ويو، ڄڻ تہ موت اَکين سان ڏِٺو هئائين. آءٌ سندس اُن حالت سبب ڏاڍو پريشان ٿي ويس، مون کانئس معذرت ڪئي. هن چيو: ”اَهڙي ڪابہ ڳالھہ ناهي، توهان فڪر نہ ڪريو.“ پوءِ اَسين ٻئي خاموش ويٺا رهياسين. مون وري ماٺ کي ٽوڙيندي آهستي آهستي کانئس پُڇيو: ”آخر ڳالھہ ڇا آهي؟“ هن هٻڪندي، اَکر اَکر چَٻاڙيندي، ڳالھائڻ شروع ڪيو:
”آءٌ پنھنجي زال ڪاڻ پريشان آهيان. هوءَ گهر ۾ اَڪيلي آهي.“
”اَڪيلي ڇو؟ تنھنجا ماءُ پيءُ؟“ مون سوال ڪيو.
”اسان مائٽن کان لِڪي شادي ڪئي آهي، ٻنھي جي گهر وارن کي ڪابہ خبر ناهي!“
”اِها تہ واقعي پريشانيءَ جي ڳالھہ آهي.“ مون ساڻس همدردي ڪندي چيو.
”نہ، ڳالھہ اِها ناهي، دراَصل هن جيل جو هڪ پوليس وارو تنگ ڪري رهيو آهي.“
”هتي جي پوليس واري جو ڪھڙو تعلق؟“ مون سوال ڪيو.
”آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ منھنجي نئين ڪُنوار مون کي جيل ۾ مِلڻ اَچي، اُن ڪري آءٌ جيل جي هڪ پوليس واري هٿان چِٺي چَپاٽي گهر ڏانھن موڪليندو آهيان، مون کي ڪا شئي شڪل ٻاهر کان گُهرائڻي ٿي پوي تہ اُهو ئي پوليس وارو آڻي ڏيندو آهي. ڪالھہ زال چئي موڪليو تہ پوليس واري جي نيت خراب ٿي ويئي آهي، هن ڪا ساڻس خراب حرڪت ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪئي آهي.“
اِيئن چئي، هن جو آواز ڀرجي آيو ۽ هٿ ڏَڪڻ لڳس. مون سندس هٿ پنھنجن هٿن ۾ جهليا ۽ کيس آٿت ڏِيڻ لڳس. ڪجهہ ڏينھن بعد خبر پئي تہ اُهو پوليس وارو ڪنھن ٻي هنڌ ساڳئي حرڪت ڪندي گرفتار ٿيو ۽ هن ئي جيل ڀيڙو اَچي ٿيو.
( يوسف شاهين صاحب هيءَ ڪَٿا وڌيڪ نہ لِکي)
