جوڳين جوڳه اجوڳه
خون جي نوعيت به بذات خود حقيقتن جو خون آهي. رحيم هنڱورو خون ڪري ڦاهيءَ تي ڦتڪيو، ۽ جنرل قاسم فيصل جو خون وهائي عراق جو صدر ٿي پيو هو. خون خون آهي. پوءِ ڀل ته ڪهڙي به جذبي سان کڻي ڪهاڙي کڻجي.
برنارڊشا چيو هو ته جي شينهن انسان کي ماريندو ته خونخوار سڏائيندو ۽ ماڻهو جڏهن شينهن کي ماريندو، ته بهادر چوائيندو.
حقيقتن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جا مختلف زاويه آهن. اسان وٽ شراب علت ۽ ذلت جو ڪارڻ ۽ مغربي تهذيب ۾ شراب محفل جو روح روان! تاريخ هميشه ثابت ڪندي آئي آهي ته هڪ قوم ٻي قوم کان تهذيب ۽ تمدن جي تشبيهه ۾ جدا هوندي آهي. هڪ ملڪ ٻي ملڪ کان ڀل ته هرهڪ انساني قدر جي معيار ۾ مختلف هجي، پر ڪجهه حقيقتون الف اگهاڙو ٿي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ جهپ ڏينديون آهن. گار گار آهي، پوءِ اها گار ڀل ته ڇونه انگريزيءَ ۾ ڪڍجي، روسيءَ ۾، فارسيءَ ۾ يا سنڌيءَ ۾، پر سندس اثر ساڳيو ئي هوندو. ڪجهه ذليل حرڪتون اهڙيون به هونديون آهن جن کي عالمگير لعنت ملندي آهي.
اهڙيون ئي ڪجهه ذليل ريتون رسمون سنڌ کي ڄور وانگر چهٽي پيون آهن. صدين کان سنڌو ٿو ڇوليون ماري، پر اهي نڀاڳا رواج نه ڌوپي نه ڌوپيا. انهن رواجن ۾ سڄي سنڌ پيڙجي ۽ چچرجي رهي آهي. انهن گندن رواجن چو طرف چوڌاري پنهنجو ڄار ڦهلائي ڇڏيو آهي. آدمي آدميءَ جو دشمن، ۽ هر ذهين شخص کي پنهنجي ماحول کان نفرت ٿيندي ٿي وڃي.
ڪوڙهي جسم ۾ هڪ فٽ ڳولهڻ ته مشڪل آهي، پر جتان وڌيڪ
روڳ وهندو، نظر وڃي اتي کپندي. پيري مريديءَ جيڪي ويل وهايا آهن تن کي ڳولڻ لاءِ، سنڌ جي مرشدن جي تاريخ کولڻي پوندي، جن جي آستانن ۽ حجرن ۾ ڀنگ ۽ چرس ۾ مدهوش مريد سندن خدمت ۾ ليٿڙيون پائيندا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ مرشد سڳورو هندستان گهمي موٽيو آهي. جڏهن کيس هوائي جهاز مان لاٿائون ٿي ته حضرت جا قدم نٿي کڄيا، شراب سندس اعصابن کي نابود ڪري ڇڏيو هو. اهڙا جڏا، ڀٽڪيل ۽ ڀليل، اندر جي اکين کان انڌا، جن کي خود روشنيءَ جي ضرورت آهي، سي ٻين کي ڪهڙي راهه ڏيکاريندا ۽ ڪهڙي ماڳ اماڻيندا؟
سڀ ملامت مرشدن تي ناهي. رڍن وانگر مرد گڏ ڪرڻ لاءِ دماغ ۽ عقل جي ضرورت آهي. شابش آهي اهڙن مدارين کي جي پنهنجو جلوس پاڻ ڪڍائن ٿا. سچ پچ ته اهڙن دماغن کي داد ملڻ گهرجي، جيڪي اجتماعي طور تي عوام کي اُلو بنائيندا آهن.
پر اهي ٽانءِ ڀريا سانڀر جن کي صبح شام پنهنجي دولت ۽ ملڪيت، شان ۽ شوڪت، ۽ خاندان جو گهمنڊ ۽ غرور دامنگير رهندو آهي، انهن جيڪي انسانيت سان ظلم ڪيا آهن، تن جو مثال فقط اسلام کان اڳ عربن جي بد رسمن رواجن ۾ ملي ٿو.
خاندانَ دهل مثل آهن.
مڃئون ٿا ته جيئن وڏو دهل، تيئن وڏو سندس آواز! پر اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته جيئن وڏو دهل تيئن اندر ۾ خالي. هڪ ٻي حقيقت جا دهلن جي باري ۾ مشهور آهي، سا آهي ته، وڏا دهل جهٽ ڦاٽي پوندا آهن.
پر جيستائين وڏا دهل ڦاٽن ۽ جيستائين وڏا خاندان خود ساخته وڏائيءَ جي خوشفهميءَ ۾ مگن آهن، تيستائين سنڌ ۾ انسانيت پوين پساهن ۾ ڇڙيون هڻندي، خاڪ ۾ ملي ويندي. اجهو ٻن چئن سالن جي ڳالهه آهي. نواب شاهه جي موني بازار مان مٽيءَ لٽيل جيپ ۾ هڪ وڏي خاندان جي ڇوڪري پنهنجي شيدي ڊرائيور سان ڀڄي ويئي. ٻڌوسين ته ڪجهه عرصي کان پوءِ وڏي خاندان وارن اثر رسوخ هلائي، پنهنجي ڇوڪري واپس ورتي ۽ شيدي جوان کي گاجر واهه تي قتل ڪري ڇڏيائون قاتل اڃا تائين روپوش آهن!
سماجي افراتفري ۾ جيترا ظلم سنڌ جي سر زمين تي ٿين ٿا، تن جو مثال موجوده وقت ۾ ملڻ مشڪل آهي. قتل و غارت ۽ خون خرابيءَ جا هزارين مثال مهراڻ جي ماٿريءَ ۾ ملندا.
ڪاش، اهي شخص جيڪي اسان کي اٻوجهه ۽ مسڪين تصور ڪن ٿا، هڪ دفعو اسان جو اصلي روپ ڏسن، اسان جي دل ۾ ليئو پائي چنگيز ۽ هلاڪوءَ جا پاڇا ڏسن، ته هوند کين خبر پوندي ته اسان ظالم، اسان سرڪش، اسان انسانيت کان باغي آهيون. اسان سنڌي آهيون.
سڄي طلاطم جي پٺ ۾ اسان جي بد رسمن جو بي انت عرصو آهي. ان عرصي جي تاريخ ۾ جيترا ظلم سنڌ ۾ عورت تي ٿيا آهن، تن کي بيان ڪرڻ لاءِ تاريخن جا صفحا به کٽي پوندا. اڄ ڪالهه جيڪي واقعا ڀڄڻ ڀڄائڻ، ۽ ڪارو ڪاريءَ جا ٿين ٿا، تن جا ٻه رخ آهن. هڪ رخ ڀيانڪ ۽ ڪارو آهي، ٻيو رخ حقيقتن جو مظهر ـــ هڪ رخ درد، ٻيو درد جو مرهم آهي. هڪ رخ رڇ ۽ ٻيو ڀني ڀني ڀيڄ آهي. اهڙن پست سماجي حرڪتن جو هڪ رخ اسان جي سامهون اچي ٿو ۽ ٻيو لڪل رهي ٿو. جيڪو رخ سامهون آهي، تنهن ۾ اسان ڀڄي ويل نياڻين جو گنهگار عڪس ڏسون ٿا، کين رسوا ۽ ڌڪاريل ڏسون ٿا. ٻئي رخ ۾ حقيقتون آهن. ۽ حقيقتون هميشه تلخ هونديون آهن. حقيقت هيءَ آهي ته اهي نياڻيون جن کي قدرت جي قانون ۽ انسانيت جي قدرن خلاف حويلين ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو، سي هڪ ڏينهن موقعي ملڻ تي، آزاديءَ جي آواز تي لبيڪ چئي مجبور ٿي، بند خلاص ڪري، لامحدود ڪائنات جي ملامت سهڻ لاءِ نڪري پون ٿيون.
تصوير جا ٻه رخ آهن، هڪ طرف مسلسل ستم ۽ هتيا ڪنڊ ٻئي طرف آزادي، ۽ انسانيت جي بنيادي عقيدي، پيار جي چاهت آهي.
آزادي انسان جو پيدائشي حق آهي. ڳالهائڻ جي آزادي، خيالن جي پرواز ۾ آزادي، سوچڻ جي آزادي، ۽ اخلاق جي حدن اندر ابابيل جي پرواز جهڙي آزاديءَ جي حصول جي تمنا انسان سان دامنگير رهي ٿي. آزادي جي خواهش، امير توڙي غريب، سياڻو توڙي بيوقوف، عالم توڙي جاهل، سڀني ساهه وارن ۾ روان روان آهي. ان آزاديءَ لاءِ تاريخن جا صفحا معصومن جي خون سان رڱجي ويا. مظلومن جي آهه و زاريءَ سان ڀرجي ويا. هزارن جي دربدر زندگين جي ڪارهن سان ڪارا ٿي ويا. آزاديءَ جي تمنا جڏهن انفرادي دل ۾ پاسو اٿلائي، ته گهر تباهه ٿين. افراد جي دلين ۾ اٿل کائي، ته خاندان تباهه ٿين، ۽ جڏهن قومن جي دل ۾ جاڳي ته ملڪ ۽ دنيا جو امن تباهه! پر سڀ ڪجهه لٽائڻ کان پوءِ جيڪو سرور آزاديءَ جي وصال ۾ آهي تنهنجي مقابلي ۾ تڪليفن جي پيڙا ڪابه حيثيت نٿي رکي.
آزادي، روماني شاعر جي تخيلي محبوبه کان حسين، فنڪار جي رنگن کان وڌيڪ جميل ۽ ڪويءَ جي ڪويتا کان وڌيڪ مقدر آهي. سندس سڏ تي هزارن لبيڪ چيو آهي. سندس اشاري تي هن ڌرتيءَ جي ڇاتي پيادن جي پيرن هيٺان، گهوڙن جي سنبن هيٺان ۽ ٽينڪن جي ڦيٿن هيٺان ڇلجي ويئي. سندس آواز تي پاڻيپٽ ۽ مياڻي، برلن ۽ ليننگراڊ عراق ۽ شام جا ميدان. سرڪش جوانن جي فوجن سان ڀرجي ويا.
آزاديءَ ۾ جيڪا طاقت آهي، سا سج جي تپش کان تيز، چنڊ جي چانڊوڪيءَ کان نرم، ۽ مهراڻ جي وهڪري جهڙي ماٺيڻي آهي.
اها ئي آزاديءَ جي خواهش آهي، پنهنجن جائز حقن جي حفاظت جي تمنا آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جون مظلوم نياڻيون، ڪهاڙين جي ڇانو ۾ بندوقن جي پاڇن ۾ راتو واهه ”عمر ڪوٽ“ کي ڪيري ڀڄي ٿيون نڪرن. اهائي آزاديءَ ۽ جائز حقن جي تمنا آهي، جنهن جي تلاش ۾ سنڌ جون بي آواز ۽ بيڪس نياڻيون هن هوشربا دنيا ۾ ڇولين ڇلڻ کان به ڪين ٿيون ڪيٻائن.
پوڙهو زميندار، ڪجهه جڙيون ٻوٽيون چکي ۽ چٻي چار شاديون رچائيندو، پر پنهنجي ڌيءَ جي خواهشن، تمنائن، امنگن ۽ قدرت جي اڻ ٽر قاعدي کي ڪچلي ڇڏيندو. حويلين جي ڀتين کي ويهه فوٽ اُڀو ڪري، ڪنهن ڪمري ۾ نياڻين کي پوري پنهنجي امارت، ڪوڙي شان ۽ شوڪت، جوٺي عزت ۽ احترام جو دهل وڄائيندو آهي.
دهل ڀل ته ڪيترا به کڻي گجگوڙ ڪري، پر اندر خالي، خيال خالي، پر ٿو تڪي آڪاش کي. گڏهه شينهن جي کل پائي شينهن ٿي نه سگهندو. اسان جي پياري پيغمبر جي اچڻ کان پوءِ عربستان جا سنڌي نما عرب، جي جهالت سبب نياڻين کي يا ته زنده دفن ڪندا هئا يا، کين سڄي عمر ڪنيز ڪري گهر ۾ پوري ڇڏيندا هئا، سي سڌريا، ڪڌا ڪم ڇڏي ڏنائون، جهالت جي اوندهه مان نڪتا.
پر اها چوڏهن سئو ساله پراڻي جهالت، جنهن عربن جي سماج، ريتن ۽ رسمن ۾ جنم ورتو، سا ته ان سر زمين تي ئي فنا ٿي ويئي، پر سنڌ، جنهن کي قديم ۽ قدامت پسند تهذيب جي دعويٰ آهي، اڄ به ان جهالت کي ڄور وانگر چهٽيل آهي.
هر علت، جرم، ڏوهه ۽ جهالت جو ڪونه ڪو سبب ضرور هوندو آهي. سنڌ ۾ ڇوڪرين جي شادي نه ڪرائڻ ۽ کين حويلين ۾ قابو ڪري رکڻ جا به ڪجهه سبب آهن. اهو ڪوڙ آهي ته ”وڏي خاندان“ جي ڇوڪرين جي شادي سنڌ ۾ نه ٿيندي آهي. اهو ڍونگ آهي ته آن ۽ شان رکڻ لاءِ خود ساخته وڏا خاندان، هٿرادو پير ۽ مرشد، پنهنجن ڇوڪرين کي حضرت رسول (صلعم) جي حڪم ۽ قدرت جي قانون جي انحرافي ڪندي شادي نه ڪرائيندا آهن. سبب ڪجهه ٻيو آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته هر ان خاندان جي ڇوڪرين جي شادي نه ٿيندي آهي، جنهن خاندان جا مرد، نوجوان ۽ پوڙها سڄو ڏينهن شراب ۽ ڀنگ پين، وئشيائون پورين ۽ راتيون چڪلن ۾ رنڊين جي ڪوٺن تي گذارن. اهڙن بدڪردار ”وڏن“ لاءِ مرد ۽ عورت جو فقط هڪ رشتو آهي، حوس. هنن عورت جي جسم کي هارين نارين، مزدورن ۽ مفلسن جي پگهر مان ڪمايل دولت سان خريد ڪيو، کيس چچريو ۽ چيڀاٽيو. اهڙن ڀليل ۽ ڀٽڪيل انسانن جي اندر جي جوت اُجهايل هوندي آهي، سندن دل ۾ گهور انڌيرو هوندو آهي. هنن لاءِ سڀ ڳئون پڇ ڪاريون هونديون آهن. هنن عورت کي پاڻ ڪيريو ۽ پاڻ ئي سندس ڀيانڪ روپ پنهنجن ڀيڻن، مائرن ۽ ڌيئرن جي روپ ۾ ڏسن ٿا. اهو سبب آهي، اها ئي سندن روح جي ڪٽ آهي، جا کين پنهنجي نياڻين جي شاديءَ کان روڪي ٿي.
اسان بي حس آهيون.
اسان ساڪت ۽ ڄميل آهيون.
اسان جمود آهيون.
اسان جي تهذيب گنجو ٽڪر آهي ـــ اسان ڪاهوءَ جو دڙو آهيون. هر دور ۾ اسان تي ظلم ٿيندا رهيا آهن. هر دور ۾ اسان ستم سٺا آهن. مسلسل نا انصافيون سهندي سهندي اسان پاڻ ظالم ۽ سنگدل ٿي پيا آهيون. اسان جي دل ڄمي وئي آهي. اسان محمد شاهه رنگيلي جا ساٿي آهيون.
حوس انسان جي اکين تي رنگين عينڪ چاڙهيندي آهي. شهوت پرست پاڻيءَ کي جام ۽ عورت کي رنڊي سمجهندو آهي. اڄ جن به شخصيتن جي هٿ ۾ سنڌي رواجن جي لڄ آهي، سي عياش، زاني، بزدل ۽ پست خيالن جا پتلا آهن. سندن زندگيءَ جو مقصد آهي لطافتون ۽ تراوتون! جنهنجي دل ۾ احساس ڪونهي، سو انسان به ڪونهي. حق تي هلڻ ڪنهن ڪنهن جو ڪم آهي، ڪوڙ جا ساٿي کوڙ!
اسان حق جا دشمن آهيون.
اسان ان حق ۽ انصاف جي حفاظت ڪري نه سگهياسين. جنهن جي لاءِ دنيا جا عظيم ماڻهو شهيد ٿيندا رهيا. اسان انهن جي قولن ۽ اقرارن کي نه پاڙي سگهياسين، جنهن جو وعدو دنيا جي وڏن ماڻهن ڪيو هيو. اسان پنهنجي جهالت سان عمر فاروق رضه جي عظمت کي جهڪائي ڇڏيو آهي.
اڄ جڏهن هر طرف سماجي سجاڳيءَ جو سج اُڀريو آهي، اسان وٽ ساڳي اوندهه آهي. اڄ اسان جو ملڪ تمدن ۽ تهذيب جي راهن ۾ تيزيءَ سان وک وڌائي رهيو آهي، پر اسان پنهنجي ڀيانڪ ماضيءَ جي لٽ ۾ لٽيل آهيون. اسان منزل کان محروم آهيون. اسان جو ڪوبه ماڳ ڪونهي. اسان ڀليل ۽ ڀٽڪيل راهي آهيون. سچل صحيح چيو هو ته:
”پيرن، پنڊتن، بزرگن بيحد ڀلايا.“
ڪراچيءَ جي فٽ پاٿن تي چپي چپي ته مداري ملندا. طاقت جون گوليون وڪڻڻ وارا ملندا ۽ سنڌ ۾ قدم قدم تي سڙيل ڳڙيل رواجن جا رکوالا ۽ ڪرامتن جي اوٽ ۾ عورتن جي عزت ۽ نادانن جا ننگ لٽڻ وارا ”گرو“ ملندا. سنڌ ۾ ٻه ٽي لک قبرن وارا پير ۽ سوا لک ”الک“ نيم پاڳل ۽ مجذوب ملندا، جن وٽ سوالين جي پيهه ڏسي گند تي ويٺل مکين وارو منظر اکين آڏو اچي بيهندو آهي.
جڏهن انسان جو پاڻ مان ۽ خدا مان عقيدو نڪري ويندو آهي، تڏهن کيس خوفناڪ آفتون خواب ۾ ڏکائينديون آهن. تڏهن کيس هزارين سنڪا ۽ سنسا ستائيندا آهن. جڏهن غافل غفلت جي عميق گهراين ۾ گوتا کائيندو، تڏهن کيس ڪک پن ۾ به ڪناري جي تصوير نظر ايندي آهي.
اسان سنڌي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ، ۽ ڪوتاهه نظريءَ ڪري جڏهن به ٿاٻا کائيندا آهيون، تڏهن اسان ونجهه بنا ٻيڙيءَ وانگر، سڌو اچي ڪاني ڪرامتن جي ڪن ۾ ڦاسندا آهيون.
ڪراچيءَ ۾ موٽرون ائين، جيئن مٿي ۾ وار. پر سائي شور ليٽ ڪير وساري سگهندو! ٻيون به موٽرون سنڌ مان ڪراچيءَ ۾ ڪهي اينديون آهن. پر ان موٽر کي خاص خصوصيت آهي. ان ۾ اهي عورتون به اينديون آهن، جن کي دماغ ۾ دولت ۽ امارت جو نشو طاري هوندو آهي. جيڪي زندگيءَ جا طويل لمحا پکن ۾ گذاري اوچتو ئي اوچتو ڪنهن رنگيلي زميندار جي ملڪيت تي قبضو ڪري وٺنديون آهن، اهي عورتون مرد کي سنڀالڻ بدران کيس وڌيڪ بدراهه ڪنديون آهن. اهڙين عورتن جي موجودگي ۾ عورت جو درجو ڌتڪار جي لائق هوندو آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي، جو لاشعور ۾ عورت لاءِ لڪل نفرت کي مرد اهڙي ئي نموني پروان چاڙهيندو آهي، جيئن اڄ ڪالهه سنڌ جا وڏا گهراڻا ”مارئن“ کي ڪوٽن ۾ قابو ڪري رکندا آهن.
اهڙن گهراڻن لاءِ ڇوڪريءَ جي شادي ڏوهه آهي ... گناهه آهي. ڇو جو کين پنهنجي ضمير ۾ ڪنڊو چڀيل آهي، ته عورت فقط رانديڪو آهي، رات جي ساٿي آهي. ڇوجو هنن دولت جي آڌار تي عورت کي ايترو ته ذليل ڪيو آهي، جو سندن ئي نظر ۾ سندن عورتن جي عزت ڪري پيئي آهي. اهڙن خاندانن جي پاڙ ۽ پشت ۾ بدڪاريون ۽ بدفعل ڀريل هوندا آهن. اسلام دنيا کي انسانيت جي روشني ڏني. ان روشنيءَ جي ڪرڻن ۾ عربستان جون برايون ڌوپي ويون. پر اسان! اسان ڪربلا جي واريءَ وانگر بي رحم ۽ تتل آهيون. هڪ سوال سنڌ جي قدامت پرست پيرن ۽ گهراڻن جي دل ۾ گرز ٿي لڳندو، ته، ڇا رسول اڪرم صه پنهنجن نياڻين کي نه پرڻايو هو؟
مٿين عنوان ۾ زير بحث سر زمين سنڌ جي پير پرستي به اچي وڃي ٿي. هڪ طرف سماجي افراتفري آهي ۽ ٻئي طرف پيرن وارا وڄايا آهن. هن اقتصادي ۽ معاشي بحران ۾ جڏهن هر طرف زندگيءَ جي قدرن کي عام رواجي سطح کان مٿڀرو کڻڻ جا جتن ٿي رهيا آهن، اسان سنڌي اڃا به قبر پرست، موالين ۽ مجذوبن جا مريد ٿيا پيا تڳئون.جيڪا ٿوري گهڻي بچت آئي ويل ڪم لاءِ پاسيري رکڻ گهرجي، سا ڪاني ڪرامتن جي مدارين جي ڀڀ ۾ دفن ٿيندي رهي ٿي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي منهن ۾ سنڌي سٻاجها ٻوٿ لٽڪائي نه گهر جا ۽ نه گهاٽ جا ٿا رهن. پيرن جي ڄار اڳ به مضبوط هئي ۽ اڄ به مضبوط آهي. ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي ته دنيا ترقيءَ جون منزلون طي ڪندي، ماڳ کي وڃي رسندي، پر سنڌي سٻاجها ڪنهن ديواني جي درشن ۾ وقت سان ظلم ڪندا رهندا.
جنهن قوم کي وقت جو قدر ڪونهي تنهن کي پنهنجي بلندي جو فڪر به دامنگير نه رهندو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وقت کي ٺڪرائي وقت جي توهين ڪندي دنيا جي سڀ کان پٺتي پيل قومن مان هڪ ٿي پيا آهيون. اسان جي تهذيب موهن جو دڙو آهي. اسان کنڊر ۽ ويرانيون آهيون. اسان ماضي جي دز آهيون. جن حرڪتن ڪري اسان تنزل طرف ڌڪجي ويا هئاسين، اڄ به انهن عادتن جا حامل آهيون. اسان ان ۾ ئي خوش آهيون ته دنيا اسان کي سٻاجهي قوم سمجهي ٿي. سٻاجهي اکر پويان اسان جي خاموش تاريخ جا غير اهم صفحا آهن. سٻاجهي اکر پويان اسان جون زنگ آلود تلوارون آهن. اسان کي مڃڻو پوندو ته اسان پاڻيپٽ جي ميدان جي مٽي نه ڏٺي آهي. هڪ هوشوءَ کان سواءِ اسان ڪوبه اهڙو جوڌو جوان پيدا ڪري نه سگهيا آهيون جنهن جو نالو کڻندي اسان کي ڪا خوشي محسوس ٿئي ـــ يا جنهن جو نالو ۽ سندس ڪارناما دنيا آڏو فخر سان پيش ڪري سگهون. صدين جي اڏوهي لڳل تاريخ ۾ تاريڪيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. اسان خالد بن وليد ۽ عمر فاروق رضه جي نقش قدم تي هلندڙ مجاهد پيدا ڪري نه سگهياسين. اسان وٽ ڪنهن به نيپولين ۽ سيزر جنم نه ورتو. اسان جي پياسي زمين ابن سينا ۽ سقراط جي قدمن لاءِ سڪندي رهي. اسان اشوڪ جهڙا وير ۽ راڻي پرتاب جهڙا حب الوطن فرزند پيدا ڪري نه سگهياسين. اها اسان جي تاريخ آهي. اسان اٻوجهه ۽ سٻاجها ان ڪري آهيون، جو اسان تاريخ جي صفحن کي پنهنجي ڪارنامن سان ڪين سينگاريو آهي ۽ نه جوهر جا جلوا دنيا کي ڏيکارياسين. پوءِ ڇونه اعتراف ڪريون ته اسان بزدل ۽ سنڪي آهيون. اهي حقيقتون آهن. اسان جي بزدليءَ جي پشت ۾ اسان جا اهي تاريخي حاڪم آهن جن پنهنجن قبرن تي قبا ته اڏايا، پر پنهنجي عظمت جي اعتراف لاءِ هڪ بهادري جو مثال به نه ڇڏيائون. کين ڀنگ، شراب ۽ عورتن جي محفلن کان ئي فرصت نه ملندي هئي جو قوم جي بهبوديءَ لاءِ جتن ڪن ها. کين عيش کان اجازت ئي نه ملندي هئي جو پنهنجي قوم جا قدم پختا ڪن ها. هنن وڌايو ۽ ڦهلايو پيرن جي هٿرادو ڪرامتن جي شهرت کي. سندن دغلبازين کي! هنن جيڪو بدعاتن ۽ بدرواجن جو ٻج ڇٽيو، تنهن جو فصل اڄ اوج تي آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، اتر کان ڏکڻ تائين ۽ اوڀر کان اولهه تائين هزارين بلڪه لکين پير، فقير، ڪرامتن جا مداري ٺڪرن ڀترن وانگر ملندا.
پيري مريدي اسان جي سرزمين جي ڪنڊ آهي. جيڪڏهن دنيا جو جائزو ورتو وڃي ته فقط وچ آفريڪا ۾ اسان جي پيري مريديءَ سان ملندڙ جلندڙ، جنتر منتر اڇليندڙ حبشي ملندا. هن دور ۾ جڏهن سائنس ۽ سماجي علم جي تعليم ۾ هر طرف کوجنائون ٿي رهيون آهن، اسان جي مريديءَ جو فعل بلڪل احمقاڻو ۽ جهالت سان ڀرپور نظر اچي ٿو. ان مان اسان جي ڪمزوري، ڀڳل عقيدي، خود اعتماديءَ جي غير حاضري ۽ لا محدود پستيءَ جي پرک پوي ٿي. ظاهر آهي ته اسان لا علم، ڪم فهم، گيدي ۽ ڏڪڻا آهيون. پنهنجي ڀوَ، سنڪي، ۽ وهم جي لاءِ پيرن جا در پنندا آهيون.
هڪ انسان ٻي انسان کان خانداني شان، دولت ۽ امارت جي زور تي برتر ٿي نٿو سگهي. انسان جي عظمت اخلاق ۾ آهي. انسان جي عظمت علم جي عميق مطالعي ۾ آهي. انسان جي عظمت انسانيت جي خدمت ۾ آهي. اهوئي انسان رهبر ٿي سگهي ٿو، جنهن وٽ آئيني جهڙي دل ۽ ماڪ ۾ ڌوتل عادتون آهن. ڇا اسان جا پير اخلاق جا سرچشما آهن؟ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪاني ڪرامتن جا صاحب شرابي، چرسي، جواري ۽ عياش هوندا آهن. ڪجهه ظاهر ظهور حرڪتون ڪن، ۽ ڪجهه پنهنجين مريداڻين تي هٿ صفا ڪندا رهندا آهن. اخلاق ۽ انسانيت جي ان ذليل موڙ تي بيٺل سنڌي جيڪڏهن اڄ به سجاڳ نه ٿيا ته پوءِ اسان جو رهيل کهيل وقار به وڃائجي ويندو. هر قوم اسان تي لعنت موڪليندي.
جيڪڏهن اسان سنجيدگيءَ سان غور ڪيون ۽ پنهنجين اوڻاين تي نظر وجهون، ته هوند معلوم ٿي سگهندو، ته اسان جي پستيءَ، جهالت، غربت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جا ڪارڻ ڪرامتي پير آهن، جن اسان کي زندگيءَ جي هر موڙ تي، هر دفعي لٽيو آهي، ڦريو آهي. اسان کي جاهل رکي، اسان جي لا علميءَ جو فائدو ورتو آهي. پير پرستي اسان جي جهالت جو کليل ثبوت آهي. ■
1961