ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي
اوهين هن وقت جيڪي پڙهي رهيا آهيو، يا منهنجي واتان ٻڌي رهيا آهيو. سا، ”ڪي نوٽ ايڊريس key note address ناهي. اڄوڪي سيمينار جو انتظام هلائڻ وارن کان معافيءَ جو طلبگار آهيان. اهو ئي بنيادي فرق ٿيندو آهي هڪ تخليقڪار ۽ هڪ اسڪالر يعني هڪ عالم جي رويي ۾. عالم ۽ اسڪالر ”ڪي نوٽ ايڊريس“ زباني، ڪلامي ۽ تحريري طور بيان ڪري سگهندا آهن. اسان جهڙا جڙتو ڪهاڻيون گهڙيندڙ موت جي گولي ۾ موٽر سائيڪل هلائي وڃي پار پوندا آهن. ۽ رات جي ماني شينهن جي کل پاتل گدڙ سان کائي، سرڪس جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي سيليوٽ هڻي هليا ويا ويندا آهن. اوهان پاڻ سياڻا آهيو. منهنجي ڳالهه سولائيءَ سان سمجهي سگهيا هوندا. مان پڄاڻيءَ بابت شعوري طرح نه سوچيندو آهيان. پڄاڻي انسان جي وس ۾ نه هوندي آهي. فقط شروعات انسان جي وس ۾ هوندي آهي. سفر جو سانگو ڪري، اسين ڄاتل اڻڄاتل راهن ۾نڪري پوندا آهيون. ڌڪا ٿاٻا کائيندا آهيون جهرن جهنگن ۾ منجهي مرندا آهيون. جبلن ٽڪرن ۾ واٽ وڃائي ويهندا آهيون. ۽ آخرڪار گدڙن جو کاڄ ٿي ويندا آهيون. اهو ضروري ناهي ته هر ڪو مسافر سوچيل سمجهيل پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان اڳ گدڙن جو کاڄ ٿي وڃي. ڪجهه مسافر سوچيل سمجهيل پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان پوءِ گدڙ کي ڪهي، سجي پچائي کائي ڇڏيندا آهن.
موليٰ جيئن ماڻهوءَ کي مختلف شڪليون، نڪ نقشا، منهن مهانڊا ۽ رنگ ڍنگ ڏنو آهي، تيئن ماڻهوءَ کي لکڻ پڙهڻ جو الڳ الڳ ڏانءُ ڏنو آهي. ڪهاڻي فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ جي رٿيل فارمولائن مطابق نه لکبي آهي. پر، اوهان کي اهڙا انيڪ ليکڪ ملي ويندا جيڪي لکڻ کان اڳ ڪهاڻيءَ جو خاڪو ٺاهي سامهون رکندا آهن ۽ پوءِ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪندا آهن. خاڪي ۾ ڪهاڻيءَ جو منڍ، جسم يعني باڊي، ڪلائيميڪس ۽ پڄاڻيءَ بابت نوٽ ورتل هوندا آهن. ڪيترائي ليکڪ ڪلائيميڪس ۽ پڄاڻيءَ کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. لکڻ لاءِ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ هر ليکڪ کي پنهنجو ڏانءُ، پنهنجو انداز ۽ پنهنجو طريقو هوندو آهي.
مان لاڳيتو لفظ ڪهاڻي استعمال ڪري رهيو آهيان. ڪهاڻيءَ مان منهنجو مطلب افسانو، يا شارٽ اسٽوري ناهي. مون لفظ ڪهاڻيءَ کي وسيع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. ٽيليويزن، ريڊيو ۽ اسٽيج ڊرامي ۾ ڪهاڻي هوندي آهي. ناول ۾ ڪهاڻي هوندي آهي. اخبار يا رسالي لاءِ لکيل ڪنهن سياسي يا غير سياسي واقعي جي انويسٽيگيٽو رپورٽ ۾ ڪهاڻي هوندي آهي. ويندي جو اوهين پنهنجي گرل فرينڊ کي جيڪو خط لکندا آهيو، ان ۾ به ڪهاڻي هوندي آهي. هڪ انسان جي زندگي، جنم کان سندس موت تائين، مرڪزي ڪهاڻي هوندي آهي، جنهن مان حالتن پٽاندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون انيڪ ڪهاڻيون ڦٽي نڪرنديون آهن. ڪهاڻيءَ جي اهميت جو اندازو اوهين هن حقيقت مان لڳائي سگهو ٿا جو سمورن مذهبن جا ڪتاب ڪهاڻين تي مبني آهن. سڀني ڪتابن ۾ قصا آهن، ڪٿائون آهن. هر ملڪ جي انفرادي تاريخ کان وٺي انسان ذات جي مجموعي تاريخ تائين، هر تاريخ هڪ دور جي عروج ۽ زوال جو قصو آهي. ويندي جو سائنسي ايجادون به ڪهاڻيءَ وانگر دلچسپ، ڇرڪائيندڙ، تجسس پيدا ڪندڙ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ هونديون آهن.
آگاهه آهيان ته اڄوڪو سيمينار سنڌي ڪهاڻيءَ بابت آهي، پر مون پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو دائرو ويڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ان لاءِ مون وٽ سبب آهي. فزڪس، فزڪس هوندي آهي، فزڪس پاڪستاني، هندستاني، ايراني يا يوناني نه هوندي آهي، ڪيمسٽري، ڪيمسٽري هوندي آهي. ڪيمسٽري هندو، مسلمان، عيسائي، يهودي نه ٿيندي آهي. ساڳي طرح ڪهاڻي، ڪهاڻي هوندي آهي، سنڌي، هندي، اردو، انگريزي، روسي، فرانسيسي ۽ اهڙين انيڪ ٻولين ۾ لکڻ جي باوجود ڪهاڻيون بنيادي ماپن ۽ پيمانن ۾ هڪجهڙيون هونديون آهن. بس، رڳو ٻين ٻولين ۾ تحرير ڪيل ٻين ملڪن ۽ معاشرن جي پس منظر ۾ لکيل هونديون آهن. ڪلاشنڪوف ڪنهن سنڌيءَ جي هٿ ۾ اچڻ سان غليل نه ٿي پوندي آهي. سنڌيءَ ۾ لکڻ سان ڪهاڻي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين کان افضل يا ابتر نه ٿيندي آهي. ۽ اهو به ضروري ناهي ته انگريزيءَ ۾ لکيل هر ڪهاڻي سٺي هجي.
اسان سنڌين ۾ پاڻ پڏائڻ جو ڏاڍو پراڻو مرض آهي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ آيل انگريزن مان هڪ انگريز، شايد رچرڊ برٽن پنهنجين يادگيرين ۾ سنڌين جي پاڻ پڏائڻ واري خصلت جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”چار پنج سنڌي پاڻ ۾ گڏ ٿيندا، هٿ ۾ ڪٽ کاڌل ڳن ڀڳل ڪهاڙي هوندن ته پاڻ کي لشڪر سڏائيندا.“ لٻاڙ ۾ اسان جي انتها جو اندازو اوهين ان مان لڳائي سگهو ٿا جو اسين سينو ڦوڪي اڍائي ٽن ڪلاڪن وارين دٻي ۽ مياڻيءَ جي ويڙهه کي ٻن مهاڀاري جنگين سان ڀيٽيندا آهيون. پهرين عالمي جنگ ۽ ٻي عالمي جنگ.
ائين ممڪن ناهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ هيرو يعني نائڪ پيدا نه ٿيو هجي. ٿامس ڪارلائل جي جڳ مڃيل ٿيئري آهي ته هيرو هر دور ۾ پيدا ٿيندو آهي، پر ماحول ۾ ٺاپر، لاتعلقي ۽ لاپرواهي کيس اڀري اچڻ جو موقعو نه ڏينديون آهن. اهڙيءَ ريت نامناسب ماحول سبب هيرو اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل، اڻ ڳايل هتان هليو ويندو آهي. مان جڏهن سنڌين جي روين ۽ روايتن ۾ ليئو پائي ڏسان ٿو، تڏهن ٿامس ڪارلائل جي ٿيئريءَ کانسواءِ به ڪجهه ٻيا سبب مون کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا جن جي ڪري اسان سنڌ جي تاريخ ۾ آٿينٽڪ يعني مستند هيرو، سواءِ هڪ ٻن مثالن جي لهي نه سگهيا آهيون. عين ممڪن آهي ته هڪ ٻن مثالن وارن هيروز ڪي وڏا ڪارمانا ڪري ڏيکاريا هجن، يا قول ٻولن جي صورت ۾ اسان کي ڏيئي ويا هجن، جيئن هوشو شيديءَ جو مشهور جملي ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“، پر اهڙين ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿائن کان اڳتي تاريخ گونگي شاهد وانگر خاموش آهي. متجسس نسل پڇندا رهيا آهن ته اڙي بابا، ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“ کان علاوه به ته هوشوءَ ڪجهه ڳالهايو هوندو؟ ڪجهه چيو هوندو؟ يا ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“ سندس پهريون ۽ آخري جملي هو، ۽ ان کان پوءِ گذاري ويو هو؟ هوشوءَ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا، سنڌ جي نامياچار لاءِ هن ڇا ڇا ڪيو؟ اسان کي ان باري ۾ تفصيل سان ڪا خبر ڪونهي.
اڄوڪو سيشن تاريخي تحقيق يا تاريخ ۾ تحقيق متعلق ناهي. پر تاريخ، ٻين صنفن وانگر، يعني، سياست، جاگرافي، سائنس، نفسيات، اقتصاديات، تهذيب، تمدن وغيره وانگر ادب جي لپيٽ ۾ ايندي آهي. تنهن ڪري هڪ ٻن حوالن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ مون تاريخ جو ورق ورايو آهي. هوشو هڪ جملو ڳالهائي، ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“، تاريخ ۾ هڪ هيرو واري حيثيت ماڻي ويو آهي. پر ان کان پوءِ ايندڙ دورن کان وٺي موجوده دور تائين جن چيو، ”سنڌ ڏيسون، سر نه ڏيسون“، انهن کي تاريخ ۾ ولين، ڊوهي، ٺڳ ۽ روسياه سڏي نه سگهيا آهيون. پر اهو ڪم سنڌي ادب ۾ ڪيو ويو آهي. اها ڪا نئين روايت ناهي. دنيا جي هر ملڪ، هر ٻوليءَ ۾ سياسي پس منظر ۾ ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن ۽ لکجي رهيون آهن ۽ شايع ٿي رهيون آهن. اهڙي ادب کي دنيا ۾ ”لٽريچر آف ريزسٽنس“ يعني ”مزاحمتي ادب“ جي نالي سان ڄاتو، سڃاتو ۽ مڃيو ويندو آهي. اهڙي ادب کي سنڌ ۾ حقارت سان نعريباز ادب، يا ٺلهو نعريبازي سڏيو ويندو آهي. خشونت سنگهه جو سمورو ادب، خاص طرح سان سندس ناول ”اي ٽرين ٽو پاڪستان“، ڪرشن چندر جو ناول ”غدار“، منٽو جو افسانو ”ٽوباٽيڪ سنگهه“، آرٿر ڪوئيسلر جا ناول، خاص ڪري ”ڊراڪ نيس ائٽ نون“، سمورو روسي ادب گورڪي، ڊوستو وسڪيءَ کان وٺي اليگزينڊر سولزهنستن ۽ بورس پيسٽرناڪ تائين، انهن ۾ فرار ٿيل روسي اديب جرزي ڪاز نسڪي جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو، ۽ لکي ٿو، اچي وڃي ٿو، سنڌي ۾ جاءِ والارڻ لائق ناهن. مون کي اوچتو ڪاميو ۽ سارتر جو خيال آيو آهي، انهن کي ڪهڙي کاتي ۾ رکنداسين؟
هيرو کي سڃاڻڻ ۽ سندس اڀري، سامهون اچڻ واري ٿامس ڪارلائل جي ٿيئري سنڌ لاءِ ڪارگر ثابت نه ٿي سگهي آهي. سنڌ جون سياسي ۽ اقتصادي حالتون، خاص ڪري 1947ع کان وٺي، بد کان بدترين ٿي رهيون آهن. سياسي، معاشي ۽ اقتصادي افراتفريءَ ۾ اسان ڪنهن به هيرو کي اڀري، سامهون ايندي نه ڏٺو آهي، سواءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي، ڀٽو بدنصيب هو، جو نه سهو ۽ تنگ دل سنڌين جي معاشري ۾ پيدا ٿيو، تنهن ڪري ٿامس ڪارلائل جي ٿيئريءَ مطابق هيرو ورشپ واري حيثت ماڻي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو جيڪڏهن ڪنهن ساڃهه وند ملڪ ۽ معاشري ۾ جنم وٺي ها، ۽ حڪومت هٿان مارايو وڃي ها، ته اڄ ذوالفقار علي ڀٽو ان ملڪ جي ماڻهن لاءِ انقلاب جي علامت هجي ها، گهر گهر پوڄيو وڃي ها.
سنڌ ڏاڍي نڀاڳي آهي جو تاريخ جي هر دور ۾ ڌڪن مٿان ڌڪ، دوکن مٿان دوکا ۽ فريبن مٿان فريب کائڻ جي باوجود هوش ۾ نه آئي آهي. ڪٽ کاڌل ڪهاڙي کڻي اسين پاڻ کي لشڪر سڏائيندا آهيون. ذوالفقار علي ڀٽي جي مقابلي ۾ جنهن به شخص کي سنڌين هيرو سڏي سامهون آندو، کيس ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي مٿاهون ڪيو، سو زيرو ثابت ٿيو.
ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجو پاڻ، اوچتو ئي اوچتو هيرو ٿي اسان جي آڏو نه آيو هو. لا ابالي، من موجي نوجوان کان وٺي فيلڊ مارشل ايوب خان جي وزارت ۾ شامل ٿي، پنهنجي ذهانت سان آمر جا هٿ مضبوط ڪرڻ کان وٺي، اقوام متحده جي ايوانن کي پنهنجي يادگار تقرير سان لوڏي ڇڏڻ، تائين هو ملڪ جي جمهوري قوتن آڏو هڪ ڊڪٽيٽر جو ايلچي ٿي ايندو رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو وات ۾ چاندي ۽ سون جا چمچا کڻي پيدا ٿيو هو ۽ زمينداراڻي ۽ جاگيرداڻي ماحول جي عيش عشرتن ۾ پليو، نپيو ۽ وڏو ٿيو هو، پر هن جي وجود ۾ آگاهي ۽ ساڃاهه جي جوت جلي رهي هئي. آمريت جي تاريڪ راهن ۾ کيس اندر جي اجالي نئين واٽ تي وجهي ڇڏيو، کيس نئين سر زندگي شروع ڪرڻ ۽ منزل طرف وڌڻ جو اتساهه مليو. مان وري به ورجايان ٿو ته اڄوڪو سيشن تاريخ تي تحقيق جو ناهي پر ڇا ڪجي جو ادب پنهنجي ذات ۾ ڪائنات وانگر وشال آهي جنهن ۾ تاريخ کي نظر انداز ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي.
ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ لکيل يا ترتيب ڏنل ڪتاب ”اف آئي ايم اسيسنيٽينڊ“ ڪنهن به بيسٽ سيلر ناول يا ڪهاڻين جي ڪتاب کان گهٽ متاثر ڪندڙ ناهي. ڪتاب ۾ تخليقي ادب جهڙي ڇڪ آهي، ڪشش آهي، ڪتاب جي هڪ هڪ سٽ هڪ هڪ جملو دل ۾ گهر ڪري ويهي رهڻ جهڙو آهي. ستاويهه اٺاويهه سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪتاب جا نوان ايڊيشن پيا شايع ٿين. سبب ساڳيو آهي جنهن جو ذڪر مان منڍ ۾ ڪري آيو آهيان. ”اف آئي ايم اسيسينيٽيڊ“ ۾ ڪهاڻي آهي، ايليمينٽ آف اسٽوري، تجسس آهي، پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ مواد آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته پڙهندڙ ڪتاب جي پهرين صفحي کان لاشعوري طور تي ليکڪ جي سفر ۾ شامل ٿي، آخري صفحي تي وڃي دنگ ڪري ٿو.
ڪهاڻي کڻڻ يا ڪهاڻي ٻڌائڻ فن آهي، آرٽ آهي، ڏات آهي، اها ڏات ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان ملي نه سگهندي آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ انگريزيءَ، سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ايم اي ڪرڻ وارا ڪهاڻيون لکن ها، ناول لکن ها. وڏي تپسيا، چلا ڪڍڻ ۽ جهرجهنگ جهاڳڻ کان پوءِ گيان ڌيان جا در انهن لاءِ کلي پوندا آهن جن جي اندر ۾ ڏات جي چڻنگ اڳواٽ پئي ٽمڪندي آهي، اها ڳالهه مون ڪهاڻيون ۽ ناول لکڻ وارن لاءِ ڪئي آهي. ورنه، خالص ڪهاڻيءَ جو عنصر اوهان کي هر سٺي تحرير ۾ نظر ايندو آهي. يا کڻي ائين چوان ته هر سٺي تحرير ۾ ڪهاڻيءَ جو عنصر موجود هوندو آهي. سٺين صحافتي رپورٽن ۾ ڪهاڻيءَ جو انداز هوندو آهي. عدالتي ڪيسن بابت ”پي ايل ڊي“، ”پاڪستان لا ڊائجيسٽ“ ڪهاڻين جو ڪتاب لڳندو آهي، ڪي ايل گابا جو ڪتاب ”ناناوتي مرڊر ڪيس“ مڪمل ناول آهي، جيتوڻيڪ ڪتاب انڊين نيول آفيسر، سندس زال ۽ قتل جي واردات جو سچو پچو پيرائي ۾ ٻڌايل قصو آهي.
اوائلي دور جو انسان ڪنهن کان غارن ۾ رهڻ سکيو؟ ڪيئن مٿس چقمق جي ٻن پٿرن کي گهي باهه ٻارڻ جو راز کليو جنهن کي اڄوڪي دور ۾ اگنيشن سڏيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي آڌار تي انسان آسمانن تي راڪيٽ ۽ ميزائل چاڙهي ڇڏيا آهن؟ ڦيٿي جي ايجاد جنهن جي آڌار تي مڪينيڪي دنيا جو وهنوار هلي رهيو آهي؟ جيتوڻيڪ اهي سائنسي ڳالهيون آهن، پر ڪهاڻيءَ جي عنصر سان ڀرپور آهن. مولانا روم جي ”مثنويءَ“ جا ڇهه واليوم پڙهي ڏسو، هر واليوم ۾ اوهان کي پڙهڻ لاءِ انيڪ ڪهاڻيون ملنديون. شاهه لطيف جو سڄو سمورو رسالو لوڪ ڪهاڻين جي رازن رمزن ۽ آفاقي اسرارن جو منظوم ڪتاب آهي.
اوهين ڪنهن به موضوع تي لکيل ڪتاب جا ورق ورايو، ميٿميٽڪس کي ڇڏي، اوهان کي ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جو عنصر ملندو. جيڪڏهن ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جو عنصر موجود نه هوندو ته ڪتاب جي تحرير ٻسي، ڦڪي ۽ غير دلچسپ هوندي. اوهين رائيٽ ڀائرن بابت ڪتاب پڙهي ڏسو جن هوائي جهاز ۾ اڏامڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڏيکاريو هو. هنن کان اڳ انسان جي اڏامڻ وارين ڪوششن جا قصا پڙهي اوهين حيران ٿيندا جنهن ۾ اڏامڻ جا بيشمار جنوني جبلن جي چوٽين تان ڪري پرزا پرزا ٿي ويا. ان قسم جون انيڪ ڪهاڻيون پڙهي اوهين تپرس ۾ پئجي ويندا ۽ سوچيندا ته پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ ۽ خوابن جي تڪميل لاءِ انسان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، ويندي جو پنهنجي جان به ڏيئي سگهي ٿو. تمنا جي تڪميل لاءِ انسان سرحدون مقرر نه ڪندو آهي، ۽ نه ئي ٻين پاران بيهاريل سرحدن جي پرواهه ڪندو آهي. جنون جي انتها نه هجي ها ته پوءِ مجنون پيدا نه ٿين ها، ۽ انسان اڄ به غارن ۾ رهي ها.
ڪهاڻيءَ جو عنصر جيڪڏهن سائنس، ٽيڪنالاجي، اينٿرا پالاجي ۽ آرڪيالاجيءَ جهڙن مضمونن لاءِ لازمي آهي ته پوءِ ڪهاڻيءَ جو عنصر خود ڪهاڻيءَ يعني افساني، ناول ۽ ڊرامي لاءِ ڪيتري قدر نه اهم هوندو! مان اوهان کي نئين ڳالهه نه پيو ٻڌايان. اهي عالمي اصول آهن ۽ دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندڙ ڪهاڻين ۽ ناولن ۽ ڊرامن سان لاڳو آهن. سياست ٻولين ۾ ويڇا وجهي سگهندي آهي، پر مقرر ٿيل ٽيڪنيڪي اصولن سان هٿ چراند ڪري نه سگهندي آهي.
انگريزي ادب يورپ خاص ڪري انگريزي ۾ لکيو ويندو آهي ۽ آمريڪا ۾ به، انگريز پنهنجي ادب کي انگلش لٽريچر سڏيندا آهن. پر آمريڪي پنهنجي انگريزي ادب کي انگلش لٽريچر نه چوندا آهن، هو پنهنجي ادب کي سڏيندا آهن ايمريڪن لٽريچر. ٻنهي ملڪن جي انگريزي ادب ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. آمريڪي انگريزي ادب، آمريڪي تهذيب ۽ تمدن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. اهو فرق قدرتي آهي، نيچرل آهي. ڪنهن به ملڪ ۽ ملڪ جي ڪنهن به خطي ۾ تحرير ٿيندڙ ادب، ڪردارن کان علاوه خود ليکڪ جي روين، رجحانن، زندگيءَ ۽ موت ڏانهن لاڙن، طبيعت ۾ اٻهرائپ، ماٺاڻ، سختگيري ۽ پنهنجي فن سان مڪمل وابستگيءَ جا اولڙا ڏيکاريندو آهي.
سياسي اٿل پٿل، ڏڦير، تشدد ۽ ورهاڱا تهذيبن ۽ تمدن کي، ريتن ۽ رسمن کي، ٻوليءَ جي هيئت کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ان ڳالهه جو واضح مثال هندستان ۽ هندستان جو ورهاڱو آهي.
مان ڪوشش ڪندس ته هندستان جي ورهاڱي بابت ڳالهائيندي پاڻ کي ادب تائين محدود رکان. مان ورائي ورائي چئي چڪو آهيان، مڃي چڪو آهيان ته اڄوڪو سيشن ڪهاڻي متعلق آهي. ادب متعلق آهي. تاريخ يا سياست بابت ناهي. پر، ڇا ڪجي! ادب جو دائرو ايتريقدر ته وڏو ۽ وسيع آهي جو هر اهو عمل جيڪو انساني زندگيءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو، يا انساني زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿو، اهڙي عمل جو ادب جي دائري کان بچي وڃڻ يا ٻاهر رهڻ ممڪن ناهي. تنهن ڪري، مان ورهاڱي کان پوءِ هندستان ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي ۽ اردو ادب جو ذڪر ڪندي سياسي تاريخ جا ڪجهه حوالا ڏيندس.
هيڏي ساري هندستان جو بٽوارو، ورهاڱو مٺ ماڻهن جي چوڻ تي ڪيئن ٿيو، ۽ ڇو ٿيو؟ اهو نج تاريخي ۽ سياسي سوال آهي. اڄوڪي سيشن ان اهم سوال تي ڳالهائڻ لاءِ مناسب ناهي. تنهن ڪري اسين پاڻ کي هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان ٺهڻ تائين محدود رکنداسين. ان لاءِ سببن جي ڇنڊڇاڻ نه ڪنداسين.
هندستان جي ورهاڱي ۾ لکين مرد، عورتون ۽ ٻار مارجي ويا، برباد ٿي ويا. اڄ تائين دنيا جو ڪوبه ادارو ايڏي ساري قتل و غارتگريءَ جا مستند انگ اکر ظاهر ڪري نه سگهيو آهي سمورا انگ اکر انومانن، اندازن ۽ ڌُڪن تي ٻڌل آهن. ان سلسلي ۾ وڏو هاڃو پاڪستان ۾ تعليم کاتي ڪيو آهي. تعليم کاتي طرفان تيار ڪرايل تاريخ ۾ هر سطح تي ٻاراڻي درجي کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين ٻارن کي ذهن نشين ڪرايو ويو آهي ته پاڪستان ٺاهڻ لاءِ لکين مسلمانن جان جي قرباني ڏني هئي. اهو بنهه غلط ۽ سراسر ڪوڙ آهي. آل انڊيا مسلم ليگ جي دستاويزن ۾ ڪٿي به لکيل ڪونهي ته جيڪڏهن هزارين مسلمان جان جي قرباني نه ڏني ته پاڪستان ٺهي نه سگهندو. هندستان قديم تاريخ کان وٺي هندن ۽ هندو تهذيب وارن جو ملڪ هو. اسان مسلمانن کي هندستان ۾ آئي ڪي پنج ڇهه سئو سال ٿيا هئا جيتوڻيڪ ان کان وڌيڪ اٽڪل ست اٺ سئو سال مسلمانن اسپين تي حڪومت ڪئي هئي. اسپين ۾ مسلمانن جو جڏهن زوال آيو ته هنن سيپريٽ هوم لينڊ فار دي مسلمز آف اسپين جي گهر نه ڪئي هئي. پر، هندستان ۾ جڏهن مسلمانن جي حاڪميت جو زوال آيو تڏهن هنن سيپريٽ هوم لينڊ فار دي مسلمز آف انڊيا جو نعرو بلند ڪيو.
اوهين پاسي واري پلاٽ مان هڪ انچ زمين جو ڦٻائي، پنهنجي پلاٽ سان شامل ڪري، جاءِ ٺاهرائي ڏسو! زميندارن ۽ قبيلن وچ ۾ گراٺ جيتري زمين ٽڪر لاءِ ورهين جا ورهيه رتو ڇاڻ هلندي آهي. نسلن جا نسل گراٺ جيتري زمين لاءِ وڙهندا رهندا آهن. هڪٻئي کي ماريندا ۽ مرندا آهن. هندستان جو ورهاڱو معمولي ڳالهه نه هئي. هڪ هزارين سال پراڻي ملڪ جو چوٿون يا پنجوڻو حصو ڪٽي ڌار ڪيو ويو هو. فساد ته هر حال ۾ ٿيڻا هئا ۽ ٿيا. فساد ايڏا ته هيبتناڪ هئا جو فقط ٻه سال اڳ ختم ٿيل ٻي مهاڀاري جنگ جون تباهه ڪاريون ۽ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي اڇلايل ايٽم بمن جي قيامت دنيا کان وسري ويئي. انهن فسادن ۾ اڻڳڻت هندو، مسلمان ۽ سک مارجي ويا. هندو، مسلمان ۽ سک عورتون بي آبرو ٿيون، ٻارن کي ڳترا ڳترا ڪيو ويو. اهو بانور ڪرائڻ ته انهن فسادن ۾ فقط مسلمان مئا هئا، سراسر غلط آهي. پاڪستاني حاڪمن کي اهڙي قسم جي تاريخن کي سڌارڻو پوندو، ورنه پاڪستان جو هر هڪ نسل سينن ۾ نفرت کڻي ۽ دماغ ۾ حقارت ڀري کامندو رهندو. اهو پڻ الڳ موضوع آهي جنهنجو اڄوڪي سيشن سان ڪو واسطو ڪونهي. پر، هڪ لحاظ کان ان موضوع جو اڄوڪي سيشن سان سڌو سنئون واسطو آهي، جو ورهاڱي ۽ فسادن جي موضوع تي بيشمار ڪهاڻيون، ناول، ڊراما ۽ ٻيو ادب ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين، خاص طرح سان بنگالي، هندي، مرهٽي ۽ اردوءَ ۾ لکيو ويو آهي. هتان لڏي ويل اصلي سنڌين هندستان ۾ ورهاڱي جي موضوع تي دل کولي لکيو.
ورهاڱي هڪ ئي ٻوليءَ ۾ سرحد جي آرپار تحرير ٿيندڙ ادب ۾ سنڌا وجهي ڇڏيا. ان حوالي سان مان سرسري طور ٻن ٻولين جو ذڪر ڪندس. هڪ اردو ۽ ٻي سنڌي. ورهاڱي کان اڳ اردو سڄي هندستان جي ٻولي هئي. هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي هئي، البته ان ٻوليءَ کي اردوءَ بدران هندستاني سڏيو ويندو هو. اسين ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ هندستاني ڳالهائيندا هئاسين. بمبئي، ڪلڪتي ۽ لاهور ۾ هر سال سوين فلمون هنديءَ ۾ ٺهنديون هيون. سڄي هندستان ۾ هلنديون هيون، خلقڻ واري تنگدل ماڻهو خلقڻ ۾ ڪا ڪنجوسي نه ڪئي آهي. اردوءَ جي عالمن ۽ اڪابرن اردوءَ ۾ خالص فارسي ۽ عربي لفظ ۽ محاورا شامل ڪيا. ساڳيءَ ريت هندستانيءَ ۾ عالمن ۽ اڪابرن ٺيٺ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ وجهڻ شروع ڪيا، اڳ ڳالهائڻ مهل خبر پئجي نه سگهندي هئي ته ڳالهائڻ وارو اردوءَ ۾ پيو ڳالهائي يا هندستانيءَ ۾ پيو ڳالهائي. فقط لکڻ مهل هندستاني گهڻو ڪري هندي صورتخطيءَ ۾ ۽ اردو فارسي صورتخطيءَ ۾ لکي ويندي هئي.
سياست پليگ پکيڙي، مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا، ليڊرن جي روپ ۾ ٺڳن بيحد ڀاڳ ڀلايا. هيڏو سارو هندستان ڀاڱا ٿيو. ويڇا وڌيا. نفرتن جا ٻج پوکيا ويا. وڻ وڌي اونداهو جهنگ ٿي پيا. جهنگ ۾ ڪيني، ڪدورت ۽ حقارت جا نانگ، بلائون ۽ بگهڙ رت پيئڻ لاءِ آتا ٿي پيا. هندستان مان اردوءَ جا تڏا پٽجي ويا. هندستان کي وراهڻ واري تحريڪ اردوءَ ۾ هلائي هئائون، تنهن ڪري ورهاڱي کان پوءِ اردو هندستان ۾ مان مرتبو وڃائي ويٺي. اها ٻولي، جيڪا سڄي سموري هندستان جي ٻولي هئي، سا اتي ڏتڙيل مسلمانن جي ٻولي ٿي رهجي ويئي آهي. اڄوڪي هندستان ۾ لکيل ۽ پاڪستان ۾ لکيل اردو ڪهاڻيءَ جي ٻوليءَ ۾ ۽ لهجي ۾ اوهان کي واضح فرق محسوس ٿيندو، جيتوڻيڪ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ٻنهي ڪهاڻين ۾ ڪو فرق ڪونهي.
اصلوڪا سنڌي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي هندستان هليا ويا.هنن سان گڏ سنڌ جو سلڇڻو، سڌريل، پڙهيل، ڪڙهيل ۽ اروچ مڊل ڪلاس به هتان هليو ويو.جن جو سڌو سنئون تعلق ست هزار سال پراڻي موهن جي دڙي واري سڀيتا، تهذيب ۽ تمدن سان هو، سي هتان هليا ويا، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ کوليل لائبريريون ريڊنگ روم، ڌرم شالائون، خيراتي اسپتالون، موسيقيءَ جون منڊليون، راڳ رهاڻ جا مرڪز، اسڪول ۽ آشرم بند ٿي ويا، سکي، ستابي ۽ سڌريل سنڌ ويران ٿي ويئي. اجڙجي ويئي. موجوده سنڌ ڪنهن به حوالي سان اها سنڌ ناهي جيڪا سنڌ ورهاڱي کان اڳ هئي. 1947 کان پوءِ پيدا ٿيل نسل کي ڪيئن قائل ڪجي ته ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ کي ننڍڙو لنڊن ڇو چيو ويندو هو؟ ڇو شڪارپور جو شهر هندستان جي بي انتها سهڻن شهرن ۾ شمار ٿيندو هو؟
سنڌ مان لڏي ويندڙ اصلوڪن سنڌين کي پنهنجي نئين وطن هندستان ۾ پاڻ مڃرائڻ ۾ دير نه لڳي، هندستان جي هڪ سئو ڏهه ڪروڙ آباديءَ ۾ سندن تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهي. پر، هنن هندستان جي ٽريڊ، ڪامرس، انڊسٽري ۽ بزنس ۾ شانائتي ساک، مان ۽ مرتبو حاصل ڪري ورتو آهي. سندن انيڪ ڪارنامن ۾، هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مڃتا وڏو ڪارنامو آهي. هندستان ۾ ڪافي اهڙيون قومون رهن ٿيون جن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي، پر سندن ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي مڃتا مليل ناهي. هندستان ۾ سنڌين جو تعداد رڳو لکن ۾ آهي، اٽڪل چاليهارو لک کن آهن. پر هنن سنڌيءَ کي اهو ئي مرتبو ڏياريو آهي. جيڪو مرتبو مختلف اسٽيٽس ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولين کي مليل آهي. بنگالي، گجراتي، مرهٽي وغيره. سنڌيءَ ۾ اخبارون اٿن، رسالا اٿن، ڪتاب لکجن، ڪتاب ڇپجن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي پڙهن ۽ پڙهائن.
سٺ سال انساني تاريخ ۾ ڀل تر جيترا هجن، پر شخصي سطح تي سٺ سال ڊگهو عرصو آهي. انهن سٺ سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سنڌ ۾ لهجو بدلجي ويو آهي. ڪيترائي لفظ مذڪر مان مونث ۽ مونث مان مذڪر ٿي پيا آهن. ڪجهه فيشن طور ۽ ڪجهه مجبوريءَ سبب. ٻاهريان لفظ سنڌيءَ ۾ مروج ٿي ويا آهن. ٻولي، ڪنهن به تحرير جو جامو هوندي آهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جامي تي ٻين ٻولين، خاص طرح سان اردوءَ جا پيوند لڳي ويا آهن.
ساڳيءَ ريت هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جامي تي وڏي انگ ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ٻولين جهڙوڪ هنديءَ جا پيوند لڳي ويا آهن. سرحد جي ٻنهي پاسي سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن. پڙهجي رهيون آهن. پر، ٻنهي طرف تخليق ٿيندڙ ڪهاڻين تي پنهنجي ماحول ۽ معاشري جا ٻوليءَ جي روپ ۾ ايترا ته پيوند لڳي ويا آهن جو سرحد جي ٻنهي پاسي تخليق ٿيندڙ ڪهاڻي هڪٻئي لاءِ اجنبي ٿيندي پيئي وڃي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪو ترت تدارڪ نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي اهڙو وقت به ڏسڻو پوندو جو سرحد جي ٻنهي پاسي هڪٻئي جون تحريرون پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سنڌي، هندي ۽ اردو ڊڪشنريون کولي، سامهون رکڻيون پونديون. دوري يا وڌندڙ وڇوٽيءَ جو مسئلو ان لاءِ به گنڀير هو جو ٻنهي ملڪن جي ليکڪن کي لکڻ لاءِ هڪٻئي کان بنهه مختلف مواد ۽ موضوع ملي رهيا آهن. هڪ ملڪ ۾ جمهوريت آهي، قانون جو احترام آهي، ۽ عدالتن تي ماڻهن کي اعتبار آهي. ٻئي ملڪ ۾ نه جمهوريت آهي، نه آئين آهي، نالي ماتر قانون جو ٽڪي جيترو احترام ناهي ۽ عدالتن تان ماڻهن جو اعتبار کڄي ويو آهي. ماحول ۾ ان انتها جو فرق هئڻ سبب ٻنهي طرف عام ماڻهوءَ کي سامهون ايندڙ مونجهارا ۽ مسئلا به بنهه مختلف آهن.
ڏات ۽ ڏانءُ ليکڪ کي الاءِ ڪٿان ملندو آهي. پر لکڻ لاءِ ليکڪ مواد پنهنجي معاشري مان ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تان کڻندو آهي. ليکڪ ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما لکندي لکندي مري ويندا آهن. هنن جي جاءِ ٻيا ليکڪ اچي ولاريندا آهن. اهو سلسلو ازل کان هليو هو ۽ ابد تائين هلندو رهندو. ليکڪ کي لکڻ جو اتساهه ڏيڻ لاءِ ماحول مان ملندڙ مواد ۾ ڪا ڪمي نه آئي آهي. ڪنهن به قسم جي مادي يا روحاني ترقي انسان جي باطني ۽ ظاهريءَ جو وجود کي فنا ڪندڙ مسئلن جو حل ڏيئي نه سگهي آهي. هر طرح جي ترقيءَ جي باوجود انسان اڪيلو، توائي، مايوس يا جنوني ٿيندو ٿو وڃي. ڪهاڻي ان ڏينهن پيدا ٿي جنهن ڏينهن انسان پيدا ٿيو هو. ڪهاڻي ان ڏينهن پنهنجو پاڻ مري ويندي جنهن ڏينهن دنيا جو آخري ماڻهو مري ويندو. ڪهاڻي مرڻ واري اصطلاح ڪجهه سئو سالن کان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيڻ وارن نووارد سنڌين جي ايجاد آهي. ان قسم جو مايوس ڪندڙ اصطلاح مون ٻي ڪا ٻولي ڳالهائڻ وارن جي واتان ڪڏهن ڪو نه ٻڌو آهي. اهو مسئلو نووارد سنڌين جو آهي جن 1947ع کان پاڻ مڃائڻ بدران، پاڻ وڃائڻ واري خصلت ۾ پنهنجو ثاني نه ڇڏيو آهي. نووارد سنڌين جا پنهنجا انيڪ قبائلي مسئلا آهن، جن هنن کي اڄ تائين هڪ ٿيڻ نه ڏنو آهي. جهيڙن جهٽن کان علاوه هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ نووارد سنڌين جي مخصوص سڃاڻپ ٿي پيئي آهي.
جيستائين هڪ به سنڌي جيئرو آهي، پوءِ ڀل ته کڻي هو اصلوڪو سنڌي هجي يا نووارد سنڌي هجي، سنڌي ڪهاڻي جيئري رهندي، ڇو جو ڪهاڻي ڪميونيڪيشن آهي ۽ ڪميونيڪيشن هر انسان جي ضرورت آهي. ڪهاڻي هنر آهي ۽ هنر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهندو آهي. مووي ڪيميرائن اچڻ سان اسٽل ڪيميرائون ٺهڻ بند نه ٿيون آهن. ٽيليويزن جي اچڻ جو فلم انڊسٽريءَ تي تر جيترو به اثر نه ٿيو آهي. اٽلندو، آمريڪا، هندستان، جاپان ۽ چين ۾ فلمن ٺهڻ جو تعداد وڌي ويو آهي.
آئنسٽائن جي مرڻ کان پوءِ سائنسي ايجادن کي ٻنجو نه آيو آهي. سقراط جي مرڻ کان پوءِ به فلسفو نه مئو آهي. مائيڪل اينجيلو جي مرڻ کان پوءِ حقيقي آرٽ ۽ مجسمه سازيءَ جو فن فنا نه ٿيو آهي. پڪاسو جي مرڻ کان پوءِ تجريدي آرٽ ختم نه ٿيو آهي. هيمنگوي جي مرڻ سان آمريڪي ڪهاڻيءَ جو خاتمو نه ٿيو آهي. ڪرشن چندر جي مرڻ کان پوءِ اردو ڪهاڻيءَ جو انت نه آيو آهي. خليل جبران جي مرڻ کان پوءِ صوفياڻي پيرائي ۾ ڳالهه ٻڌائڻ جو هنر موڪلائي نه ويو آهي. اڄ تائين ڪو اهڙو انسان دنيا ۾ نه آيو آهي، جنهن جي اسهڻ سان هن وايو منڊل جو، ڪائنات جو ڪاروبار هڪ گهڙيءَ لاءِ بيهي رهيو هجي.
اسين مري وينداسين، سنڌي ڪهاڻي نه مرندي. ■
2008