شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

اعجاز منگي: آئينو ڪوڙ نہ ٿو ڳالھائي

”ڏک جي ڳالھہ آهي تہ دُنيا جا تاريخدان، اهڙن واقعن کي، جيئن جو تيئن قلم بند ڪرڻ جي بدران فوج ۽ حاڪمن کي بچائڻ خاطر حقيقتون لڪايو ڇڏين. هي ڪٿي بہ فوج جي غداري ظاهر نٿا ڪن. جڏهن تہ سڄي تاريخ فوجي غدارين سان ڀري پئي آهي، جيڪڏهن سڄي تاريخ کي نئين سر درست ڪري لکجي تہ دنيا کي تاڪ لڳي وڃن. ٺڳي جا ڪيئي ٺاھہ ٽٽي پون. وڏا وڏا انقلاب اچي وڃن، تاريخدانن انسان ذات سان وڏو ناحق ڪيو آهي، هنن عوام بدران هميشہ حاڪمن ۽ فوجين جو ساٿ ڏنو ۽ تاريخ کي نتيجن جي لحاظ کان بدلائي ڇڏيو. ان ڪري ئي انسان تاريخ مان سبق نہ پرائي سگهيو. مناسب ٿيندو تہ هاڻ سموريون تاريخون نئين سر لکيون وڃن.“
هي يوسف شاهين جي ڪتاب ”فاتحن جي دنيا“ متعلق لکيل مھاڳ جو ٽڪرو آهي، جنھن مان پوري پروڙ ٿي تہ ليکڪ هي ڪتاب ڪھڙو مقصد رکي لکيو آهي. هن جي نظر ۾ موجودہ انسان سان دوکو ٿيو آهي ۽ وڏي ۾ وڏو دوکيباز اهو تاريخ نويس آهي، جنھن حاڪمن جي رعب يا لالچ ۾ اچي تاريخي حقيقتن جو ٻوٿ ڦيرائي ڇڏيو آهي. هاڻي هو اميد ظاهر ٿو ڪري تہ دنيا جي تاريخ کي درست ڪري لکيو وڃي. ۽ واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي تہ اها اڀري سڀري شروعات هن پاڻ کان ڪئي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ جي ٻين نقادن وانگر رڳو فرمائش تي گذارو نہ ڪيو آهي تہ ”ڪيئن ڪرڻ کپي ۽ ڪيئن نہ ڪرڻ کپي“ ٻين تي ڀاڙڻ بدران هن پنھنجي محنت تي ڀاڙيو آهي.
يوسف شاهين جي اها ڪاوش مينھن جي ان پھرين ڦڙيءَ وانگر آهي جنھن جي وجود جي بربادي انسان ذات جي آبادي جو باعمل دليل آهي.
هي ڪتاب انسان ذات جي اڄ ۽ ڪلھہ جي وچ ۾ لڏندو ٻڌائيندو رهيو آهي تہ هي انسان اڃا نہ بدليو آهي، پر هن جي ذهن وڌيڪ تخريب ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي.
هي ڪتاب اهو ٿو سمجهائي تہ انساني اتھاس ۾ طاقت، ڪوڙ، وڏائي گهڻي ۽ امن، پيار، ڀلائي ٿوري آهي.
هي ڪتاب اهو آئينو آهي جيڪو شيڪسپيئر جي ناٽڪ ’ڪنگ رچرڊ ٻيون‘ جي آخري سين ۾ تخت کان هٽايل ۽ لاٿل تاج سان رچرڊ آئيني ۾ پنھنجي کي ڏسي هيانءُ ڦاڙ دانھن ٿو ڪري تہ ”آئينو ڪوڙ ٿو ڳالھائي.“
آئينو ڪوڙ نہ ٿو ڳالھائي، پر آئينو اسان جي خوش فھمي ۽ غلط فھميءَ تي ٻہ هٿاڙو ڌڪ ٿو هڻي ۽ ان جي خلاف دانھن اهو ثابت ٿي ڪري تہ ڌڪ سندائتو آهي.
يوسف شاهين تاريخ جي منھن تان ڪوڙو نقاب هٽائڻ جي شروعات ميڪ اپ ڪيل ۽ پنھنجي ماضيءَ تي جهمريون پائيندڙ يورپ کان ڪيو آهي تہ يونان ۽ روم جي تاريخ جي عظيم الشان نالي ۾ اقتدار ۽ هوس کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ سمجهڻ ڀرا ٿيا آهيون تہ يونان فقط هيراڪليش، پيٿاگورس ڏاهپ فلسفو ناهي، افلاطون ۽ ارسطوءَ جو ادب سائنس ۽ منطق ڀريو داستان ناهي. اهو سڪندر جي کنوڻين وانگر عوام جي ڪنڌن تي قاتل تلوارن جو نالو بہ آهي ۽ حاڪمن جي محلن ۾ ڪنوارين شھزادين جي پيٽن ۾ حرامي ٻارن جو نالو آهي، جنھن کي نہ رڳو لڪايو ويندو هو، پر ان کي زيوس نامي خدا جو مقدس عشق ظاهر ڪري وڌيڪ شانائتو ۽ مانائتو بڻايو ويندو هو ۽ روم بہ رڳو قلوپطره جي ذلفن ۽ سيرز جي عشق جو قصو ناهي ۽ نہ وري اهو شوريس ۽ ورجو جو عظيم گيتن جو مجموعو آهي، پر سيزر جي دٻيل دانھن تہ ”بروٽس تون بہ؟!!!“ ۽ سيزر جي فرعوني دعويٰ بہ روم جو روپ آهي. روم فقط مجسما سازي ۽ تخليق جي سائي جو نالو ناهي، پر ڪليمي گيولا جو پنھنجي ڀيڻ ڊورسيلا سان قانوني شادي ۽ روم جي سينيٽرن جي زالن سان هن جا کلي عام فحش لڳ لاڳاپا ۽ عام ماڻھو جي جيئڻ جي جنجال کان تنگ اچي خودڪشيون ڪرڻ جو نالو بہ روم ئي آهي.
هي وِک نيپولين جي وِک کان گهٽ ناهي، سنڌي ماڻھوءَ جي بين الاقوامي ڪوڙ کان اها بغاوت عزت ۽ احترام جي لائق آهي، پر پھرين وک وانگر ان ۾ ڪچايون ۽ ڦڪايون بہ آهن.
مثال طور يورپ رڳو يونان، اسپين، روم ۽ برطانيا جو نالو ناهي. يورپ رڳو ڪاهن، حملن ۽ محلاتي دٻدٻي جو نالو ناهي، پوءِ چرچ جو اهو سمورو مڪروھہ ڪردار ڇپي نہ ٿو سگهي، جيڪو شھنشاهيت جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن بائيبل کي ايترو استعمال ڪيو، جيترو اهو ئي چئي سگهيو.
جنھن کي انگريز اديب ليبٽس پنھنجي تاريخي ناٽڪ ”ڪليسا ۾ قتل“ ۾ پورو نقشو ڏنو آهي. اهو ڪتاب پڙهندي انگريزي فلم ’دي انڪوائري‘ ياد ٿي اچي ۽ اهو سوال ٻيھر تازو ٿي ٿو پوي تہ ڇا عيسيٰ واقعي هو بہ يا اهو ماڻھن جي دٻيل بغاوت جو افسانوي ڪردار آهي. تاريخ کي ڇنڊي ڇاڻي ٻيھر پيش ڪرڻ جي واقعي سخت ضرورت آهي، پر اها ڇنڊ ڇاڻ پورهيو طلب ڪري رهي آهي.
پوليس ۽ ثقافتن جي بيدردي سان ڪيل تباهي جو ازالو فقط اهو ئي ٿي سگهي ٿو تہ ٻيھر اهڙي لتاڙ ۽ اجاڙ نہ ٿيڻ کپي، پر سڀ کان حيرت جوڳي شيءِ ان ۾ محترم سراج ميمڻ جو لکيل مھاڳ آهي، جيڪو ”ڊبل اي استاد جاني دو“ کان وڌيڪ ناهي.
سراج جو مھاڳ ڪتاب تي نہ پر ڪتاب جي مھاڳ تي آهي، ان ۾ ڪريٽ ۽ روم جي تاريخي حرامپائن تي سراج اکر بہ نہ لکيو آهي پر هو بہ روائتي مارڪسٽن وانگر فقط ڪتاب جي هڪ جملي کي بنياد بڻائي پنھنجي ڳالھہ ڪري ويو آهي ۽ اهو جملو گورياچوف متعلق آهي، جنھن ۾ يوسف شاهين گورياچوف جي شخصيت کي ساراهيو آهي، بلڪہ سمورو ڪتاب هن جي نالي منسوب ڪيو آهي. اها ڳالھہ قابل تنقيد ضرور آهي، پر هن ڪتاب ۾ گورياچوف بحث جو موضوع نہ آهي، پر انساني تاريخ ۾ طاقت جو غلط استعمال آهي، جيڪو استعمال يورپ جي چئن رياستن کان ٻاهر نہ نڪتو آهي. ۽ اهو ڪتاب يوسف شاهين هڪ دردمند اديب جي حيثيت سان نہ لکيو آهي، پر هو هڪ بي رحم نقاد ٿي شين جي نئين پرک ٿو چاهي.
يوسف شاهين جي چاهت اسان سڀني جي چاهت آهي ۽ اها چاهت جي ايم سيد کان وٺي ڊاڪٽر مبارڪ علي تائين ڪيترن ئي تاريخدانن آزمائي آهي، پر جيڪا وسعت ۽ گهرائي يوسف شاهين ٿو چاهي اهو اسان سڀني جو گڏيل خواب آهي ۽ يوسف جي اها ڪوشش سراج صاحب جي صلاح سان گڏجڻ بہ کپي تہ اهي تاريخي جواز ۽ سبب بہ بحث هيٺ آندا وڃن، جن جي ڪري هن دنيا جو مُھانڊو بگڙي ويو آهي، پر يوسف جي چاهت ڀري همت ان پوڙهيءَ کان وڌيڪ آهي، جيڪا ڪپڙي جي ڳوٿري ۾ ٺڪريون وجهي پاڻ کي يوسف جي خريدارن ۾ شامل ڪرڻ وئي هئي.

(روزاني ڪاوش 19 جون 1992ع)