شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

علي بابا: ڏاتِ ڏِياچَ جي (يوسف شاهين جي شعر تي هڪ نھارَ)

ڪوئي نہ سَڀرو سال، سُورن سي ئي سَنڌَ!

هيءَ صدي، مھاڀاري سائنس جي صدي آهي. هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اِهو آهي، جو اِنسان پولار ۾ جيترو مٿي ويو آهي، ذهني طرح اوترو ئي موتَ جي پاتارن ۾ پيھي ويو آهي. ڪي ماڻھو اَبر جي اُهاءَ کي اَندر ۾ پَسي وٺندا آهن.
يوسف شاهين جي هن ننڍڙي شعر جي ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ کي پڙهي اِيئن ٿو ڀاسي، ڄڻ ’اَبر جو اُهاءُ‘ يوسف شاهين جي اَندر ۾ ڄمڻ جي پڳرين دانھن سان پيھي ويو هو...!
’اَندر ۾ اُهاءَ‘ کان گهڻو اَڳ يوسف ’اَنالحق‘ جو نعرو هڻي چُڪو آهي تہ: ”آءٌ سچَ جي واٽَ تي آهيان.“
مان قمر شھباز ڇا، شمشير جي راءِ سان بہ اِتفاق نہ ٿو ڪريان تہ يوسف ڪو هڪ مھيني جو شاعر آهي. يوسف جي شاعريءَ جي اَندر جي پالوٽ ايتري ئي پُراڻي آهي، جيڏي سندس ڄمارَ. يوسف جي شاعري بہ اِمداد يا اَياز جي شاعريءَ جيان بانبڙا پائيندي آئي آهي، رُڳو سندس اُهاءَ جي ٻاڦَ کڻي دير سان نڪتي آهي، بنھہ سندس ئي هڪ سِٽ جيان:
ڦَٿڪي، ڦيريون ڏئي، وڄُ، واڄَ وڄايا.
يوسف جو ڪتاب ’اَنالحق‘ جڏهن سوکڙيءَ طور مون کي مِليو هو تہ رُڳو ڪتاب ۾ ڇپيل تصويرون ڏِسي، نيڻن پڙهڻ کان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو هو. اُهو ڪتاب هڪ صديءَ جي اِنساني جنگين مٿان هڪ ڪاپاري ڌَڪ هو. سچ، مان تہ اِيئن ٿو وسھان تہ يوسف يا تہ هِيرو شِيما تي بم ڪِرڻ جي دانھن آهي يا ناگاساڪيءَ تي بم ڪِرڻ جي ڏهڪاءَ جو وياو، ”اَندر ۾ اِنڊلٺ جيھو کڻي اِيندڙ اُهاءُ.“
ڏري ڏيھہ ڏُک ۾، اَندر اَهنج اَڙيون.
(يوسف جو آءٌ سخت مخالف آهيان، اُنھيءَ کي اوهان منھنجي اَدبي بئماني چئو يا جيلسي، جو ڪجهہ بہ...) مان ساڻس ڪڏهن گارِ طور بہ ڪندو آهيان، پر جڏهن يوسف جي مُرڪ ڏِسندو آهيان تہ کن لاءِ هروڀرو ماٺارِ وڪوڙي ويندي آهي. مان پُنر جنم يا آواگون ۾ وشواس نہ رکندو آهيان، پوءِ بہ يوسف مون کي ٻئي يُگ جو ماڻھو لڳندو آهي، ٽھڪَ ٽھڪَ نہ؟؟.....ڇو؟.....
موهن جو دڙو، ڪپل وستو، اَجنتا، ٽيڪسلا، گنڌارا، ويٽنام، اَنگولا، ڪيوبا، جپان، رُوس، هندستان، سنڌ، فرانس، مڊل اِيسٽ، خبر نہ پوندي آهي تہ يوسف جو چھرو، ڪھڙي ڏيھه، پرڏيھہ جو چھرو آهي، ڪھڙي ملڪ جي لوليءَ ۽ گوليءَ جو گهايل آهي، سچ! سُھڻو اَهڙو آهي، جھڙو زليخا جو يوسف.
منھنجو ڏيھہ نہ ڪو پرڏيھُه.
يوسف موهن جي دڙ ي جي اُها ڀٽڪندر آتما آهي، جيڪا روشن راهن لاءِ ’اَندر ۾ اُهاءُ ڀريو‘ اُونداهي ڌرتيءَ تي ڀٽڪندي ٿي وتي.
واڪا ڪنديس وو، مون سان جبل ٿو جاڙو ڪري.
شاھہ
يوسف جا پھريان ٻہ ڪتاب، جي نثر ۾ لِکيل آهن، خبر پوي ٿي تہ يوسف پرٿويءَ تي سَرحدون ٽوڙيندڙ ماڻھو آهي، حدون لَتاڙيندڙ، لاحد ماڻھو. يوسف جو رُڳو هڪڙو وطن آهي، ڌرتيءَ جو گولو! ڇو نہ؟ سَرحدن جي لِيڪا نہ هن پرٿويءَ تي آهن، نہ سمونڊ ۾ ۽ نہ ئي پولارن پاتارن ۾، پوءِ ڌرتيءَ تي ’وال آف چائنا‘ ۽ ’رَني ڪوٽ‘ جيان ملڪ ملڪ ۾ ايڏيون ديوارون ڇو؟رُوس ۽ چين ٻئي ڪميونسٽ ملڪ آهن، پوءِ حَدبنديون ڇو؟ ڀلا پرٿويءَ تي ڪھڙو ملڪ آهي، جيڪو هڪٻئي سان مھاڀاري جنگين ۾ جُٽيل نہ آهي؟ (يا اِرادن ۾ ناهي.) آدجگاد کان سڄي اِنساني تاريخ جنگ، قتل و غارت سان ڀري پئي آهي. ڪو آهي، جو ٻُڌائي سگهي تہ سرد جنگ ڪڏهن گرم جنگ جو رُوپ اِختيار نہ ڪيو آهي؟ اَڄ ڌرتيءَ جي گولي تي اَسين ڪيترو بہ کڻي ”اي فير ويل ٽو آرمز.... اي فير ويل ٽو آرمز“ ڪريون، پر اَسين هٿيارن کي نہ ٿا ڇڏي سگهون. شايد اِن لاءِ تہ وقت جي وهڪري جي تاريخ پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو تہ جنگيون ۽ وڏي ويڙهاند اِنسان جي وڏي ۾ وڏي جبلت رهندي پئي آئي آهي. (اِن ڳالھہ کان اِنڪار پڻي کي ويساھہ گهاتي چئي سگهجي ٿو.) اِنسان، جانورن جو رت ۽ ماس کائي ٿو، وحشي پڻو ۽ ڪُھہ ڪُھان اِنسان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي.
اَڄ جي دُنيا سائنسي مواصلاتي نظام ڪري سُسي، ڏاڍي ننڍي ٿي ويئي آهي. جو ڪجهہ ڪمپوچيا ]ڪمبوڊيا[ ۾ ٿي رهيو آهي، اُهو جتي ڪٿي ٿي رهيو آهي ۽ اُهو سڀ اَسين کُليل اَکين سان پيا ڏِسون. يوسف جي لفظن ۾ ئي سَھي:
ڏانجهن تي ڏانجها، سٺ سونل سنڌ،
ساري سُھانجا، وجودئون وڄ ٿي!

ڪجهہ ماڻھو دل جا ڏاڍا غرا ٿيندا آهن.
جو ڀي ڪانھن ڪپيو آهي، منھنجي ڪَنڌيءَ جو آهي.
۽ اِمداد اَڄ بہ ڪلوپترا جو جيوليس سيزر ٿيو بِيٺو آهي. بروٽس سامھون ۽ بروٽس جي سڀني شوڪيسن ۾ رُڳو ڀالا ۽ بڻڇيون آهن، يوسف؟ يوسف بہ اِهو ئي شڪوہ کڻي آيو آهي.
ڳالھہ ڪر ميان، اَٿئي ڪھڙو سُور،
موٽڻ ناهي مُور، ڌڪُ وَهاءِ تہ ڌڙ ٿئين.

هيءَ سِٽ شاھہ عبداللطيف ڄڻ يوسف جيھن ماڻھن لاءِ چئي آهي:
مَتارا مري ويا، موکي تون نہ مرين،
ويٺي سُورَ چرين، موکي مَتارن ري.
يوسف سَچي بنھہ سُور چَرندو آهي، ڏُڪاريل ٿر جي ڌڻ جيان. يوسف اِها سِٽ ڄڻ تہ سچي بہ پاڻ لاءِ لِکي آهي. هونئن بہ هڪ سچي ليکڪ جون لِکڻيون سندس اَندر جو پڙلاءُ هونديون آهن ۽ يوسف جڏهن بہ لِکندو آهي تہ وڏي کوجنا ۽ مڪمل اَعتماد سان لِکندو آهي.
سِسي، ساهُه ۽ سَٽَ، ٽيئي پَرتا پاڻ ۾.
يوسف جو شعر پڙهي ايِئن ڀاسندو آهي، ڄڻ يوسف جي نيڻن ۾ ’شاھہ‘ جي پڻي عالمي راڙو بڻجي، وايومنڊل ۾ ڦولارجي رهي آهي، اُن ڪري يوسف لاءِ علي الاعلان چئي سگهجي ٿو:
”يوسف هن پرٿويءَ تي سُرڳ سمان ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ کان ڪم وٺي رهيو آهي. هن کي جنگ، قتل و غارت ۽ اِنساني وحشي پڻي کان ايڏي وڏي ڌِڪار آهي، جو هن پنھنجو سمورو جيون قلم کي اَرپي ڇڏيو آهي، پرٿويءَ تي مڪمل اَمن ڏِسڻ لاءِ. مون کي اُميد آهي تہ يوسف پاڻ کي هن صديءَ جو وڏو پيغامبر ثابت ڪري ڏيکاريندو.“
اوکو ماڳ عشق جو، اوکو اَرپڻ اَنگُ،
اُڃيا جي اَزل کان، سي چورين چنگُ،
اَڌ ڪن اَرواحَ کي، رَتو ڏيئي رنگُ،
نڀائين ننگُ، ويجهو ٿي وصال کي.