مدد علي سنڌي: اِيندي مُند ملار!
ٿڌڙي هِيرَ ۾، ورق ورق ٿي اُڏامي رهيو هو.
مون اُنھن ورقن کي ڏاڍي مشڪل سان گڏ ڪري،
چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ ويھي پڙهيو،
اُهي شاعر جا نوحا هئا.
هاءِ دُنيا! هاءِ زندگي! هاءِ ڌرتيءَ جا ڏُکَ!“
(هڪ ٿائي نظم)
ڪنھن وقت ۾ شاعري اَصل ۾ ديوتائن جي زبان هوندي هئي. ڌرتيءَ جي پالڻھار طرفان پنھنجن بندن سان خِطاب شاعريءَ ۾ ٿيندو هو. اُهي قديم مناجاتون، قديم مصر جي عبادتگاهن مان هٿِ آيل دُعائون يا ننڍي کنڊ جا اِتھاسڪ پُراڻا گِيت، رُگويد جون رَچنائون سڀ شاعري آهي. دؤر جاهليت جي عربي شاعريءَ کان ويندي مصر جي پيپائرز تي لِکيل عشق جا گِيت ٻُڌائين ٿا تہ اِنسان جي ذهني تخيل ڪيڏي نہ وشال هئي. علمِ عروض جي بيان ۾ هڪ هنڌ آيل آهي تہ: ”اَبو عبدالرحمان الخليل اِبنِ احمد بن عمر تميم البصريءَ کي سندس هڪ دُعا جي عيوض، جيڪا هن مڪي شريف ۾ ڪئي هئي، هن کي علم جو اِلھام ٿيو. پوءِ هن علمِ عروض تي هڪ ڪتاب لِکيو.“ شاعري بہ اِلھام جو هڪ قِسم آهي. ’شعر‘ لفظ بُنيادي طور تي ’شعور‘ مان نڪتل آهي، جنھن جي معنى آهي ’اَحساس ڪرڻ‘.
هڪ ٻيو عربي عالم علامہ اِبنِ رشيق پنھنجي هڪ ڪتاب ’اَلحمدہ‘ ۾ شاعريءَ کي يا شعر جي بُنياد کي چئن ڳالھين ۾ ورهايو آهي. پھريون لفظ، ٻيو وزن، ٽيون قافيو ۽ چوٿون معنى ۽ قافيو.
بھرحال اِها ٿي منطقي ڳالھہ. اَصل ڳالھہ اِها آهي تہ اِنسان جي اَندر ڪائي ٻي دُنيا وَسي ٿي، جنھن کي هر ڪوئي نہ، پر ڪو ڪو ماڻھو پَسي ٿو. هر ماڻھو شاعر نہ آهي. هر ماڻھو زندگيءَ کي، زندگيءَ جي اِنتھائي سُونھن ۽ سوڀيا کي، زندگيءَ جي دلڪش نظارن کي، رات جي اُونداهيءَ ۾ ٽِم ٽِم ڪندڙ تارن، سانجهيءَ ٽاڻي لَھندڙ سِج ۽ شفق جي رنگن، اُماوس جي ڪارين راتين، چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ وهنتل وايومنڊل کي، بدلجندڙ رُتن جي هُڳاءَ کي، حُسن ۽ صداقت کي نہ ٿو محسوس ڪري سگهي، اُهو سڀ ڪجهہ فقط ڪي ڪي ماڻھو محسوس ڪري سگهن ٿا. اِهو ئي سبب آهي، جو مشھور شاعر ’پئبلونرودا‘ پنھنجي شاعريءَ کي ’اَندر ۾ اُونھائيءَ جو سَڏ‘ لِکيو آهي. ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي اَندر ۾ عميق جھڙي اُونھائي پاڻمرادو ڪونہ جنم وٺندي آهي، اُن جو ڪارڻ وقت جا لاها چاڙها۽ زماني جون بي رحم حالتون هونديون آهن. ڪنھن بہ جينيس يا وقت جي ڏاهي ماڻھوءَ جي سُڃاڻپَ اِها هوندي آهي تہ هو پنھنجي لِکڻين وسيلي ڄاتو سُڃاتو وڃي.
جڏهن اِنسان جي زندگيءَ جا تجربا هن جي سوچَ ۽ فڪر کي جِلا بخشين ٿا، تڏهن مٿس ڏاهپَ ۽ اُونھي سوچَ ۾ وڃڻ جي سگهہ بہ جنم وٺي ٿي. شاعر بہ پنھنجي دؤر جو هڪ حساس ماڻھو هوندو آهي. جڏهن کان هيءَ دُنيا وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان شاعري بہ اِنساني زندگيءَ سان گڏوگڏ سفر ڪندي پئي اَچي. ’شاڪيه مُني‘، يعني گوتم ٻُڌ بہ پنھنجي دؤر جو هڪ وڏو ودوان هو. سندس جنم اَڍائي هزار ورهيہ اَڳ ’ڪپل وستو‘ ۾ ٿيو. ٻُڌ پنھنجي دؤر جو هڪ وڏو ڏاهو اِنسان هو، کانئس ڪيترائي ورهيہ اَڳ ’مھاوير‘ جنم ورتو هو. هر دؤر ۾ ڪونہ ڪو گوتم ٻُڌ ضرور پيدا ٿيو هوندو، هر سوچيندڙ ذهن بہ هر دؤر ۾ پيدا ٿيندو پيو اَچي، هر ڪلاڪار هر دؤر ۾ جنم وٺي ٿو، فرق فقط اِهو آهي تہ هر دؤر جي ليکڪ جي سچائي ۽ سوچَ جي تخيل هڪٻئي کان مختلف ضرور ٿئي ٿو، پر هر دؤر جي شاعرن ۽ پيغام ڏيندڙ حساس ليکڪن جا زباني ٻول پنھنجي دؤر جي عوامَ کي بيحد متاثر ڪندا پيا اَچن. ڪيترن ماڳن ۽ ملڪن ۾ اَهڙن ماڻھن پنھنجي شاعريءَ ۽ گُفتن وسيلي دُنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ماڻھن تي شاعرن جي شاعري، ديوتائن جي مناجاتن ۽ پيغمبرن جي اِلھامي ڪلام وڏو اَثر ڪري، سندن دُنيا پئي بدلائي آهي. ماڻھو بُنيادي طور تي ڏاڍو ويچارو ٿو ٿئي. هن جي اَندر ۾ ڪيترن ئي اِسرارن جي دُنيا آباد آهي، اُن دُنيا ۾ هن جا ڊَپَ، هن جون خواهشون، هن جون اُميدون، هن جا خيال، هن جا تصور، هن جون ڪلپنائون سمايل آهن، اُهي سموريون اُونداهي آسمان تي ٽِم ٽِم ڪندڙ تارن جيان ڪڏهن اُجهامنديون آهن تہ ڪڏهن روشن ٿينديون رهنديون آهن. اُميدن جي شمع يا شعاع ئي ڪنھن مشعل وانگر اِنسان کي، جيڪو ٿڪل ۽ ٽُٽل ڪنھن مسافر وانگر ٿو ٿئي، اَڳتي وَڌڻ جي سگهہ پئي ڏيندي آهي.
شاعري يا اَدب، جيڪو تخليقي آهي، اِنسان کي ڪنھن اَڻ ڏِٺل دُنيا ۾ وڃي ٿو پھچائي. ڪنھن بہ شاعري يا نثر جو اَڀياس ڪرڻ سان اِنسان کي پنھنجي وجود جو حقيقي معنى ۾ اَحساس ٿيندو آهي. قديم هند ۽ يوناني شاعري يا لاطيني اَدب يا وري دؤر جاهليت جي عربي شاعري ۽ خود فارسي شاعري، عوام جي زندگين تي باڪمال اَثر ضرور ڇڏيا آهن.
سنڌي شاعري قاضي قادن کان وٺي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح تائين ۽ ڪِشنچند ’بيوس‘ کان وٺي شيخ اَياز، نارائن شيام ۽ اَڄ جي جديد سنڌي شاعرن تائين هڪ دؤر جي عڪاسي ڪري ٿي. اَڄ کان 31 ورهيہ اَڳ 1979ع جي پڇاڙي يا خدا پاڪ نہ ڀُلائي تہ 1980ع ۾ جڏهن يوسف شاهين جي شاعريءَ جو ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ شايع ٿيو تہ اُن وقت سنڌي اَدب جي دُنيا ۾ وڏو چوٻول مَچي ويو هو. اُن وقت مون کي ياد آهي تہ سندس لِکيل بيتن ۽ واين بابت ڪيترين ئي اَدبي ڪچھرين ۾ ذڪر ضرور ٿيندو هو. مون کي سندس هڪ بيت اَڃا تائين ياد بِيٺو آهي:
پرين پَسڻ ڪاڻ، واجهايان واهُون،
سَدا سُپرينءَ لئہ، دل اَندر دانھُون،
اِهي منھنجون آهون، اَڄ بادل بڻجي آيون.
بادل بڻجي اَچڻ جو اِستعارو مون کي ڏاڍو وڻيو هو. اِنسان جي آهَه بہ بادل وانگر جڏهن مٿان اَچي پوندي آهي تہ بادل وانگر روئاڙيندي بہ آهي تہ پاڻ بہ روئندي آهي.
يا سندس هيءَ وائي ڄڻ دؤر هر دؤر جي ڏُکويل ماڻھن جي دلين جو آواز آهي:
ڳلي ڳلي ڳائي، ڏِيان ڏسَ هزار،
ماندا ٿيو نہ ماڻهئا، اِيندي مُند ملارَ،
اِيندي مُند ملارَ!
ڏُکئي هن ڏيھہ تان، باري لَھندا بارَ،
اِيندي مُند ملارَ!
ويندي رات رَڙي، پَسي پرهَہ پارَ،
اِيندي مُند ملارَ!
لَھندا ’يوسف‘ لوڪَ تان، اَڻ مَيا آزارَ،
اِيندي مُند ملارَ!
يوسف شاهين جي شاعري ۽ نثر پنھنجيءَ جاءِ تي دلڪش ۽ ڏاڍا وسيع آهن، هو پاڻ هڪ هنڌ پنھنجي شاعريءَ بابت لِکي ٿو:
”جيتري قدر شاعريءَ جو تعلق آهي تہ آءٌ 1979ع تائين شاعر نہ هُيس، نہ ڪڏهن شاعري جي هڪ سِٽ لِکيم، نہ شاعر ٿيڻ بابت ڪڏهن سوچيم. هڪ رات تاريخ جو مطالعو ڪندي خيال پيم تہ مون کي شاعري ڪرڻ گهرجي ۽ اُن رات مون چار بيت لِکيا ۽ اُن کانپوءِ لِکندو رهيس.“
يوسف شاهين نہ رُڳو هڪ حساس شاعر آهي، پر بيحد وسيع مطالعو رکندڙ اَهلِ دل ۽ اَهلِ علم اَديب بہ آهي، بلڪہ هو هڪ ئي مھل ڪميٽيڊ ليکڪ پڻ آهي. جيئن ’پئبلونيرودا‘ حقيقي معنى ۾ هڪ سياسي فرد هو، جيڪو پنھنجو هڪ نظريو رکندو هو، جنھن تي هو سڄي ڄمار ڪاربند رهيو. ’نيرودا‘ چوي ٿو تہ: ”تاريخ ۾ سدائين هڪ شاعر جو هڪ ئي رُتبو ۽ شاعريءَ جو اِهو مَرڪ رهيو آهي تہ هو گهٽيءَ ۾ وڃي ۽ ڪنھن نہ ڪنھن لڙائيءَ ۾ ضرور بھرو وٺي.“ تيئن يوسف شاهين بہ چوي ٿو تہ: ”نظرياتي وابستگيءَ کانسواءِ بہ لِکڻ اِيئن آهي، جيئن ڍنگرن تي اَٽو هارڻ!“ هن جو فڪر پنھنجي جاءِ تي گهڻو ڪجهہ سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. بھرحال اِن حقيقت کان اِنڪار ممڪن ڪونھي تہ يوسف شاهين جي شاعري هڪ ڪميٽيڊ شاعر جو آواز آهي. هو صاحب سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي هڪ اُونھي طائرانہ نظر رکي ٿو، يوسف شاهين بُنيادي طور تي نہ رُڳو پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ تڙپي ٿو، پر هو ساڳئي وقت بين الاقواميت، عالمي اِنساني برادريءَ ۾ بہ اِيمان رکي ٿو. هر سُجاڳ ليکڪ وانگر هو بہ معاشرتي آزاديءَ جو خواب ڏِسندڙ ۽ سماج ۾ اَڻ برابريءَ جو خاتمو چاهي ٿو. هن جي ذهن جو ڪئنواس تمام وسيع آهي. جن ماڻھن سندس اَنگريزيءَ ۾ لِکيل ڪتاب ‘Rsie and fall of Gods’ پڙهي ڏِٺو هوندو، اُهي اِن حقيقت کان واقف هوندا يا وري شاهين صاحب جو ڪتاب ‘World confederation of the peoples’ پڻ سندس عالماڻي سوچَ جو اِظھار آهي. ’گليلو‘ وانگر يوسف شاهين بہ پنھنجي عھد جي جاهلانہ سوچَ، غير تخليقي خيال، ذهني جبر ۽ ڏاڍَ جي خلاف آهي. اُنھن سمورين مذهبي وارتائين کي هو نہ ٿو مڃي، جيڪي ماڻھن کي پوئتي موٽائڻ جي ڪوششن ۾ مشغول آهن. آءٌ ذاتي طور تي سمجهان ٿو تہ يوسف شاهين جو لِکيل ڪتاب ‘Rsie and fall of Gods’ ’گليلو‘ جي ڪتاب ‘Dialogue concerning the two chief wold system Problematic and Copernican’ وانگر آهي. ’گليلو‘ تي بہ وقت جي ڪليسا ڪاوڙجي کيس سڄي ڄمار گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو، پر جھالت خلاف حق جو آواز بُلند ڪندڙن ۾ سندس نالو سڀ کان مٿانھون آهي. ساڍيون چار صديون گُذرڻ کانپوءِ بہ هو اَڄ زندھہ آهي ۽ تاريخ جي ڪتابن ۽ روشن خيال لکين عوامَ جي دلين ۾ سدائين روشن سجَ وانگر روشني ٿو پکيڙيندو رهي.
يوسف شاهين جو بين الاقواميت ۾ ويساھہ هوندي بہ سنڌ سان سندس ڪڏهن بہ نہ ڇڄندڙ پيچ اَٽڪيل آهي. هو هڪ وڏي حَساس شاعر ۽ عالم وانگر پنھنجي ڌرتيءَ سنڌ لاءِ اَندر ۾ وڏو هُڳاءُ رکي ٿو، سندس شاعري سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هڪ اَملھہ اِضافو آهي. سندس نثر ۾ بي پناھہ سگهہ موجود آهي. هو هڪ ئي وقت شاعر، نثرنويس، صحافي ۽ تاريخ جو طالبِ علم آهي. مون کان سندس اُها تقرير اَڃا تائين نہ ٿي وسري، جيڪا هن اِسلام آباد ۾ ’اڪيڊمي آف ليٽرز‘ ۾ اَديبن جي ڪانفرنس ۾ ڪئي هئي. اُردوءَ ۾ ڪيل سندس اُنھيءَ تقرير اُتي واڄٽَ وڄآئي ڇڏيا هئا. شيخ اَياز وانگر يوسف شاهين کي بہ اَنگريزي ٻوليءَ تي وڏو عبور حاصل آهي. مٿي مون سندس لِکيل ٻن اَنگريزي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، اُهي ڪتاب دُنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي ناماچاري حاصل ڪري چُڪا آهن. تنھن کانسواءِ سندس لِکيل ننڍڙو ڪتاب ’فاتحن جي دُنيا‘ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي، اُن ڪتاب ۾ هن تھذيبن، مذهبن ۽ تاريخ بابت پنھنجي آزادانہ راءِ جو اِظھار ڪيو آهي. هن جي اَندر ۾ جيڪو جُهونجهار ۽ مزاحمتي ليکڪ ويٺل آهي، تنھن کيس ڪنھن نہ ڪنھن جنگ ڪرڻ تي ضرور اُڀاريو آهي. هُن وقت جي شدادن، نمرودن ۽ فرعون صفتن سان مقابلو پڻ ڪيو آهي. مون کي شخصي طور تي اِن ڳالھہ جي بخوبي ڄاڻ آهي تہ هو ڪڏهن بہ ڪنھن جي آڏو سچ چوڻ کان نہ مُڙيو آهي، ڪنھن بہ حاڪم آڏو هن حق جي ڳالھہ ڪرڻ کان نہ ڪِيٻايو آهي. شاهين صاحب هڪ وڏو وقت جيل ۾ پڻ گُذاريو آهي، پر ترنگ جي اُن تيرٿ دؤران مون ڪڏهن بہ کيس ملول ۽ غمگين نہ ڏِٺو. بُنيادي طور تي پاڻ دائودپوٽو آهي، سنڌ جي شاهاڻي گهراڻي سان تعلق اَٿس، اُن ڪري شخصي طور تي هن جي طبيعت ۾ اُها بادشاهي بہ ضرور موجود آهي. مان کيس 1972ع کان وٺي سُڃاڻان، تڏهن هن هفتيوار ’برسات‘ رسالو جاري ڪيو هو. بعد ۾ شاهين صاحب روزاني ’برسات‘ ۽ اُها بہ ٻارنھن صفحن تي جاري ڪئي ۽ اُن ۾ چار وڌيڪ صفحا ’اِقتصاديات‘ لاءِ وقف ڪيا ويا. اُن وقت ’برسات‘ اَخبار سنڌ جي صحافت ۾ ٿرٿلو مَچائي ڇڏيو. شاهين صاحب اُن اَخبار ۾ اُپ کنڊ جي مھان ڪوي شيخ اَياز کي ايڊيٽر ڪري، اَچي ڪُرسيءَ تي ويھاريو، اُهو قدم خود هڪ تمام وڏو فيصلو هو. مون کي ياد آهي تہ اُهو دؤر شيخ اَياز لاءِ ڏاڍو عجيب هو، پاڻ سکر ڇڏي، اَچي ڪراچيءَ رهيو هو. تڏهن وائيس چانسلريءَ جي ڪري ڪيترا ڏِسڻا وائسڻا اَديبَ ۽ شاعر شيخ صاحب کان پاسو ڪري ويا هئا، اُهو محض اُن ڪري، جو ڪجهہ سڄڻ اَياز جي شاعريءَ آڏو پاڻ کي ڏاڍا هِيڻا ۽ ننڍڙو محسوس ڪندا هئا، باقي اَياز سان سندن ڪوبہ نظرياتي يا سياسي متڀيد جو سوال ئي نہ ٿي پيدا ٿيو. اصل ۾ شيخ اَياز بيحد معصوم ماڻھو هو، وڏو شاعر هو، پنھنجي دؤر سان گڏوگڏ اِيندڙ ڪيترين ئي صدين جو وڏو سامي هو. اَهڙن ئي ماڻھن لاءِ شاھہ لطيف چئي ويو آهي تہ:
سج سُڀاڻي جا ڪري، سائي ساميءَ روءِ!
اُن ڪري مٿس اَهڙن اَديبن، شاعرن ۽ دوستن جي ورتاءَ سبب ڊپريشن طاري ٿي ويئي هئي، پر جڏهن شيخ صاحب ’برسات‘ جو ايڊيٽر ٿيو تہ مون هن ۾ بي پناھہ خوشي محسوس ڪئي. هڪ ڀيري مان ’برسات‘ جي آفيس ۾ ساڻس ملاقات لاءِ ويس. يوسف شاهين ٻئي ڪمري ۾ موجود هو، شيخ صاحب ڏاڍي سُٺي موڊ ۾ ڪچھري ڪئي، بعد ۾ ’چائنا ٽائون هوٽل‘ ۾ منھنجي هڪ اَدب دوست، ساٿي سيد خادم علي شاھہ سان گڏ ڊنر ڪرڻ هليو ويو. اُن وقت هو ڏاڍو هشاش بَشاش پئي نظر آيو، ڄڻ شيخ اَياز تي جواني وري موٽي آئي هئي.
روزاني ’برسات‘ جو اُهو تجربو، سنڌي صحافت جو وڏو تجربو هو. ’هلال پاڪستان‘ ڪراچي جي اِجراءَ کانپوءِ اُهو ٻيو ڀيرو هو، جو سنڌيءَ ۾ ايڏي وڏي، بھترين اَخبار نڪتي هئي. بدقسمتيءَ سان ڪجهہ پنھنجن ئي سڄڻن هڪ سازش سِٽي، ڪجهہ وقت کانپوءِ شاهين صاحب گرفتار ٿيو، نتيجي ۾ هڪ وڏي رِٿا سان تيار ٿيل اَخبار سازشين جي سازش جو شڪار ٿي ويئي. روزاني ’برسات‘ جو اُهو دؤر عاليشان هو، اُها سڄي محنت هڪ شخص يوسف شاهين جي هئي. آءٌ سمجهان ٿو تہ شاهين صاحب، اُن ڪيل محنت جو ٿڪُ اَڃا تائين لاهي نہ سگهيو آهي. يوسف شاهين سچ پچ تہ هڪ لحاظ کان اُن ڪري بہ خوش نصيب آهي، جو کيس شيخ اَياز جھڙي مھان ڪويءَ جي محبت ۽ قرب نصيب ٿيو.
مون ڪِٿي پڙهيو هو تہ: ”هڪ ڀيرو شمس تبريز، ﷲ تعالى کان دُعا ڪئي تہ منھنجي ڪنھن اَهڙي شخص سان ملاقات ٿئي، جنھن ۾ برداشت جي سگهہ هجي، اُهو بھادر هُجي، طاقتور ۽ رُوحاني شخص هجي ۽ جنھن شخص جي وسيلي مان دُنيا کي اُها شئي عطا ڪريان، جنھن جو مون کي ورهين کان اِنتظار آهي!“
”پر اُن جي عيوض تون مون کي ڇا ڏيندين؟“ خدا تعالى هن کان پڇيو! شمس تبريز وراڻي ڏِني: ”پنھنجي زندگي!“
اَلائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو آهيان تہ جڏهن اِيندڙ دؤر جو مؤرخ شيخ اَياز تي قلم کڻندو، هن جي حياتيءَ جي هڪ هڪ رُوپَ تي ويھي بحث ڪندو تہ هو شيخ اَياز ۽ يوسف شاهين جي تعلقات کي ڇا رُومي ۽ تبريز وانگر ڀيٽيندو يا نہ؟ ڪھڙي خبر؟ پر اِن ڳالھہ تي ضرور ويساھہ اَٿم تہ شيخ اَياز بہ سنڌ جي تاريخ جي هر دؤر ۾ زندھہ رهندو. دُنيا جي عظيم مفڪر ’روسو‘ (Rousseau) وانگر هو اَمر آهي ۽ اَمر رهندو. تمام گهٽ ماڻھن کي اِن ڳالھہ جي خبر هوندي تہ سائين جي. ايم. سيد سان شيخ اَياز جو پَڇاڙيءَ ۾ پَرچاءُ بہ يوسف شاهين ڪرايو هو. تاريخ سندس اِن چڱائيءَ کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندي. شيخ اَياز کي بہ يوسف شاهين سان بيحد محبت هوندي هئي، اَياز پنھنجي ٻن ڪتابن جي اَرپنا بہ يوسف شاهين جي نالي ڪئي آهي، تنھن مان سندن دِلي لڳاءَ جو بخوبي اَحساس ٿئي ٿو.
شيخ اَياز هڪ هنڌ لِکيو آهي تہ: ”شاعر زندگيءَ جي رفتار جو جذباتي سُونھون هوندو آهي ۽ پنھنجي مُبھم اَنداز ۾ سياستدان کان اَڳ تاريخ جا اَهم موڙ ڏِسي سگهندو آهي، پنھنجي تقدير جي باري ۾ بہ هن کي پروڙ پئجي ويندي آهي.“
يوسف شاهين جي شاعري هلندڙ دؤر ۽ اِيندڙ ڪيترن ئي دؤرن جو حقيقي آواز آهي. سندس ڪلام ۽ شخصيت سنڌي اَدب جو هڪ سنگِ مِيل آهي. هن جي سڄي حياتي ڪنھن جُهونجهار وانگر گُذري آهي، هن جي آدرش، هن جو نظريو پنھنجو آهي، هن جي پنھنجي هڪ دُنيا آهي ۽ اُن دُنيا ۾ هو هڪ پَٻَ جبل جيان اَڏول ۽ ڪڏهن بہ نہ جُهڪندڙ آهي، شمس تبريز جي هن شعر وانگر تہ:
جيڪا تنھنجي لاءِ آهي غروب،
اُها ئي منھنجي لاءِ آهي طلوع.
جيڪو تنھنجي لاءِ زندان آهي،
اُهو بھار رُت وانگر آهي منھنجي لاءِ.
(تبريز)
يا سچل چواڻيءَ:
صورت سڀ سُلطان، پاڻ ڏِسڻ آيو پنھنجو تماشو!
ڪاٿئين حنبل، شافعي، ڪاٿئين مالڪ نعمان،
ڪاٿئين پَٽي پوٿيون، ڪاٿئين پڙهي قرآن،
ڪاٿئين اَنالحق چوي، ڪاٿئين ڦيرائي فرمان،
ڪاٿئين طفوليت ۾، ڪاٿئين پير چوان،
ڪاٿئين ميروز ۾ ٿيو، ڪاٿئين ٿيو دربان،
ڪاٿئين احمد بلا ميمي، ڪاٿئين هنومان،
سچو سائين هڪڙو، ناگي شڪ گُمان!
- سچل سرمست
يا شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي هن بيت وانگر تہ:
هٿين هٿَ ڪڙول، هينئڙي پيم هن جا،
سانگي ساريم سومرا، ڍاٽي پاسي ڍول،
ٻاٻاڻن سِين ٻول، ڪيم نہ ڪوٽَ ويھڻ جا.
جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ شاعر ۽ اَديب پنھنجي دؤر جا باغي هوندا آهن، مزاحمت سندن اَندر ۾ لِڪل هوندي آهي، اُها اَندر ۾ لِڪل مزاحمت کين ڪڏهن وڙهڻ تي بہ مجبور ڪندي آهي. ڪڏهن هو اُتر سامھون هوندا آهن تہ ڪڏهن دونھين جهل ٿي ويھندا آهن. آءٌ اِيئن ڪونہ ٿو چوان تہ هر دؤر جا اَديب ۽ شاعر سمورا باغي ٿي، چي گويرا، ڀڳت سنگهہ يا هيمون ڪالاڻي بڻجي جنگ پيا جوٽيندا آهن، پر اُهي ظلم جي آڏو ڪڏهن بہ پنھنجو ڪنڌ نہ جُهڪائيندا آهن. سندن لِکڻيون يا شاعري اِيندڙ صدين تائين زندھہ رهندي آهي، ڇاڪاڻ تہ هر دؤر ۾ ظلم ۽ ظالم، ڏاڍَ، جبر ۽ اِستبداد ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ قائم رهندو پيو اَچي، اُن ڪري هر دؤر جي سُجاڳ اَديبن جي اَندر ۾ ڪانہ ڪا چڻنگ ضرور موجود هوندي آهي، اُها چڻنگ، جيڪا ڪڏهن بہ نہ اُجهامندي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن اُجهامڻي آهي. يوسف شاهين جي اَندر ۾ بہ اُها چڻنگ موجود آهي، اُن چڻنگ کيس سدائين وقت جي ڪنھن نہ ڪنھن پَٻَ جبل جي پھڻ آڏو، لوھہ جي لڱ وانگر سامھون بيھاريو آهي، اُن ئي جذبي کيس هر ڀيري مزاحمت تي پئي اُڀاريو آهي، بقول داغ دھل ويءَ جي تہ:
ہم لطف کے بندے ہیں٬ خدا کی قسم اے ’داغ‘٬
ہم سے نہ کبھی ناز ستمگر کے اُٹھیں گے۔
دل گُهريو پئي تہ شاهين صاحب تي هڪ طويل خاڪو ويھي لِکان، پر لِکڻ لاءِ اَلائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيندو آهي. ڪيترن ڏينھن کان اِها خواهش دل ۾ رکندي بہ گهڻو ڪجهہ نہ لِکي سگهيس، اِن ڳالھہ جو ضرور ڏُک رهندو. بھرحال يار زندھہ، صحبت باقي، خُدا پاڪ شل يوسف شاهين جي قلم کي سگهہ عطا ڪري، هو سنڌي اَدب جي اُڀ تي سَدائين چمڪندڙ ڪنھن تاري جيان شعائون ڏيکاريندو رهندو ۽ پنھنجي علم جون مشعلون ٻاري، وقت ۽ تاريخ جي اُونداهين گهٽين کي روشن ڪندو، اَڳتي وڌندو رهندو، هلندو رهندو ۽ وَڌندو رهندو!!
] 27 آڪٽوبر 2010ع[
