ادبي روح رهاڻ
بارنس اسٽريٽ
ڪراچي ـــ 3
برادرم وفائي!
پر خلوص عقيدتن سان
اڄ مان عرض ڪرڻ آيو آهيان ته، اسان هر لحاظ کان ترقي ڪري رهيا آهيون. اسان جي ادب، تمدن ۽ ثقافت، ريتن ۽ رسمن سڀني ترقي ڪئي آهي. نه فقط ايترو بلڪه اسان لٽي ڪپڙي، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ پڻ نوان نوان تجربا ڪري رهيا آهيون.
مون کي پنهنجي گذريل ٻن خطن جي باري ۾ ڪجهه به نه لکڻو آهي ۽ نه ئي هن خط کي انهن ٻن خطن جو رد عمل سمجهان ٿو. اهي خط مون شايد انتقامي جذبي ۾ ڦٿڪندي ۽ لڇندي لکيا هئا. پر هي خط، سچ ٿو چوان برادرم وفائي، ته برف جو پاڻي پي لکي رهيو آهيان. پڪ اٿم ته ادبي ابن ۽ ٺيڪيدارن کي بڇان نه لڳندي ۽ هو ڪڏهن به منهنجي خط جي تپش ۽ سيڪ محسوس ڪري نه سگهندا. پر جيڪڏهن گهڻي ڪوشش جي باوجود، سندن دليون منهنجي خط جي گرميءَ ۾ ٻوساٽجڻ ۽ رجڻ لڳن، ته عرض ڪندس ته کين به برف جو پاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي.
مٿين جملن کي گستاخي يا بي حرمتي تصور نه ڪيو وڃي. ڇو جو مون جهڙو مسڪين ۽ بي پهچ ڪيئن ٿو اهڙي جرئت ڪري سگهي! هن خط ۾ ته مون فقط ان ترقيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن تي ادبي ابن کي ناز ۽ ٺيڪيدارن کي فخر آهي. آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ڪڏهن ڪو چڙبو آهي! ته پوءِ ڪو سبب ڪونهي جي ناخدا ناراض ٿين. سچ پچ ته اسان کي فخر آهي پنهنجي ادبي ابن ۽ ٺيڪيدارن تي، جن جا سنڌي ادب تي هزارين نه لکين بلڪه ڪروڙين احسان آهن. ويچارن کي ڪيترو نه سنڌي ادب جو خيال آهي! اڄ سنڌي ادب جي سقيم حالت ڏسي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان چوٽيءَ جا اديب (جن کي مٿي تي چوٽي ڪونهي) ۽ اهل قلم (جن کي مان نااهل نه ٿو لکڻ چاهيان) بيچين ٿي اٿيا آهن. سنڌي ادب کي بنگالي ۽ اردو ادب سان ڪلهو هڻائڻ ۾ سندن ڪوششون مبارڪ جوڳيون آهن ۽ اسان نوجوان ته اجايو ادبي ابابيلن کي بدنام ڪري رهيا آهيون. اسان کي ائين ڪرڻ نه گهرجي.
خوامخواهه بهڪي رهيو آهيان. حاضر ٿيو آهيان ترقيءَ جو بيان کڻي ۽ لکي رهيو آهيان توهين ۽ تعريف جي تفاوت تي. اها به اسان سنڌين جي خاص خوبي آهي ته جلد بهڪي ويندا آهيون. ڳالهه هوندي نڪ جي ته حوالو ڏينداسين ڪن جو. ان موضوع تي هڪ قصو ٿو ياد اچيم. هڪ دفعو سنڌي ادب جي نڪ تي ڀري محفل ۾ خوب آڪڙجي ڳالهائي رهيو هيم، ”ڳالهيون ڪندي نڪ جو عقل ويو ڦري.“ تڪڙ ۾ چئي ويٺس ته سنڌي ادب کي هڪ نڪ، هڪ اک ۽ ٽي ڪن آهن. اها اٿو منهنجي لاپرواهيءَ جي انتها ـــ ڇو جو مان سنڌي آهيان.
وري اصل موضوع کان هٽي رهيو آهيان. ها، ته برادرم وفائي، مان عرض ڪري رهيو هوس ته اسان ترقي ڪري رهيا آهيون. ڪيئن؟ ته جواب حاضر آهي. اسان پنهنجن گهرن مان بابا، امان، ادا ۽ اديءَ کي ڌڪاري ڊئدي، ممي، ڀائيجان ۽ آپا کي آڻي رهيا آهيون. ان تحريڪ تي ڪيترن ادبي ابن جي خاندانن ۾ زور شور ۽ نهايت جوش و خروش سان عمل ٿي رهيو آهي. سچ به ته آهي. ترقيءَ جي تحريڪ ۾ ادبي ابن کي اڳيان رهڻ گهرجي! ڇو خوامخواهه ابن ڏاڏن جي ايجاد ڪيل اصولن کي چنبڙيا پيا هجون. ابا ڏاڏا به ڪهڙا. جي هر هلائيندا هئا، جن جي تن من ۾ سادگي هئي، غيرت ۽ عزت جن جا زيور هئا، جن اخلاق کي ٻين خوبين تي ترجيح ڏني هئي ۽ جن جا در هميشه مهمانن لاءِ کليل رهندا هئا! اهي اصول آهن ته اسان جو ورثو، پر ماڊرن سوسائٽيءَ ۾ انهن اصولن ۽ خوبين کي بيوقوفيءَ سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. بهتر آهي ته انهن کان پاسو ڪيون ورنه ترقيءَ ۾ رنڊڪ پوندي رهندي.
ترقيءَ جي ٻيو مثال حاضر آهي! سنڌي عورتن پڻ چست ”اسڪرٽ“ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن. ۽ گرميءَ کان بچڻ لاءِ هنن پنهنجن فراڪن ۽ اسڪرٽ کي اڌ پٺيءَ ۽ ڪي قدر اڳيان پڻ تراشڻ شروع ڪيو آهي. هئي پروڙ مارئيءَ کي هن مام جي، ۽ هئي سسيءَ کي سڌ هن سماج جي! ملاحظه هجي برادرم وفائي ته ترقي ٿي رهي آهي. ادبي ابا خوش آهن ۽ مان پڻ. مان اسڪرٽن جي فائدي ۾ آهيان. ڇوجو، اول ته انهن ۾ ڪپڙو گهٽ ٿو استعمال ٿئي. ٻيو ته اسڪرٽ استعمال ڪرڻ سان گرمي گهٽ محسوس ٿيندي آهي ۽ ٽيون سڀ کان اهم نقطو ته اسڪرٽن پائڻ سان حسن دوبالا ٿئي ٿو يعني هڪ اسڪرٽ پائڻ سان عورتن کي چار چنڊ لڳندا آهن. ڀل ته بدن جون بيڊوليون يا هاٺيءَ ۾ ڪاٺي هجن؛ چار چنڊ ضرور لڳندن. رئي جي ضرورت اڄ تائين محسوس ٿي نه سگهي آهي. رئي کي رسيءَ وانگر وڪوڙي ۽ ڪنڌ تي ويڙهڻ جو ڪهڙو مقصد آهي، ان جي شايد عمل ڪندڙن کي به خبر نه هوندي. ها باقي ائين ڪرڻ سان سندن وار پريشان ٿيڻ کان بچي وڃن ٿا. پر هونءَ به مصنوعي زلف پريشان ڪرڻ جو اڄ ڪالهه عام رواج آهي. پيشانيءَ تي رقص ڪندڙ چڳون چار نه ته ٻه چنڊ ضرور لڳائينديون آهن. ادبي ابابيل مون سان ضرور متفق هوندا ته اهي اهم نشانيون ترقيءَ جون آهن.
ڀٽائي گهوٽ روحاني اکين سان ڏسي رهيو آهي ته ”نوريون“ سانڊي وانگر رنگ ٿيون مٽائين. سندس آيتون برسر عام اڏامي رهيون آهن. ۽ ستين ست کي هوا ۾ اڇلايو آهي. ڇو جو ترقي ٿي رهي آهي، ۽ ميڪ اپ ان ترقيءَ جو راز آهي. اسان جون سياڻيون ۽ عقل ۾ اڪابر ٻڍيون دل کولي ”ميڪس فيڪٽر“ تي مهربان ٿي پيون آهن. برادرم وفائي! توهان پراڻين ۽ گٺل موٽرن کي اسپري رنگ سان چمڪندي ۽ تجلا ڏيندي ڏٺو هوندو ۽ مون ڪراڙين کي دراز عمر جون جهريون لڪائڻ لاءِ چهري کي رنگن سان ٿڦيندي ڏٺو آهي. سچ ٿو چوان ادا وفائي، ته ڪجهه دير لاءِ پنجاهه سالن جون پوڙهيون به ويهن سالن جون البيليون نظر اينديون آهن. آهي ڪو دل جگر وارو جو ان حيرت انگيز ترقيءَ کان انڪار ڪري سگهي. ڪيئن! هينئر ته ادبي ابا به انڪار ڪري نه سگهندا.
اسان سنڌي ملهه به رفته رفته ترقي ڪري رهيا آهيون. اسان مردن به ”جينز“ پائڻ شروع ڪيون آهن. ڪالر کي ڪنڌ تي کڙو ڪرڻ فيشن آهي. آهيون ته جوان پر چيلهه لوڏي هلڻ نزاڪت آهي. ”ڪروڪٽ“ وار رکائي اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اسان ولائتي آهيون ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ محض اتفاق آهي. ۽ جنهن وقت محفل ۾ ويهي اسان اصليت لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون (ته اسان سنڌي آهيون) ان وقت هڪ ورانگ سان ترقيءَ جا ڏهه ڏاڪا طي ڪري ويندا آهيون. اهڙي ترقي شايد ئي ڪڏهن ٿي هجي. ترقيءَ جي تيزي ڏسي ادبي ابا گدگد ٿيندا هوندا. ان ترقيءَ لاءِ ٺيڪيدارن خوب پاڻ پتوڙيو آهي. جيڪو ٻج انهن گهڻو اڳ ڇٽيو هو تنهن جو نتيجو اڄ سندن اڳيان آهي. خود ساخته سنڌي ادب جي رهنمائن ۽ ليڊرن نهايت ديده دليريءَ سان ۽ مستقل مزاج ٿي، پنهنجي نسل ۽ مستقبل جي معمارن کي سنڌي ادب، تمدن، ثقافت ۽ ٻوليءَ کان بد دل ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان ضرب سان سندن حسرتون پوريون نه ٿيون، هتاڪه هنن پنهنجي اولاد کي هر ان جز کان جدا ڪري ڇڏيو جنهن ۾ سنڌي ساهت سمايل هئي. ۽ اڄ اسان نوجوان ان راهه تي رسي رهيا آهيون جيڪا سنڌي ادب جي محسنن تعمير ڪئي. منزل ويجهي آهي برادرم وفائي، جلد ادبي ابا پنهنجو ماڳ ماڻيندا. ادا، ڏسو ته ترقي ٿي رهي آهي!
ماشاء الله اها ترقي جاري رهي! ۽ جاري به ته آهي. جنهن ڪوٽ کي اڄ کان تيرهن سئو سال اڳ تعمير ڪيو ويو هو، اڄ ان ڪوٽ جي فصيل کي اڃا به بلند ڪيو ويو آهي. بندياڻين کي بند ۾ رکڻ به ته ترقي آهي. سبحان الله، ترقيءَ جو انداز به ته ڏسو ـــ انسانيت ته رهي درڪنار، مذهب کان به پاسو آهي. ستا سور ٿا جاڳن ادا وفائي، هنياءُ ٿو ڦاٽي هيءَ ترقي ڏسي، مان سهي نٿو سگهان.
سماجي ناسورن کي ڦٽو ڪري لهي اچي ادب تي. هڪ همراهه جو خيال آهي ته تقسيم هند کان پوءِ سنڌي ادب ۾ خاص ڪري ناولن ۽ افسانن حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي. سبب ۾ صاحب موصوف فرمايو ته اڄ تائين سندس پنج افسانه شايع ٿي چڪا آهن. سوچڻ جو انداز نهايت اوچو آهي!
هڪ ٻئي اديب سان (جنهن کي وسيع مطالعي جي دعوا آهي) ادب تي ڳالهائيندي جڏهن مون کيس ڪرشن چندر جو حوالو ڏنو ته هڪدم لاپرواهيءَ سان چيائين. ”ڪرشن چندر ڪهڙو، شڪارپور وارو، جيڪو لکي در تي پڪوڙا وڪڻندو آهي“. برادرم، ڪرشن چندر جي وجود کان ناواقف، عظيم اديب اسان وٽ موجود آهن. اها ترقيءَ جي انتها آهي جنهن کان مون اڳ انڪار ڪيو هو. افسوس اٿم پنهنجي غلطيءَ تي!
هڪ ٻئي اديب ترقيءَ جي بچاءَ ۾ هڪ زوردار دليل پيش ڪيو ته هو (پاڻ اديب صاحب) سنڌ جو مشهور اديب آهي، ظاهر ٿيو ته سنڌي ادب ترقي ڪري رهيو آهي. لبيڪ يا ترقي!
هڪ دفعو گڏهه کي سڱ ڄاوا هئا ته سندس فوٽو ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيو هو. پوءِ ان گڏهه دعويٰ ڪئي ته گڏهن ترقي ڪئي آهي ڇوجو سندس فوٽو اخبارن ۾ آيو آهي. برادرم وفائي، ڏسندا وڃو ترقيءَ جو انداز!!! هڪ چوٽيءَ جي ليکڪ ۽ اديب نهايت فخر سان ڳالهائيندي مون کي ٻڌايو ته سڄي سنڌ کي هن تي ناز آهي ڇوجو کيس مغربي يونيورسٽيءَ جي ڊگري آهي. مون کانئس اهو نه پڇيو ته حضرت ذرا ٻڌايو ته مغرب جي اها ڪهڙي يونيورسٽي آهي جتي سنڌي لٽريچر پڙهايو ويندو آهي. خاموشيءَ ۾ بهتري ڄاتم ڇو جو صاحب موصوف ڪهنه مشق ۽ اهل قلم، مايه ناز ليکڪ ۽ صاحب قلم، اديب ۽ نقاد، فاضل ۽ عالم، سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل ادبي سرمايه کي ميڙيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته اڃا تائين ”نوجوان“ آهي.
برادرم وفائي! پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪتابن جا وڏا وڏا دڪان آهن. انهن دڪانن ۾ توهان کي سنڌي ناولن، افسانن ۽ مضمونن جي مجموعن جا لاتعداد ڪتاب نظر ايندا. خريدارن جي پيهه ته توهان به ڏٺي هوندي. دڪانن جي الماڙين، ڪٻٽن ۽ ريڪس ۾ رکيل سنڌي ڪتاب بار بار مون کي ڦڪو ٿا ڪن ته سنڌي ادب ترقي ڪري رهيو آهي ۽ تون ان امر کان انڪار ٿو ڪرين. ۽ خريدارن جي پيهه شرمندو ٿي ڪري، ته اي ادبي ابابيلن جا دشمن اسان سڀ سنڌي ناول ۽ افسانن جا مجموعا وٺڻ آيا آهيون. ڏسي ڪيتري دير کان اسان هن دڪان جي کلڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌي ڪتابن جو اڪيچار خزانو سمايل آهي. ڪراچيءَ جي هر دڪان جي اها حالت ترقيءَ جي قوي ۽ کليل دليل آهي. ٻارهن سالن کان سنڌي ڪتاب ڇپائيندڙ، ڏسندا وڃن هي تماشو!!!
برادرم وفائي! ڪنهن ڏينهن توهان به مون سان گڏجي هلو ته ٻه چار سنڌي ناول خريد ڪيون. ورنه دوست الزام لڳائيندا ته سنڌي فقط انگريزي ۽ اردو ناول ٿا وٺن ۽ کين سنڌي ناولن کان نفرت آهي.
ٻڌي ٻاروچا ورين، هن عاجز جون آهون،
درد ڀريون دانهون، ڪري ٿي ڪافن ۾.
(سچل)
توهان جو پنهنجو
1960