شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

رکيل مورائي: ٽِڙي آهي ٽانگر، ٻہ ٽي ڦولَ کڻ!

ڪن ڌرتين تي، ڪن شخصيتن جو ڄمڻ ڀاڳ جي علامت هوندو آهي ۽ اَڳتي هلي اُهو ڀاڳ جڏهن ظاهري صورت وٺندو آهي، تڏهن اُن ڌرتيءَ/ديس/ملڪ جو مان مٿانھون ٿيڻ لڳندو آهي. اُهي شخص پنھنجي ڌرتي/ديس/ملڪ جو فخر ڄاتا ويندا آهن، جن تي اَڳتي هلي ڌرتيون/ديسَ/ملڪ فخر ڪندا آهن. اَڄ جي سنڌ ۾ اَهڙي شخص (اَديب) کي مان ضرور ڄاڻان سُڃاڻان، جنھن لاءِ شايد ڪنھن وقت فخر مان رُوح جي اَٿاھہ گهراين مان شاھہ سائينءَ جي هيءَ اَملھہ سِٽَ زبان تي تري اَچي تہ:
مون سي ڏِٺا ماءِ، جَنين ڏِٺو پرينءَ کي!
هيءُ تہ محبت جو معاملو آهي، جنھن جي ڪٿَ ڪرڻ ڏُکي آهي، پر جڏهن اُن شخص جو اَدب جي ۽ لِکڻ جي ڪَٿ ڪبي تہ هڪ حيراني وڪوڙي ويندي تہ سنڌ ۾ اَهڙا لِکندڙ بہ آهن ڇا؟ جن سنڌ جي ثقافتي، اِقتصادي، جاگرافيائي ۽ سماجي توڻي اَخلاقي تحفظ اُن ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي، جنھن ٻوليءَ تان سوين سال سج نہ لھندو هو ۽ اُها اَڄ بہ دُنيا جي اَهم ماڻھو بڻجڻ لاءِ اَهم ڄاتي وڃي ٿي.
سنڌ، جيڪا اَڄ بنھہ ننڌڻڪي ڏيکارجي رهي آهي، اُن ساڳي سنڌ هزارين سال اَڳ تھذيبن جي سرواڻي ڪئي آهي، جنھن جي تھذيبن کان روشني حاصل ڪري، دُنيا جي معاشرن اَڳتي وڌڻ لاءِ پنھنجا پيچرا جوڙيا ۽ جن پيچرن تي هلي دُنيا جون ڪيتريون قومون چنڊ ڏانھن اُڏامڻ لڳيون ۽ اُنھن قومن ۽ ملڪن کي روشني ڏيندڙ سنڌ اَڄ مسلسل اُونداهيءَ ڏانھن سفر ڪري رهي آهي. اَهڙي وقت ۾ جڏهن اُن شخص ڏي ڏسبو آهي، هن سان ڳالھائبو آهي، هن جا ڪتاب پڙهبا آهن تہ هڪ نئون اُتساھہ ۽ شعور اَندر ۾ جاڳندو آهي. اِها محبت نہ آهي ۽ نہ ئي عقيدت آهي، اِها هن جي علمي بصيرت آهي.
پڪَ سان هو جڏهن ڳالھائيندو آهي، تڏهن دُنيا جي تاريخ، جنھن کي هو ’ورلڊ هسٽري‘ چوندو آهي، اُها سندس ٽيبل تي ڦھلجي ويندي آهي ۽ هو آسانيءَ سان تاريخي اِرتقا سمجهائي سگهندو آهي، اِنسان ذات جو لَکين سالن جو اِرتقائي سفر ٻُڌائي سگهندو آهي، تاريخ جا سمورا وهڪرا ڏيکاري سگهندو آهي، دُنيا جون سڀ ڪوڙيون جُڙيل سَرحدون واضح ڪري سگهندو آهي، اِنسان ذات جون ڪُل هجرتون بيان ڪري سگهندو آهي، دُنيا جي ماڻھن جي مجموعي غلاميءَ جي عرصي جو ڪاٿو ڪري سگهندو آهي، دُنيا جي جُڙيل ۽ ختم ٿيل ٻولين جي تاريخ ٻُڌائي سگهندو آهي. نہ رُڳو اِهو، پر هو ذهين ترين شخص اُنھن جي نئين جوڙجڪ بہ ڪري سگهندو آهي، جنھن شخص/پڙهندڙ کي اسھمتي آهي، اُهو فقط سندس هڪ ڪتاب پڙهي ڏسي، جنھن جو نالو آهي ’ورلڊ ڪنفيڊريشن آف دي پيپل‘ ۽ اُن کانپوءِ سندس اُهي سڀ ڪتاب، جن سنڌ کان ٻاهر ڇپجڻ جو اَعزاز ماڻيو آهي ۽ اَڄ بہ جديد دُنيا جي جديد معلوماتي ذريعن معرفت اُهي ڪتاب سموري دُنيا ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ پڙهجي رهيا آهن.
ها! اَسين جيڪي فقط پنھنجي ماءُ جي ٻولي، يعني سنڌي ٻولي پڙهي، لِکي ۽ ڳالھائي سگهون ٿا، اُهي اُنھن سڀني ڪتابن کان اَڻ واقف آهيون، جن جا نالا آهن: (1) ورلڊ ڪنفيڊريشن آف دي پيپل، (2) وِليم دَ باسٽرڊ، (3) رائيز اينڊ فال آف گاڊز، (4) رائيز اينڊ فال آف سنسڪرت،
(5) آرٽيفيشل بارڊرز آف ورلڊ وغيرہ
ها! اَسين پنھنجي ٻوليءَ ۾ سندس اِنھن ڪتابن کان ضرور واقف آهيون، جن جا نالا هن طرح جا آهن: (1) اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو، (2) خدا، اِنسان ۽ جانور، (3) يوناني ڏندَڪٿائون، (4) فاتحن جي دُنيا، (5) حق موجود - تاريخ جو ڪيڏارو، (6) شاھہ لطيف- سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون وڏو شاعر! وغيرہ.
هي تہ سندس اَدبي ۽ تاريخي اُهو سَرمايو آهي، جيڪو اسان جي اَکين اَڳيان آهي. اُن کان ڏَهوڻو اَدبي ۽ تاريخي سَرمايو هن وٽ محفوظ آهي، اُن کان ٻاهر اَدب ۾ غير معمولي ذهين شخص طور سُڃاتو ويندڙ، سنڌي ۽ اَنگريزي صحافت ۾ پنھنجو هڪ اَهم نالو ڇڏيندڙ، اَڳوڻو سينيٽر ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهہ، پر سندس کاتي ۾ هڪ اَهڙو اَعزاز بہ آهي، جيڪو شايد جديد عالمي اَدبَ ۾ نہ مِلي سگهي. اُهو اَعزاز هن جي هڪ عمر لاءِ گهڻو آهي. هيءُ سنڌ جو اُهو ذهين پُٽ/ليکڪ/تاريخ نويس آهي، جنھن کي عالمي اَدب تي گهري نظر رکندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي شخص/اَديب/شاعر شيخ اَياز پنھنجا ٽي ڪتاب منسوب ڪيا آهن!
هڪ شخص/ليکڪ کي هڪ ذهين ترين ٻئي شخص/ليکڪ پاران ٽي ڪتاب منسوب ڪرڻ جي رَوايت عالمي اَدب توڻي سنڌي اَدب ۾ اَڳ توڻي هاڻي نہ پڙهي ويئي هوندي ۽ نہ ٻُڌي ويئي هوندي. مھان ڪوي شيخ اَياز جنھن اَديب/ تاريخ نويس ۽ شاعر کي پنھنجا ٽي اَملھہ ڪتاب منسوب ڪيا آهن، اُن ذهين شخص/ليکڪ جو نالو ’يوسف شاهين‘ آهي.
هو سنجيدگيءَ سان لِکندڙ ۽ گهڻي غور ۽ فڪر کانپوءِ ڳالھائيندڙ ذهين شخص اَڄ ڀل ڪراچيءَ جي هڪ ڪُنڊ ۾ پاڻ کي قيد ڪري ويٺو آهي، پر سموري دُنيا، اُن جي ڀڃ ڊاھہ، اُن جي سياسي راند، اُن جو علم ۽ اَدب سندس ٽيبل تي پکڙيل آهي، جنھن کي ڏِسي هو ڪڏهن اُداس ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻمرادو مُرڪي پوندو آهي. اَنگريزي صحافت جي ۽ سنڌي اَدبَ جي وڏي نالي لڇمڻ ڪومل جيان گولڊ لِيف سگريٽ سان پيار ڪندڙ هي اَڪابر اَڄ بہ سنڌ بابت اُداس ضرور آهي، پر هو پنھنجي مطالعي جي آڌار تي مايوس نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ هو تاريخ جي رفتار ڏِسي رهيو آهي، پروڙي رهيو آهي ۽ اُن کي ڪي نوان موڙَ ڏِيڻ لاءِ اَڄڪلھہ تيزيءَ سان لِکي پڻ رهيو آهي ۽ سندس اُهو سڀ لِکيل مواد جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌي ماڻھو پڙهي وٺندا، تڏهن هو اسان وٽ شايد نہ هجي، پر سندس اَکين ۾ رهجي ويل سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ آجپي وارو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو ۽ جڏهن هو اُها سنڌ عالمِ اَرواح مان ڏِسندو، تڏهن سندس چپن تي اُها مُرڪ هوندي، جيڪا اَڄڪلھہ سندس ڪنھن بہ دل گُهرئي دوست سان مِلڻ وقت سندس سانوري چھري تي رقص ڪرڻ لڳندي آهي.
اَڄ سندس جنم ڏينھن آهي. ڪانئون جنم ڏينھن آهي، اِن جي گُهرج سنڌ کي گهٽ آهي. سنڌ کي اَها ڳڻتي آهي تہ هن جي عمر هڪ هزار سال ٿئي ۽ اُن جو هر ڏينھن اَڻ ڳڻين خوشين سان ڀريل هجي ۽ سندس چھري تي اُهائي مرڪ هجي، جنھن مان اَڄ جو نوجوان اُتساھہ ماڻي رهيو آهي. پڪَ سان اَڄ جيڪي بہ سندس دل گُهريا ساڻس مِلڻ ۽ کيس جنم ڏينھن جون واڌايون ڏِيڻ ويندا، اُهي سڀ پنھنجي پنھنجي حِصي جو هڪ گُلابي گُل کيس ڏيندا. ڇاڪاڻ تہ سندس ۽ اسان جي محبوب شاعر شيخ اَياز اِيئن ئي چيو هو تہ:
پرينءَ جي پُکي ۾ وڃين ٿو اَيازَ،
ٽِڙي آهي ٽانگر، ٻہ ٽي ڦُولَ کڻ!

اَڄ سندس جنم ڏينھن تي اسان جي پاران کيس ڪجهہ گُلن نما لفظن جي ڀيٽا شال قبول پوي.

]روزاني ’عوامي آواز، اَپريل 2013ع[