شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

سائين جي. ايم. سيد سان هڪ تاريخي ڪچھري

آخر جي. ايم سيد اُنھن پٺاڻن، پنجابين ۽ ٻين صوبن جي لکين ماڻھن خلاف آواز ڇونہ ٿو اُٿاري، جيڪي سنڌ ۾ فقط پئسو ڪمائڻ خاطر آيل آهن. هنن جا گهر گهاٽَ سنڌ کان ٻاهر آهن، هنن جون زالون، ٻارَ، ٻَچا، مِٽَ مائٽَ سڀ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ڏانھن پئسو موڪلين ٿا. اُن کان علاوہ جن مھاجر ڀائرن هزارين، لِکن جانيون قربان ڪري، هي عزيز وطن پاڪستان ٺاهيو، اُهي هتان ڇو نڪرندا؟ اُنھن کي نفرت سان ڇو ڏِٺو وڃي، جڏهن تہ هو سنڌ ۾ سنڌي ٿي رهڻ گُهرن ٿا ۽ آخر سنڌي ٿي ويندا، جهڙيءَ طرح ٻيون ڪيتريون ئي ڌاريون قومون سنڌ ۾ لڏي آيون ۽ سنڌي بڻجي ويون. آخر جي. ايم سيد جا بہ تہ اَبا ڏاڏا ٻاهر کان آيل هئا. اِهي سڀ مونجهارا مون کي پريشان ڪندا هئا، آءٌ چاهيندو هوس تہ هن پير مرد سان مِلجي ۽ پُڇجي تہ: ”تون ڇو ملڪ ۾ ڦيٽارو وجهڻ چاهين ٿو؟ تون ڇو سنڌين کي بنگالين وانگر مارائڻ جون رٿون رٿي رهيو آهين؟“ ڏيڍ مھينو اَڳ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ نوجوان مون کي مُنھن ۾ گُهنڊ وجهي چيو: ”آخر توهان وزيرن جي پويان ڇو اَچي پيا آهيو؟ سنڌ جي عظيم فرزند جي. ايم. سيد جو اِنٽرويو ڇو نہ ٿا وٺو؟“ آءٌ عجب ۾ پئجي ويس ۽ تمام نماڻائيءَ سان پُڇيومانس تہ: ”ڇا جي.ايم. سيد آزاد ٿي ويو آهي؟“ هن تمام اَرڏائيءَ سان چيو: ”نيٺ تہ آزاد ٿيندو!“ مون کي نوجوان جي جوش، هوش مان ڪڍي ڇڏيو، دل ۾ دُعا گُهريم تہ خُدا پاڪ ڪري جي. ايم. سيد جلد آزاد ٿئي تہ پُڇانس تہ سنڌ سان ڪھڙي ويڌن ٿي آهي، جو اَڄ سنڌ جو نوجوان بہ توهان ڏانھن اَشارو ڪري ٿو. فقط هڪ هفتي بعد سيد سائين جيل مان آزاد ٿيو.
آءٌ پنھنجي اُڻ تُڻ ۽ سخت مونجهہ سان سنڌ جي هن متنازعه شخصيت وٽ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس. مون هڪ ڊِگهو سوال نامو لِکيو، جنھن ۾ ڪيترائي سخت ڪَڙا ۽ مِٺا سوال بہ لِکيم. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو تہ سنڌ جو هي سائين سن ۾ آهي ۽ في الحال ڪراچيءَ اَچڻ جو پروگرام نہ اَٿن. بھرحال مون سن وڃڻ جون تياريون ڪيون، مون سان گڏ ’هلال پاڪستان‘ جو اَسلم آزاد بہ سائينءَ جو سلام ڀرڻ سن هلڻ لاءِ تيار ٿيو. اسان پنھنجو فوٽو گرافر ساڻ ڪيو ۽ ڪراچيءَ کان سن روانا ٿياسين. پھچڻ تائين اسان جيڪو ڪشالو ڪڍيو ۽ جيڪا تياري ڪئي، اُها يقيناً چنڊ تي وڃڻ برابر هئي. رات حيدرآباد ترسي، صبح جو سخت سيءَ ۾ سن ڏانھن ويندڙ بِنا درن واري ’گهلو ايڪسپريس‘ جي گهانگهو قِسم جي بس ۾ چڙهياسين، جنھن سڄن سارن چئن ڪلاڪن ۾ 57 ميلن جو سن جو سفر پورو ڪيو. 57 ميلن جي پنڌ ۾ فقط هڪ ٽرڪ اسان سان رستي ۾ گڏي، نہ تہ سڄي واٽَ ڪڪڙوڪو لڳي پئي هئي. رستي ۾ ٻہ ٽي ڳوٺ ۽ ڪئين ڪکن سان ٺھيل گهر نظر آيا، اُهي ڪکاوان گهر ڏِسي هڪ لمحي لاءِ منھنجي اَکين اَڳيان سيمينٽ ۽ لوھہ سان ٺھيل ڪراچيءَ جون ويھن ميلن ۾ پکڙيل عمارتون گُهمي ٿي ويون، جتي جي رهاڪن لاءِ ڪروڙين روپين جي خرچ سان وڌيڪ وڏيون وڏيون عمارتون تعمير ڪرڻ لاءِ تازو حُڪومت رِٿا تيار ڪئي آهي. جڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ هن علائقي ۾ 80 ميلن تائين ڪٿي بہ لائيٽ، ٽيليفون، تارَ گهر وغيرہ جو اِنتظام نہ آهي، تڏهن محسوس ٿيو تہ ڄڻ تہ اَسين هڪ اُونداهي علائقي مان لنگهي رهيا آهيون. سَوَن ميلن ۾ ڦھليل دادو ضلعو ڏُتڙيل ۽ تمام پوئتي پيل علائقو آهي. هي اُهو ئي ضلعو آهي، جنھن ۾ شھر نہ، بلڪہ ڳوٺ آهن. خود دادو شھر بہ شھر نہ ٿو چئي سگهجي. گُذريل ون يونٽي ۽ فوجي حُڪومتن 25 سالن جي عرصي ۾ فقط ڪراچي شھر جي تعمير ۽ ترقيءَ تي خرچ ڪيو. نہ صرف ايترو، بلڪہ ڪراچيءَ جي بہ فقط اُنھن علائقن کي ترقي ڏِياري ويئي، جتي سنڌين جون آباديون نہ آهن، ڪراچيءَ ۾ سنڌي اَڄ بہ دادو شھر يا ڳوٺ وانگر رهن ٿا. گُذريل حُڪومتن سنڌ جا سڀ شھر ۽ ڳوٺ مجموعي طور نظراَنداز ڪري، سنڌ جي نالي ۾ مِليل رقم ڪراچي شھر تي خرچ ڪئي. ياد رهي تہ هي اُهو شھر آهي، جنھن کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو هو. اُن کان علاوہ هن شھر کي اُردو صوبو ٺاهڻ جون بہ سازشون رِٿيون ويون. اَڄ ڪراچيءَ جي ترقي ۽ تعمير سنڌ جي سمورن ڏهن ضلعن، اُنھن جي شھرن جي گڏيل تعمير ۽ ترقيءَ کان گهڻو مٿي آهي. ڪراچي شھر جي رستن تي ايترو خرچ ڪيو ويو آهي، جيترو سڄي سنڌ جي رستن تي بہ نہ ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ وارن کي بجلي ۽ گئس سڄي سنڌ جي شھرن جي کپت کان مٿي ڏِني وڃي ٿي. هن شھر کي جيتريون جديد سھولتون مھيا ڪيون ويون آهن، اوتريون سڄي سنڌ جي ڏهن ضلعن کي ميسر نہ آهن. دادوءَ جھڙا ڏھہ شھر گڏجن تہ بہ ڪراچيءَ جي فقط لالوکيت جو مقابلو نہ ٿي سگهندو. هي اُهو لالو کيت آهي، جتي ملڪ جي موجودہ سنڌي حُڪمرانن کي نالا وٺي، ڪچيون گاريون ڏِنيون ويون هيون. ٻوليءَ وارن جهيڙن ۾ لالوکيت وارن هڪ سرڪاري مارڪيٽ بم سان اُڏائي ڇڏي، جنھن جاءِ تي هينئر ملڪ جي سڀ کان وڏي اَڌ ڪروڙ روپين جي خرچ سان ويھہ منزلہ مارڪيٽ تعمير ڪرڻ جو پروگرام رِٿيو ويو آهي. مڙسيون تہ اَهڙيون! گاريون بہ ڏِجن ۽ ڪم بہ ڪڍجن. ننڍي مارڪيٽ ڀڳئون تہ کين وڏي مارڪيٽ ٺھي ٿي مِلي، سُڀاڻي ڏسجي تہ هو ٻيون ڪيتريون عمارتون وڏيون تعمير ٿا ڪرائين. نصيبن جي ڳالھہ آهي، ڪڏهن من ڪکن ۾ رهندڙ سنڌين جي بہ ﷲ پاڪ ٻُڌي وٺي!
مون سوچيو پئي تہ حيدرآباد کان سن تائين يا اَڃا بہ اَڳتي ستر اَسي ميلن ۾ رهندڙ ماڻھو بيماريءَ جي حالت ۾ ڪِٿان علاج ڪرائين ٿا، هنن جا ٻارَ ڪٿي پڙهن ٿا، بنا لائيٽ جي هتي جي زندگي ڪيئن ٿي گُذري. آخر اَيوب خان ڏهن سالن تائين جيڪو اِنقلاب پئي آندو ۽ عوام اُن ۾ يقين آڻي ماٺ ڪريو ويٺو هو، ڇا هي اُن ئي اِنقلاب جو اَثر آهي!؟ اَڄ دادوءَ ضلعي جي سوين ميلن ۾ رهندڙ ماڻھو ڪنھن عزيز، قريب جي مرڻي پرڻي جي تارَ نہ ٿا موڪلي سگهن، ڪنھن کي ٽيليفون ڪري، ڪنھن ويندڙ جو مُنھن ڏِسن لاءِ گُهرائي نہ ٿا سگهن، ويم واريءَ عورت جي اَگر حالت خراب ٿي پوي تہ اُن کي شھر جي اِسپتال تائين پھچائي نہ ٿا سگهن. اِهو ئي سبب آهي، جو سنڌ ۾ ويم وقت گهڻي ۾ گهڻيون عورتون مريو وڃن. آخر هتي جي ماڻھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو يا هنن جو ڪو ڌڻي سائين ڪونھي. پر جڏهن سڄي سنڌ دادو بڻجي پئي هجي تہ پوءِ فقط دادوءَ وارن جي لاءِ روئڻ مان ڇا فائدو! واقعي ڪو ڌڻي سائين هُجي ها تہ سنڌ جي شھرن سان ايڏا ويل نہ وهن ها.
اِنھن ئي ويچارن ۾ ’گهلو ايڪسپريس‘ جي گهانگو بس سن آڻي اُڇليو. سنڌوءَ جي ڪناري ٻڌل هي ڳوٺ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جھڙو آهي. بس مان لھڻ سان پھريان نظر سامھون هڪ ڀت تي لڳل شمعدان تي پئي، جنھن جي روشنيءَ سان سن جا ماڻھو اُوندھہ جو مقابلو ڪندا آهن ۽ بلا ڀٽونءَ، چورَ چڪارَ کان بچندا آهن. ٿورو اَڳتي وڌياسين تہ سن جو ٿاڻو نظر آيو، جنھن کي ڪُلف لڳو پيو هو. سوچيوسين تہ خُدا ڄاڻي هتي جي اِسڪول ۽ اِسپتال جو ڇا حال هوندو. بھرحال اِها سنڌين جي نہ ڪُڇڻ ۽ اَٻوجهائيءَ جي سزا آهي، نہ هي حق گُهرن ۽ نہ ئي وٺي ڄاڻن، ڪير سڀ ڪجهہ ڦُري وڃين تہ بہ ڪُڇندا نہ، اِها ڪھڙي قومَ ٿي؟!
اِهي پَھہ پَچائيندا سن جي سائين جي. ايم. سيد جي حويليءَ تي پھتاسين. سندن ماڻھوءَ هٿان ’برسات‘ جا ڪجهہ پَرچا اَندر موڪلياسين، ٿوري ئي دير ۾ سائين ٻاهر نڪري آيو ۽ ڏاڍي قرب ۽ محبت سان مِليو. سائينءَ سان منھنجي هيءَ ملاقات چئن سالن کانپوءِ ٿي هئي. سندس صحت اَڄ بہ شھري ڊالڊا تي پلجندڙ کان هزار ڀيرا بھتر نظر آئي. هلڪو جسم، مناسب قد، کُليل پيشاني، سنڌي اَکيون، جيڪي سنڌين جي روشن مستقبل جي لاءِ ڳولائو آهن. آهستي آهستي ۽ حِسابَ سان ڳالھائڻ وارو سنڌ جو هي سپوت هميشہ سنڌين سان ٿيل ڏاڍاين جو ذڪر ڪندو آهي، چوويھہ ئي ڪلاڪ سنڌين جي حقن لاءِ سوچيندو آهي، هي سنڌين کي هڪ عظيم قومَ وانگر ڏِسڻ گُهري ٿو. هن جي فڪر جو دائرو سنڌ ۽ سنڌين تائين محدود آهي، اِهو هن جو ڏوھہ آهي، جنھن ۾ هن زندگيءَ جا ڪيترا قيمتي سال جيل ۾ ڪاٽيا آهن. سنڌ جي هن سائينءَ سان اسان جي ڪچھري ٻن حِصن ۾ تقريباً چار ڪلاڪ هلي. ڪچھريءَ واري اُن سموري وقت ۾ سائين تمام محتاط ٿي، اسان سان ڳالھہ ٻولھہ ڪندو رهيو، هو مسَ هاڻ جيل مان نڪتو هو. هن چيو:
”آءٌ ڪجهہ ڪُڇندس ۽ سچ چوندس تہ وري جيل هليو ويندس، پر توهين آيا آهيو، آءٌ توهان کي ڇا ٻُڌايان؟ وڃو ۽ سڄي سنڌ کي ڏِسو تہ ڪيئن سنڌين سان قھر ڪيا ويا آهن! سنڌين جا ڪيئن حق غصب ڪيا ويا آهن، ڪيئن هنن کي ذهني غلام بڻايو ويو آهي. هنن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اُن ڪري حِصو ورتو تہ جيئن بُک ۽ غربت هنن جي ورثي ۾ لِکي وڃي، هنن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ لِکڻ پڙهڻ نہ ڏِنو وڃي، هنن جي عظيم تھذيب جي مذاق اُڏائي وڃي، هنن کي ڪاروبار، صنعتن ۽ نوڪرين مان تَڙيو وڃي! آخر آزادي مِلڻ مان سنڌين کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ تارَ گهر، ٽيليفون، ريڊيو، ٽيليويزن سنڌين لاءِ نہ آهن. سنڌ جڏهن ڇائيتاليھہ سؤ (4600) ڪروڙ روپيا ڪمائي ڏِئي ٿي تہ اُن سان مٿس فقط ڏھہ ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، باقي رقم مرڪز کنيو وڃي، جنھن مان ٻين صوبن ۽ ٻين صوبن جي ماڻھن کي فائدو رَسي ٿو. مرڪزي نوڪرين ۾ هڪ فيصد بہ حِصو سنڌين کي نہ ڏِنو ويو آهي. اِسٽيٽ بئنڪ، نيشنل بئنڪ، پي. آءِ. اي، پي. آءِ ڊي. سي، ڪسٽم، پورٽ ٽرسٽ ۾ سنڌين کي اَچڻ بہ نہ ٿو ڏِنو وڃي، اِنھن اِدارن ۾ سنڌ اَندر لکين ماڻھو روزگار تي لڳل آهن، جن کي تمام وڏا وڏا پگهار ڏِنا وڃن ٿا، مگر اِنھن اِدارن ۾ سنڌي ڳولھي بہ نہ لَڀندو. سنڌ جو درياءُ، سنڌوءَ جو پاڻي ٻين صوبن جي قبضي هيٺ آڻي سنڌ کي محتاج بڻايو ويو آهي. سنڌي آباديءَ وارن شھرن، ڳوٺن کي لائيٽ، تارَ، ٽيليفون ۽ ٻين جديد وسيلن کان محروم ڪري اَندروني طور سنڌين جي طاقت کي ختم ڪيو ويو آهي، رستن، ڳوٺن جا نالا بگاڙيا ويا آهن، سنڌين جي آباديءَ کي اَقليت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. سنڌ اَندر هزارين سالن کان اِيندڙ قومن سنڌ جي زبان، سنڌ جي تھذيب کي قبول ڪيو ۽ هو سنڌي ٿيا، مگر پنج هزار سالن جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌين کان سندن زبان ۽ تھذيبَ ڦُرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. هن کان اَڳ جن سنڌ کي غلام بڻايو، اُنھن بہ اَهڙيون سنڌين سان حرڪتون نہ ڪيون. اِهو ظلم، اِها نا اِنصافي سنڌين سان ڪھڙي ڏوھہ هيٺ ٿي آهي. سنڌ پاڪستان خاطر پنھجو پاڻي وڃايو، پوءِ اُن قربانيءَ مان سنڌ کي ڪھڙو فائدو ڏِنو ويو.“
سن جي سائينءَ جو اِهي ڳالھيون مختلف ڪتابن ۾ قلمبند آهن، جيڪي هن پاڻ اسان کي پڙهي ٻُڌايون. مون اُن مھل اِيئن محسوس ڪيو، ڄڻ سڄي سنڌ اوڇنگارو ڏيئي روئي رهي آهي. اَڄ اُهو آواز، اِها شڪايت تہ هر سنڌيءَ کي آهي، سڄي سنڌ جا سنڌي مٿن ٿيل نا اِنصافين لاءِ رڙن ٿا، مگر اُن مان ڪجهہ نہ ٿو وري، اُلٽو مٿن جيل جا دروازا کوليا وڃن ٿا، هنن جي شڪايت ڏوھہ بڻجيو وڃي. واقعي هن سنڌ ۾ حق جي ڳالھہ ڪرڻ ۽ حق گُهرڻ ڏوھہ آهي، جنھن جي سزا هي مرد مجاهد سنڌين پاران سالن کان ڪاٽيندو اَچي. سائينءَ جي ڳالھين مان اِهو آسانيءَ سان اَندازو ٿي سگهيو تہ اَڄ سنڌين جي حالت ايڏي بدتر ڇو آهي، سنڌي تعليم، فن، واپار، صنعتن ۾ ڇونہ آهن، سنڌي بنھہ غريب ڇو آهن.
سنڌ جي هن سائينءَ جيل ۾ رهڻ واري عرصي ۾ ٻہ ٽي ڪتاب لِکيا آهن، جن مان هڪ ڪتاب نالي ’پاڪستان جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي طائرانہ نظر‘ جا ڪجهہ ٽڪرا سائينءَ اسان کي پڙهي ٻُڌايا. هي ڪتاب هڪ تاريخ آهي. اِهو سچ آهي، جنھن جي چوڻ لاءِ اَڃا فقط جي. ايم. سيد کي همت پيدا ٿي آهي، وڏي واڪ، کُلي عام سچ چوڻ وارن جو سنڌ ۾ قحط آهي. سائينءَ جي چوڻ مطابق اُهو ڪتاب ڇپڻ لاءِ ڪير بہ تيار نہ ٿو ٿئي، آخر سنڌين جي هيءَ بيوسيءَ جي بہ ڪا اِنتھا آهي؟ هي هٿين خالي، نہ هنن جون پريسون، نہ اَخبارون، نہ رسالا، ڪُڇن تہ ڪي ٻُڌي نہ، لُڇن تہ ڪڙن ۾ قابو ٿيو وڃن.
سنڌ واقعي گدڙ کائي ويا آهن. رئيس اَمروهوي چوي ٿو تہ: ”اَسين وطن ۾ هوندي بہ بي وطن آهيون.“ مگر حقيقت اِيئن آهي تہ اسان سنڌي پنھنجي وطن ۾ بي وطن آهيون. ايترو ڪجهہ وڃايو اَٿئون، جنھن جي وصولي تقريباً ناممڪن آهي. پنھنجن حقن واپس وٺڻ بابت جڏهن اسان سائينءَ سان ڳالھہ ڪئي تہ هن خيال ڏيکاريو تہ: ”موجودہ جوڙجڪ ۾ سنڌين کي حق مِلي نہ سگهندا. پنجويھن سالن کان اسان ٻين جي مُنھن ۾ ڏِٺو آهي، سڀني کي آزمايوسين، مگر ڪجهہ هڙ حاصل نہ ٿي، باقي اَڃا تائين خوش فھمين ۾ اَچي، آزمايل کي آزمائڻ، ڌُوڙ مُنھن ۾ پائڻ برابر آهي. جيڪو بچيل کُچيل حال آهي، اُهو بہ ختم ٿي ويندو، سنڌي هن وقت ختم ٿيڻ واريءَ منزل تي آهن.“
مون پُڇڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سنڌي جدوجھد ۽ وڏي پئماتي تي هٿ پير هڻڻ سان پنھنجا حق ماڻي سگهن ٿا يا نہ؟ سائينءَ اِنھن سوالن جا جواب نہ ٿي ڏِيڻ چاهيا، پر اسان جي گهڻي پُڇ پُڇان کانپوءِ اَندازو ٿيو تہ: ”جنھن قومَ جا هٿَ، پير ۽ زبان وڍيل هجن، اُها قومَ ڪھڙيءَ طرح جدوجھد ڪري، حق وٺندي! اسان وٽ ڪجهہ بہ نہ رهيو آهي، اسان مفلوج آهيون، اسان جا وسائل، دولت، طاقت، ڪاروبار، فن، ريڊيو، ٽيليويزن، اَخبارون، رسالا، ڪارخانا، مِلون، بئنڪون سڀ ٻين جي هٿن ۾ آهن.
هڪ ٻيلي ۾ ٻہ شينھن اَچي ويا آهن، هڪ طاقتور، ٻيو ڪمزور بڻيل آهي. نيٺ هڪ ڏينھن ڪمزور کي پنھنجو گهر، پنھنجو وطن وڃائڻو پوندو. اسان اِسلام جي نالي ۾ ٺَڳياسين. سڀني ”اِسلام اِسلام“ ڪيو، مگر اَڄ ملڪ ۾ سڀئي ڏوھہ، سڀئي غلط ڪم هلن پيا، شراب وڪامي پيو، سوئر جو گوشت وڪرو ٿئي پيو، جوئا هلي ٿي، ذبح ڪرڻ کانسواءِ گوشت مِلي پيو، بي پردگي، بيحيائي عام آهي، اِسلام جي هتي مذاق اُڏائي ويئي آهي. تنھن کانسواءِ اسان اَنگريزن کان آزادي پنھنجا حق وڃائڻ لاءِ ڪونہ ورتي هئي، پاڻ کي ٻين جو محتاج ڪرڻ لاءِ آزاد ڪونہ ٿيا هئاسين. بنگالين سان ظلم ٿيا، هنن جا حق ماريا ويا، هنن کي هنن جي ئي ڪمائيءَ مان فقط ويھہ سيڪڙو رقم ڏِني ٿي ويئي. نيٺ هو تنگ ٿي، وڙهي جُڙهي، پنھنجا مڙس مارائي، اسان کان آزاد ٿي ويا. اسان جي تنگ نظرئي جي اِها حالت آهي، جو اسان اَڃآ تائين هنن جي جند نہ ٿا ڇڏيون، هنن کي سُک جو ساھہ کڻڻ نہ ٿا ڏِيون، آزاد ۽ جدا قومَ وانگر هنن کي وڌندو ڏِسڻ نہ ٿا چاهيون. درحقيقت هن علائقي جو هڪ مفاد پرست ’ملا ٽولو‘، جيڪو صدين کان اِسلام جي آڙَ ۾ وڙهندو اَچي، اُن عام ماڻھن کي وڏي حدَ تائين ڀٽڪايو آهي. هن ئي طبقي اِسلام کي مروڙي سَروڙي اَهڙيءَ طرح ماڻھن اَڳيان پيش ڪيو آهي، جو اَڄ جو قومپرست ۽ ترقي پسند نوجوان طبقو ذري گهٽ اِسلام کان منحرف ٿيڻ جي ويجهو اَچي پھتو آهي. ’ملا طبقو‘ هميشہ حُڪمران طبقي جو خوشامدڙيو رهيو آهي. هن ئي طبقي جي مُلن منصور کي سنگسار ڪرايو هو، شمس تبريز جي کلَ لھرائي، شاھہ بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهايو، سرمد کي قتل ڪرايو، شاھہ عنايت کي شھيد ڪرايو. هي مُلا هر دؤر وانگر اَڄ بہ اسان مٿان نازل آهن.“
مون سائينءَ کان ڳالھين هلندي آئين بابت ڪجهہ راءِ وٺڻ چاهي، مگر هن جي ڳالھين مان اَندازو ٿيو تہ: ”پنجويھن سالن جي ايڏي وڏي عرصي ۾ جنھن ملڪ ۾ آئين نہ ٺھي سگهيو، اُتي هاڻ آئين ڇا ٺھندو؟ دراَصل هتي جو مفاد پرست ڌڙو آئين ٺھڻ ڏيندو ئي نہ ۽ نہ وري هو آئين کي هلڻ ڏيندا.“ تنھن کان علاوہ سائينءَ جي خيال مطابق تہ: ”اسان سنڌين جو اَلھہ تلھہ لُٽجي، ڦُرجي ويو آهي، اسان رُڳو آئين ۾ آسرو ڪيستائين رکنداسين. سڀ کان اَول اسان جا سمورا حق واپس مِلڻ گُهرجن ۽ اسان سڀني سنڌين کي حق وٺڻ لاءِ هر حال ۾ تيار رهڻ گُهرجي، هر مصيبت، رُڪاوٽ، ڏاڍائيءَ کي مُنھن ڏِيڻ لاءِ اُٿڻ گُهرجي ۽ پنھنجي سنڌ کي جيئرو ڪرڻ گهرجي.“
سنڌ جيئي، سدا جيئي.