شبنم گل : ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ موضوعاتي طور هڪ اَهم ڪتاب
سنڌي اَدب ۾ غير اَفسانوي اَدب جو سگهارو حِصو مِلي ٿو، جنھن ۾ مضمون، ڪالم، تنقيد، سوانحي اَدب ۽ سفرناما وغيرہ شامل آھن. ساڳيءَ ريت تجزياتي اَدب پڻ وقت سان گڏ اُسرندو رھيو آھي. خاص طور تي صحافت سان لاڳاپيل لِکڻين پڻ مقبوليت حاصل ڪئي آھي.
يوسف شاھين سنڌي اَدب ۾ صحافتي لِکڻين جي واڌ ويجهہ ڪئي آهي ۽ جديد صحافت جو بنياد وِڌو آهي، سندس اَخبار ’برسات‘ خاص طور تي غير اَفسانوي اَدب جي ترقيء ۾ اَھم ڪردار اَدا ڪيو آھي. سنڌي اَخبارن، سنڌي ٻولي ۽ خاص طور تي ڪالم، مضمونن ۽ تجزياتي لِکڻين جي حوالي سان اَھم پيش رفت ڪئي آھي.
يوسف شاھين غير اَفسانوي اَدب جي تخليق ۾ اَھڙا موضوع چُونڊيا آھن، جيڪي سنڌ۽ دُنيا جي تاريخ جو وچور پيش ڪن ٿا. ليکڪ تاريخ کي دستاويزي حيثيت طور هڪ طاقتور اوزار طور ڪتب آندو آھي. هو واقعن جو تفصيلي اَحوال مھيا ڪري ٿو، اِجتماعي يادگيري کي محفوظ رکڻ ۽ اُنھيءَ ڳالھہ کي يقيني بڻائي ٿو تہ ماضي جا سبق وساريا نہ وڃن. تحقيق ڪيل ڪمن ذريعي ليکڪ اَڳوڻن دؤرن جي پيچيدگين کي ظاهر ڪري ٿو، اُنھن فڪري رُخن تي روشني وجهي ٿو، جيڪي سماج ۽ فردن کي وسيع بنيادن تي تشيڪل ڏين ٿا. مصنف سنڌي، اُردو ۽ اَنگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيا آھن ، جن ۾ Land of wisdom, weapon free civilization,The story of the Ancient Indus people,Rise and fall ,Sansikrat، ڏندَڪٿائون، شاھہ لطيف آزاديءَ جو علمبردار ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن، جيڪي سنڌ ۽ پرڏيھي تاريخ جي حوالن سان سوچ جا نوان دڳ ڏسين ٿا.
اِنھن ۾ ھڪ ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ بہ شامل آھي. ھي ڪتاب اِنساني تسلط ۽ جبر جي نفسيات بيان ڪري ٿو تہ ڪھڙيءَ ريت قومن جي عروج ۽ زوال ۾ لاھا چاڙھا اِيندا رھيا آھن. ليکڪ جي ٻين ڪتابن وانگر ھن ڪتاب ۾ بہ مصنف پنھنجو واضع نقطئہ نظر پيش ڪيو آھي. مصنف لکي ٿو تہ:
”گذريل پنج هزار سالن کان اِهو فيصلو نہ ٿي سگهيو آهي تہ هن دُنيا کي اَمن، سُک ۽ سَلامتيءَ سان جيئڻ لائق ٺاھڻ لاءِ حاڪميت جو ڪھڙو نظام (System of Governance) ھئڻ گهرجي! ھڪ اَندازي مطابق ويھہ ڪروڙ ماڻھو ھر صديءَ ۾ قتل ڪيا وڃن ٿا. پنج ھزار سال اَڳ دُنيا جي اِبتدا دھشتگردي، قتل و غارت، غلامي ۽ بادشاھت جي نظام سان ٿي. ڪيترائي دھشتگرد پاڻ سان ھزارين ويڙھاڪ کڻي مختلف قومن کي’غلام ‘ ڪندا ويا. دھشتگرديءَ جي اُن عمل کي فتوحات (Conquest)جو نالو ڏنو ويو.“
اَڳتي ھلي جڏھن سنڌ جو ذڪر اَچي ٿو تہ لکن ٿا:
”جان مارشل پنھنجي ڪتاب ۾ اِن ڳالھہ جو اَعتراف ڪيو تہ اَسين يورپ جا ماڻھو اِھو پڙھندا رھياسين تہ سنڌو ماٿر جا ماڻھو اَڻ پڙھيل، اَڻ سُڌريل ۽ جاھل ھئا، جڏھن تہ موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ کانپوءِ سڄي دُنيا کي اِھا ڄاڻ مِلي تہ سنڌو ماٿر ۾ آباد قومون اِنتھائي سُڌريل، مھذب ۽ باعلم ھيون. ٿي سگهي ٿو تہ اُھي سيڪيولر مذھب لاء اِنتھائي ترقي يافتہ ۽ ڏاتِ ڌڻي ھيون، جن ھٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم ڪيو ۽ ھن خطي ۾ ڪئين صدين تائين جنگيون روڪي ڇڏيون.“
ڪتاب ۾ شامل تحقيقي ۽ تجزياتي مضمون سنڌ سان گڏ وچ اوڀر، فوٽيشن ايمپائر، ڪارٿيج ايمپائير، قديم يورپ، قديم مصر، قديم چين، قديم آمريڪا جي اَمن ۽ جنگين واري نفسيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏين ٿا. اُن کان علاوہ اُنھن تھذيبن جي ٻولي، ثقافت، سماجي ۽ فڪري لاڙن جي بہ معلومات حاصل ٿئي ٿي. اِنسان جي فطرت ۾ غلبي پائڻ، فتح ڪرڻ ۽ ڪمزورن جو اِستحصال ڪرڻ واري نفسيات مِلي ٿي. دُنيا جا وڏا فاتح نرگسي رَوَين جا حامل ۽ ذھني بيمارين ۾ وڪوڙيل نظر اَچن ٿا، مختلف تھذيبن جو تقابلي اَڀياس دلچسپ ۽ معلوماتي آھي. اِھا حقيقت آھي تہ تاريخ جي سمجهہ فردن کي وسيع سمجهہ عطا ڪري ٿي.
جيئن تہ ڪتاب جو ليکڪ پاڻ جديد صحافتي گُهرجن کي سمجهي ٿو، اُن ڪري ھن موضوع بہ اَھڙا چُونڊيا آھن، جيڪي دُنيا ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا. اُن حوالي سان ھي ڪتاب اِنتھائي ڪارائتو آھي، جيڪو دُنيا جي تھذيب توڙي ثقافتي ۽ عسڪري رُخن تي روشني وجهي ٿو. سياست، تاريخ۽ فلسفو اُھي مُحرڪ آھن، جيڪي قومن جي عروج ۽ زوال جا سبب بيان ڪن ٿا. مصنف جي ٻولي سليس ۽ روان آھي، جيڪا خشڪ موضوع کي دلچسپيءَ سان بيان ڪري ٿي. اَنداز ڪھاڻي ٻُڌائڻ وارو آھي، ڪتاب جو بيانيو سگهارو، منطقي ۽ حقيقت پسنديءَ تي ٻَڌل آھي. موضوع نسبتي اَنداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي ۽ ڪِٿي بہ ڪنھن اَڻ لاڳاپيل ڳالھہ جو ذِڪر نہ ٿو مِلي. تاريخي مضمونن کي عام طور تي واضح داستان جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا ماضيءَ تي اَثر پذير واقعن، ماڻھن ۽ اُنھن جي اَثرن کي ڳولھي سگهي. تجزياتي مضمون ۾ ٻئي طرف، معلومات جي جانچ ۽ تفسير شامل ٿئي ٿي، اَڪثر ڪري جيڪي دليل يا بصيرت پيش ڪن ٿا. ٻنھي جو فائدو هڪ منظم طريقي سان مڪمل تحقيق ڏيڻ آھي، جنھن ۾ مصنف ڪامياب نظر اَچي ٿو. موضوع جي چُونڊ ۽ اُن حِساب سان بيانيو ۽ اَسلوب جوڙڻ ۽ اُن مان نتيجا ڪڍڻ ھڪ ڏُکيو ڪم آھي، جنھن ۾ محنت سان گڏ گهري مطالعي جي بہ ضرورت پوي ٿي. ھي ڪتاب خاص طور تي نوجوانن کي ضرور پڙھڻ گهرجي، جن کي پنھنجي ماضيء جي تاريخ ، سياست، فن ۽ فڪر سان گڏ دُنيا جي ٻين تھذيبن کي سمجهڻ جو موقعو پڻ مِلندو.
