ڳوليان ڳوليان م لهان
ڪوبه رشتو دل جي رشتي کان وڌيڪ مضبوط نه ٿيندو آهي. قرب جي ڪنڍيءَ جي ڇڪ ڪوهن تان محسوس ڪبي آهي. اوهان جا قربائتا، پيارا ۽ حبدار خط مون کي ملندا رهيا آهن. هر دفعي اوهان جو خط پڙهي سوچيندو آهيان ته اوهان کي خط جو مفصل جواب لکندس ـــ اوهان سان اندر جو حال اوريندس ـــ دل جي شهر جو در کولي اوهان کي وستين جي ويراني ڏيکاريندس!
گهڻو اڳ ڪنهن انٽرويو ۾ مون کان پڇيو ويو هو ته ”تون لکندو ڇو آهين!“ جواب ته مون کي ياد ڪونهي، پر جواب جو مفهوم ياد آهي. جواب ۾ چيو هوم، ”ته مان نڪمو ۽ ناڪارو شخص آهيان ـــ منتشر خوابن جي سلسلي کي جوڙي ڪهاڻيون لکندو آهيان. لکڻ کان سواءِ مان ٻيو ڪو به ڪم ڪري نه سگهندو آهيان. مون لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي، تنهن ڪري مان لکندو آهيان.“ نثار، منهنجا دوست، ان جواب کي تحرير ڪئي، ۽ شايع ٿئي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن. ان جواب کان پوءِ مون کي جيڪي چوڻو هو، سو تڏهن مان چئي نه سگهيو هوس. ان جواب کان پوءِ مون کي جيڪي چوڻو هو، سو اڄ چوندس.
مان اوهان کان هزار کن ميل پري آهيان. گذريل ٽن چئن سالن ۾ (هلال پاڪستان ۽ الفتح جي ڪالمن کان سواءِ) مان شايع نه ٿيو آهيان ـــ منهنجيءَ مسلسل خاموشيءَ انومانن ۽ افواهن جا ڪوهيڙا کڙا ڪري ڇڏيا آهن ته امر جليل ڊڄي ويو آهي ـــ امر جليل نوڪري بچائڻ جي چڪر ۾ آهي ــــ وغيره. ڊڄڻ! نوڪري بچائڻ! مان عرض ڪري چڪو آهيان ته مان لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو آهيان ـــ مان بدحواس آهيان ـــ وحشتن جو ساٿي آهيان ـــ خوابن لاءِ تعبيرن جو ۽ تعبيرن لاءِ خوابن جو متلاشي آهيان. مان جنهن ڏينهن لکڻ ڇڏيندس، ان ڏينهن خودڪشي ڪندس. ان ڳالهه جو لوح محفوظ ۾ فيصلو ٿيل آهي. نثار، منهنجا دوست، مون لکڻ ڇڏيو ناهي. لکي رهيو آهيان ـــ، مسلسل لکي رهيو آهيان، اها ٻي ڳالهه آهي ته باقاعدي رسالن جي غير موجودگيءَ سبب شايع نه ٿي رهيو آهيان. پر، اصل ۾ هڪ ٻيو سبب به آهي، جيڪو سڀ کان اهم آهي، اتم آهي، جو ڪٿي به شايع نه ٿي رهيو آهيان ـــ. اڄوڪي خط ۾ مان اوهان سان ۽ اوهان جي پبليڪيشن جي پڙهندڙن سان ان سلسلي ۾ ڳالهائيندس.
مون ڪڏهن به ان دعويٰ سان نه لکيو آهي ته منهنجين تحريرن سبب سنڌ ۾ سماجي، معاشرتي، اقتصادي ۽ سياسي انقلاب ايندو. مون ڪڏهن به ان دعوايٰ سان نه لکيو آهي ته منهنجين ڪهاڻين پڙهڻ سان سوچ جو نئون سلسلو شروع ٿيندو. مون فقط هڪ اميد جي سهاري لکيو آهي، ته منهنجي تحرير ڪنهن جي مقدس هٿن تائين پهچندي هئي. ڪو منهنجيون ڪهاڻيون پڙهندو هو، ڪالم پڙهندو هو، ڪالمن ۾ اندر جو احوال ڏسندو هو! منهنجي هر تحرير جي هڪ هڪ سٽ هن لاءِ هئي، هن لاءِ آهي، ۽ هن لاءِ هوندي. ٽن ـــ چئن سالن کان مون محسوس ڪيو آهي ته منهنجي ڪابه تحرير هن جي مقدس هٿن تائين پهچڻ کان مجبور ٿي پئي آهي.
هن هڪ دفعي چيو هو، ”تون لکندو آهين، يا جادوگري ڪندو آهين!“
پڇيو هيم، ”ڪيئن.“
هن چيو هو، ”تنهنجين ڪهاڻين ۽ ڪالمن ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي، پر تنهن هوندي به ماڻهو توکي پڙهندا آهن.“
مون سندس ٻئي هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو هو، ”جادوگري هنن، تنهنجن مقدس هٿن ۾ آهي سنڌو. مان تنهنجي ڪري آهيان. مان تنهنجي لاءِ آهيان. تون جنهن ڏينهن مون کي پڙهڻ ڇڏي ڏيندينءَ، تنهن ڏينهن سمورو ڏيهه مون کان منهن موڙي ڇڏيندو ــ سمورو طلسم ٽٽي پوندو.“
هڪ دفعي هڪ نامور اديب مون کان پڇيو هو،
”توهين شادي ڇو نه ٿا ڪريو؟“
مون ان باري ۾ ٻئي ڏينهن سنڌوءَ سان ڳالهايو هو. آرٽس ڪائونسل جي لان تي اسان گلرنگ کان چانهه گهرائي هئي، هن بنا کنڊ جي چانهه جو ڪوپ ٺاهي منهنجي اڳيان رکيو. چيم، ”کنڊ تي راشن آهي، پر هوٽل جي کنڊ تي ته راشن ناهي.“
چيائين، ”تنهنجي لاءِ کنڊ تي مڪمل بندش آهي. ٿلهو ٿي پيو آهين. نسيم کرل سان مقابلو ڪندين ڇا!“
چيم، ”ڪهاڻين ۾ جيڪڏهن نسيم کرل جو مقابلو ڪري نه ٿو سگهان ته گهٽ ۾ گهٽ ٿولهه ۾ ته نسيم کرل جو مقابلو ڪري سگهان ٿو.“
چيائين، ”ڪابه جرح توکي کنڊ جي اڌ چمچي لاءِ مستحق ثابت ڪري نه سگهندي.“
ڦڪي چانهه پيئندي مون سنڌوءَ کان پڇيو، ”اسين شادي ڇونه ٿا ڪريون.“
سنڌوءَ چيو، ”ڇو جو اسين پنهنجي رشتي جي سموري سونهن کي بدصورتيءَ ۾ بدلڻ نه ٿا چاهيون.“
چيم، ”هڪ ٻيو سبب به آهي، سنڌو.“
پڇيائين، ”ڪهڙو!“
چيم، ”اسين شاهه لطيف جا سودائي آهيون. تون ۽ مان شاهه لطيف جي هڪ بيت جو مفهوم آهيون ـــ تشريح آهيون.“
پڇيائين، ”ڪهڙو بيت.“
چيم، ”ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت.“
هوءَ اداس ٿي پيئي ـــ ناريل جي وڻن ڏانهن ڏسڻ لڳي. خيالن ۾ وڃائجي ويئي. تڏهن، مون سندس اکين ۾ لڙڪ ترندي ڏٺا. کيس سڏ ڪيم، ”سنڌو.“
هن مون ڏانهن ڏٺو.
”ڇو سنڌو؟“
”ڪجهه ڪونهي.“
”ڪجهه ته آهي.“
”بس ائين ئي.“
پڇيم، ”ان وقت جي اذيت جي باري ۾ پئي سوچين جڏهن تون ۽ مان ڪڏهن به ملي نه سگهنداسين.“
هڪ لڙڪ پنبڻين جو بند ڀڃي سندس اکين مان وهي نڪتو. چيائين، ”مان ان وقت جي اذيت سهي سگهنديس. پر تون مري ويندين ـــ امر تون مري ويندين.“
مان اڃا جيئرو آهيان، نثار، (تعجب آهي)! مان توهان جي پبليڪيشن لاءِ لکندس. الاءِ ڇو محسوس پيو ڪريان، ته ڪو وسيلو پيدا ٿي پوندو، ۽ اوهان جي پبليڪيشن وارو پرچو ڪو مهربان هن جي مقدس هٿن تائين پهچائيندو. مان توهان جي پبليڪيشن لاءِ ضرور لکندس. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن فون ڪري پڇندي هئي، ”ڪيئن آهين!“
مان چوندو هوس، ”اڃا جيئرو آهيان.“
توهان جي پبليڪيشن ۾ منهنجي هيءَ، يا ٻي ڪا تحرير ڏسي شايد هوءَ وري ڪٿان فون ڪري، ۽ پڇي، ”امر، ڪيئن آهين!“
۽ مان چوندس، ”بس سنڌو جيئرو آهيان.“
ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته سنڌو ڪير آهي؟ مان رازن مان نه ڄاڻان. پر هوءَ منهنجيءَ زندگي جو سڀ کان پهريون، ۽ سڀ کان آخري راز آهي. مان سنڌوءَ جي باري ۾ فقط ايترو ٻڌائڻ جي قناعت ڪري سگهان ٿو ته مان هن لاءِ لکندو رهيو آهيان، ۽ مان هن لاءِ لکندو رهندس.
مان پيغمبر نه آهيان، تنهن ڪري ڪوبه جبريل مون سان مخاطب نه ٿيو آهي. مون جبريل سان ڳالهايو آهي ـــ ته هوءَ جتي به آهي، شل سندس دامن خوشين سان ٽمٽار رهي، ۽ سندس اک آلي نه ٿئي.
تنهنجو
1975