رکيل مورائي: سنڌ لاءِ فخر: يوسف شاهين
اسان هن کنڊ جا اَدبَ سان توڻي شاعريءَ سان واسطو رکندڙ ليکڪ اَڄ بہ اِن ڳالھہ تي فخر ڪريون ٿا تہ هو پھريون اُپکنڊ جو اَديب هو، جنھن اَدب جو نوبل اِنعام ماڻيو هو، پڪَ سان بنگالين لاءِ تہ هو فخر جو سبب آهي ئي آهي.
اَهڙو ئي فخر نئين سنڌ لاءِ اَڄ جي تاريخ تائين جيڪو شخص/ليکڪ بڻيو آهي، اُن جو نالو محترم يوسف شاهين آهي. جيتوڻيڪ هو دُنيا ۾ پڙهيو ويندڙ ۽ قبول ڪيو ويندڙ اَهڙو ليکڪ آهي، جنھن دُنيا جي لکيل هٿ ٺوڪي تاريخ کي چئلينج ڪري قبول ڪيو آهي، جنھن جي نتيجي ۾ نئين دُنياسندس ڪتابن تان اثر وٺي، چڱي ئي تبديلي آندي آهي، جيڪا نئين صديءَ ۾ نيو ورلڊ معرفت ظاهر بہ ٿي آهي، پر سندس لِکڻ جو نتيجو عالمي طور اَتي هلي ظاهر ٿيڻو آهي، جنھنجو اوسيئڙو اسان جي اِيندڙ دُنيا کي ڪرڻو آهي.
في الحال دُنيا جي آڏو جيڪي چئلينج آيا آهن ۽ اُهي يوسف شاهين صاحب جي لِکڻ معرفت آيا آهن، اُنھن کي عالمي اَدب ۾ پڪَ سان اَچرج جي نگاھہ سان ڏِٺو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ عالمي ليول تي سندس لِکڻ ايتري اَهميت ماڻي چُڪو آهي، جو هن ملڪ کانسواءِ سندس نالو نوبل اِنعام لاءِ نامزد ڪيو ويو، جنھن جا سبب ڪجهہ هي ٿي سگهن ٿا تہ هن اِنساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو نھايت بھادريءَ سان لِکيو آهي، جنھن کي دُنيا ڪوششن جي باوجود رد نہ ڪري سگهي آهي يا اُن جو جواب نہ ڏئي سگهي آهي.
(1) دُنيا جون سڀ موجودہ سَرحدون نقلي آهن، جنھن عمل کي پنھنجي ڪتابن ۾ هن تفصيل سان واضح ڪيو آهي.
(2) دُنيا ۾ فوج جو هجڻ غير اَهم آهي ۽ اِنسان ذات لاءِ ڏُکوئيندڙ آهي. ڪھڙا والدين اِهو چاهيندا تہ سندن اولاد پنجويھن سالن جي عمر کان اِن اوسيئڙي ۾ هجي تہ هو ڪھڙي وقت هڪ اِنسان کي گولي هڻي ماري ٿو يا ڪھڙي وقت گولي کائي ٿو! شروع کان مرڻ جو اوسيئڙو.
(3) اِنسان ذات کي جيترو نقصان مذهبي ويڙهن يا فتحن پھچايو آهي، اوترو ڪنھن بہ نظرئي نہ پھچايو آهي، اُن ڪري مذهبن کان پاڪ معاشرو جُڙڻ کپي.
(4) اِنسان ذات کي مھذب بڻائڻ واري، اَجهو اَڏڻ واري شروعاتي تھذيب سنڌين تخليق ڪئي.
مٿيون سڀ ڳالھيون اَهڙيون آهن، جيڪي ڪوبہ ليکڪ لِکت ۾ نہ ڪري سگهيو آهي، اِهي سڀ ڳالھيون سندس ڪتاب پَڌريون ڪن ٿا، جنھن بُنياد تي سئڊش اَڪيڊميءَ اِهو فيصلو ڪيو تہ اَمن جو نوبل اِنعام يوسف شاهين کي ڏِنو وڃي. اَهڙي عالمي پڌرائي ٿيندي ٿيندي رهجي وئي ۽ اُن سال جو نوبل اِنعام هڪ ناچو ٽولي کي ڏِنو ويو. شايد مٿين سندس ڪتابن ۾ لِکيل ڳالھين کان سئڊش اَڪيڊمي بہ ڊِڄي ويئي هجي، اُن جا سبب هڪ کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، مثال طور:
(1) يوسف شاهين بنا شڪ جي ڏهن هزار سالن کان سنڌي آهي ۽ اُنھن سنڌين جو اولاد آهي، جن سنڌو تھذيب جو پايو وِڌو ۽ اِنسان ذات کي هڪ تحفظ ڏِنو. ڇاڪاڻ تہ گهر اَڏڻ جي شروعات سنڌين ڪئي. اَڄ جي حالتن ۾ سنڌ، پاڪستان جي هڪ صوبي جي صورت ۾ آهي. عالمي دُنيا ۾ جيڪا پاڪستان جي آبرو آهي، اُها ڪنھن بہ پاڪستان ليکڪ جي جُڙي نہ سگهندي، ڇوتہ ليکڪن جو قد ملڪن ۽ ٻولين تي ماپيو ويندو آهي.
(2) اَڄ جي صورتحال ۾ اَمن ۽ سلامتيءَ جي دِين جي پوئلڳن جيڪا پنھنجي نئين سُڃاڻپَ جوڙي آهي، اُن دِين جي مڃيندڙ هڪ ليکڪ کي دُنيا ۾ اُنھن ئي نظرن سان ڏِٺو ويندو، پوءِ بہ هڪ سؤ سالن جي نوبل اِنعام جي تاريخ ۾ ٻن مسلم اَديبن کي نوبل اِنعام مِليو آهي، جنھن مان ٻيو نمبر نوبل اِنعام تازو ئي هڪ آفريڪي مسلمان کي ڏِنو ويو آهي، جنھن جو نالو عبدالرزاق گرناھہ آهي، پاڪستاني سنڌي ليکڪ يوسف شاهين نہ آهي.
اِهو فخر بہ ڪافي آهي تہ هن کي نوبل اِنعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو ۽ سنڌ لاءِ اِهو گهڻو فخر آهي. شايد سنڌين کي اِها خبر بہ گهٽ هجي تہ نوبل اِنعام لاءِ يوسف شاهين جو نالو ملڪ کان ٻاهر جي ڪيترين ئي يونيورسٽين اول موڪليو هو، جيڪو جيڪو ڪم هتان جي يونيورسٽين کي ڪرڻ کپندو هو، اُهو ڪم ٻين ملڪن ڪيو. پوءِ بہ تاريخ جو اِهو وڏو سچ آهي تہ هو پھريون سنڌي آهي، جنھن کي نوبل اِنعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. سندس لِکڻ ڪيترو وڏو ۽ سگهارو آهي، اُهو سمجهڻ لاءِ شايد اسان کي ڊِگهو وقت لڳي، سنڌي جو آهيون!
ڪيئن بہ هجي، يوسف شاهين صاحب عمر جي هن پوئين حِصي ۾ ڪيترين ئي جسماني تڪليفن مان گُذري رهيو آهي. سندس سموريون تڪليفون ميڊيا جي زينت بڻجڻ کان لڪيل آهن، ڇاڪاڻ تہ هو خود پرنٽ ميڊيا جو هڪ ٿنڀ رهيو آهي، جيڪو ڪنھن بہ نُماءَ کان پري رهڻ وارو آهي. هو ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جو پھريون سنڌي صحافي آهي، جيڪو قيدي ٿي رهيو آهي، باقي سڀ پوءِ اَچن ٿا. ويجهي دؤر ۾ هو اُهو صحافي/ليکڪ رهيو آهي، جنھن ڪورٽ ۾ پنھنجي علم جي بُنياد تي اِهو چيو تہ: ”جيڪڏهن چور جو هٿ ڪَپڻ اِسلامي قانوني گُهرج آهي تہ پوءِ سڀ کان اَول ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جو هٿ ڪپيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن اِقتدار عوامي چُونڊيل حُڪمران کان چوري ڪيو آهي.“ اِنھن لفظن جي سزا هن ڪيتري ڀوڳي آهي، جسماني طور بہ تہ ذهني طور بہ!!
