سنڌ جو منصور
تنوير عباسيءَ سان ملڻ کان اڳ مان شام جو سچل سرمست جي درگاهه تي ويو هوس. سچل سرمست سنڌ جو پهريون ۽ سڀ کان وڏو باغي ۽ انقلابي شاعر آهي. مان ورهين کان پوءِ سندس درگاهه تي ويو هوس. اکين کي اعتبار نه پئي آيو. هر طرف ويراني هئي ـــ اداسائي هئي. سنڌ جي سڀ کان وڏي انقلابي شاعر وٽ ڪوبه سلامي ڀرڻ نه آيو هو. ”سچو آهي سبحان ماڻهن ليکي آدمي ـــ“ اتي آدمي نه هو. سچل اداس ۽ اڪيلو هو. اوقاف کاتي وارن سندس درگاهه ٻاهران چار بتيون هڻائي مٿس وڏو احسان ڪيو آهي! درگاهه جي در مٿان ٽڪ وارن ڪاريگرن جو ڪم ڪيل آهي. اُس جي پهرين ۽ پوين ڪرڻن ۾ سموري درگاهه تجلا ڏيندي آهي. در مٿان لڳل ننڍڙا ننڍڙا آئينا پٽجي ويا هئا. مون کي ڏک ٿيو. دل کي جهوٻو آيو.
اسين سنڌي بنيادي طرح پير پرست آهيون. اسين انسان جي عظمتن جا پيدائشي منڪر آهيون. سچل بدقسمتيءَ سان پير نه آهي. پير هجي ها ته سنڌي کيس هڪ پل لاءِ هيڪلو نه ڇڏين ها. دهلن ڌمالن سان سندس ڀيرو پيا ڀرين ها. کانئس پٽ پنن ها ـــ نوڪرين ۾ ترقيءَ جون دعائون گهرن ها ـــ رشوت جي ڪيس مان ڇوٽڪاري جون دعائون گهرن ها. پر سچل پير نه آهي. سچل فقط سچل آهي. سبحان آهي ـــ ماڻهن ليکي آدمي آهي. تنهن ڪري ماڻهن وٽ قدر نه اٿس. ائين برابر آهي ته سچل جي شاعريءَ ۽ ڪلام تي اڄ تائين مستند ڪم نه ٿيو آهي. آغا صوفيءَ ويچاري سچل سان عقيدت جو اظهار ڪندي سندس رسالو شايع ڪرايو هو، جيڪو ڇپائيءَ ۽ فني لحاظ کان پيش ڪرڻ جهڙو نه آهي. ”سنڌ صدين کان“ سيمينار لاءِ سچل تي مقالو تيار ڪرڻ لاءِ مون آغا صوفيءَ جي رسالي مان هڪ ٻه تاريخي حوالو ڏنو هو، جيڪو سيمينار ۾ غلط ثابت ٿيو. صوفي صاحب رسالي جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ ميران ٻائي ۽ بيبي رابع بصريءَ کي همعصر ڏيکاريو آهي ـــ جيتوڻيڪ ٻنهي جي دور ۾ اٺ سئو سالن جو فرق آهي. صوفي صاحب کان پوءِ عثمان علي انصاريءَ سچل جي رسالي کي ٻيهر نظر مان ڪڍي ادبي بورڊ معرفت شايع ڪرايو. انهن ٻن ڪتابن يا ڪاوشن ۽ محنتن کان سواءِ سچل تي اڄ تائين ڪم نه ٿيو آهي. سچل تي جيڪي به ڪتابڙا ۽ چوپڙيون شايع ڪرايون ويون آهن، انهن ۾ سچل جي عظمت تي لکڻ بدران ٻين شاعرن کي هيٺاهون ڪري سچل جو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. سچل سنڌ جو يگانو شاعر آهي ـــ پهريون ۽ سڀ کان وڏو انقلابي شاعر آهي ـــ هن جي ٻئي ڪنهن شاعر سان ڀيٽ ڪرڻ غلطي آهي. سچل ريس جو گهوڙو نه آهي. سچل سنڌ جو منصور آهي ـــ ۽ منصورن جو قد وڌائڻ لاءِ ٻئي جي قد کي گهٽائڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. هو بذات خود قداور هوندا آهن. ■
1977