شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

يوسف سنڌي: يوسف شاهين: جيئن ڏِٺو مون!

لڳ ڀڳ ٽيھارو سال يا اُن کان ٿورو گهٽ وَڌ عرصو، ’برسات‘ اَخبار جي اُن آفيس واري رستي تي لڙيو هئس ۽ اُن پاسي لَڙندي ئي محسوس ٿيم تہ ڄڻ ٽيھہ سال اَڳ وارا ’برسات‘ جي اُن آفيس ڏانھن ڪيل پنڌ ڄڻ ڪالھوڪا هئا. جڏهن بہ ڪراچي وڃبو هو تہ نہ رُڳو محترم يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ وڃبو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن رهڻ جو ڪو ٻيو ٺِڪاڻو نہ هوندو هو تہ اَچي رات بہ رهبي هئي. تڏهن اَڃا ’برسات‘ روزاني نہ، پر هفتيوار هئي ۽ شاهين صاحب جي موڊ ۽ مزاج تي هوندو هو تہ پَرچو ڪڏهن ٿو ڪڍي.
آخري ڀيرو جڏهن ’برسات‘ جي آفيس ويو هئس تہ محترم يوسف شاهين ڪنھن ڪُوڙي ۽ اِنتقامي ڪيس ۾ سرڪاري مھمان هو ۽ کيس ميڊيڪل جي بُنياد تي جيل مان اِسپتال منتقل ڪيو ويو هو. آءٌ پھرين ساڻس وڃي اِسپتال جي سب جيل قرار ڏِنل وارڊ ۾ مِليو هئس. اُن مھل وٽس شمشيرالحيدري بہ ويٺو هو، جيڪو ’برسات‘ اَخبار جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. سندس نئون ڪتاب ’حق موجود‘ ڪجهہ ڏينھن اَڳ ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ پاران مارڪيٽ ۾ آيو هو، جنھن جون ڪاپيون وٽس اُتي موجود هيون، جيڪو پاڻ مون کي پنھنجي هٿ اَکرن سان لِکي سوکڙيءَ طور ڏِنائين ۽ پوءِ پُڇيائين: ”اَڄڪلھہ ڇا پيو ڪرين؟“ وراڻيم: ”ڪو خاص ڪم نہ!“، ”پوءِ تہ پاڻ کي ذيان پيو ڪرين! تون هيئن ڪر، جو روزاني ’برسات‘ جو ’اِسپيشل رپورٽر‘ ٿي ۽ ’برسات‘ لاءِ رپورٽنگ ڪر.... اوهان هونئن بہ ’برسات‘ جا پُراڻا ڪارڪن آهيو.“
”ٺيڪ آهي سائين!“ وراڻيم، پوءِ پاڻ مون کي هڪ پرچي لِکي ڏِنائين تہ: ”برسات جي آفيس وڃي دستگيرڀَٽي يا نصير اَعجاز سان مِلو!“
کانئس موڪلائي سِڌو ’برسات‘ جي آفيس آيو هئس ۽ اَچي نصير اَعجاز سان مِليو هئس. مون کيس شاهين صاحب جي چِٺي ڏِني. اُنھن ڏينھن دؤران ملڪ ۾ عام چُونڊون ٿي رهيون هيون، مذڪوره دوست مون کي اِها اَسائنمينٽ ڏِني تہ ”چُونڊن ۾ ٺٽي ضلعي مان جيڪي اُميدوار حِصو وٺي رهيا آهن، اُنھن جا اِنٽرويو وٺي موڪليو.“ مون کانئس اِداري جو ڪارڊ يا ڪو اَٿارٽي ليٽر گُهريو تہ چيائين: ”سڀاڻي ’برسات‘ ۾ تنھنجي خصوصي نمائندي طور مقرريءَ جو اَعلان ڇپيو ويندو.“
آءٌ ڳوٺ هليو آيس. ٻي ڏينھن شوق مان وڃي ’برسات‘ اَخبار ورتم تہ منھنجي خصوصي نمائندي طور مقرريءَ جو اَعلان ڇپيو هوندو، پر سڄي اَخبار ڳولھڻ کانپوءِ بہ جڏهن اَهڙو اَعلان نظر نہ آيو تہ مون بہ اِها ڳالھہ وِساري ڇڏي تہ ڪو ’برسات‘ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اِتفاق اَهڙو ٿيو، جو وري ڪڏهن بہ ’برسات‘ جي آفيس وڃڻ نہ ٿيو، باقي يوسف شاهين سان جيڪو تعلق رهيو، سو قائم رهيو.
اَڄ جڏهن ڪيترن سالن کانپوءِ محترم رکيل مورائيءَ سان گڏ محترم يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ ’برسات‘ جي آفيس واري گهٽيءَ ۾ لڙيس تہ منھنجي اَڳيان سڄو ماضي ڦِري آيو. روزاني ’برسات‘، جنھن هفتيوار ’برسات‘ جي پيٽ مان جنم ورتو هو، جنھن اَهتمام سان شايع ٿيڻ شروع ٿي، اُن گهڻن کي ڇِرڪائي ڇڏيو هو ۽ پھرين ئي ڏينھن کان اُن کي ناڪام بڻائڻ جون سَٽون سِٽجڻ بہ شروع ٿي ويون. ڪارڪنن کي سُٺيون پگهارون، ويڄ بورڊ ايوارڊ تحت رپورٽرن ۽ ڪالم نويسن کي سُٺا معاوضا ڏيڻ جي شروعات ڪئي ويئي ۽ محترم شيخ اَياز کي ’برسات‘ جي چيف ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ راضي ڪرڻ اَهم قدم هئا. محترم عبدالواحد آريسر پنھنجي ڪتاب ’رُوحَ جا ريلا‘ جي مھاڳ ۾ ’برسات‘ اَخبار ۾ پنھنجي ڪالم نويسيءَ جو ذڪر ڪندي لِکيو آهي:
”منھنجي جسماني ۽ ذهني حالتن جي ڪري لِکڻ مون کان ڇڏائجي ويو هو ۽ لفظ مون کان ٿر ۾ پوندڙ برسات وانگر رُسي ويا هئا، پر جڏهن يوسف شاهين ’برسات‘ اَخبار جاري ڪئي، اُن اَخبار کي شيخ اَياز جي ايڊيٽرشپ جي ڪري عظمت مِلي، اُن وقت مون کي چيو ويو تہ: ”تون هن اَخبار ۾ لِک!“ ۽ مون پنھنجي لاءِ اِهو فخر سمجهيو تہ اَياز جي ايڊيٽرشپ ۾ نڪرندڙ اَخبار ’برسات‘ ۾ آءٌ ڇپجان ۽ معقول معاوضو بہ مِلي تہ منھنجي لاءِ اُها تمام وڏي ڳالھہ هئي ۽ پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي تہ جڏهن پھريون ڀيرو مون کي ڏھہ هزار رُپيا گڏ مِليا، جيڪي مون اَڳي ڪڏهن بہ گڏ ڪونہ ڏِٺا هئا تہ آءٌ اُهي کڻي عمرڪوٽ پھتس ۽ اِيئن سمجهيم تہ اَڄ مون کي قارون جو خزانو مِلي ويو آهي ۽ پارٽيءَ جا اُهي ڪارڪن، جن کي پاڻ کان بہ غريب سمجهندو هئس، تن کي پنج پنج سؤ روپيا ڏيئي ڇڏيم ۽ مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مارڪيٽ ۾ گهر لاءِ گوشت ورتو. حقيقت ۾ ’برسات‘ اَخبار يوسف شاهين جي بُلند خياليءَ جي خوبصورت منزل هئي، جيڪا يورپ جي اَخبارن ۽ مصر جي ’اَلاهرام‘ اَخبار جو مقابلو ڪري پئي سگهي ۽ اُنھيءَ پئماني تي نڪتي هئي. پر اَفسوس جو ’اَلاهرام‘ جي هيڪل لاءِ تہ ناصر هو، پر ’برسات‘ جي يوسف شاهين لاءِ بينظير (ڀُٽو) هئي، جنھن جو ناصر هيرو نہ پئي ٿي سگهيو، پر هو پاڻ ’برسات‘ جي هيڪل لاءِ ناصر بڻجي نہ ٿي سگهي.“
عبدالواحد آريسر پنھنجو اُهو ڪتاب يوسف شاهين کي اَرپيو آهي ۽ ڪتاب جي مُنڍ ۾ يوسف شاهين جو هي شعري پيغام ڏِنو آهي:
اَڄ آهـيـن دُنـيا جون اَڌواَڌ قـومـون، غـلام در غلام،
اُنھن جي آزاديءَ لاءِ ’يوسف‘ ڪو تہ اَهتمام ڪر.
اَڄ جڏهن ’برسات‘ جي آفيس ۾ پھتس، جِتي يوسف شاهين رهندو بہ آهي تہ اُها مون کي اُجاڙ اُجاڙ لڳي. ’برسات‘ بند ٿي چُڪي آهي، بس رُڳو ڊِڪليئريشن بچائڻ لاءِ ڊمي طور نڪري ٿي.
هفتيوار ’برسات‘ جو پھريون شمارو آڪٽوبر 1973ع ۾ جھازي سائيز ۾ نِڪتو ۽ ’برسات‘ مختلف مرحلا طئي ڪندي 1994ع ۾ روزاني اَخبار جي رُوپَ ۾ نڪرڻ لڳي ۽ روزاني ’برسات‘ جيڪي نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا، اُنھن جو پاڻ مٿي ذڪري ڪري آيا آهيون.
هفتيوار ’برسات‘ جو پھريون ايڊيٽوريل جيڪو ’برسات‘ جي مستقل پاليسي هو، هن ريت آهي:
’برسات‘ جو پھريون پرچو اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي. پنھنجي تمام محدود وسيلن سان هن مُھم ۾ هٿ وِڌو اَٿئون. دل گهڻي چاهي ٿي تہ اَهڙو پرچو ڪڍجي، جو اُردوءَ وارا بہ دنگ رهجي وڃن، مگر ڇا ڪجي! اسان اَهڙي قومَ جا فرد آهيون، جيڪا تمام وڏي عرصي تائين سُتل رهي آهي. اَنگ اَکر ڏِيڻ مھل ٿلھن لفظن ۾ ڄاڻائيندا آهيون تہ سنڌين جو تعداد ستر اَسي لکَ آهي، مگر اُنھن ۾ هڪ لک بہ سنڌين جو اَهڙو نہ ٿو نڪري، جو پنھنجون سنڌي اَخبارون، رسالا وغيرہ خريد ڪري پڙهي. گهڻا سنڌي تہ پنھنجي سنڌي اَخبارن ۽ رسالن بجاءِ فقط اُردو اَخبارون ۽ رسالا وٺندا آهن. بھرحال ڪيڏانھن وڃجي! هيءَ فقط اسان جي ئي سنڌ آهي، جتي اَخبار ۽ رسالو ڪڍڻ فقط ذهني عياشي آهي يا گهر تي هاٿي ٻَڌڻ برابر آهي، باقي ٻين قومن وٽ اَخبارون ۽ رسالا ڪڍڻ نہ فقط قومي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ شامل آهي، بلڪہ اِهو تمام وڏي آمدني ڏيندڙ ڪاروبار پڻ آهي. اسان جا اُردوءَ وارا ڀائر لکين رُپيا اِن ڪاروبار مان ڪمائين ٿا، ٻي پاسي ملڪي سياست تھذيب ۽ تمدن تي بہ اُنھن جو ڪافي اَثر رهي ٿو، هنن جي اَخبارن جون آفيسون وڏن وڏن ڪارخانن جي آفيس ۽ ڪارڪردگيءَ کان ڪنھن بہ صورت ۾ گهٽ نہ آهن، ڪئين منزلہ عاليشان عمارتون اُنھن اَخبارن مان ٺاهيون اَٿن ۽ ٻيا ڪاروباري فائدا کين اَلڳ نصيب ٿيا اَٿن.
مگر اسان سنڌين تان ننڊ جو خمار لھي ئي نہ ٿو. بھرحال اَسين چئون ٿا تہ سنڌي اَڄ بہ اَک پٽين تہ هارايل بازي وري کٽي سگهن ٿا. توهان کان ٻيو نہ پُڄي تہ گهٽ ۾ گهٽ پنھنجون سنڌي اَخبارون ۽ رسالا وغيرہ خريد ڪري، ملڪ جو واءُ سُواءُ تہ وٺو، ڪا خبر چارَ تہ لھو تہ سنڌين کي ڪِٿي اُڇليو ويو آهي! نہ هنن جا ڪارخانا آهن، نہ مِلون، نہ جھازن جون ڪمپنيون، نہ بئنڪون، نہ اِنشورنس ڪمپنيون وغيرہ. رُڳو تپيداريءَ ۽ پٽيواليءَ تي ڪيستائين زور ڏِبو، اسان واريون زمينون نہ تہ هاريءَ جو پيٽ ڀرين ۽ نہ زميندارن جو! سڀني زميندارن تي قرض جا ڪوٽَ چڙهيا پيا آهن، وتن تپيدار ۽ مختيارڪار کان لِڪندا. اِيئن قومون نہ ٺھنديون آهن، بھرحال سُجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي، اُٿو! اُٿو! حق گُهرو ۽ حق وٺو!
اَندر پھتاسين تہ محترم يوسف شاهين اسان جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ تہ مون کيس فون ڪري چيو هو تہ آءٌ ڏانھس اَچان پيو، پر ’شاهراهِہ فيصل‘ تي لڳل ڌرڻي سبب اسان جو رڪشا ڪلاڪ کان بہ وڌيڪ وقت ڦاٿل رهيو هو، نيٺ اُهو رڪشا ڇڏي، روڊ ٽُپي، ٻي پاسان اَچي ٻيو رڪشو ڪيوسين، جيڪو بہ اَڳتي هلي، نرسريءَ وٽ ٽريفڪ ۾ ڦاسي پيو ۽ اسان اُهو بہ ڇڏي، پنڌ ئي پنڌ ’برسات‘ جي آفيس پُھتاسين. اِن وِچ ۾ شاهين صاحب جي ٻہ ڀيرا فون بہ اَچي چُڪي هئي، جيڪا رش ۽ گوڙ سبب آءٌ اَٽينڊ نہ ڪري سگهيو هئس.
اُن مھل شاهين صاحب ڪمپيوٽر آپريٽر سان گڏ ويٺو پنھنجي ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ جي اِيندڙ ڀاڱي تي ڪم ڪري رهيو هو، جنھن جا ڏھہ جُلد اَچڻا آهن. عمر وڏي ٿي وڃڻ سبب پاڻ هاڻ لِکي نہ ٿا سگهن، جيئن پھرين جلد ۾ لِکيو اَٿن: ”اَکيون ڪمزور ٿي وڃڻ سبب مون هي ڪتاب برزبان ڊڪٽيشن ڏيئي لِکرايو آهي.“
ساڻس مِلي، هٿ مِلائي، ڪُرسيءَ تي ويھي، مون ڪمري جو جائزو ورتو. مون کي سڄي ڪمري ۾ هڪ قِسم جي اُداسي محسوس ٿي. وقت ۽ حالتن جي سِتم ظريفي شاهين صاحب جي اُها ڀل ڀائي تہ ختم ڪري ڇڏي هئي، پر سندن وقار، شان ۽ مھانتا ۾ ڪوبہ فرق نہ آيو هو، جنھن جي پويان ڌارين نہ، پر پنھنجن جو ئي هٿ هو.
منھنجو وٽس اَچڻ جو سبب هڪ اِهو بہ هو تہ مون جيڪو مٿس ڪتاب ’يوسف شاهين: شخصيت ۽ فن‘ ترتيب ڏِيڻ ٿي گُهريو، اُن لاءِ سندس رهنمائي ۽ آشيرواد وٺي سگهان. جيتوڻيڪ پاڻ فون تي مون کي ڪيترائي ڀيرا منع ڪري چُڪو هو تہ ’کيس اِها ڳالھہ پسند ڪونھي تہ ڪو سندس تعريف ۾ لِکي.‘ ڇاڪاڻ تہ يوسف شاهين صاحب سدائين هُل بکيڙن کان پاسيرو ٿي، پنھنجو ڪم ڪندو ٿو رهي. نيٺ منھنجي زورَ ڀرڻ تي تہ اِها منھنجي دِلي خواهش آهي تہ رُڳو ايترو چيائين: ”ٺيڪ آهي! تنھنجي مرضي، پر مون تي لِکڻ لاءِ ڪنھن تي زور بار نہ ڪج!“
آءٌ ۽ رَکيل مورائي وٽس ڏيڍ ڪلاڪ ويٺا ڪچھري ڪندا رهياسين، اُن دؤران مون سندس اِجازت سان، سندس لائبريريءَ مان سندس لِکيل ڏهاڪو کن سنڌي، اُردو ۽ اَنگريزي ڪتاب بہ کنيا، جن ۾ سندس شروعاتي ڪتاب: ’اَنالحق‘ بہ شامل هو، جيڪو ڪتاب اُردوءَ ۾ ڇپيو هو، جنھن جون وٽس فقط ٻہ ڪاپيون موجود هيون. موڪلائڻ مھل محترم يوسف شاهين پنھنجي رَوايت موجب مون کي ۽ رکيل مورائيءَ کي ٽِشو پيپر ۾ ويڙهي خرچي بہ ڏِني.
محترم يوسف شاهين جو اُهو ڪتاب، جنھن تي ڇپجڻ جو سال لِکيل ڪونھي، پر سندس چواڻيءَ 1972ع ۾ ’بارگاهِہ اِنسانيت نصرپور، ضلعي حيدرآباد‘ پاران ڇپيو ويو، جنھن جي مھورت پير حِسام الدين شاھہ راشديءَ جي هٿان ٿي ۽ ڪتاب جو اِنتساب بہ پير حِسام الدين شاھہ راشديءَ جي نالي ٿيل آهي.
پير حِسام الدين شاھہ راشديءَ جي نالي،
دُعا آهي تہ ﷲ کيس وڏي ڄمار ڏي ۽ دُنيا جي اِنتظامي
ڍانچي بدلجڻ تائين زندھہ سلامت رهي.!
يوسف شاهين پنھنجي اُن هڪ ئي ڪتاب جي مھورت ڪرائي، سندس چواڻيءَ تہ: ”اُن ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ منھنجي ايتري تہ تعريف ڪئي ويئي، جو پوءِ مون کي وڌيڪ واکاڻ ٻُڌڻ جي ضرورت ئي نہ رهي.“
اَنالحق جي شروعات ئي اِنڪار سان آهي:
مون کي جنت جي لالچ نہ ڏي،
آءٌ اِنسانيت کي قتل ڪرڻ جي لاءِ تيار نہ آهيان،
پوءِ ڀلي اُهو ڪافر، مُشرڪ، منڪر ڇو نہ هُجي.
حُڪمران، بادشاهن ۽ آقائن جا
سڀئي حُڪم مڃڻ جي لاءِ تيار آهيان،
پر اِنسان ٿي،
اِنسان جي خلاف،
هٿيار نہ کڻندس، نہ کڻندس!
اُن ڪتاب جو پيغام ڪھڙو آهي؟ سندس هنن شروعاتي لفظن مان اُن جو اَندازو لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي ڄڻ تہ ڪتاب جو مھاڳ آهن.
منھنجو پيءُ،
منھنجو ڀاءُ جنگ ۾ ماريا ويا.
هو وطن جي حِفاظت ڪري رهيا هئا،
-
منھنجي جوان ڀيڻ جو ور بہ
وطن کي بَچائيندي زندگي وڃائي ويٺو!
اُهو وطن
جنھن تي منھنجي پيءُ،
منھنجي ڀاءُ، منھنجي ڀيڻويي،
جان ڏِني.
هاڻ اُهو اسان جو وطن نہ آهي،
اُهو اسان جي دُشمن جو ملڪ آهي.
هاڻ مون کي چيو وڃي ٿو تہ
آءٌ دُشمن کي تباھہ ۽ برباد ڪرڻ جي لاءِ
تيار ٿي وڃان.
مون کي خبر آهي تہ اوهان مون کي زوريءَ
جنگ ۾ ڦِٽو ڪندا،
پر
مون کي اِهو تہ پُڇڻ ڏِيو تہ
جنھن وطن کي بَچائڻ جي لاءِ
منھنجي پيءُ
منھنجي ڀاءُ
منھنجي جوان ڀيڻ جي جوان مڙس جان ڏِني،
اُهو اَڄ اسان جو دُشمن ملڪ ڪيئن بڻجي ويو؟
*
منھنجا وڏڙا هندستاني هئا،
آءٌ پاڪستاني آهيان
۽ منھنجو ڀاءُ بنگلاديشي!
آءٌ سوچيان ٿو تہ منھنجو پُٽ ڇا ٿيندو؟
*
’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ جو اِنتساب هنن لفظن ۾ ٿيل آهي:
آزاد، خوددار ۽ بھادر اِنسانن جي نالي،
جن حق خاطر زهر جو پيالو پيتو،
سوريءَ چڙهيا،
ڪربلا ۾ سِر ڏِنائون.
ڪتاب ۾ ’پنھنجي پاران‘ ۾ هنن لفظن ۾ پنھنجي خيالن جو اِظھار ڪيو اَٿس:
نيٺ!
اَنڌيرو ختم ٿيندو.
اِنسان زمين جي محدود ٽڪرن کي
پنھنجو وطن سمجهڻ ڇڏي،
سڄي دُنيا کي پنھنجو وطن، ديس سمجهندو،
هڪٻئي سان وڙهندو نہ،
خون نہ ڪندو،
اَڇي ۽ ڪاري جو فرق مِٽندو،
ظالم، جابر، سرمائيدارن جون چالون،
غلاميءَ جون زنجيرون،
ريتون، رسمون ۽
اَجايا مذهب پنھنجي طاقت وڃائيندا.
جهاد اِنساني زندگيءَ کي ختم ڪرڻ سان نہ، بلڪہ
اِنسان سان محبت، پيار ۽ اُن جي خدمت ڪرڻ کي چيو ويندو.
اِنسان مان جانور واري وحشت ختم ٿيندي،
اِنسان، اِنسانيت جو قتلِ عام ڪرائي،
پاڻ کي غازي، فاتح ۽ جرنيل سَڏائڻ ڇڏيندو.
يوسف شاهين جو ڪتاب ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘، ’بارگاهِہ اِنسانيت پرست اَدب، نصرپور‘ طرفان شايع ٿيو. ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ هڪ سؤ صفحن تي مشتمل آهي، پر ڪِٿي بہ ڇپائيءَ جو سال لِکيل ڪونھي، پر شاهين صاحب ٻُڌايو تہ اُهو 1958ع ۾ ڇپيو، جڏهن سندس عمر اَرڙهن سال هئي ۽ اُهو ئي ڪتاب اَڳتي هلي سندس سڀني ڪتابن جو بُنياد ثابت ٿيو، اُهو سندس پھريون ڪتاب هو. ڪتاب جا شروعاتي صفحا ڏاڍا دلچسپ آهن. ڪتاب جي اَندر پھرين صفحي تي قرآن شريف جي هڪ آيت معنى سميت لِکيل آهي.
کُونو مع الصادقين!
سچ ڳالھائيندڙ سان شامل ٿي وڃو!
اُن کانپوءِ واري صفحي جي عبارت هن ريت آهي:
خدا
نوري، ناري ناهيان، آهيان رب جبار
اِنسان
ڪر پاڻ کي سجدو تو، آهين جاءِ سُجود جي!
۽
جانور
ڇا جو ڪعبو، ڇا جو قبلو، هي بہ سڀ بھانا.
(سچل)
يوسف شاهين صاحب ڪتاب جي نالي جي ٽنھي لفظن جي تشريح سچل سائينءَ جي بيت سان ڪري ڄڻ پنھنجي مسلڪ ۽ ڪتاب جي موضوع جو اِظھار ڪري ڇڏيو آهي.
اُن کانپوءِ واري صفحي تي شاھہ سائينءَ جو بيت ڏِنو اَٿس:
جي نہ سُڃاڻن سچ کي، ويھہ نہ تنين وٽ،
اَملھہ کي اَڌ ڪري، پاڻان هڻندا پَٽِ،
مھر تنين وٽ، جي پارکو پارس جا.

’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ ۾ هڪ صفحو محترم يوسف شاهين پنھنجي مرحوم ڏاڏي ’خميسو خان‘ جي ياد ۾ لِکيو آهي:
”منھنجي زندگيءَ جي هڪ تمام وڏي حسرت منھنجي ڏاڏي سان وابستہ هئي. هو مون کي بيحد چاهيندو هو، حياءَ، سادگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ جي راهَه ڏسيندڙ!
هن دُنيا ۾ چاهيندڙ ڪي ورلي مِلندا آهن. منھنجي بدقسمتي، جو آءٌ سندس جنازي کي ڪلھو بہ ڏئي نہ سگهيس. هو اسان کي ڇڏي هميشہ لاءِ ويو هليو. آءٌ زندگيءَ جي هڪ وڏي حسرت جي موت تي ٻہ لُڙڪ بہ وهائي نہ سگهيس. هي ڪتاب منھنجي اُن حسرت جي موت جو نتيجو آهي.“
*
آءٌ شاهين صاحب لاءِ فقير عبدالغفور اَلستيءَ جي لِکڻين تي مشتمل ڪتاب ’اسان جو رستو، اسان جي منزل‘ کڻي ويو هئس، جيڪو مون سھيڙيو هو. جڏهن مون کيس اُهو ڏِنو تہ چيائين: ”عبدالغفور منھنجو دوست هو، گلشنِ اِقبال ۾ اسان پاڙيسري هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن گڏجي واڪ بہ ڪندا هئاسين. آءٌ جڏهن جيل ۾ هئس تہ مون کي خطَ لِکندو هو ۽ همت وَڌائيندو هو تہ: ”مايوس متان ٿئين، هي وقت بہ گُذري ويندو.“ سندس اُهي خط مون وٽ موجود آهن، پر عبدالغفور ڪيئن گُذاري ويو؟“
اِهو چئي شاهين صاحب خاموش ٿي ويو، سندس اُنھن لفظن ۾ پنھنجي دوست جي وڇوڙي تي گهڻو ڏُک ۽ پيڙا سمايل هئي.
پوءِ مون جڏهن شاهين صاحب جي لائبريريءَ جو جائزو ورتو تہ ڏٺم ’اسان جو رستو، اسان جي منزل‘ اَڳ ۾ ئي اُتي موجود هو. مون کي ياد ڪونھي تہ اِهو ڪتاب مون کيس موڪليو هو يا ڪنھن ٻي دوست کيس ڏِنو هو. شاهين صاحب جو جيڪو ڪتاب ڇپجندو آهي، مون کي هٿ اَکر سان لِکي موڪليندو آهي ۽ آءٌ بہ پنھنجو هر ڪتاب کيس موڪليندو رهندو آهيان.
شاهين صاحب پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏِٺا، پاڻ ٻُڌايائين تہ: ”جڏهن ڳوٺان نڪتو هئس تہ منھنجي کيسي ۾ فقط ڏھہ روپيا هئا.“ ڳوٺان نڪرڻ کانپوءِ شاهين صاحب جيڪا محنت ڪئي، اُهو هڪ وڏو داستان آهي، سندس چواڻيءَ: ”منھنجي زندگيءَ جو مقصد محنت ڪرڻ ۽ ڪو مقام حاصل ڪرڻ هو ۽ اسان سنڌين کي محنت ڪرڻ گهرجي ۽ پنھنجي منزل ڏانھن وڌڻ گهرجي.“
مون کي نصير اَعجاز جي سورهين سيپٽمبر 2023ع تي حيدرآباد ۾ ’سنگت ايوراڊ تقريب‘ ۾ ڪيل تقرير ۾ اُنھن لفظن سان اِتفاق آهي: ”يوسف شاهين جيڪڏهن پنھنجي آتم ڪھاڻي لِکي تہ اُهو ڪيئي ڪتاب بڻجي وڃي.“
هڪ ڳڀرو نوجوان، جيڪو پنھنجي ڳوٺ ’نصرپور‘ مان فقط ڏھہ روپيا کڻي ڪراچيءَ نڪتو، اُن پنھنجي منزل ماڻڻ جي لاءِ ڪيتري نہ محنت ڪئي هوندي، ڪيتري جستجو ڪئي هوندي، ڪيترا رسڪ کنيا هوندا، ڪيتريون مايوسيون ڏِٺيون هونديون، ڪيتريون رُڪاوٽون عبور ڪيون هونديون، پر سدائين لطيف سرڪار جي بيت جي سِٽ: ”متان ٿئين ملور، آءٌ اَڳاهون آهيان!“ تي عمل ڪندي مايوسين ۽ رُڪاوٽن کي پري ڪندي، ڌِڪيندي اَڳتي وڌندو رهيو. سندس ذهن ۾ هڪ ئي مقصد هو تہ: ”سنڌي ماڻھو صنعت ڪاريءَ ۾ ڇو نہ آهن، کين اِن فيلڊ ۾ اَچڻ گهرجي.“ پاڻ اُن ۾ ڪاميابي ماڻيائين.
اِهو ڪيترو نہ ڊِگهو ۽ سبق آموز داستان هوندو، جيڪڏهن يوسف شاهين پنھنجي آتم ڪھاڻي لِکي.
شاهين صاحب جي زندگيءَ جي اُنھن پاسن تي سوچيندي مون کي هڪ آمريڪي بزنس مين ’لي آيو ڪوڪا‘ جي لکيل آتم ڪھاڻي Iacocca: An Auto biography ياد ٿي اَچي، جيڪا 1984ع ۾نيويارڪ مان ڇپي، جنھن ۾ ’لي آيو ڪوڪا‘ هڪ هنڌ لِکيو آهي: ”مون پنھنجي زندگيءَ مان سِکيو آهي تہ ماڻھو هلندو رهي، ايتريقدر جو خراب حالتن ۾ بہ هلندو رهي ۽ مايوس نہ ٿئي، ايستائين، جو سندس دُنيا بہ ڊهندي هجي. مون سخت محنت جي اَهميت کي ڄاتو آهي، ٻين لاءِ اوهان کي مفيد بڻجڻ گهرجي.“ پنھنجي ڪھاڻي بيان ڪرڻ کانپوءِ ’لي آيو ڪوڪا‘ لِکي ٿو: ”ماڻھو مون کي چون ٿا تہ تون زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ تون هن مقام تي ڪيئن پھتو آهين؟ آءٌ اِهو ئي جواب ڏيان ٿو، جيڪو منھنجي والدين مون کي ٻُڌايو هو تہ پنھنجو پاڻ کي اِستعمال ڪريو.“
شاهين صاحب پنھنجو سڀ صلاحيتون اِستعمال ڪيون، سندس سدائين اِها خواهش رهي تہ: ”سنڌي ماڻھو صنعتڪاريءَ ۾ اَچن!“ اُن لاءِ سندس ڪوششون، محنت ۽ رهنمائي قابلِ قدر آهي.
مون شاهين صاحب کي ٻُڌايو تہ جنرل ضياءُ الحق جي دؤر ۾ پاڻ جڏهن جيل ويو هو تہ اُن جي ڪٿا پاڻ ’وساريان نہ وسرن‘ جي نالي سان ’لطيف ڊائجيسٽ‘ ۾ ٻن قسطن ۾ لِکي هئائين، اُها بہ مون وٽ موجود آهي تہ وراڻيائين: ”اُها مون وڌيڪ نہ لکي، جو دوستن مون کي جهليو تہ اُن ۾ تون جيڪي ڪجهہ لِکڻ ٿو گُهرين اُن جو هي مناسب وقت ڪونھي.“ اِهو چئي پاڻ خاموش ٿي ويو.
ٿوري دير خاموشي رهي ۽ پوءِ شاهين صاحب چوڻ شروع ڪيو: ”جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ جڏهن جنرل هٿ ڪپڻ ۽ ٻين سزائن ڏيڻ جو اَعلان ڪيو تہ مون کيس خط لِکي اُنھن سَزائن ڏِيڻ جي اَعلان تي اَحتجاج ڪيو ۽ لِکيم تہ پھريون هٿ تنھنجو ڪپڻ گُهرجي، جو تون پاڻ وڏو چور آهين، جنھن چُونڊيل وزيرِاَعظم جو تختو اُونڌو ڪري، اِقتدار تي قبضو ڪيو آهي“ اِهو چئي يوسف شاهين کِليو ۽ چوڻ لڳو: ”خط پھچندي ئي
ضياءُ الحق کڻي ڪاٺَ ۾ وِڌم ۽ مون کي گرفتار ڪري، مون تي مِلٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو. ٽربيونل جو جج بہ هڪ فوجي هو، مون سندس اِلزامن جي جواب ۾ جيڪي تاريخي حوالن سان تقريرون ڪيون، اُهي ٻُڌي مِلٽري جج چيو تہ اسان ڪڏهن بہ اِهي ڪتابن ۾ ڳالھيون نہ پڙهيون آهن، جيڪي اوهان هتي بيان ڪيون آهن. چيومانس تہ ڪتابن ۾ اُهي سڀ ڳالھيون لِکيل آهن، پر اوهان ۾ پڙهڻ جي همت ڪونھي. منھنجون مِلٽري ڪورٽ ۾ ڪيل اُهي تقريرون رڪارڊ ڪرڻ جھڙيون آهن.“ اِهو چئي شاهين صاحب ٿوري ساهي کنئي ۽ چيو: ”مون 83 روپين ۾ تاريخِ طبري، تاريخِ اِبنِ خلدون ۽ ٻيا تاريخي ڪتاب ورتا ۽ سڀ پڙهيا.تاريخ منھنجو سبجيڪٽ آهي. اسان کي صحيح تاريخ نہ ٿي ٻُڌائي وڃي، نہ پڙهائي وڃي ٿي. مون جيڪو هي ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ جلدوار لِکڻ شروع ڪيو آهي، اُن جو سبب بہ اِهو آهي تہ تاريخ کي پنھنجي اَصلي شڪل ۾ بيان ڪيو وڃي، اِها بہ هڪ جنگ آهي، جيڪا اسان هر دؤر ۾ وڙهيا آهيون ۽ هينئر بہ وڙهي رهيا آهيون. مسئلو کٽڻ، هارائڻ جو نہ آهي، مسئلو وڙهڻ جو آهي ۽ اسان جي اُها ويڙھہ جاري آهي.“
”ڀلا اُن ڪيس مان اوهان جي جان ڪيئن ڇُٽي؟“ پُڇيومانس
”مون تي اُهو ڪيس 29 يا 31 ڏينھن هليو.“ شاهين صاحب منھنجي سوال جي جواب ۾ چيو. ”مون کي هر روز هٿڪڙيون هڻي، مِلٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو ۽ مون کي جِتي ويھاريو ويندو هو، اُتي سخت اُس هوندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي سخت گرميءَ ۾ بِيھاريندا هئا، مقصد مون کي تنگ ڪرڻ هوندو هئن، ميڊيا وارا بہ روزانو اِيندا هئا. مون سان منھنجو دوست پي. ڪي شاهاڻي روز مِلڻ اِيندو هو، هڪ ڀيرو عمرالدين ’بيدار‘ بہ مِلڻ آيو. جنھن ڏينھن مون کي ڦَٽڪا لڳا هئا، اُها سڄي رات سينٽرل جيل ۾ قيدي اِنقلابي گِيت ڳائيندا رهيا ۽ اسان سڄي رات ننڊ نہ ڪئي. رات جي پوئين پھر ڪلاڪ ٻہ سُتاسين، صبح جو سوير وري مِلٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. مون کي ڏينھن جو ٻارهين ڌاري ڦَٽڪا لڳڻا هئا، پر شام جا چارِ اَچي ٿيا، هٿڪڙي لڳل هئي، ساڳي اُس ۽ گرميءَ ۾ ..... چئين بجي ڌاري مون کي اَندر ڪورٽ ۾ وٺي ويا، سامھون مِلٽري جج ويٺو هو، جنھن ايترو تہ تڪڙو تڪڙو ڪجهہ چيو، جو مون سندس چيل هڪ لفظ بہ نہ سمجهيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ پُڇيم تہ ڇا ٿيو؟ تہ سڀ مون کي ڏِسڻ لڳا. اُن دؤران برگيڊيئر جج بہ هيٺ لھي آيو ۽ منھنجي ڪُلھي تي هٿ رکي چيائين: ”تون باعزت بري آهين.“
مون کي مِلٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو تہ چوندا هئا: ”توکي اَصل نہ ڇڏينداسون، جو تو اسان جي چيف کي خط لِکيو آهي تہ هن سِول حُڪومت جو تختو اُونڌو ڪري، حُڪومت تي قبصو ڪيو آهي ۽ تو چيف کي اِهو پڻ چيو آهي تہ هو وڏو چور آهي سڀ کان پھرين سندس هٿ وڍڻ گُهرجي..!! توکي اِها جُرئت ڪيئن ٿي؟ توکي اَصل نہ ڇڏينداسون.“
مون کي ڇڏڻ ۽ باعزت بري ڪرڻ جو سبب اِهو هو تہ اُهو آرڊيننس واپس ويو ورتو هو ۽ مِلٽري برگيڊيئر چيو تہ: ”جڏهن اُهو آرڊيننس ئي واپس ورتو ويو آهي تہ پوءِ هاڻ توکي سَزا ڏِيڻ جو ڪو سبب ڪونھي.“
ملڪ ۾ مارشلا 5 جولاءِ 1977ع تي لَڳي. جنرل ضياءُ الحق اِقتدار سنڀاليو، نائين جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُ الحق هٿ ڪپڻ ۽ ڪوڙا هڻڻ جو آرڊيننس جاري ڪيو، 14 جولاءِ تي محترم يوسف شاهين، ضياءُ الحق کي خط لِکيو ۽ 19 جولاءِ 1977ع تي کيس اُهو خط لِکڻ جي پاداش ۾ گرفتار ڪيو ويو.
*
محترم يوسف شاهين سان مِلڻ ۽ پوءِ ساڻس دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ ٻڌجڻ جي ڪھاڻيءَ ۾ منھنجي چاچي فقير عبدالغفور اَلستيءَ جو ڪردار اَهم آهي.
اُها 1984ع جي ڳالھہ آهي. هڪ ڏينھن ويٺي ويٺي، پُور پَچائيندي، ڪتابن جون ڳالھيون ڪندي اِهو طئي ڪيوسين تہ هڪ پريس لڳائڻ گُهرجي. هڪ تہ اُن سان منھنجي روزگار جو مسئلو بہ حل ٿي ويندو ۽ ٻيو تہ اسان جي چاچي ۽ ڀائيٽي ۾ (يعني مون ۾) سنڌي ڪتابن ڇپائڻ جو خيال گهر ڪري ويٺل هو. فقير اَلستي، گُذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد مان ماهوار ’ملير ڊائجيسٽ‘ شايع ڪندو هو، جنھن تي پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي حُڪومت ٻين سنڌي ڪتابن ۽ رسالن سان گڏ پابندي هڻي ڇڏي، تڏهن سنڌ جو وزيرِاَعلى ممتاز علي ڀُٽو هو. فقير عبدالغفور اَلستي، جيڪو تڏهن ’عبدالغفور ميمڻ‘ يا ’ع. غ سنڌي‘ سَڏرائيندو هو، ’ملير ڊائجيسٽ‘ جي هڪ پرچي ۾ 1973ع جي آئين جي خلاف لِکڻ جي پاداش ۾ 2 آگسٽ 1973ع تي ڊي. پي. آر تحت گرفتار ڪيو ويو، کيس 56 ڏينھن ’سينٽرل جيل حيدرآباد‘ ۾ رکيو ويو. هن پنھنجي ايڊيٽوريل ۾ لِکيو: ”هي نئون پاڪستان ساڳيو پُراڻو ون يونٽ آهي، پاڻ اُن کان بہ وڌيڪ سخت ۽ خطرناڪ آهي، جنھن ۾ ننڍيون قومون اِستحصال ۾ مري وينديون. تنھنڪري نئون آئين لاڳو ڪرڻ بدران بچيل پاڪستان ۾ ريفرينڊم ڪرايو تہ ننڍيون قومون پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ گُهرن ٿيون يا نہ؟“
مون اَلستي صاحب جو لِکيل اُهو اِداريو ۽ ٻيون لِکڻيون سندس لِکڻين جي سھيڙيل مجموعي ’اسان جو رستو، اسان جي منزل‘ ۾ گڏ ڪري ڇڏيون آهن.
اسان اُن پريس لڳائڻ جي لاءِ ميرپور بٺوري جي چُونڊ ڪئي ۽ اِهو بہ طئي ڪيوسين تہ اُن ۾ سڄي سِيڙپ سندس هوندي ۽ اُها هلائيندس آءٌ، پر پريس کولڻ کان اَڳ مون کي ڪمپوزنگ سِکڻي پوندي، جيئن مون کي فوري طور تي ڪنھن جو محتاج ٿِيڻو نہ پوي. منھنجي سِکڻ سان اِهو بہ فائدو ٿيندو تہ پوءِ ٻين ڇوڪرن ٻاڪرن کي سِکيا ڏيئي تيار ڪبو، اِلبت مشين مين عارضي طور رکيو ويندو.
اُنھن ڏينھن ۾ ڪراچيءَ مان هفتيوار ’برسات‘ پوري آب ۽ تاب سان جھازي سائيز ۾ نئين اَنداز سان ڇپجڻ شروع ٿي هئي. محترم يوسف شاهين اُن جو مالڪ ۽ چيف ايڊيٽر ۽ دستگير ڀٽي اُن جو ايڊيٽر هو. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اُن ۾ مواد پيو موڪليندو هئس. پريس لڳائڻ ۽ ڪمپوزنگ سِکڻ جو پروگرام ٺھيو تہ فقير اَلستيءَ مون کي چيو تہ: ”بھتر اِهو آهي تہ تون ڪراچي اَچ! ڇاڪاڻ تہ هڪ تہ اُتي پنھنجو گهر آهي ۽ تنھنجي رهائش جو مسئلو نہ ٿيندو ۽ ٻيو تہ سندس دوست يوسف شاهين جي پريس آهي، جتي ’برسات‘ اَخبار جو مواد ڪمپوز ٿيندو آهي. ’برسات‘ جو ايڊيٽر دستگير ڀٽي بہ سندس دوست آهي، اُتي تنھنجي ڪمپوزنگ سِکڻ بھتر رهندو.“
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ آءٌ ڪراچي ويس، رات اَلستي صاحب وٽ ٽِڪيس. ٻي ڏينھن اَلستي صاحب ’برسات‘ جي آفيس فون ڪري دستگير ڀٽيءَ سان ڳالھايو ۽ کيس چيو تہ: ”آءٌ ۽ يوسف سنڌي توڏانھن اَچي رهيا آهيون.“ منھنجي لاءِ اُها بيحد خوشيءَ جي گهڙي هئي، هڪ تہ يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ سان مِلڻ ۽ ٻيو ’برسات‘ جھڙي معياري رسالي جي آفيس وڃڻ ۽ ڏِسڻ.
اُن وقت ’برسات‘ جي آفيس ’طارق روڊ‘ تي پُراڻن فليٽن مان هڪ فليٽ ۾ هوندي هئي ۽ ٻہ ڏاڪڻيون مٿي چڙهڻو پوندو هو. فليٽ اُونداهو هوندو هو، پر ’برسات‘ اُن کي سَدائين سُھائو رکيو. بجلي هلي ويندي هئي تہ ميڻ بَتي يا ماچيس ٻاري ڪم هلائڻو پوندو هو.
آءٌ ۽ اَلستي صاحب ’برسات‘ جي آفيس پھتاسين، جتي دستگير ڀٽي اسان جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو ۽ اسان سان نھايت گرم جوشيءَ سان مِليو ۽ حال اَحوال وٺڻ لڳو. اُن دؤران آءٌ ٻن ڪمرن تي مشتمل آفيس جو جائزو وٺڻ لڳس. پھرين ڪمري ۾ رکيل رينڪن ۾ ڪتاب رکيل هئا. اَلستي صاحب منھنجي دستگير ڀٽيءَ سان واقفيت ڪرائي، جواب ۾ مُرڪندي دستگير ڀٽيءَ چيو: ” يوسف سنڌيءَ سان پرپُٺ واقفيت اَٿم، ’برسات‘ لاءِ سندس مواد ۽ خط اَڪثر اِيندا رهندا آهن.“
پوءِ اَلستي صاحب کيس اسان جي اَچڻ جي مقصد کان واقف ڪيو. هن هڪدم ’ها‘ ڪئي ۽ چيو: ”جڏهن وڻئي، تڏهن هليو اَچ، تنھنجي اَچڻ سان مون کي بہ گهڻي سھولت ٿي پوندي ۽ شاهين صاحب سان پاڻ ئي ڳالھائي ڇڏيندس.“
دستگير ڀٽيءَ کان موڪلائي گهر ’گُلشنِ اِقبال‘ آياسين، شام جو ڳوٺ هليو آيس. ٻن ڏينھن کانپوءِ ڪپڙا لَٽا ۽ ٻيو گُهربل سامان کڻي ڪراچيءَ هليو آيس ۽ ٻي ڏينھن کان ’برسات‘ جي آفيس وڃڻ شروع ڪيم. منجهند جو ٻارهين بجي جي ويجهو محترم يوسف شاهين بہ آيو تہ دستگير ڀٽيءَ منھنجو ساڻس تعارف ڪرايو. پاڻ مُرڪندي مون کان حال اَحوال ورتائين. اُها منھنجي يوسف شاهين سان پھرين ملاقات هئي. اُن ڏينھن شام تائين آءٌ ’برسات‘ جي اِيندڙ پَرچي جا پروف ڏِسندو، لفافن مان خط ۽ ٻيو مواد ڪڍندو، ڌار ڌار فائيلن ۾ فائيل ڪندو ويس.
اُهو سڄو ڏينھن منھنجو ڪجهہ حجاب ۽ ڪجهہ تجسس ۾ گُذريو. يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ جي موجودگيءَ سبب يا پنھنجي حِجابي طبيعت سبب! بھرحال شامَ ٿي تہ دستگير ڀٽيءَ منھنجي سامھون ڪُرسيءَ تي اَچي ويٺو ۽ مختلف شيون ترتيب سان فائيلن ۾ رکيل ڏِسي گهڻو خوش ٿيو ۽ هِتا هُتان جي حالن اَحوالن ۽ خبرن چارن کانپوءِ مون کي چيائين: ”تون ڪمپوزنگ سِکڻ جو خيال ڇڏي ڏي. ٻن چئن سالن کانپوءِ سنڌي ڪمپيوٽر عام ٿي ويندو ۽ هينئر جيڪي ڪمپازيٽر آهن، تن جي گهڻائي بيروزگار ٿي ويندي. باقي تون هتي ئي آفيس ۾ ويھہ. تنھنجي حيثيت منھنجي اَسسٽنٽ جي هوندي، توکي اَدبَ سان گهڻي دلچسپي آهي، آءٌ توکي ايترو ڪجهہ سيکاري ڇڏيندس، جو توکي اَڳتي هلي ڪنھن بہ ڳالھہ جي تڪليف نہ ٿيندي. هونئن بہ ڪمپيوٽر عام ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ رِسالا ۽ اَخبارون نڪرنديون ۽ توجھہڙن دوستن جي اُنھن کي ضرورت پوندي.“
اُن وقت، يعني 1984ع ۾ ڪمپيوٽر جو اَڃا رُڳو نالو ٻُڌبو هو، سنڌيءَ ۾ تہ اُهو هڪ خواب ٿي لڳو. سچ پچ تہ ڪمپيوٽر صحافتي ۽ اَدبي دُنيا ۾ هڪ اِنقلاب برپا ڪري ڇڏيو، هڪ وڏو ڇال آيو، تمام گهڻا رِسالا ۽ اَخبارون ڇپجڻ لڳيون، ڪتابن جي ڇپائي بہ جلدي ۽ تڪڙي ٿيڻ لڳي.
دستگير ڀٽيءَ جي اُن ليڪچر منھنجي فيلڊ ئي بدلائي ڇڏي ۽ منھنجو ڌِيان ڪمپوزنگ سِکڻ جي بدران ’برسات‘ جي مواد جي ايڊيٽنگ، پروف ريڊنگ ۽ ٻين معاملن ڏانھن ٿي ويو. دستگير ڀٽيءَ منھنجو نالو رسالي ۾ ’سب ايڊيٽر‘ طور هڻي ڇڏيو.
مون کي ’برسات‘ سان ڄڻ تہ عشق ٿي ويو. هاڻ آءٌ روزانو صبح جو اَٺين، ساڍي اَٺين ڌاري آفيس پھچي ويندو هئس. يوسف شاهين صاحب يارهين، ساڍي يارهين بجي اِيندو هو، باقي دستگير ڀٽي صاحب، سو ڪڏهن تہ مون کان بہ اَڳ ويٺو هوندو هو يا وري ڪڏهن اِيندو هو تہ ڪڏهن نہ اِيندو هو.
اُنھن ڏينھن ۾ ’برسات‘ پريس ۾ شيخ اَياز جي هائيڪن جو ڪتاب ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ ڇپجي رهيو هو، جيڪو بيحد سُھڻي نموني، سُٺي پَني ۽ پڪي بائينڊنگ سان ڇپيو. يوسف شاهين اَڳ ۾ بہ پنھنجي قائم ڪيل اِداري ’سمبارا پبليڪيشن‘ پاران شيخ اَياز جي نثري ٽڪرن جو مجموعو ’پتڻ ٿو پُورَ ڪري‘ سُھڻي گيٽ اَپ سُٺي پَني تي ڇپرايو هو. ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ ۾ يوسف شاهين، شيخ اَياز جي باري ۾ لِکيو:
”سال 1984ع شايد سنڌي اَدب ۽ خود شيخ اَياز لاءِ اِنتھائي اَهميت لائق آهي، جو فقط اِن هڪ سال اَندر سنڌ جي هن شاعر پنج ڪتاب لِکي پورا ڪيا آهن، جن مان هي ٽيون ڪتاب سنڌ اَڳيان پيش ٿي رهيو آهي. شايد وائيس چانسلريءَ واري دؤر (1976ع - 1979ع) جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هن جي قلم ۾ تيزي آئي آهي يا لھندڙ سجَ جي اَحساس سبب ڌنوڻيءَ کي وڌيڪ ڌنويو آهي. يا اَجائي رتو بنھہ پچي راس ٿي پيو آهي. بھرحال ڇا بہ هجي، اِهو شخص بنا ڪجهہ وٺڻ جي سنڌ کي، سنڌي اَدب کي گهڻو ڪجهہ ڏيئي رهيو آهي، نئين سوچَ، نئين واٽَ، نئين لاٽَ، جا آزاديءَ جي اَحساس تي کُٽي ٿي.
هن شخص پنھنجي پورهئي مان 1976ع - 1979ع دؤران ڪجهہ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سندس هٿَ ڦٽجي پيا، دل ڏارَ هڻي ويس ۽ هنيانءُ هَڄي پيس، ڄڻ تہ هاٿيءَ جي پيرن هيٺان آيو هجي. دل جو دورو پيس، اِسپتال داخل ٿيو. بھرحال، اُهي زخم هو اَڃا ڇُٽائي نہ سگهيو آهي.“
يوسف شاهين صحيح معنى ۾ شيخ اَياز جي ڏات جو مداح هو. وائيس چانسلريءَ تان رٽائر ٿين کانپوءِ جڏهن شيخ اَياز اَدبي طور تي خاموش هو، تہ بہ سندس شاعري ’برسات‘ ۾ ڇپجندي رهندي هئي ۽ شيخ اَياز اُها يوسف شاهين کي موڪليندو رهندو هو. هڪ ڀيري يوسف شاهين چيو: ”شيخ صاحب ’برسات‘ ۾ ڇپجڻ لاءِ شاعري موڪلڻ ۾ ڪڏهن بہ هٻڪَ محسوس نہ ڪئي ۽ ماڻھو مون کي چوندا آهن تہ تون ’برسات‘ شايع ئي رُڳو شيخ اَياز جي شاعري ڇپڻ لاءِ ڪرين ٿو.“
شيخ اَياز تي پھريون نمبر ’برسات‘ پاران يوسف شاهين ئي ڪڍيو، جيڪو لڳ ڀڳ هڪ سؤ صفحن جو هو.
’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ جون فقط ٽي سؤ ڪاپيون ڇپيون، اُهو سنڌيءَ ۾ هائيڪن جو پھريون مجموعو هو. يوسف شاهين پروفن وغيرہ جي معاملي ۾ گهڻو محتاط هوندو هو. ڪتاب بائينڊ ٿي آيو تہ يوسف شاهين اُن جون پنجاھہ ڪاپيون پنھنجي گاڏيءَ ۾ رکائي، شيخ اَياز جي ’گُلشنِ اِقبال‘ واري گهر ڏيئي آيو. اُن وقت شيخ اَياز جو هڪ پُٽ ’گلشنِ اِقبال‘ جي هڪ مسواڙي بنگلي ۾ رهندو هو، يوسف شاهين جو گهر اُن گهر کان ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي هو ۽ فقير عبدالغفور اَلستيءَ جو گهر فرلانگ کن پَرتي. جيستائين شيخ اَياز جو پُٽ اُتي رهيو تہ شيخ اَياز جڏهن بہ سکر کان ڪراچي اِيندو هو تہ اُتي ئي رهندو هو. مون کي اَلستي صاحب ٻُڌايو تہ شيخ اَياز جڏهن بہ ڪراچي اِيندو هو تہ شام جو هو ٻئي گڏجي اَلستيءَ جي گهر جي سامھون پارڪ ۾ واڪ ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن يوسف شاهين بہ واڪ ۾ اَچي ساڻن شامل ٿيندو هو. اَلستي صاحب اِهو بہ ٻُڌايو تہ اُن واڪ دؤران شيخ اَياز علم ۽ اَدب جا واهڙ وهائي ڇڏيندو هو ۽ هو ۽ يوسف شاهين سُٺن شاگردن جيان کيس ٻُڌندا هئا.
’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ جون مارڪيٽ ۾ صفا ٿوريون ڪاپيون آيون، باقي ڪاپيون يوسف شاهين يارن دوستن ۾ تحفي طور ڏيئي ڇڏيون.
منھنجي اُتي رهڻ دؤران ٻيو جيڪو ڪتاب ڇپيو، اُهو يوسف شاهين جي بيتن ۽ واين جو ٽيون مجموعو ’سنڌ تي ڪاهَه‘ هو، جيڪو ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو ٽيون ڀاڱو هو. اُنھن بيتن ۽ واين کي يوسف شاهين ’سُر ڄام ٻانڀڻو‘ جو نالو ڏِنو. يوسف شاهين اَڳ ۾ شاعر نہ هو، پوءِ اوچتو ڏاتِ مٿس بيتن ۽ واين جي صورت ۾ پلٽجي پئي. سندس بيتن ۽ واين جو اَسلوب شاھہ لطيف وارو آهي. اُن ڪتاب کان اَڳ سندس بيتن ۽ واين جا ٻہ مجموعا ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ (پھريون ۽ ٻيو ڀاڱو) ڇپجي چُڪا هئا، جيڪي سنڌ جي اَدبي حلقن ۾ گهڻو بحث جو موضوع بڻيا هئا. سندس ٽيون مجموعو فيروز شاھہ تغلق جي سنڌ تي ڪاھہ ۽ سنڌين پاران سندس ڪيل مزاحمت جي پسمنظر ۾ آهي. بيتن ۽ واين کان اَڳ فيروز شاھہ تغلق جي سنڌ تي ڪاھہ جي عنوان سان تاريخي اَحوال ۽ پسمنظر ڏِنل آهي، جيئن پڙهندڙ اُنھن بيتن ۽ واين جو پسمنظر سمجهي سگهن. اُنھن مان ڪيتريون ئي وايون عابدہ پروين ڳايون آهن. عابدہ پروين ۽ سندس گهر وارو غلام حُسين شيخ، يوسف شاهين جا دوست هئا ۽ منھنجي هوندي ڪيترائي ڀيرا آفيس ۾ يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ آيا. مون کي اِن ڳالھہ جي خوشي آهي تہ مون اُتي نہ رُڳو عابدہ پروين کي روبرو ڏِٺو، پر يوسف شاهين جي شاعري جُهونگاريندي بہ ٻُڌي ۽ سندن اَڳيان چانھہ ۽ پاڻي پيش ڪرڻ ۽ سندن خدمت ڪرڻ جو پڻ موقعو مِليو.
*
محترم يوسف شاهين شاعريءَ جا ڪيترائي سُر لِکيا آهن، جھڙوڪ: سُر ڪلياڻ، سُر ڀڳتي، سُر ڪيڏارو، سُر ڄام ٻانڀيڻو، سُر سنڌ، سُر بي مثل - بينظير،، پر اُنھن سڀني مان مون کي ’سُر بلال‘ گهڻو وڻندو آهي. منھنجي اَڳيان جڏهن بہ شھيد مخدوم بلاول جو ذڪر ٿيندو آهي تہ محترم يوسف شاهين جا لفظ ذهن ۾ اُڀري اِيندا آهن:
”مخدوم بلاول شھيد کي سنڌ جي بقا ۽ آزاديءَ لاءِ ويڙھہ کائڻ جي ڏوھہ هيٺ جيئري گهاڻي ۾ پيڙهي، موت جي سَزا ڏِني ويئي. آءٌ اُن سزا جي اَذيت ۽ شِدت کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿو. اَهڙي سَزا ٻُڌڻ لاءِ بہ هماليہ جيڏو جگر ۽ سَتن آسمانن جيڏي وسعت رکندڙ دل گُهرجي. اُها سَزا ٻُڌڻ کانپوءِ سنڌ جو هي مرد مجاهد پاڻ گهاڻي تائين هلي ويو ۽ شھادت ماڻيائين. گهاڻي ۾ پيڙهجڻ واريون گهڙيون ڪيتريون نہ اَذيتناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ هونديون، اُن جو فقط تصور ڪرڻ سان لِڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. هن شخص تان چند لمحن ۾ ڪئين قيامتون گُذري ويون هونديون.“
اَڄ جي سنڌ جي صورتحال ۽ ماڻھن جي ماٺِ ڏِسي، پنھنجي قومي حقن کان لاتعلق ڏِسي مون کي ’سُر بلال‘ جا هي بيت اَڪثر ذهن ۾ تري اِيندا آهن.
دانگيءَ دانھيون، رَت ڪِين وري،
اَڃا پنڌ پري، بلال! آهي بخت جو.

-
رَت وَريو ڪينڪي، آهن سڀ عليلَ،
ڊوڙائين دَليلَ، تہ ماڳ مِلي ڪيئن ماٺِ کي.

-
رَت وريو ڪينڪي، بخشڻ ڪر بلالُ،
پُڇيم پاتال مان، سنڌ ڪاڻ سوالُ،
اَڃا اَگهور ۾ آهي، اُنھيءَ جو حالُ،
اُٿيو ڪونہ اَٿاھہ مان، سھسين ٿيا سالَ،
آيس تو در لال! دانھون ڏِيڻ ديسَ جون.

-
سنڀاري ساٿَ کي، سنڌو سَڏَ ڪري،
لَھي لوھہ لِڱن تان، اَهڙو واءُ وري،
اَچو پيرَ ڀري، گهوٽ ٿيڻ گهاڻي ۾.

*
يوسف شاهين جي پھرين ٻنھي مجموعن ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو پنجابي ترجمو احمد سليم ڪيو هو، جيڪو اُتي فائيلن ۾ ٽائيپ ٿيو پيو هو، جن مٿان مٽيءَ جا تھہ ڄَمي ويا هئا. مون اُنھن فائيلن کي ڇَنڊي، ڦُوڪي يوسف شاهين کي ڏيکاريو تہ هو گهڻو خوش ٿيو، هو پنھنجيءَ پَر ۾ اُهو مسودو وڃائي ويٺو هو. اُن پنجابي ترجمي ۾ احمد سليم ڪن پنجابي ۽ اُردوءَ جي اَديبن کان رايا بہ لِکرايا هئا. احمد سليم، شيخ اَياز جي شاعري بہ پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪئي هئي، جيڪا ’جو بیجل نے آکھیا‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. مون کي خبر ڪونھي تہ يوسف شاهين، جنھن شوق سان پئسا خرچ ڪري پنھنجي شاعريءَ جو پنجابي ترجمو ڪرايو، سو پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇو نہ ڇپرايو؟ احمد سليم سدائين يوسف شاهين تي اِن ڳالھہ تي ناراض هوندو هو تہ يوسف شاهين اُهو ڪتابي صورت ۾ ڇو نہ ٿو ڇپرائي. احمد سليم اُهو ترجمو پنجابيءَ ۾ ڪيو هو، هاڻ خبر ڪونھي تہ اُهو فائيل شاهين صاحب وٽ محفوظ آهي بہ يا نہ، اَلبت مون کي خيال اِيندو آهي تہ ڪاش! اُن جي هڪ فوٽو ڪاپي ڪرائي پاڻ وٽ رکان ها.
آءٌ صبح جو سوير آفيس پھچي ويندو هئس ۽ شام جو دير سان گهر ويندو هئس. جيئن مٿي ذڪر ڪيو اَٿم تہ آفيس ۾ يوسف شاهين جي هڪ سُٺي لائبريري بہ هوندي هئي ۽ مون جھڙي ماڻھوءَ لاءِ اِن کان وڌيڪ سُٺي ۽ پسنديدہ جاءِ ٻي ڪھڙي پئي ٿي سگهي تہ ڪتابن جي وچ ۾ ويٺو هجان ۽ ڪتاب پڙهندو رهان. يوسف شاهين جي اُن لائبريريءَ ۾ ئي مون کي شيخ اَياز جي بندش پيل ڪتابن ’جي ڪاڪَ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۽ ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ کي ڏِسڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مِليو. اُنھن ٻنھي ڪتابن تي اَيوبي آمريت جي دؤر ۾ بندش وڌي ويئي هئي. شيخ اَياز ڪِٿي لِکيو آهي تہ: ”وقت اِيندو تہ ماڻھو حُڪومتي اَحڪامن کي رد ڪري ُهي ڪتاب پڙهندا.“ شيخ اَياز جي اِها اَڳڪٿي نہ رُڳو صحيح ثابت ٿي، پر سنڌ حُڪومت جي ثقافت کاتي پنھنجي ئي خرچ تي اُهي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا.
ڪراچيءَ ۾ رهندي ۽ ’برسات‘ ۾ ڪم ڪندي منھنجي ڪيترن ئي اَديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ۽ ڏيٺ ويٺ ٿي، جيڪي اَڪثر يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ اِيندا هئا. اُنھن ۾ دادا گُرداس واڌواڻي بہ هوندو هو، جيڪو ’پريس ڪِلب ڪراچي‘ ۾ رهندو هو. هن پنھنجي سڄي ڄمار اَنگريزي صحافت ۾ گُذاري، پوين ڪجهہ سالن ۾ روزاني ’هلالِ پاڪستان‘ ۾ ’جيئن ڏٺو مون‘ جي عنوان سان ڪالمَ لِکيائين، سندس اَهڙن ڪالمن جا چار مجموعا ڇپيل آهن، سندس ڪالمن جو آخري مجموعو ’جڏهن آدم آيو‘ محترم يوسف شاهين جي مالي مدد سان مون ’سچائي اِشاعت گهر‘ پاران ڇپرايو. سندس بزرگي ۽ صحافتي تجربي جي ڪري سڀ کيس ’گُرو‘ چوندا هئا. يوسف شاهين سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ سندس مالي مدد بہ ڪندو هو. اُن کانسواءِ بہ يوسف شاهين ڪيترن ئي دوستن جي ڏُکين حالتن ۾ مالي مدد ڪرڻ کان ڪڏهن بہ نہ ڪِيٻايو.
اِيئن مون يوسف شاهين جو هڪ ٻيو رُوپ ڏِٺو. پاڻ ڪيترن ئي دوستن ۽ اَديبن جي ماٺِ مِٺيءَ ۾ مدد بہ ڪندو هو. هڪ ٻہ ڀيرا هن پنھنجي دوست مرحوم زيب عاقليءَ جي ’چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻي‘ ۾ پڙهندڙ نياڻيءَ کي پئسا مني آرڊر ڪري موڪليا، اُن ۾ موڪليندڙ جو نالو ’هفتيوار برسات‘ لِکندو هو. اُهي ٻہ ٽي ڀيرا هُن مون کي پئسا ڏِنا ۽ آءٌ وڃي اُهي مني آرڊر ڪري آيس. يوسف شاهين، علي بابا کي بہ گهڻو ڀائيندو هو ۽ علي بابا بہ يوسف شاهين جي وڏي عزت ڪندو هو. هن پنھنجو هڪ ڪتاب يوسف شاهين کي ئي اَرپيو.
’برسات‘ ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن بہ آءٌ ۽ ڪامريڊ گُل محمد خشڪ، يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ ڪراچيءَ ويندا هئاسين تہ هو هر ڀيري ڪجهہ نہ ڪجهہ پئسا خرچيءَ طور، ٽشو پيپر ۾ ويڙهي اسان کي ڏئي ڇڏيندو هو، جڏهن تہ اسان ’برسات‘ جي لاءِ ڪوبہ ڪم ڪونہ ڪندا هئاسين. برسات ۾ اسان ٻنھي جو نالو فقط ٺٽي ۽ بدين جي نمائندي طور لڳل هوندو هو.
’برسات‘ جي اُن آفيس ۾ يوسف شاهين سان مِلڻ لاءِ اِيندڙن ۾ علي اِقبال ۽ منير چانڊيو نالي ٻہ همراھہ بہ هوندا هئا. علي اِقبال، يوسف شاهين جي ڪتاب ‘World confderatoir of the peoples’ جو اَنگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو يوسف شاهين اُردوءَ ۾ لِکيو هو. يوسف شاهين اُهو ڪتاب لِکڻ تي هزارين روپيا خرچ ڪيا ۽ سَوين ڪتاب اُٿلايا. علي اِقبال هر ڀيري ڪونہ ڪو ڪتاب اُڏائي ويندو هو ۽ يوسف شاهين کيس اِيئن ڪندي فقط ڏِسندو ۽ مرڪندو رهندو هو. منير چانڊيو بہ اِيئن هوندو هو، پنھنجي وڪالت واري ٿيلھي ۾ ڪونہ ڪو ڪتاب وجهي، گم ٿي ويندو هو.
آءٌ ’برسات‘ ۾ ڪُل چار يا پنج مھينا رهيس، منھنجي موجودگيءَ ۾ برسات جا فقط ٻہ شمارا شايع ٿيا، تنھن کانپوءِ يوسف شاهين ’برسات‘ جي اِشاعت عارضي طور بند ڪري ڇڏي ۽ دستگير ڀٽي بہ هليو ويو تہ مون اُتي واندو ويھڻ ۽ مکيون مارڻ بجاءِ واپس ڳوٺ اَچڻ ۾ بھتري سمجهي، پر يوسف شاهين سان جيڪو تعلق جُڙيو، اُهو اَڄ ڏينھن تائين هلندو پيو اَچي.
ڀلي ڪر ٿيوم، هي سڱ ٻاروچن سِين!

]2[

27 اَپريل 2008ع ۾، جڏهن آءٌ ’سنڌي اَدبي سنگت، سنڌ‘ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چُونڊيس تہ دوستن سان گڏجي اِهو طئي ڪيوسين تہ ’سنڌي اَدبي سنگت، سنڌ‘ پاران هر سال سنڌي اَدب جي اَهم شخصيتن کي سندن خدمتن عيوض ’لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ‘ ڏِجي. دوستن جي صلاح سان سڀ کان پھرين محترم اَمر جليل ۽ محترم اَلطاف شيخ کي اُهو ايوارڊ ڏِيڻ جو فيصلو ڪري اَعلان ڪيوسين، جنھن جي سڀني دوستن آجيان ڪئي ۽ اَهڙي تقريب مئي 2008ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااِختيار اِداري جي هال ۾ رکي ويئي، جنھن جي صدارت تڏهوڪي ڪلچر منسٽر محترمہ سسئي پليجو ڪئي ۽ سڄي سنڌ مان سنگت جي ساٿين ۽ اَديب دوستن شرڪت ڪئي. اُن ايوارڊ مِلڻ تي محترم اَلطاف شيخ لِکيو تہ: ”مون کي دُنيا ۾ ڪيترائي ايوارڊ مِليا آهن، پر سنگت پاران مِلندڙ هي ايوارڊ منھنجي لاءِ سڀني ايوارڊن کان وڏو اَهم آهي، جو اِهو مون کي پنھنجن پاران ڏِنو ويو.“ ٻي سال اُهو ايوارڊ محترم شمشيرالحيدريءَ کي ڏِنو ويو. مون کانپوءِ ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنگت جو سيڪريٽري جنرل چُونڊيو ويو، جنھن جي دؤر ۾ پڻ اِهو سلسلو هليو، پر اَڳتي هلي بدقسمتيءَ سان حالتون ڪجهہ اَهڙيون بِيٺيون، جو سنگت ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويئي ۽ اُهو ايوارڊن ڏِيڻ وارو سلسلو رُڪجي ويو.
ٻي گروھہ جو پھرين ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، پوءِ پريل دايو ۽ اُن کانپوءِ ڊاڪٽر مشتاق ڦل چوٿون ڀيرو سيڪريٽري جنرل چُونڊيو ويو. 24 سيپٽمبر 2023ع تي سنگت جي ٻنھي گروهن ٻيھر گڏجي هڪ ٿيڻ کان اَڳ دوستن فيصلو ڪيو تہ سنگت پاران ’لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ‘ جو سلسلو ٻيھر شروع ڪجي. نيٺ دوستن جي صلاح مصلحت شروع ٿي ۽ مون رِٿ ڏِني تہ هن سال 2023ع جو لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ محترم يوسف شاهين ۽ محترم پروفيسر اَعجاز قريشيءَ کي ڏِنو وڃي. دوستن منھنجي راءِ کي مان ڏيندي محترم يوسف شاهين ۽ محترم پروفيسر اَعجاز قريشيءَ کي ’سنڌ سنگت لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ‘ ڏِيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ کانئن اَهڙي منظوري وٺي پڌرائي ڪئي ويئي. ايوارڊ جي اَنائونس ٿيڻ سان ئي سَڄي سنڌ جي ساڃھہ وندن ۽ اَدبي حلقن پاران اِن قدم کي گهڻو ساراهيو ويو ۽ سنگت جا ساٿي پروگرام جي تياريءَ ۾ لڳي ويا.
محترم يوسف شاهين جي وڏي عمر کي نظر ۾ رکندي کيس ڪراچيءَ مان حيدرآباد آڻڻ جي ذميواري محترم عزيز رانجهاڻيءَ کنئي ۽ کيس پروگرام واري ڏينھن حيدرآباد تائين آندو. محترم يوسف شاهين سان گڏ محترم نصير اَعجاز ۽ محترم ڊاڪٽر آفتاب اَبڙو پڻ ڪراچيءَ مان گڏجي آيا. محترم اَعجاز قريشيءَ سان وري محترم مختيار ملاح ۽ ٻي سنگت گڏ آئي. حيدرآباد سميت سڄي سنڌ مان ’سنڌي اَدبي سنگت‘ جي ساٿين شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن ۾ محترم غلام نبي مغل، محترم اِشتياق اَنصاري، محترمہ شبنم گل، آپا نذير ناز، گلبدن جاويد مرزا، محمد خان اَبڙو، شوڪت اُڄڻ، غلام نبي سومرو، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ، خانہ فرهنگ جمھوري اِسلامي اِيران، حيدرآباد جو ڊائريڪٽر جنرل جناب رضا پارسا، ڪراچيءَ مان خاص پروگرام لاءِ ڪھي آيل ڊاڪٽر فاطمہ حسن، ڊاڪٽر تنوير اَنجم وغيرہ شامل هئا. پروگرام جي اَنائوسمينٽ محترم نصير مرزا پنھنجي مخصوص ۽ خوبصورت اَنداز ۾ ڪئي.
جڏهن محترم يوسف شاهين ۽ پروفيسر اَعجاز قريشي گاڏين مان لھي، هال ڏانھن وَڌيا تہ سنگت جي ساٿين پاران مٿن گُلن جي ورکا ڪئي ويئي ۽ کين دھل ن ۽ شرنائين جي گُونجَ ۾ هال تائين آندو ويو ۽ هال ۾ ويٺل سڀني دوستن اُٿي بيھي سندن اِستقبال ڪيو. پنھنجي ايڏي وڏي عزت اَفزائيءَ تي محترم يوسف شاهين ۽ پروفيسر اَعجاز قريشي ڏاڍا خوش ٿيا.
اُن موقعي تي مون سميت ڪيترن ئي دوستن محترم يوسف شاهين جي شخصيت ۽ ڪم تي ڳالھائي، کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو. اُن موقعي تي محترم يوسف شاهين جيڪا تقرير ڪئي، اُها بہ گهڻي فڪراَنگيز هئي. شاهين صاحب جي اُن تقرير جا بُنيادي نقطا هن ريت آهن:
• اسان چيو تہ سنڌي اِنڊسٽريز ۾ نہ آهن، اسان کي اَچڻ کپي.
• ملڪ کي ٺھندي ستر پنجهتر سال ٿيا آهن، اُنھن۾ سنڌ سان ڇا ٿيو، اِهو سوچڻ گُهرجي.
• سنڌي اَخبارون سنڌ جو آواز آهن، اُهي مري رهيون آهن.
• اَسين اَهڙي ملڪ ۾ ويٺا آهيون، جو گهڻو ڪجهہ ڳالھائي بہ نہ ٿا سگهون.
• دُنيا ۾ جيڪي تڪليفون ۽ عذاب آيا آهن، اُن جو سبب فوج جو اِدارو آهي.
• اسان کي هٿڪڙيون لڳيون، مِلٽري ٽرائل ٿيو، پر جُهڪياسون ڪونہ.

]3[

مٿئين پروگرام جي ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيھر نومبر 2023ع ۾ آءٌ ڪراچيءَ ۾ ’برسات‘ جي ساڳيءَ آفيس ۾ سندس اَڳيان ويٺو هئس. منھنجي ذهن ۾ سندس زندگيءَ ۽ ڪم جي باري ۾ ڪيترائي سوال هئا، جيڪي مون کانئس پُڇڻ ٿي گُهريا، جيئن اُهي رڪارڊ تي رهي سگهن. مون کانئس پُڇيو تہ سندس زندگيءَ جي ٽرننگ پوائنٽ ڪھڙي هئي؟ جواب ۾ چيائين:
”ڳوٺان نڪري آءٌ حيدرآباد آيس ۽ جتي گاڏي کاتي ۾ ’فردوس سئنيما‘ هئي، اُن جي ڀرسان هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺي، اُتي رهندو هوس. پاسي ۾ هوٽل هوندي هئي، جتي روزانو هڪ روپئي ۾ منجهند جي ماني کائيندو هئس، جيڪا هوٽل جو بيرو مون کي ڪمري تي پھچائي ويندو هو ۽ مان کيس واڌو چارآنا ٽِپ جا ڏيندو هئس. هڪ ڏينھن بيرو منجهند جي ماني کڻي آيو تہ سندس پويان ئي هڪ همراھہ اَندر گِهڙي آيو ۽ منھنجي صلاح هڻڻ کانسواءِ بنا ڪنھن تڪلف جي مون سان گڏ ماني کائڻ شروع ڪري ڇڏيائين. مون سمجهيو تہ بُکايل آهي، سو ڀلي کائي ۽ ماني کائي هو هليو ويو. ٻي ڏينھن بہ اِيئن ئي ٿيو، بيرو ماني کڻي آيو تہ ساڳيو همراھہ اَندر گِهڙي آيو ۽ مون سان گڏ ماني کائڻ شروع ڪري ڏِنائين ۽ پوءِ بنا ڪُڇڻ پُڇڻ جي هليو ويو. ٽين ڏينھن بہ اِيئن ٿيو تہ مون بيري کي هڪ روپيو ڪڍي ڏِنو تہ جيئن ٻہ مانيون وڌيڪ کڻي اَچي ۽ هو کڻي آيو. چوٿين ڏينھن بہ اِيئن ئي ٿيو. اُن دؤران مون کانئس ڪجهہ بہ نہ پُڇيو ۽ نہ وري سندس اِيئن اَچي بي تڪلف ٿي ماني کائڻ تي ڪو اَعتراض ڪيو.
پنجين ڏينھن جڏهن ماني کائي بس ڪيائين تہ مون کان پُڇيائين: ”پئسا اَٿئي؟“ مون وراڻيو: ”هائو آهن!“ چيائين: ”مون وٽ هڪ فارمولو آهي، جي تو وٽ ستَ اَٺَ سؤ روپيا هجن تہ مان اُهو فارمولو توکي ڏِيڻ جي لاءِ تيار آهيان.“ پُڇيومانس: ”ڪھڙو فارمولو اَٿئي؟ مون وٽ ايترا پئسا ٿي ويندا.“ چيائين: ”پاڻ پينٽ ريموور جو ڪم ڪنداسين. بسين تي جيڪو رنگ چڙهيل هوندو آهي، اُهو پنھنجي فارمولي تحت جيڪو ريموور ٺاهينداسين، اُهو برش گُهمائڻ سان لَھي ويندو.“ مون چيو: ”ٺيڪ آهي!“ پوءِ اسان ’شاهين اِنڊسٽريءَ ‘جي نالي سان بئنر ٺھرايا، اُهي بورڊ ۽ بئنر چاليھارو سال مون وٽ گهر ۾ موجود هئا. مون اِهو وِسارڻ نہ ٿي گُهريو تہ منھنجي صنعتڪاريءَ جي شروعات ڪِٿان ٿي. پوءِ اسان گيھہ جا خالي ڏٻا خريد ڪيا ۽ اُنھن تي ’شاهين اِنڊسٽريءَ‘ جا پنا چنبڙاياسين. اُن همراھہ پنھنجي فارمولي تحت اُهو ريموور ٺاهيو. اُنھن ڏينھن ۾ ٽنڊي اَلھيار ۽ نصرپور ۾ سيد ڀورل شاھہ ۽ حاجي صادق ميمڻ جون بَسون هلنديون هيون. ڀورل شاھہ مون کي ڪورٽ ۾ ڪاپيئسٽ جي نوڪري وٺي ڏِني هئي، جيڪا مان ڇڏي حيدرآباد هليو آيو هئس. ٻي نوڪري مون فوڊ ڊِپارٽمينٽ ۾ گودام ڪِيپر جي حيثيت سان ڪئي، جيڪا هڪ واقعي جي ڪري ڇڏيم.
اسان ريموور ٺاهي ورتو تہ مان اُهو کڻي سِڌو ڀورل شاھہ جي اوطاق تي پھتس، جتي ڀورل شاھہ سان گڏ حاجي صادق علي ميمڻ بہ ويٺو هو. مون کي ڏِسي ڀورل شاھہ چيو: ”اَبا! نوڪري ڇڏي ڪيڏانھن گم ٿي وئين؟“ وراڻيومانس: ”سائين مون اِنڊسٽري کولي آهي.“ جنھن تي هو ٻئي کِلڻ لڳا، پوءِ مون کين ريموور جي باري ۾ ٻُڌايو. هو مون کي پاڻ سان گڏ بِيٺل بسين تائين وٺي ويا، مون ريموور مان بُرش ٻوڙي، رنگ کي هنيو تہ اُهو لھي ويو، جنھن تي همراھہ ڏاڍو حيران ٿيا. اَڳ ۾ هيئن ٿيندو هو تہ بسين تان اُهو رنگ کُرچي لاٿو ويندو هو، جنھن ڪري بسين جي باڊين کي نہ رُڳو نقصان رَسندو هو، پر وقت بہ گهڻو لَڳندو هو. هنن مون کي ٻارهن ڏِٻن جو آرڊر ڏِنو. پوءِ اسان کي ايترا تہ آرڊر مِلڻ لڳا، جو اسان ڏيئي پورو نہ ٿي پياسين. اُن مان اسان ڏاڍو ڪمايو، ڄڻ لک پتي ٿي ويس. اُن ڪم مان جيڪو فائدو ٿيندو هو، اُن جو پورو اَڌ مان اُن همراھہ کي ڏيندو هئس. اِيئن اسان جو ڪم هلي پيو. اُن دؤران مون اُن همراھہ کان ڪڏهن بہ اُن فارمولي بابت نہ پُڇيو تہ هو اُهو ڪيئن ٿو ٺاهي. پوءِ هڪ ڏينھن هو جيئن آيو هو، تيئن گم ٿي ويو ۽ اُها ’شاهين اِنڊسٽري‘ بند ٿي ويئي.
مون اُن ڪم مان جيڪو پئسو ڪمايو، اُن مان ’اِنڊس ڊائجسٽ‘ ڪڍيم. صحافت جو تجربو اَڳ ۾ ئي هيم، ڳوٺان حيدرآباد اَچي مون مُنشي عبدالڪريم سان گڏ ’هلال پاڪستان‘ ۾ ڪم ڪيو هو ۽ رپورٽنگ ڪندو هئس. اُن وقت ’هلال پاڪستان‘ حيدرآباد مان نڪرندي هئي.
’اِنڊس ڊائجسٽ‘ ڪڍڻ جو سبب اِهو هو تہ منھنجي ذهن ۾ سدائين اِها خواهش رهي تہ ’رِيڊرس ڊائجسٽ‘ جھڙو رسالو ڪڍان. اُن وقت منھنجي اَنگريزي ايتري سُٺي نہ هئي ۽ مان فقط مئٽرڪ پاس هوس، پوءِ اَڳتي هلي مون پنھنجي محنت سان ٺيڪ ڪئي. اُن ڊائجسٽ جو پھريون ايڊيٽوريل اَمرجليل لِکيو. مون اَمرجليل ۽ قمرشھباز کي بہ پاڻ سان گڏ شامل ڪيو. ’اِنڊس ڊائجسٽ‘ جي اسان خوب پبلسٽي ڪئي ۽ اُن لاءِ ڏاڍا سُھڻا اِشتھار ڇپراياسين.“
]محترم يوسف شاهين جي ذهن ۾ سدائين ’ريڊرس ڊائجسٽ‘ جھڙو رسالو شايع ڪرڻ جو خيال سَمايل رهيو. شاهين صاحب کان اَها ڳالھہ ٻُڌي ۽ سندس مستقبل جي ڪامياب ڪاروباري ۽ صحافتي زندگيءَ کي منظر ۾ رکندي مون کي ’ريڊرس ڊائجسٽ کي جاري ڪندڙ آمريڪي صحافي ’ڊي وٽ ويلس‘ جي ڪھاڻي ياد اَچي ويئي، جنھن کي جڏهن هڪ ماهوار رِسالي ڪڍڻ جو خيال آيو تہ هن شروعاتي موڙيءَ طور پنھنجي پيءُ کان ٽي سؤ ڊالر گُهريا، پر بابھنس کيس اِهو چئي ڏِيڻ کان نابري واري تہ هو جنھن مقصد لاءِ پئسا وٺي پيو، اُن جو کيس تجربو ڪونھي، تنھنڪري اِهي پئسا ذيان ٿي ويندا. نيٺ ’ويلس‘ منٿون ميڙون ۽ پٽڪا پلاند ڪري، پنھنجي ڀاءُ کان ڪجهہ اُڌارا پئسا ورتا ۽ جنوري 1920ع ۾ ’ريڊرس ڊائجسٽ‘ جو پھريون پرچو ڇپرايائين، جيڪو فقط هڪ سؤ ڪاپيون هو، جيڪو بہ مختلف پبلشنگ اِدارن ۽ نيوز ايجنسين پاڻ وٽ رَکڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ هن خريدارن سان سنئون سِڌو رابطو ڪيو ۽ رسالي کي وڪرو ڪري، ٻيو پرچو ڪڍيو. ’ڊي وٽ ويلس‘ جي ڪھاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي، سندس لڳاتار محنت جستجوءَ نيٺ رنگ لاتو ۽ اَڄ ’ريڊرس ڊائجسٽ‘ ڪٿي بِيٺو آهي، سو سڀ ڄاڻن ٿا.
’ڊي وٽ ويلس‘ 1981ع ۾ گُذاري ويو، سندس سوانح نگار سندس ڪاميابيءَ جو راز بيان ڪندي لِکيو آهي: ”جنھن شئي کيس غير معمولي بڻايو، اُهو سندس گهرو ۽ دائمي تجسس هو، پاڻ ڪم ڪرڻ جي بي پناھہ سگهہ رکندو هو.“ ڊي وٽ ويلس جي هڪ دوست سندس حوالي سان ’ٽائيم مئگزين‘ ۾ ڇپيل پنھنجي هڪ مضمون ۾ لِکيو: ”هو جيترو ڳالھائيندو هو، اُن کان وڌيڪ ٻُڌندو هو.“
’ڊي وٽ ويلس‘ جي ڪاميابيءَ جي ڪھاڻي ياد ڪري سوچيندو آهيان تہ: ”ڪاش! شاهين صاحب کي ڪو اَهڙو سوانح نگار مِلي، جيڪو سندس ڪھاڻي بيان ڪري سگهي.“[
پُڇيومانس: ”سائين! اوهان لِکڻ ڪيئڻ شروع ڪيو؟“
”پھرين مون ڪھاڻيون لِکيون.“ شاهين صاحب منھنجي سوال جي جواب ۾ ٻُڌايو. ”تن ڏينھن ۾ تخلص رکڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، تنھنڪري مون ’يوسف سوز‘ جي نالي سان لِکڻ شروع ڪيو. اُنھن ڏينھن ۾ ’هلالِ پاڪستان‘ مُنشي عبدالشڪور جي اِدارت ۾ نڪرندي هئي ۽ اُن ۾ ڪھاڻين لِکڻ جو مقابلو ڪرايو ويندو هو. پھريون نمبر ڪھاڻي اَچڻ تي پندرهن روپيا، ٻيو نمبر اَچڻ تي ڏھہ روپيا ۽ ٽيون نمبر اَچڻ تي پنج روپيا اِنعام ڏِنو ويندو هو. مون ٽي ڪھاڻيون لِکيون ۽ هر مقابلي ۾ منھنجي ڪھاڻي پھريون نمبر آئي ۽ مون کي هر ڪھاڻيءَ تي پندرهن روپيا اِنعام مِليو. ’شاهين‘ تخلص پوءِ رکيم.“
32 ميلجڏهن پُڇيومانس تہ: ”اُهو نوڪري ڇڏڻ جو قِصو ٻُڌايو تہ چيائين: ”پھرين نوڪري مون ڪورٽ ۾ ڪاپيئسٽ جي ڪئي، جيڪا مون کي ڀورل شاھہ وٺي ڏِني هئي. اَکر منھنجا سُٺا هئا. اُن ۾ ڪوبہ مقرر پگهار نہ هو، جيتريون ڪاپيون لِکي تيار ڪندو هئس، هڪ ڪاپيءَ جو هڪ روپئي جي حِساب سان اوترا روپيا مِلندا هئا. هڪ ڏينھن ٻھراڙيءَ جو هڪ همراھہ آيو، کيس ٻہ ڪاپيون گُهربل هيون، جيڪي مون کيس ڪري ڏِنيون. هن مون کي ٻہ روپيا ڏِنا ۽ چيائين تہ: ”مون سان ٿوري رعايت ڪر، جو آءٌ سورنھن ڪوھہ () پنڌ ڪري آيو آهيان.“ اِهو ٻُڌي منھنجي اَندر ۾ عجيب بيچيني ۽ اُڻ تُڻ پيدا ٿي ويئي. هو ٻاهر نڪتو ۽ وڃڻ لڳو، مون کي مٿس ڏاڍو قِياس آيو تہ هو سورنھن ڪوھہ پنڌ ڪري آيو آهي ۽ وري ايترو ئي پنڌ ڪري واپس ويندو. مان هڪدم سندس پويان نڪتس ۽ کيس ٻہ روپيا موٽائي ڏِنم. هو خوش ٿي مون کي دُعائون ڪندو هليو ويو. پر مون کي اَهڙي نوڪريءَ ۾ مزو نہ آيو ۽ ڪجهہ ڏينھن کاپوءِ مون اُها ڪاپيئسٽ جي نوڪري ڇڏي ڏِني.
ٻي نوڪري مون فوڊ کاتي ۾ ڪئي، جتي مون کي گودام ڪِيپر ڪري نبي سَر موڪليو ويو. اُنھن ڏينھن ۾ ٿر ۾ ڏُڪار آيل هو ۽ هڪ سڄي ڪڻڪ سان ڀريل ريل نبي سَر ريلوي اِسٽيشن تي اَچي بِيٺل هئي. منھنجو ڪم اِهو هو تہ اُها ڪڻڪ لھرائي ڪوٽا موجب ماڻھن ۾ ورهايان. اُتي پھچي مون ريلوي وارن کان اُها ڪڻڪ لھرائڻ جي اِجازت گُهري تہ چيائون: ”ريل ڪيترن ئي ڏينھن کان اِسٽيشن تي بِيٺي آهي، اُن تي اَٺ سؤ روپيا ڏنڊ پئجي ويو آهي، سو اَدا ڪري پوءِ ڀلي ڪڻڪ لھرايو.“ مون اُتان ئي فون تي ضلعي آفيسر سان ڳالھايو. تہ حيران ڪندڙ جواب مِليو تہ: ”تون ڪھڙي قِسم جو گودام ڪِيپر آهين، جيڪو ٽرين مان ڪڻڪ نہ ٿو لھرائي سگهين ۽ ويٺو اسان کي فونون ڪرين.“ اِيئن چئي هن فون بند ڪري ڇڏي ۽ آءٌ پريشان ٿي ويس تہ هاڻ ڇا ڪجي؟ اُهو سڄو لقاءُ هڪ ميمڻ واپاري ڏِسي رهيو هو، جنھن مون کي پاسيرو وٺي وڃي چيو: ”تون رُڳو منھنجي ڳالھہ مڃ، جنھن ۾ تنھنجو ڪوبہ ذاتي نقصان ڪونہ ٿيندو. باقي معاملن کي مان پاڻ ئي ٿو مُنھن ڏِيان.“ چيومانس: ”ڏنڊ جي رقم اَدا ڪرڻ کانسواءِ ڪڻڪ لاهڻ لاءِ مزدورن جي مزدوري بہ تہ کپندي؟“ چيائين: ”اُهو بہ منھنجو مسئلو آهي.“ مون رضامنديءَ جو اِظھار ڪيو، هن پئسا ڏيئي ڪڻڪ ڇڏرائي. هن مزدورن جو بندوبست ڪيو ۽ ڪڻڪ لھي اَچي گودام ۾ پھتي ۽ مون ڪوٽا موجب اُها ورهائي. اُن ڪم مان واندو ٿي اُن واپاريءَ کان پُڇيم: ”هاڻ تنھنجي اَدائيگي ڪيئن ٿيندي؟ جيڪو تو خرچ ڪيو آهي؟“ چيائين: ”منھنجي خرچ ڪيل پئسن جي مون کي ڪڻڪ ڏي.“ جنھن تي چيومانس تہ: ”توکي ڪڻڪ ڏيندس تہ پوءِ باقي ڪڻڪ ڪٿان اِيندي؟ جيڪا گودام ۾ رکيل آهي ۽ رڪارڊ ۾ موجود آهي.“ جنھن تي چيائين تہ: ”باقي بچيل ڪڻڪ ۾ تھہ ۽ مِٽي وجهي، ٻوريون ڀري رکي رڪارڊ جي پورائي ڪري ٿا ڇڏيون.“ دل ۾ سوچيم اِهو تہ وڏو ظلم ٿيندو، اِيئن ڪم نہ هلندو، مون کان اِهو سڀ ڪجهہ نہ ٿي سگهندو. پوءِ مون اُها نوڪري ڇڏي ڏِني.منھنجي اُن نوڪري ڇڏڻ تي مِٽَ مائٽَ گهڻو ناراض ٿيا تہ همراھہ صفا ڪو بيوقوف آهي، جنھن هھڙي نوڪري ڇڏي ڏِني. نتيجي ۾ جيڪا ڇوڪري منھنجي نالي ٿيل هئي، مائٽن اُها ڏِيڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيو، جنھن جو مون کي گهڻو ڏُک ٿيو. اِيئن گهڻي عرصي تائين منھنجي شادي بہ ٿي نہ سگهي ۽ اُها ٽيھن سالن جي عمر کانپوءِ ٿي.“
ڪچھريءَ دؤران اسان ڪيتريون ئي ڳالھيون ڪيون. سندس پاران ڪراچيءَ ۾ گيسٽ هائوس کولڻ، سپر هاءِ وي تي مڊوي ۽ سيوهڻ ۾ هوٽلون هلائڻ، ٻاهرين ملڪن جي واپاري نمائشن ۾ حِصو وٺڻ، جنھن ۾ شاهين صاحب رُڳو يارهن ڀيرا جاپان ويو ۽ رحيم بخش سومري کي منسٽريءَ ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ ۽ سائين جي. ايم. سيد سان سندس ملاقات ڪرائڻ ۽ پوءِ رَحيم بخش سومري پاران سندس هڪ ڪم نہ ڪرڻ، سينيٽ جي چُونڊن ۾ حِصو وٺڻ ۽ سينيٽر چُونڊجڻ، ڪيتريون نہ دلچسپ ۽ رڪارڊ تي رکڻ جھڙيون ڳالھيون هيون. ڪچھري دؤران منھنجي ذهن ۾ بار بار اِهو خيال اِيندو رهيو تہ ڪاش! ڪو اَهڙو دوست هجي، جيڪو شاهين صاحب جون اِهي ساروڻيون رڪارڊ ڪري، پوءِ ٽرانسڪرائيب ڪري، اِيئن سنڌي اَدب ۾ هڪ ٻيو ڪيڏو نہ شاندار ڪتاب جُڙي پوندو.