لامڪان
جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناهه ذرو
نڪو چاڙهو چنڊ جو، نڪو سج سرو
اُتي آديسين جو، لڳو دنگ درو
پـري پـين پـــرو، نــاٿ ڏٺــائــون ناهه ۾.
مٿيون بيت انڪار ۾ اقرار جي وجود جو فلسفو آهي. فلسفو ساڳيو آهي، جيڪو ”لا“ ۽ ”لا الله“ جو فلسفو آهي. اول انڪار؛ ڀرپور، مڪمل ۽ پختو انڪار ـــ ڪجهه به ڪونهي! اهڙو انڪار، عدم موجودگيءَ تي مڪمل ايمان جو اظهار آهي سمجهاڻي سولي، بلڪل سادي آهي ـــ جيستائين انڪار ۾ ايمان ڪونهي، تيستائين اقرار تائين رسائي ناممڪن آهي. اول ”نه“ سان نينهن لڳايو، ۽ پوءِ ”ها“ سان هينئون هنڊايو.
مٿئين بيت جي پوئين سٽ جو پويون حصو، انڪار ۾ اقرار جي وجود جو اظهار آهي. ناٿ ڏٺائون ناهه ۾! معنيٰ، ته آديسين پنهنجو محبوب، پنهنجو مالڪ، پنهنجو دلبر انڪار ۾ ڏٺو، نفي ۾ ڏٺو. آديسين کي جيستائين انڪار جي پروڙ نه پيئي هئي، تيستائين کين ناٿ نظر نه آيو هو. پر، انڪار ۾ اقرار جي وجود جي پروڙ کان اڳ شاهه صاحب پنهنجي بيت ۾ هڪ اهڙي مقام جو ذڪر ڪيو آهي جتي نه عرش آهي، ۽ نه فرش آهي، ۽ جتي نه چنڊ چڙهي، ۽ نه سج لهي، جتي نه ڏينهن ٿئي، ۽ نه جتي رات ٿئي. اهو مقام، اهو هنڌ، زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي. اهڙي اسراري مقام جي موجودگيءَ جو ذڪر تصور جي بي پناهه پهچ کان سواءِ ناممڪن آهي.
تصور جي پرواز ۾ ڀٽ ڌڻي جو ڪوبه ثاني ڪونهي. پرينءَ کي پسڻ لاءِ ڪڏهن ته اندر کي آئيني ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري، ته ڪڏهن وري پنهنجي وجود کي محبوب جي مشاهدي لاءِ فنا ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ـــ
مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي سنڀوڙو سيڻاهه سين.
هڪ هنڌ اناالحق واري مفهوم ۾ پاڻ پنهو آهيان، وارو اظهار ڪيو اٿائين، پر پوءِ، جڏهن پنهوءَ کي سڄڻ جي صورت ۾ ياد ڪيو اٿائين، تڏهن کيس سوجهرو سڏيو اٿائين ـــ
چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان تان نه پرين سين،
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو!
سوجهري کي ڀٽ ڌڻيءَ، نور، حق ۽ سچائيءَ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي. نور کي فنا ڪونهي. نور ازل کان آهي، ابد تائين رهندو. ۽ پوءِ جڏهن شاهه صاحب ان مقام جو ذڪر ڪري ٿو جتي نه عرش آهي، ۽ نه فرش؛ جتي نه چنڊ چڙهي، ۽ نه سج اُڀري، تڏهن هو ازل ۽ ابد جي اسراري مقام جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي، جتي سوجهرو آهي، ۽ سوجهري کي فنا ڪونهي.
آديسين جو درو اتي آهي، جتي فنا جو وجود ڪونهي. فنا جو انت انڪار آهي ـــ مڪمل، ڀرپور انڪار. ۽ اهڙي انڪار ۾ حقيقي اقرار آهي ـــ ساڳيو اقرار، جنهن جو ذڪر ڀٽ ڌڻيءَ مٿيئن بيت جي پوئين سٽ جي پوئين حصي ۾ ڪيو آهي ـــ ناٿ ڏٺائون ناهه ۾.■
1975