مان ڀَڄان، مان ڀُران، تڏهن به تنهنجو آهيان
تقرير ڪرڻ مون لاءِ، ۽ تقرير ٻڌڻ توهان لاءِ عذاب آهي. ان جو مون کي احساس آهي. تقرير ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو مداريءَ وارا ڪرتب ڏيکاري، جيئن اڄڪلهه جا تقرير باز ڪري رهيا آهن. تقرير ٻڌڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو پنهنجي خونخوار سس کان پنهنجي خونخوار ڌيءَ يعني پنهنجي گهرواريءَ جي سٻاجهي طبيعت ۽ نرم سڀاءَ جي ڪٿا ٻُڌي. انهن ٻنهي آزمائش جي گهڙين مان ڪهڙي غنيمت آهي، ان جو فيصلو ڪنهن تاريخدان کي ڪرڻو آهي. اهو توهان جي ۽ منهنجي مٿي جو سور نه آهي. مان دوستن جي مهرباني ۽ سفارش سان اڄوڪي شام ۾ مهمانن کي بور ڪرڻ لاءِ خاص مهمان آهيان، ۽ ان ڪم لاءِ خاص طرح ڪراچيءَ کان سڏايو ويو آهيان. تنهن ڪري روايت موجب، مون کي بدقسمتيءَ سان تقرير ڪرڻي آهي، ۽ توهان کي دل پڪي ڪري، بدقسمتيءَ سان، پر صبر سان، منهنجي تقرير ٻڌڻي آهي. مون کي توهان سان ۽ پاڻ سان همدردي آهي.
مان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، قسم ٿو کڻان، ته هيءَ تقرير منهنجي پنهنجي لکيل آهي، ۽ ڪنهن پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کان لکايل ناهي، جيئن اڄ ڪلهه جو دستور آهي. ائين برابر آهي، ته مان ڪنگلو آهيان، ۽ هڪ پرائيويٽ سيڪريٽري رکڻ مون لاءِ ائين نا ممڪن آهي جيئن ڪنهن عمارت جي بنياد جو پٿر رکڻ. اهي ٻئي ڪم وڏا ماڻهو ڪندا آهن. پر منهنجي گهر واري نه فقط گهر واري آهي، پر منهنجي پرائيويٽ سيڪريٽري به آهي. ڪنهن ڪنهن وقت سيڪريٽ ايجنٽ جو ڏيک به ڏيندي آهي. مثال طور، جڏهن ٻڌايو مانس ته حيدرآباد پيو وڃان، پاڪستان ڪائونسل جي ڊائريڪٽر حميد آخوند، جيڪو منهنجو گهاٽو سنگتي به آهي، تنهن سڏايو آهي، تڏهن چيو هئائين، ”ٻيا ماڻهو کٽا، جو پڳ تنهنجي مٿي تي ٿا رکن! چَئُه ته سنگتين سان سٽل ٺاهي پنهنجي ڪنهن پراڻيءَ ڇوريءَ سان ملڻ ٿو وڃين. حيدرآباد ۾ جيڪي ڪم ڪيا هيئه انهن جي مون کي سڌ آهي.“ ان مثال مان توهين چڱيءَ ريت اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مان پنهنجي گهر واري کان هڪ مغز ڦاڙ تقرير لکائي اچان ها، ۽ ڪائونسل جي بلڊنگ کي بيزار ڪريان ها، پر مون ائين نه ڪيو آهي. مون کي خبر آهي ته دنيا ۾ فقط مان هڪ شخص آهيان جيڪو پنهنجي گهر واريءَ جي تقرير ٻڌي سگهندو آهيان. ٻيا سندس تقرير ٻڌي ملڪ ڇڏي ويندا. مان کيس ڇڏي نه ٿو سگهان. تنهن ڪري منهنجا دوستو، هيءَ تقرير مون لکي آهي. مان هن تقرير جي هڪ هڪ لفظ، ۽ هڪ هڪ جملي جي معنيٰ ۽ مفهوم کان واقف آهيان، ۽ ان لاءِ پوريءَ ريت جوابدار آهيان، ۽ ذميوار آهيان. تنهن ڪري، اڄ تقرير ڪرڻ کان پوءِ، سڀاڻي تقرير تان گهمري کائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي اخباري بيان ڪڍڻ جو ارادو نه ٿو رکان.
هڪڙي ڏينهن تقرير ڪري، ٻئي ڏينهن تقرير جي مفهوم سمجهائڻ يا ماڳهين تقرير تان ڦري وڃڻ اُنهن صاحبن ۽ خاص مهمانن جو معجزو آهي، جيڪي صبح جو ڪنهن يتيم خاني جي بنياد جو پٿر رکندا آهن، منجهند جو گهوڙن جي ريس جو افتتاح ڪندا آهن، شام جو پريس ڪانفرنس ڪندا آهن ۽ رات جو ڪنهن مشاعري جي صدارت ڪندا آهن. اهڙن صاحبن جون تقريرون سندن پرائيويٽ سيڪريٽري لکندا آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو يتيمن کي گهوڙن واري تقرير، گهوڙن کي يتيمن واري تقرير ۽ صحافين کي شاعري ۽ شاعرن کي پريس جي آزاديءَ تي تقرير ٻڌڻي پوندي آهي. مان سمجهان ٿو، ڪنهن صاحب ڪنهن يتيم خاني ۾ ڀل وچان گهوڙن تي لکيل تقرير پڙهندي اهو ضرور چيو هوندو ته، گهوڙو دنيا جو سڀ کان نيڪ ۽ افضل جانور آهي. گهوڙو احترام جوڳو جانور آهي. رسول اڪرم جن جنهن بُراق نالي جانور تي چڙهي معراج تي ويا هئا، چون ٿا ته ان جانور جو جسم گهوڙي جهڙو هو. سنڌ جي گهوڙن جو نسل گهڻو ڪري عربي آهي. راجا ڏاهر جي شڪست کان پوءِ سنڌ جا سمورا گهوڙا صدق دل سان مسلمان ٿيا، ۽ اُنهن نوجوان فاتح محمد بن قاسم جي هٿ تي بيعت ڪئي،‘ اهڙي غلطي فقط مشغول صاحب ڪندا آهن، جيڪي هر وقت Busy هوندا آهن. مان واندو آهيان ۽ قسمت سانگي هتي آيو آهيان. مون جهڙا ماڻهو ڪنهن ستاري جي گردش سبب خاص مهمان ٿي پوندا آهن.
اڄوڪي دور ۾ گهڻو ڪري ٽن قسمن جا ماڻهو محفلن، ميٽنگن، ميلن، نمائشن ۽ مشاعرن جا خاص مهمان ٿي سگهندا آهن.
پهريان اُهي شخص خاص مهمان ٿيندا آهن، جيڪي محفل يا مشاعري جو انتظام ڪرائيندڙ جماعت کي چندو ڏيندا آهن. اهڙا شخص گهڻو ڪري ڪنهن سئنيما يا ڪارخاني جا مالڪ هوندا آهن. هو چندو وغيره ڏيئي، اخبارن ۾ فوٽا ڇپارائي ايندڙ چونڊن لاءِ ميدان تيار ڪندا آهن. ٻيا اُهي شخص خاص مهمان ٿيندا آهن جيڪي ڪامورڪي ڌنڌي ۾ هوندا آهن ۽ سرڪاري گرانٽن تي نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي ويٺا هوندا آهن. هو گرانٽ جي جنتر سان صدارتي ڪرسيون والاريندا آهن. هو ڀل ته ڳاڙهي سائي رنگ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهن، پر پينٽنگن ۽ مصوريءَ جي نمائش جو افتتاح ضرور ڪندا. ٽيان اُهي شخص ”مهمان خصوصي“ ٿيندا آهن، جيڪي في سبيل الله عوام جي ڏکن سورن، فلاح ۽ بهبوديءَ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻندا آهن. هو پاڻ کي ليڊر سمجهندا آهن، ۽ هر وقت ۽ هر دم عوام جي تڪليفن کي ياد ڪري صحتمند ۽ جانٺا ٿيندا ويندا آهن. اهڙا ليڊر ڊنر کائڻ کان پوءِ پيٽ بکين جي باري ۾ ڪانفرنس ڪندا آهن، ۽ ايئرڪنڊيشن آفيسن ۽ ڊرائينگ رومن ۾ ٽنگ ٽنگ تي رکي پگهر وهائيندڙ پورهيت جي مسئلي تي ڏاڍي آرام سان ڳالهائيندا آهن.
اڄوڪي دور ۾ استاد يا عالم، ڊاڪٽر يا پروفيسر، شاعر يا اديب کي محفلن، ميٽنگن ۽ مشاعرن وغيره جي صدارت لاءَ ڇسو ۽ بيڪار سمجهيو ويندو آهي. پر مون کي اڄوڪي شام لاءِ هتي ڏسي حيران نه ٿيو، منهنجا دوستو! مان نه اُستاد آهيان نه عالم (اُستاد جي ٻي معنيٰ به آهي، جيڪا سمجهو ڪي سمجهن) مان نه پروفيسر آهيان، نه شاعر، ۽ نه اديب، نه ڪامورو آهيان، نه ڪنهن سئنيما يا ڪارخاني جو مالڪ آهيان؛ پر تنهن هوندي به هتي موجود آهيان. مان دوستن جي مهربانيءَ، ۽ سفارشن سبب اڄوڪي شام جو خاص مهمان ٿي سگهيو آهيان، هڪ اديب جي حيثيت ۾ هرگز نه.
مون پاڻ کي اڄ تائين اديب تسليم نه ڪيو آهي، ڇو جو منهنجا افعال اديبن جهڙا ناهن. دوستن جو خيال آهي ته مان پنهنجي ڏيک ويک مان ليکڪ گهٽ ۽ دادگير وڌيڪ نظر ايندو آهيان. منهنجي هڪ سنگتيءَ کي لفظ ابتا ڪري پڙهڻ جو مرض آهي. هو لفظ وزير کي اُبتو ڪري پڙهندو ۽ چوندو آهي ـــ ريزو. روس کي ابتي پاسي کان پڙهندو، چوندو ـــ سور. هو لفظ اديب کي اُبتو ڪري، يعني کاٻي پاسي کان پڙهندو آهي ۽ اُچاريندو آهي ـــ بيدا. هن يار لفظ اديب کي ايترا دفعا ته اُبتو ڪيو آهي، جو هينئر اديب ۽ بيدن ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي. تنهن ڪري منهنجا دوستو، سڄڻو، مان اديب هئڻ جي غلطي فهميءَ ۾ مبتلا نه آهيان.
مان افسانا لکندو آهيان. افسانن کي دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ ڀل ته ڪهڙي به کڻي اهميت حاصل هجي، پر سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ افساني کي ادب کان آئوٽ، بلڪ گيٽ آئوٽ، يعني خارج سمجهيو ويندو آهي. مان تنهنڪري، افسانن جي آڌار تي ادب جي مقدس زمين تي پير پائي نه سگهيو آهيان، ۽ ڪڏهن به پائي نه سگهندس. جيڪي قلم جا ڌڻي تخليقي ادب (افسانو، ناول ۽ ڊرامو) کان منڪر آهن، سي افساني کي ادب ۾ غنڊه گردي سمجهندا آهن. هو ڪهاڻيڪارن کي اهڙي نگاهه سان ڏسندا آهن، جهڙي نگاهه سان ميسڻا ۽ گيدي ماڻهو سرڪش جوڌن کي ڏسندا آهن. هو نه ساڻن ڦٽائيندا آهن، ۽ نه وڌيڪ ڪا راهه رسم رکندا آهن. اهو اسان جي ادب جو الميه آهي.
هڪ نوڪريءَ دوران مان ۽ هڪ سانوري سلوڻي ٽائيپسٽ ڇوڪري ساڳئي ڪمري ۾ ويهندا هئاسين. آفيس جي وڏي صاحب کي جڏهن خبر پيئي ته مان افسانا لکندو آهيان، تڏهن هن هڪدم ٽائيپسٽ ڇوڪريءَ کي اُن ڪمري مان اُٿاري ٻئي ڪمري ۾ ويهاريو ۽ اُتان هڪ ٻڪر جهڙو ملان آڻي منهنجي سامهون ويهاري ڇڏيو. اها ٽائيپسٽ ڇوڪري واندي وقت ۾ مون کي انگريزيءَ جا جملا ٽائيپ ڪري ڏيکاريندي هئي ۽ پوءِ ڦاڙي ڇڏيندي هئي ـــ مثال طور:
“Some people belong to each other for ever”.
“Is it possible that you can express your profound love to someone without ever telling him that you love him”?
“Someone comes along from somewhere and occupies a permanent place in our memory”.
“Only death could separate us”.
هڪ دفعي ان سانوريءَ ٽائيپسٽ چيو هو، ”فقط موت اسان کي ڇني ڌار ڪري سگهي ٿو.“
پر پوءِ جڏهن صاحب بهادر کيس ٻئي ڪمري ۾ ويهاري ڇڏيو، تڏهن هن مون سان ملڻ ڇڏي ڏنو. ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. هڪ ڏينهن پڇيو هومانس، ”مون سان ڳالهائين ڇو نٿي؟“
تمام هراسيل نموني وراڻيو هئائين، ”تون افسانا ٿو لکين. مون کي بدنام ڪندين، مون کي تو کان ڊپ ٿو ٿئي.“
ان ٽائيپسٽ جو نالو زهره هو. هن مون کي زهر ڏنو، مون کي ڪجهه عرصو ڏک ٿيو.
پر پوءِ منهنجو ڏک حيرت ۾ بدلجي ويو. اوڙي پاڙي جي گهرن ۽ اسان جي مائٽن مٽن پنهنجين جوان ڇوڪرين تي اسان جي گهر اچڻ لاءِ بندش وجهي ڇڏي. امان سمجهيو ته ڇورو ڇتو ٿيو آهي، خوار خراب ٿيو آهي جو نياڻين نينگرين اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، سو اٿڻ شرط منهنجي شاديءَ جي چڪر ۾ پئجي ويئي، ان اميد تي ته جوڻس اچي ٺيڪ ڪندي. امان وڏي جفاڪشي کان پوءِ سندس چوڻ موجب، هڪ وَسَ جهڙي، ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي ڇوڪري منهنجي لاءِ پسند ڪئي ۽ کانئن منهنجي لاءِ سڱ وٺڻ ويئي. چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي ڇوڪريءَ جي مائٽن امان کي اهو چئي ٺپ جواب ڏنو ته، ”اسين پنهنجي ڇوڪريءَ جي شادي ڪنهن خچر سان هرگز نه ڪرائينداسين، مائي. اسان کي سڀ خبر آهي. تنهنجو پٽ افسانا لکندو آهي.“
امان کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو ان ڳالهه جو. اتان موٽي آئي، ۽ چيو هئائين، ”موئا ماريا، افسانا لکڻ بند ڪر ته ڪٿان ڪا ٻانهن مليئي.“
مون امان کي جواب ڏنو هو. چيو هوم، ”مان، منهنجو وجود، منهنجا افسانا سنڌ ديس جي ڌرتيءَ لاءِ آهن. تون چنڊ جهڙي ڇوڪريءَ جي ڳالهه ٿي ڪرين، مان سنڌ ديس جي ڌرتيءَ لاءِ سڄي دنيا کان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. مان سنڌ لاءِ جوڳي ٿي جوڳ وٺندس.“
امڙ جي هنياءَ ۾ هٿ پيو هو. چيو هئائين، ”حالتون ٺيڪ ناهن. شادي وڃي ٻن پوي. تون ڪجهه عرصي لاءِ لکڻ ڇڏي ڏي. حالتون ٺيڪ ناهن.“
”اهو ڇو نٿي چوين ته جيئڻ ڇڏي ڏيان.“ مون وراڻيو هو، ”جيڪي ڌرتي ماءُ جا لال آهن، تن لاءِ حالتون تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ٺيڪ نه هونديون آهن. مان سنڌ جي نئين ٽهيءَ مان آهيان، نئين ٽهيءَ لاءِ آهيان. سنڌ جي سرويچن جي ايندڙ ٽهي اسان جي رت ڦڙن مان نسرندي، ۽ اُسرندي. سنڌ اسان لاءِ مڪو آهي، مدينو آهي، سنڌ اسان لاءِ ڪاشي آهي، مَٿَرا آهي. سنڌ اسان لاءِ پيڪنگ آهي، ماسڪو آهي، واشنگٽن آهي. اسين ان اقرار جا انڪاري ناهيون. اسين ڏوهي آهيون، جيڪڏهن ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ ڏوهه آهي.“
اهو جواب ورهيه ٿيا جو مون پنهنجي ماءُ کي ڏنو هو.
اڄ مان سنڌ جي تاريخ ساز نسل آڏو بيٺو آهيان. اڄ مان سنڌ جي هوشن، هيمن ۽ دودن آڏو بيٺو آهيان.
اڄ منهنجي ماءُ جيئري ناهي، پر اسان جي سنڌ جيئري آهي، ۽ قيامت تائين جيئري رهندي. ان عرصي ۾ اهو ڄاڻندي به ته ڌرتيءَ جا گهوٽ اڻموٽ مٽيءَ سان لائون لهندا آهن، ۽ عورت سندن زندگيءَ ۾ ٻئي درجي جي ثانوي حيثيت رکندي آهي. مون اتفاق سان شادي ڪئي، ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيم ـــ پر منهنجي وجود جو هڪ هڪ ٽُڪر سنڌ جي مٽيءَ ۾ ڀڀوت آهي.
عام طرح سمجهيو ۽ چيو ويندو آهي ته امر جليل جنگجو قسم جا، ۽ باغي نموني جا افسانا لکندو آهي. مان سڄڻن جي خيال آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو ۽ سندن راءِ تي رايو نه ٿو ڏيان. هتي مان فقط ايترو چوندس ته امر جليل جي ڪاري، ڪوجهي ۽ ڪارونجهر جهڙي ظاهر پٺيان هڪ بيچين روح به لڪل آهي، جنهن کي ازل کان هڪ بيغرض ۽ سنڌوءَ جهڙي سرڪش محبت جي جستجو رهي آهي. امر جليل جي دل رت ۽ الفت جو سنگرام آهي. امر جليل هڪ شخصيت جو نالو ناهي. امر جليل مختلف ٽُڪرن جو نالو آهي. اُهي ٽڪر هڪٻئي کان ڌار، خودسر ۽ خودمختيار آهن. انهن ٽڪرن مان هڪڙو سرڪش آهي، باغي آهي. ٻيو خود ڪوي آهي ۽ اياز جو عاشق آهي. ٽيون پيار جو پوڄاري آهي. چوٿون جوڳي جوڳ سندو آهي. پنجون سر سان ڪفن ٻڌي گهوٽ اڻموٽ جهڙن مستن جي قطار ۾ بيٺو آهي. انهن ٽُڪرن جي طبيعت هڪ ٻئي کان ڌار آهي. پر اهي سمورا ٽُڪر هڪ زنجير جي ڪڙين ۾ جڪڙيل آهن، جنهن زنجير جو ٻيو پاسو سنڌ جي تحت السرا ۾ ڦاٿل آهي.
وطن پرستي ۽ محبت تي مون هڪ ڪهاڻي ”جڏهن مان نه هوندس“ لکي آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ مرڪزي ڪردار ۽ هڪ ٻئي ڪردار يوسف جي وچ ۾ گفتگو جي دوران يوسف مرڪزي ڪردار کان پڇي ٿو ته، ”وطن پرست بنيادي طرح رومئنٽڪ ڇو چوندا آهن“؟ مرڪزي ڪردار جواب ڏئيس ٿو، ”ڇو جو عورت ۽ ڌرتيءَ ۾ بنيادي مشابهت آهي. ٻئي پنهنجن سرويچن جي رت جي سيندور سينڌ ۾ وجهي، قيامت تائين سندن ياد تازي رکنديون آهن.“
منهنجا دوستو، جڏهن منهنجي روح جي چاهت بيچين ٿي ڪنهن کي ڳولڻ لڳندي آهي، جڏهن دل ڪنهن پاڇولي جي پيار لاءِ ڦٿڪي اُٿندي آهي، ۽ جڏهن گذريل گهڙين جي ڪا ياد لاشعور ۾ ٻٻر جي ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳندي آهي، تڏهن مان ان عذاب مان اُٿل کائي ڪا اهڙي ڪهاڻي لکي ويهندو آهيان، جيڪا ڪڏهن ”هڪ دل جي اڪيلائي“ ٿي شايع ٿيندي آهي. ڪڏهن ”دل جي دنيا“، ڪڏهن، ”برف جو تاج محل“، ڪڏهن، ”پٿر ۽ پيار“ ۽ ڪڏهن، ”هڪ ياد جو ماتم“، ٿي منهنجي وجود مان چيرجي ڪپجي ٻاهر ايندي آهي، ۽ مان اُن ڪهاڻيءَ جو تاثر پنهنجي روح ۾ ماضيءَ جي ڪنهن ياد وانگر دفن ڪري ڇڏيندو آهيان.
يادگيريون ذهن جي مقبرن ۾ قيد ٿي، ٻوساٽجي مري وينديون آهن. پر مان اُنهن مقبرن کي نابود ڪري، پنهنجي غم جا تابوت کڻي، ڪنهن ياد جو ماتم ڪندو آهيان . ■
1972