شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

ممتاز مرزا جو خط

هيءُ خط شايد توکي حيران ڪري، جو منھنجي توسان ايتري ڊيگهہ نہ آهي. ڪلھہ (1980 - 2 - 11) تي شمشير تنھنجو ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ ڏِنو، رات جو هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي ورتم. تنھنجي اِها اَعلى تصنيف ايڏي تہ متاثر ڪندڙ آهي، جو اُن جو داد نہ ڏِيڻ بہ ڄڻ ڪفر جي برابر آهي. مون سنڌي بيت جي شاعريءَ جو پنھنجن وسيلن آهر تمام چڱو مطالعو ڪيو آهي، ڪوبہ آڳاٽو شاعر يا جديد شاعر توڙي سُگهڙ اَهڙو نہ آهي، جو منھنجي نظر مان نہ نڪتو هجي! تنھنجي ڪلام جي نواڻ توڙي تازگي دل جي گهراين تائين پھچڻ واري آهي ۽ رُوح ۾ هڪ قِسم جو اُڌمو پيدا ٿئي ٿو. واقعي شاعري محض ڏات سان ئي واسطو رکي ٿي ۽ توتي ڏات لَٿي آهي ۽ ڪمال سان لَٿي آهي.
بيت ۽ وائي اسان جي شاعريءَ جا پنھنجا جُهونا گهاڙيٽا آهن. زندھہ قومن وانگر اسان جي شاعريءَ جي اُنھن صنفن ۾ تنوع رهيو آهي ۽ تنھنجو ڪلام سچ پچ تہ ٻين اسان جي لَڏي وارن شاعرن لاءِ راهَہ ڏيکاريندڙ ڪِرڻي وانگر آهي ۽ اِنسان جي دل تي جيڪو اَثر شاعري ڪري ٿي، اُهو اَثر تنھنجي ڪلام ۾ آهي. توکي سچ پچ دل سان مبارڪون ڏيندي فخر ٿئي ٿو، جو تو اوچتو ئي اوچتو سنڌي اَدب جي دُنيا ۾ هڪ اَنوکو تجربو ڪري، پنھنجو پاڻ موکيو آهي.
’سُر سنڌ‘ عجب اَحساس جو مجموعو آهي. دُنيا ۾ اَڄڪلھہ ڪيئي اِنقلاب آيا ۽ محض جاڳرتا پيدا ٿي، اُنھيءَ ڳالھہ مان تہ گهڻن کان گهڻن ماڻھن اُهو عظمت ۽ سُجاڳيءَ جو سنيھو رَسي ۽ جيڪڏهن اُهي ڳالھيون ڳائجن تہ پڙهڻ کان وڌيڪ ٻُڌڻ سان اَثرائتيون ٿينديون. منھنجي طرفان دِلي مبارڪون قبول ٿين.

فقط تنھنجو

ممتاز مرزا