يوسف شاهين کي خراجِ تحسين
سو سلامن، لک پيغامن جا لکو برسات ۾.
ترجماني قوم جي بيشڪ، ڪرين بي باڪ ٿي،
داستان مظلوميت جا ٿا پڙهون برسات ۾.
خشڪ ساوا ڪونہ ٿيندا گاھہ بِنا برسات ۾،
بي سھارا جهوپڙين ۾، ٿا رهون برسات ۾.
ملڪ ۾ آهي ناداري، ٿو ڪرين جاکوڙ تون،
ڪاميابيءَ جا ڪِنارا، ٿا ڏِسون برسات ۾.
حاجي موسيٰ پٽ تہ يوسف دائما ’مشڪور‘ آ،
تھنيت جو توکي تحفو، ٿا ڏيون برسات ۾.
حاجي محمد موسيٰ ’مشڪور‘ دڙائي
]1- مارچ 1986ع[
