اعتراف جي شام
مان رکي رکي سوچيندو آهيان، ۽ الله سائينءَ جو شڪر ادا ڪندو آهيان ته انهن ڏينهن ۾، جن ڏينهن ۾ رسول بخش پليجي پنهنجين طلسمي تقريرن سان منهنجي زندگيءَ ۾ رِڻ ٻاري ڏنو هو، مان ڇوڪري نه هُئس. ڇوڪري هجان ها ته پليجي جون تقريرون ٻڌي وڍجي وڃان ها، ۽ سڄي عمر پڇتايان ها. ٻاروچل جي چڪر ۾ چري ٿي پوان ها.
اوهين مهرباني ڪري معنيٰ در معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو. منهنجي چوڻ جو سليس مطلب آهي ته تقرير ڪرڻ وارن کي تقرير ٻڌڻ وارن جي ڪيفيت جي ڪل ئي نه پوندي آهي. مون گهڻو ڪري تقرير ٻڌڻ وارن جو مٿو ڦاٽل ڏٺو آهي. مون اڄ تائين ڪنهن تقرير ڪرڻ واري جو مٿو ڦاٽل نه ڏٺو آهي.
رسول بخش پليجي جي سياست، ۽ سياسي وابستگيءَ سان منهنجو ڪو واسطو ڪونهي. رسول بخش پليجو منهنجو دوست آهي، مون کي وڻندو آهي، ۽ ڏاڍو خوش نصيب آهي. خوش نصيب اِن ڪري آهي جو عورت نه آهي، ۽ مون جهڙي مجنونءَ کان بچي ويو آهي. هو خوش نصيب اِن ڪري به آهي جو مان عورت نه آهيان، بلڪه ڇوڪري نه آهيان، ورنه
حجر جا گيت ڳائي سندس ننڊ حرام ڪري ڇڏيان ها.
اِهو قطعي غلط آهي ته جيل ۾ رسول بخش پليجي کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا هئا. باوثوق ذريعن کان خبر پيئي آهي ته جاڳائڻ بدران جيل ۾ رسول بخش پليجي کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. هو جيستائين جاڳندو هو، تيستائين تقريرون ڪري جيل جي عملي کي توائي ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ٻن جيلرن خودڪشيءَ جي به ڪوشش ڪئي هئي. اُن کان پوءِ اسلام آباد مان آرڊر آيو ته جيل ۾ هر قيمت تي، ۽ هر صورت ۾ پليجي کي ننڊ ڪرايو، کيس جاڳڻ نه ڏيو.
هڪ دفعي چوائي موڪليو مانس، ”يار پليجا! ملاقات جو امڪان آهي؟“ جواب موڪليائين، ”ملنداسين، ڇونه ملنداسين، سپني ۾ ملنداسين.“ خبر پيئي ته ننڊ جون گوريون کارائي ڇڏيون هئائونس، ننڊ ۾ هو.
رسول بخش پليجي سان ملاقات ٿي، ننڊ ۾ نه، پر جاڳندي، سجاڳيءَ ۾. اسان جي ملاقات راولپنڊيءَ جي پراڻي پريزيڊنسيءَ ۾ ٿي جنهن ۾ اڄ تائين جنرل ضياالحق جي آتما ڀٽڪندي رهندي آهي. کيس مُڪتي ملي نه سگهي آهي. هو بهاولپور ۾ هرڪيوليس جهاز ڪيرائڻ وارن جي ڪڍ آهي.
موقعو مهل ته ياد ناهي، پر سمجهان ٿو عيد ملن، يا چاند گرهن قسم جو ڪو موقعو هو. پراڻي پريزيڊنسيءَ ۾ بينظير ڀٽو جي سڏ تي انيڪ فوجي، ۽ ڀانت ڀانت جا بدبودار بيوروڪريٽ پيٽيس ۽ سينڊوچ کائڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. بدبودار بيوروڪريٽس ۾ مان به شامل هوس. اجايو پيپلس پارٽيءَ وارن کي وڻي ويو هوس. ٻه پوسٽون منهنجي حوالي ڪري ڇڏيائون، پر، پگهار هڪ ڏيندا هئا. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس جو ڊائريڪٽر جنرل ڪيائون، ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به مقرر ڪري ڇڏيائون. هڪ دفعي موقعو مليو ته چيو مانِ، ”مهربانو، قدردانو، هڪ پگهار تي ٻه نوڪريون ڪرڻ لاءِ مان تيار آهيان، پر ورهين کان منهنجي مٿان ملڪ ڊاهڻ ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ، ۽ نوجوانن کي ملحد ڪرڻ وارا ڪيس ته ختم ڪريو. رٽائر ٿيم ته پينشن نه ملندي.“
چيائون، ”تنهنجا ڪيس ايجنيسن جي حوالي آهن. ايجنسيون اسان جي ماتحت نه آهن. اسين ايجنسين جي ماتحت آهيون. تون الله جو نالو وٺي هڪ پگهار تي ٻه نوڪريون ڪندو رهه. ملڪ جي اقتصادي حالت ٺيڪ نه آهي. الله اَجرُ ڏيندوءِ.“
ماڻهن جي ميلي ۾ انيڪ سياستدانن جي درميان مون کي رسول بخش پليجو ملي ويو. ورهين کان پوءِ ڏٺو هو مانس. ڀاڪر پائي مليو مانس. حال احوال ورتائين، پر پيٽيس نه کاڌائين. سندس حصي جي پيٽيس مون کائي ڇڏي. پاڻ وڃي سياستدانن جي انبوهه ۾ بيٺو. سوچيم، شايد تقرير ڪندو. پر تقرير نه ڪيائين. بينظير جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي تقرير ڪرڻ جي مجال نه هئي. تقرير ڪرڻ ۾ هوءَ سڀني سياستدانن جي ناني هئي.
بينظير کي تقرير ڪرڻ جو هنر برطانيه جي يونيورسٽين مان هٿ لڳو هو، جتي هوءَ ڊبيٽن ۾ سڀني کي ماري مات ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ آخر تائين تقرير ۽ ڊبيٽ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهي. هوءَ هر تقرير کي ڊبيٽ سمجهي ڪپ کٽي هلي ويندي هئي. هوءَ تقريرن ۾ زبردست ڊبيٽ ڪندي هئي، ۽ تقريرن ۾ ملڪ جا سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ مالي مسئلا حل ڪري هلي ويندي هئي. ڏاڍا ڪپ ۽ ٽرافيون کٽيائين.
هڪ دفعي تاريخ ساز تقرير ڪيائين. انعام ۾ کيس آصف علي زرداري ڏيئي ڇڏيائون. اُن کان پوءِ هوءَ ڪڏهن به ڪو ڪپ، ڪا ٽرافي کٽي نه سگهي.
تمام پراڻي ڳالهه آهي. ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پڪوڙا پي کاڌم. اوچتو پٿرن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. آسمان ڏانهن ڏٺم. ابابيل نظر نه آيا. ڊوڙ پائي قبرستان ۾ هڪ ڀڳل قبر ۾ وڃي پناهه ورتم. قبر ۾ موجود مڙدي اعتراض ڪندي پڇيو، ”اڙي تون لاهور جي مشهور قبضه گروپ جو ميمبر ته ناهين!“
وراڻيم، ”مان ٿوري دير لاءِ مري ويو آهيان. پٿرن جو وسڪارو ختم ٿيڻ شرط مان جيئرو ٿي پوندس، ۽ هتان هليو ويندس.“
مڙدو سنڌي هو. منهنجي آئو ڀگت ڪيائين، ۽ پيئڻ لاءِ مون کي ڀنگ ڏنائين.
ٿوري دير کان پوءِ پٿرن جو وسڪارو ختم ٿيو. مان جيئرو ٿي قبر مان ٻاهر نڪري آيس. پٿرن جي وسڪاري بابت خدا جي خلق کان حال احوال ورتم. خبر پيئي ته مير رسول بخش ٽالپر ٽنڊي مستي خان ۾ تقرير پئي ڪئي. مون کي حيرت ٿي. مون هڪ بدحال دانشور کان پڇيو، ”ڪهڙو سبب آهي جو مير رسول بخش ٽالپر ٽنڊي باگي، ٽنڊي آغا، ۽ ٽنڊي الهيار بدران ٽنڊي مستي خان ۾ وڃي تقرير ڪئي آهي؟“
دانشور منهنجو جائزو وٺندي چيو، ”تون رڇ آهين. توکي اِها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي. فلسفي جي ڳالهه آهي.“
چيم، ”مان مداريءَ جو رڇ آهيان. ڊگڊگيءَ جو آواز ٻڌي ٻن پيرن تي بيهي نچي سگهندو آهيان. تون مون کي ٽنڊي مستي خان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ.“
چيائين، ”اِها هستيءَ ۽ مستيءَ جي ڳالهه آهي. تنهنجي عقل کان بالاتر آهي.“
کيس عرض ڪندي چيم،”ايترو ڪٺور نه ٿيءُ، دانشور. مون کي مستيءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ.“
دانشور کي منهنجي حال تي رحم آيو. هن چيو، ”جڏهن ڪو صوبو مضبوط مرڪز سان وچڙندو آهي، تڏهن مستي ڪندو آهي. ۽ مضبوط مرڪز جڏهن ڪنهن صوبي کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تڏهن خرمستي ڪندو آهي.“
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
رات جو چمڙن ۽ چٻرن سان گڏ مان به جاڳندو آهيان، تنهن ڪري دوستن کان سواءِ اوڙي پاڙي وارا مون کي تهجد گذار سمجهندا آهن. اُماوس جي رات هئي، مون خدا کي چيو، ”مون خوديءَ کي بلند ڪيو آهي. هاڻي تون خدا مون بندي کان پُڇ ته منهنجي رضا ڪهڙي آهي؟ منهنجي رضا اِها آهي ته تون الهام ۽ انڪشاف جا بند در کولي ڇڏ. مون کي ٻڌاءِ ته مون کان علاوه ٻيا ڪير بدبخت ۽ بدنصيب آهن جن کي تقرير ڪندي تپ چڙهندو آهي.“
خدا چيو، ”پاڪستان مان منهنجو دور ختم ٿيو. ماڻهن ۽ ٽيليويزن
وارن خدا حافظ بدران الله حافظ چوڻ شروع ڪيو آهي.“
مون کي حيرت ٿي. چيم، ”تنهنجو، يعني خدا جو قسم کڻي مون ڪنهن سان قيامت تائين واعدو وفا ڪرڻ جو اقرار ڪيو هو. اُن جو ڇا ٿيندو؟“
خدا چيو، ”واعدو وفا نه ڪر. منهنجو دور ختم ٿيو. تون آزاد آهين.“
پڇيم، ”تنهنجو قسم کڻي ڪوڙن شاهدن هزارين بيگناهن کي ڦاهيءَ تي چاڙهائي ڇڏيو. انهن جو ڇا ٿيندو.“
”منهنجي دور سان گڏ هنن جا گذريل گناهه معاف ٿي ويا.“ خدا چيو، ”هينئر هو عدالتن ۾ الله جو قسم کڻي ڪوڙي شاهدي ڏيندا. هاڻي هو ڄاڻن، هنن جو الله ڄاڻي. باقي ٽيليويزن وارن منهنجو دور ختم ڪري ڇڏيو.“
مون الله سائينءَ کي چيو، ”مان تنهنجي ۽ خدا جي وچ ۾ نه پوندس. تون ڄاڻين، خدا ڄاڻي ۽ ٽيليويزن وارا ڄاڻن. بس تون منهنجي لاءِ الهام ۽ انڪشاف جا در کولي ڇڏ.“
مون کي ننڊ اچي ويئي، يا مون کي ننڊ کڻي ويئي. مون کي ڪا خبر ڪونهي. مان اڄ تائين فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان ته مون کي ننڊ ايندي آهي، يا ننڊ مون کي کڻي ويندي آهي! مان سمهي پوندو آهيان.
الله سائينءَ سان ڳالهائڻ کان پوءِ مان سمهي پيس. منهنجي لاءِ الهام ۽ انڪشاف جا سمورا در، دريون، دروازا، ڳڙکيون، ۽ روشندان کُلي پيا. خبر پيئي ته مان دنيا ۾ اڪيلو بندو گندو نه آهيان جنهن کي تقرير ڪندي تپ چڙهندو آهي. پاڪستان جا پريزيڊنٽ، وزيراعظم، وزير ۽ نالي ماتر وزير يعني State Ministers به تقرير ڪري نه سگهندا آهن. هو پگهار تي تقريرون لکائيندا آهن، ۽ جلسن، ۽ ڪانفرنس ۾ ماڻهن کي تقرير پڙهي ٻڌائيندا آهن.
هڪ دفعي پگهار تي تقريرون لکڻ وارن ٻه تقريرون لکيون، هڪ پريزيڊنٽ لاءِ، ۽ ٻي وزيراعظم لاءِ. هڪ تقرير ميله مويشيان ۾ پڙهڻ لاءِ هئي جنهن ۾ جانورن جي افزائش، ۽ سار سنڀال بابت ڪارآمد ڳالهيون لکيل هيون. اُها تقرير پريزيڊنٽ کي ميله مويشيان ۾ پڙهڻي هئي. ٻي تقرير اديبن جي قومي ڪانفرنس ۾ پڙهڻ لاءِ لکي ويئي هئي. اُن تقرير ۾ پگهار تي تقريرون لکڻ واري اديبن کي لکڻ ۽ پڙهڻ جي فن کان آگاهه ڪيو هو. هن ليکڪن کي ٻڌايو هو ته ناول، ڪهاڻي، ڊرامو، گيت، غزل ۽ نظم ڪهڙي پيرائي ۾ ڪڏهن لکجن، ۽ ڪڏهن نه لکجن، ۽ ڇو لکجن. هن پنهنجي تقرير ۾ اديبن کي هڪ ڪم جي صلاح ڏني هئي، ”جيڪڏهن حاڪم وقت جي ساراهه جا ڍُڪ ڀري نه سگهو، ته پوءِ زهر جو پيالو پي ڇڏجو.“ اُها تقرير اديبن جي قومي ڪانفرنس ۾ وزيراعظم کي پڙهڻي هئي.
بدقسمتيءَ سان فائيل بدلجي ويا. ميله مويشيان ۾ پريزيڊنٽ ڍورن ۽ ڍڳن کي مفيد ۽ ڪارآمد ادب جي رازن ۽ رمزن کان آگاهه ڪيو. ساڳي طرح اديبن جي قومي ڪانفرنس ۾ وزيراعظم اديبن کي جانورن جي سار سنڀال، ۽ افزائش بابت مفيد مشورا ڏنا، ۽ دهل جي ٽاپ ۽ شرناءِ جي سُرن تي پوئين ٻن ٽنگن تي بيهي نچڻ واري گهوڙي جي ساراهه ڪئي. هن وڏن سڱن وارن ڏاندن ۽ سانن لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو.
اوهين سوچيندا هوندا ته هينئر مان اوهان کي اُن پريزيڊنٽ ۽ اُن وزيراعظم جو نالو ٻڌائيندس، جن جانورن کي ادب جي اُفاديت کان آگاهه ڪيو هو، ۽ ليکڪن کي اُن گهوڙي کان سبق سکڻ جو درس ڏنو. جنهن دهل جي ٽاپ ۽ سرناءِ جي سُرن تي نچي ڏيکاريو هو!
نه بابا سائين نه. مان هينئر اُهو اڳوڻو احمق امر جليل نه رهيو آهيان. مان خدا جي فضل سان، بلڪه الله سائينءَ جي فضل سان هينئر عاقل ۽ بالغ ٿي پيو آهيان. منهنجي شاديءَ لاءِ هينئر مناسب رشتا به اچڻ لڳا آهن. مون کي خيرن سان مضبوط مرڪز واري شهر اسلام آباد به موٽي وڃڻو آهي. تنهن ڪري مان اوهان کي نه پريزيڊنٽ جو نالو ٻڌائيندس ۽ نه ئي وزيراعظم جو. اِهو ئي سبب آهي جو مون ڳالهه ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ ڪئي آهي، ۽ وقت ۽ مقام کان آزاد ڪري ڇڏي آهي. ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ حاتم طائي به اچي ويندو آهي. ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ هارون ۽ مامون رشيد به اچي ويندا آهن. ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ اله دين، اله دين جو چراغ، ۽ چراغ جو جن به اچي ويندا آهن. ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ علي بابا، ۽ چاليهه چور به اچي ويندا آهن، جن جو تعداد اڄڪلهه وڌي ويو آهي. ۽ هونءَ به، بابا سائين، نالي ۾ ڇا رکيو آهي!
مون کي شينهن سڏائڻ جو شوق هوندو هو. هڪ مئل شينهن جي کَل وٺي پائي ڇڏيم. شينهن سڏجڻ ۾آيس. هڪ دفعي شينهن جا شڪاري آيا. اِن کان اڳ جو گولي هلائي منهنجو انت آڻين، مون شينهن واري کل لاهي کين ڏيئي ڇڏي. شينهن جي کل هيٺان گدڙ ڏسي هو ڏاڍو حيران ٿيا. هنن جو شينهن تان ويساهه کڄي ويو. هنن تاريخ ۾ لکيو: شينهن درحقيقت شينهن نه هوندا آهن. شينهن جي کل هيٺان گدڙ هوندا آهن.
اُهو تاريخي دستاويز لنڊن واري اِنڊيا لائبريري ۾ موجود آهي. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته شينهن کي جيڪڏهن ازل کان گدڙ سڏيو وڃي ها ته اڄ هر هنڌ گدڙن جي هاڪ هجي ها، ۽ ويڙهاڪ شير بدران گدڙ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ها.
ورهيه وهامي ويا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نوڪري ڪندو هوس. ڪو ڏينهن پئي ملهايائون، يا ڪو هفتو پئي ملهايائون، مون کي ٺيڪ سان ياد ڪونهي. گذريل 52 سالن کان اسان ايتريقدر ته پاڻ ملهايو آهي، جو هينئر ملهائڻ لاءِ ڦٽاڪن هلائڻ کان سواءِ اسان وٽ ڪجهه باقي نه بچيو آهي. ريڊيو پاڪستان جي هيڊڪواٽرز مان حڪم آيو: مسلمان فيلسوفن، دانشور ۽ اديبن تي ٻه ٽي زبردست قسم جا پروگرام ڪري ڇڏيو. مان پروگرام مينيجر هوس. پروڊيوسرن کي چئي مسلمان فيلسوفن، دانشورن ۽ اديبن تي زبردست پروگرام ڪرائي ڇڏيم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ تعريفي خط بدران تنبيهه وارو خط مليو. لکيو هئائون: خليل جبران جهڙي عظيم مسلمان فيلسوف ۽ اديب کي پروگرامن مان دانسته نظر انداز ڪري تو ڪوتاهي ڪئي آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته توکي گهٽ ۾ گهٽ ڊموٽ (عهدي ۾ گهٽ) ڇونه ڪيو وڃي!
اڄ ويهين صديءَ جي آخري سج گرهڻ ٿي آهي. رات شهاب ثاقب ڪرندا، تنهنڪري، اڄوڪي شام کي مان اعتراف جي شام سمجهان ٿو.
اڄ کان پنجويهه ـ ٽيهه سال اڳ حيدرآباد ۾ مون سان پهرين ادبي شام حميد آخوند جي ڪوشش سان ملهائي هئائون. اڄوڪي شام، جيڪا ممڪن آهي ته منهنجي آخري شام هجي، حميد آخوند جي توسط سان ٿي آهي. انهن ٽيهن پنجٽيهن سالن ۾ حميد هڪ دلبر دوست ۽ ننڍي ڀاءُ وانگر هر سطح تي منهنجي لاءِ وڙهندو رهيو آهي. منهنجي لاءِ اعليٰ اختياريءَ وارن سان وچڙهندو رهيو آهي. منهنجو دفاع ڪندو رهيو آهي. مون کي پروموٽ ڪندو رهيو آهي.
هڪ دور تمام طويل، ٿڪائيندڙ، ۽ جهوري وجهڻ جهڙو آيو هو. پنهنجين تحريرن ۾ ملڪ ٽوڙڻ، سنڌو ديش ٺاهڻ ۽ نوجوانن کي ملحد ڪرڻ جهڙا الزام مڙهي ورهين جا ورهيه انڪوائريون ۽ آڏيون پڇائون هليون هيون. هڪ حميد کان سواءِ سمورا دوست جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ هئا، منهن موڙي گم ٿي ويا. حميد پنهنجو ڀيرو نه ڀڳو. ساٿ نه ڇڏيو. هڪ اڌ ڏينهن لاءِ اسلام آباد ايندو هو ته ڳولي هٿ ڪري وٺندو هو. وڏو وڙ اٿس. اهڙي ئي دوستي احمد فراز سان نڀائي اٿائين، ويندي جو احمد فراز جڏهن جلاوطن هو، تڏهن به حميد سندس ساٿ نه ڇڏيو.
حميد تمام گهڻو ٽريول ڪيو آهي، ۽ تمام گهڻو پڙهيو آهي. جنهن جنهن ملڪ ويو، اُتان ڪتابن جي ڀري کڻي موٽندو آهي. دنيا جي انيڪ جديد ليکڪن ۽ سندن ڪتابن ۽ تحريرن جي باري ۾ مون پهريون دفعو حميد کان ٻڌو ۽ سکيو آهي.
مون کان اڪثر ورائي ورائي پڇيو ويو آهي، ”هينئر ته تون رٽائر ٿي چڪو آهين. سنڌ ڪڏهن موٽندين؟“
مان خوابن جي سهاري جيئندو آهيان، ۽ خوابن جي سهاري مري ويندس. تعبير ڏسي نه سگهندس.
ڏهن سِرن وارن ٽيهه سال اڳ مون کي سنڌ لاءِ ناقابل قبول قرار ڏنو هو. جيتوڻيڪ مون وٽ ڪَشتيون نه هيون، مان سمورا آگبوٽ، ڪشتيون ۽ ٻيڙيون ساڙي هتان هليو ويو هوس. اسان سنڌين جي وجود ۾ مارئيءَ جو واسو آهي. اِها ڳالهه ٻي ڪنهن قوم کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي. مون آمريڪا ۾ آباد سنڌين کي سنڌ لاءِ واجهائيندي ڏٺو. سنڌ لاءِ فڪرمند ڏٺو.
مان اوهان سڀني کي چتاءُ ٿو ڏيان، خاص ڪري قاسم آباد ۾ رهڻ وارن سنڌين کي، ته مان عنقريب موٽندس، ۽ قاسم آباد ۾ اچي رهندس. هونءَ ته منهنجي وڏي نيڪنامي آهي، پر مان اوهان کان ڀُنگ وٺندس. دل ۾ نه ڪجو پنهنجا پاڻ ۾ آهيون. مان اوهان کان منٿليون به وٺندس. مان دڪانن تان سيڌو سامان مفت ۾ کڻندس. هوٽلن تي ماني کائي پيسا نه ڏيندس. جيڪڏهن ڪنهن پيسا گهرڻ جي همٿ ڪئي ته اُن جي پڳ لاهي پَٽ تي رکندس.
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مان اوهان کي ٽيش ۾ گاڏي هلائيندي، ۽ اڪثر داداگيري ڪندي نظر ايندس.
مان اوهان سان واعدو ٿو ڪريان ته سنڌ جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کلڻ نه ڏيندس. امتحان ٿيڻ نه ڏيندس. هاسٽلن تي قبضو ڪري ويهي رهندس. ڪنهن ٽيچر يا شاگرد اعتراض ڪيو ته کيس موچڙا هڻندس، ۽ ضرورت پيئي ته کيس گولي هڻي ڇڏيندس.
سنڌ واسيو! خاص ڪري قاسم آباد جا رهواسيو! مايوس نه ٿيو. مان عنقريب اوهان جي وچ ۾ اچي رهندس ۽ اوهان جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جا ڪايا پلٽي ڇڏيندس. اِن ڪم کان مون کي ڪوبه روڪي نه سگهندو. آئي جي منهنجي مامو، ڊي آئي جي منهنجو ماروٽ، ايس پي منهنجو پپاٽ ۽ ايس ايڇ او منهنجو ٽيلينٽڊ ڪزن آهي.
پنهنجي انقلابي ڪم ۾ رخني جو انديشو مون کي پنهنجي ننڍپڻ جي دوست، آرٽسٽ، ۽ وڏي ويڙهاڪ ظفر ڪاظميءَ کان آهي. پر، هينئر هو پوڙهو ٿي چڪو آهي. منهنجي انقلابي ڪم ۾ دخل اندازي ڪيائين ته ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيندو مانس.
اوهين منهنجي اچڻ جو ۽ انقلاب جو انتظار ڪيو. خوابن جي ڍير تي تعبيرن جي چتا کي باهه ڏيئي ڇڏينداسين.
مان حميد آخوند جو شڪرگذار آهيان جنهن مون کي اوهان سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. مان اوهان سڀني سنگتي ساٿين جو ٿورائتو آهيان، اوهان وڏي تحمل سان مون کي ٻُڌو ۽ برداشت ڪيو. ■
1999