شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

عزيز رانجهاڻي : شيخ اَياز ۽ يوسف شاهين

اَياز صاحب پنھنجي پَڇاڙڪن ڏينھن ۾ پي. اين. سي. ايڇ سوسائٽيءَ ۾ سائين يوسف شاهين جي بنگلي، ’برسات‘ آفيس ۾ هڪ اَعزازي ايڊيٽر ۽ شاهين صاحب جي پُراڻي دوست جي حيثيت م اَچي ويھڻ شروع ڪيو. شاهين صاحب پاران باوجود اِن جي تہ کيس اُن وقت جي حِساب سان جيڪو ماهوار جوڳو معاوضو ڏِنو ويندو هو، پر اُن معاوضي جي عيوض شاهين صاحب، يعني اَخبار جي مالڪ شيخ صاحب تي ڪا مقرر ذميواري نہ سونپي، نہ ڪنھن ايڊيٽوريل، نہ مضمون، نہ ڪو نظم ۽ نہ ئي ڪنھن نثر لِکڻ لاءِ پابند هو، بس! شاهين صاحب جي نظر ۾ هو سندس دوست هو، سنڌ جو هڪ وڏو شاعر ۽ عالمي اَدب جو هڪ غضب جو پاڙهُو هو، جنھن کي اَڪيلائيءَ ۽ آئسوليشن کان بچائڻ ۽ اُن جي مالي مشڪلاتن کي گهٽائڻ ۽ کيس مسلسل ڪجهہ نہ ڪجهہ لِکڻ واري نيت سان کيس پنھنجي اَخبار ۾ هڪ شاندار رُتبو ۽ حيثيت ڏيئي مصروف ڪري ڇڏيو ۽ کيس بلڪل سؤ سيڪڙو ڪجهہ بہ ۽ ڇا بہ لِکڻ ۽ اُن کي ڇاپڻ جو اَعزاز بہ بخشيو، جيڪا هڪ تمام غير معمولي ۽ ’برسات‘ جھڙي سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي اَخبار، اُن جي بزنس ۽ مالڪ لاءِ هڪ وڏو رِسڪ هو، جيڪو شاهين صاحب پنھنجي رضا خوشيءَ سان پنھنجي هڪ دوست کي مان ڏِيڻ ۽ کيس مصروف رکڻ لاءِ کنيو، جيڪا هر ڪنھن مالڪ جي وسَ ۽ ظرف جي ڳالھہ ناهي.
اَياز صاحب آخري ڏِهاڙن ۾ ڇا پئي لِکيو ۽ اُن کي ’برسات‘ جي پڙهندڙ ۽ سنڌ جي ماڻھن ڪيئن ورتو ۽ ’برسات‘ ۾ ڪم ڪندڙ اِسٽاف ۽ ٻين ايڊيٽرن ڪيئن ورتو ۽ سنڌ جي لِبرل، قومي ۽ سياسي ماڻھن اُن تي ڪھڙو ردِعمل ڏيکاريو ۽ اُن کي شاهين صاحب ڪيئن هضم ڪيو، سو هڪ شاهين صاحب کي خبر ۽ ٻي خُدا کي! ڇوتہ هن سنڌ جي ماڻھن ۽ اِداري ۾ ويٺل ماڻھن جي ردِعمل بابت شيخ صاحب جھڙي حساس ماڻھوءَ کي کُڙڪَ پوڻ بہ نہ ڏِني. شاهين صاحب ۽ اَياز اَخبار جي پاليسي ۽ اَخبار جي مستقبل بابت گهٽ، پر اَڪثر عالمي، اَدب، تاريخ ۽ ميٿالاجي تي هڪٻئي سان گفتگو ڪندا هئا.
شيخ صاحب جڏهن سگريٽن ڇڏڻ جو اِرادو ڪيو تہ اُهو واحد شخص شاهين صاحب ئي هو، جنھن کيس سگريٽ ڇڏڻ کان ڪنھن حِڪمت طور سختيءَ سان منع ڪئي هئي، جنھن جو بعد ۾ اَياز صاحب هڪ ڀيرو شاهين صاحب سان ذِڪر بہ ڪيو تہ سندس ڏِنل صلاح درست هئي ۽ کيس سگريٽ هن عمر ۾ نہ ڇڏڻ کپي ها ۽ سگريٽ ڇڏڻ سان سندس ذهني، جسماني ۽ تخليقي حوالي سان مثبت بجاءِ ڪي منفر اَثر پيا، پر تيسين دير ٿي چُڪي هئي. اِهو ئي سبب آهي، جو سؤ ڀيرا خود ڊاڪٽرن پاران شاهين صاحب کي فوري سگريٽ ترڪ ڪرڻ جو مشورو ڏِنو ويو، پر هن هر ڀيري ڊاڪٽرن کي اِهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو تہ: ”سگريٽ ڇڏڻ هاڻ منھنجي لاءِ ممڪن ناهي ۽ جي ڇڏيندس تہ اِن حال کان بہ هليو ويندس.“
قصو ڪوتاھه! شاهين صاحب ۽ اَياز صاحب ’برسات‘ جي آفيس ۾ ڪچھريءَ بعد شام جو سجَ لَٿي کان پھرين ٻنھي پاسن بنگلن جي قطار جي وچ واري ويڪري ۽ قديم، ڊِگهن ۽ گهاٽن وڻن سان ڍڪيل گهٽيءَ ۾ ڪي پھر پيا واڪ ڪندا هئا، اِهو سندن معمول هو. اَياز آخري ڏينھن ۾ پنھنجي جِهيڻي ڳالھائڻ وانگر هلڻ ۾ بہ جِهيڻو ٿي ويو هو، جنھنڪري شاهين صاحب کي بہ پنھنجي هلڻ جي رفتار واڪ دؤران شيخ صاحب جي رفتار مطابق جِهيڻي ۽ آهستي ڪرڻي پئي.
هڪ شام جو ٿيو اِيئن، جو پاڻ ۽ شاهين صاحب واڪ ڪرڻ جي لاءِ جيئن ئي ڪمري مان نڪتا تہ اوچتو شاهين صاحب جا ڪي اَهم مھمان بہ اَچي وڏي در تي پھتا تہ شاهين صاحب فوري طور مون کي آپريٽر عابد کوسو جي رُوم مان آواز ڏيئي، سَڏي چيو تہ: ”اوهان شيخ صاحب سان واڪ ڪيو، مان مھمانن کي اَٽينڊ ڪيان ٿو يا ويھان ٿو.“
اُنھن ڏينھن ۾ شيخ صاحب کي اَدب جو نوبل پرائيز مِلڻ جي حوالي سان چؤٻول هئا ۽ هڪ ٻن اَخبارن ۾ اُها خبر بہ ڇَپي هئي، پر شايد شيخ صاحب اُنھن چؤٻولن ۽ اَخباري خبر کان مڪمل بي خبر هو. واڪ ڪندي مون جڏهن کانئس پُڇيو تہ: ”سائين! چون ٿا تہ اوهان کي نوبل پرائيز مِلڻو آهي.“
بس! منھنجو ايترو پُڇڻ ۽ شيخ صاحب شروع ٿي ويو تہ: ”ڪڏهن مِلندو؟، ڪير ٿو چئي؟، توکي ڪيئن خبر پئي؟“ سچ پچ شيخ صاحب جو چھرو خوشيءَ وچان مون ٻھڪيل ڏِٺو. مون کيس ٻُڌايو تہ: ”سائين اَدبي حلقن ۾ چؤٻول آهن ۽ ڪن اَخبارن ۾ بہ اِها خبر ڇَپي آهي.“
”ڪھڙين اَخبارن ۾ ۽ ڪڏهن ڇَپي آهي؟ ڪير ٿو چئي؟ تون ڪِٿان ٻُڌي؟“
”سائين! مان ڪجهہ ڏينھن اَڳ رکيل مورائيءَ وٽان ’رَمپا پلازا‘ ۾ اِها خبر ٻُڌي ۽ کيس اَخبارون بہ ڏَسيم.“
”رکيل ڪاٿي آهي؟“ اُن وقت موبائيل فون جو زمانو نہ هو، نہ تہ شايد شيخ صاحب پنھنجي معصوميت واري اَنداز ۾ اِيئن بہ چئي ڏي ها تہ: ”هاڻ مِلائي رکيل مورائيءَ جو نمبر!“
اَڃا اِها ڳالھہ ۽ واڪ جاري هئي تہ مين گيٽ مان شاهين صاحب آيل مھمانن سان گڏ ٻاهر نڪتو ۽ مھمانن کي رُخصت ڪري اَچي واڪ ۾ شامل ٿيو. اَياز صاحب سموري ڳالھہ شاهين صاحب کي خوشيءَ مان ۽ ٻھڪندڙ چھري سان ٻُڌائي، پر شاهين صاحب پاڻ اَهڙن چؤٻولن ۽ ڇپجندڙ خبرن کان شايد اَياز صاحب وانگر بي خبر هو، پر اَياز صاحب جي ڳالھہ ٻُڌي، سنجيدگيءَ واري اَنداز ۾ شاهين صاحب وراڻيو تہ: “Oh! Very good, it’s a big news”
بعد ۾ واڪ ختم ٿي، اَياز صاحب ۽ شاهين صاحب بنگلي جي مختصر لان تي رکيل پُراڻن موڙن تي ويھي رهيا ۽ مان ايڪسچينج ۾ وڃي فون کي گُهمائڻ شروع ڪيو تہ ٿوري دير بعد شاهين صاحب جو سَڏ ٿيو تہ: ”اَياز صاحب چوي ٿو تہ رکيل مورائيءَ کان پُڇي ڏيو تہ کيس اِها خبر ڪِٿان پئي.“
هجي ها موبائيل يا رکيل مورائيءَ جو فون نمبر تہ مان کانئس پُڇان. پوءِ ڇا ٿيو.....
مان اَڄ نہ، پر اُن ڏينھن ئي اُن خبر جي حَوالي سان نہ، پر اَياز صاحب جي ردِعمل تي حيران هيس تہ اَياز صاحب ڪيئن نہ پنھنجي معصوميت سان اُن خبر جي پڪَ پئي ڪرائي. حالانڪہ پريس، رکيل ۽ خلق کان پھرين تہ هن وڏي عالمي ايوارڊ جي تہ کيس کُڙڪَ هئڻ گُهرجي ها. سو اِنسان جي سوچَ، اُن جي لوچَ، اُن جو ڳالھائڻ، اُن جو لِکڻ بہ شايد عمر يا ٻين سببن جي ڪري سَدائين ساڳيو نہ رهندو آهي. باقي اَياز ڇا هو، اِن تي سندس همعصر ۽ اُن جي شاعريءَ کي سمجهندڙ ئي سُٺو ڳالھائي ۽ لِکي سگهن ٿا، حقيقت اِها آهي تہ پاڻ تہ اَياز جي فن، فِڪر، تخليقن، شاعري ۽ ذاتي زندگيءَ تي هڪ سِٽ بہ نہ ٿا لِکي سگهون.
*
مون کي يوسف شاهين صاحب ٻُڌايو تہ شيخ اَياز صاحب جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ کي خيرآباد چئي هڪ گاڏيءَ ۾ ٽپڙن سميت ڪنھن ٻي پاسي نہ، پر سِڌو طارق روڊ تي ’برسات‘ جي آفيس ۾ اَچي ٿڪُ ڀڳو. اُن وقت هو اِنتھائي جذباتي ۽ ڪنھن ٻيءَ ڪيفيت ۾ هو. آفيس ۾ داخل ٿيڻ سان ئي قومي تحريڪ، سائين جي. ايم. سيد، ڀُٽي صاحب، پنھنجي شاعريءَ، سنڌين، وي. سي شِپ ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ اُستادن تي مثبت يا منفي، پر ڀرپور ۽ جذباتي ڳالھايائين. اِيئن ڪڏهن اَڳ اَياز کي اِن ڪيفيت، جُملن ۽ جذبات ۾ شايد ڪنھن ڏِٺو هجي، ڪٿان پئي آيو، ڪٿي پئي ويو، بس! بار بار پئي چيائين: ”هاڻ گهڻو ٿيو، “It’s enough, enough, enough
ٽي ڪلاڪ مسلسل پنھنجو غصو ڪڍندو رهيو ۽ آءٌ سندس دل رکڻ لاءِ ها ۾ ها مِلائي، کيس ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. سندس لاءِ گُهرايل ماني ٽي ڪلاڪ ٽيبل تي پيل رهي، مس کيس اِهو چئي ٿڌو ڪيم تہ: ”ها، تون بلڪل صحيح آهين ۽ صحيح ٿو چئين.“
نيٺ ماني کاڌائين ۽ ماني کائڻ بعد اِها ڳالھہ ٻُڌائي حيران ڪي ڇڏيائين تہ: ”هيٺ گِهٽيءَ ۾ منھنجي سامان سان ڀريل ٽرڪ بہ بِيٺل آهي.“ مون سندس سامان کي پاڻ وٽ رکرايو، سندس رهڻ جو بندوبست ڪيو ۽ جيسين مون وٽ رهيو، تيسين کيس ٿڌو ڪندو رهيس.
*
جيئن شيخ اَياز صاحب جي سڀ کان وڌيڪ ويجهڙائپَ سائين يوسف شاهين سان هوندي هئي، تيئن جي. اين عباسي صاحب جي بہ ساڻس ايتري ئي پنھنجائپَ ۽ ويجهڙائپَ هئي. ڪراچيءَ ۾ عباسي صاحب ڪلاڪن جا ڪلاڪَ شاهين صاحب وٽ پي. اي. سِي. ايڇ سوسائٽيءَ ۾ اَچي ساڻس ڪچھريون ڪندو هو، جن ۾ اَڪثر پي. ڪي شاهاڻي، رحيم بخش سومرو ۽ اَنور راڄاڻي بہ اَچي شامل ٿيندا هئا. پنج ڇھہ ڪردار اَهڙا هئا، جن سان تقريباً هر رور نہ تہ هفتي ۾ هڪ ٻہ ڀيرا تہ ضرور شاهين صاحب جي ملاقات يا فون تي گفتگو ٿيندي هئي، جن ۾ بينظير ڀُٽو صاحبہ، عبدﷲ شاھہ، شاهاڻي صاحب، سومرو صاحب، شيخ صاحب، وفائي صاحب، فرحت ﷲ بابر، راڄاڻي صاحب ۽ هڪ پرڏيھي سياسي پير بہ شامل هئا.
تازو شاهين صاحب جڏهن ڪراچيءَ کي ڇڏي، ڪجهہ مھينن لاءِ حيدرآباد اَچي منھنجي گهر جي سامھون رهيو تہ ساڻس صبح شام ڪچھري بہ ٿيندي هئي تہ سندس سارَسنڀال بہ لَھندو هئس. منھنجي 21 ڏينھن جي غير موجودگيءَ ۾ اِشتياق اَنصاري صاحب، منھنجا ٽئي فرزند، نياڻيون ۽ گهر وارا اُهو فرض نڀائيندا هئا ۽ ڪڏهن تہ اَنصاري صاحب سان ڀاڄائي شبنم، اُن جو فرزند عرصم ۽ نياڻي عرين بہ اَچي شاهين صاحب سان علمي، اَدبي، تاريخي گفتگوءَ ۾ شامل ٿيندا هئا ۽ ساڻس گڏ ڊِنر بہ ڪندا هئا.
حيدرآباد رهندي شاهين صاحب جي صبح شام عباسي صاحب سان فون تي ڪڏهن مختصر تہ ڪڏهن تفصيلي گفتگو ٿيندي هئي ۽ هڪٻئي سان پوسٽ ذريعي ڪتابن جي مَٽا سَٽا ۽ نوان ڪتابن جي ڇپرائڻ جي حوالي سان پيا گفتگو ڪندا هئا. آءٌ عباسي صاحب جھڙي صدوري سنڌ دوست ۽ ڏاهي شخص جي تعزيت سنڌ ۽ شاهين صاحب سان ڪيان ٿو. اِهو بہ سڀني کي ٻُڌائڻ لاءِ تہ موجودہ دؤر ۾ سنڌ ۾ اَگر ڪو عباسي صاحب جي شخصيت، ڪم ۽ حاصلات تي تفصيلي، جامع، ڳوڙهو، پُرمغز ۽ عالماڻو مضمون، آرٽيڪل، ڪتاب، تاثر يا پروفائيل لِکي سگهي ٿو، سو شاهين صاحب ئي آهي.