اديب ٿيڻ جا ڪجهه راز ۽ رمزون
هت اسان نه جانورن جي مجبوريءَ تي ڪجهه لکنداسين ۽ نه ئي خان بهادرن جي وفاداريءَ تي. اسان فقط اديب ٿيڻ جا راز ۽ رمزون بيان ڪنداسين. اڳتي هلي، جيڪي به راز ۽ رمزون بيان ڪيون وينديون، تن ۾ وڏن وڏن ڪهنه مشق اديبن جا آزمايل نسخا موجود آهن. جنهن به ڀاءُ يا ڀيڻ جي تمنا هجي، سو هن نسخي کي غور سان پڙهي، دل سان هنڊائي، ته انشاالله دل جي مراد ماڻيندو ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انسان مان اديب ٿي پوندو ۽ هڪ ٻئي کان زور شيون کلڻ شروع ڪندو.
هرڪو اديب زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ناڪام محبت ڪندو آهي، ۽ پوءِ سڄي عمر عورتن جي ”برادري“ خلاف توتڙي وڄائيندو آهي. تنهن ڪري توهان کي به جڳائي ته زندگيءَ ۾ هڪ منڊي ٽنڊي ناڪام محبت ڪري، سڄي عمر لاءِ مرد جي مجبوريءَ جي ٺمري ڳائيندا رهو. ائين ڪرڻ سان توهان جي چهري تي اديبن جهڙي سنجيدگي پيدا ٿيندي. جهڙي تهڙي سنجيدگيءَ جو ڪم ڪونهي. سنجيدگي اهڙي ته پختي هجي جو جيڪر وڏا وڏا چٻرا به کل ۾ ويڙهجي وڃن. سنجيده ۽ رنجيده شڪل توهان جي اديب ٿيڻ جي علامت آهي. ان لڪ مان لنگهڻ کان پوءِ توهان کي ڪڙڪ سليماني چانهه سان دل رکڻي پوندي. قديم زماني ۾ سليماني چانهه فقط جن ۽ راڪاس پيئندا هئا، پر هن دور ۾ اديب پيئندا آهن. اهڙي چانهه پيئڻ جهاد کان گهٽ ڪونهي.
توهان کي پنهنجي شخصيت نمايان رکڻي پوندي، ڇو جو توهان کي اديب ٿيڻو آهي. اديبن جي ڏاڙهي وڌيل ۽ وار اڻڀا هوندا آهن. وڏا اديب ٻٽوئان وار رکائيندا آهن، ۽ مغز جي خشڪي دور ڪرڻ لاءِ رات جو گهر جي ڀاتين کان لڪي لڪي پنج باداميون کائيندا آهن. جن کي بادامين کائڻ جي توفيق نه هوندي آهي سي بوهي منڱ (جيڪي ڀولڙا کائيندا آهن) چٻاڙيندا آهن. اديبن لاءِ اکين ۾ اداسي هئڻ به لازمي آهي. اکين ۾ اداسي پيدا ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن: هڪ ته صبح جو اکين مان چپيون (يا پچيون) نه ڪڍو. ٻيو ته آڱر تي سرمو کڻي اکين جي چوگرد زور سان مهٽا ڏيو. ڪاري شيڊ ڪري اکيون خود بخود ڏرا ڏنل ڏسڻ ۾ اينديون. ان عمل کي انگريزيءَ ۾ ميڪ ــ اپ چوندا آهن. توهان کي ڪپڙا به نرالا ۽ انفرادي پائڻا پوندا. ڪوشش ڪري ڪٿان به کاڌي هٿ ڪيو. کاڌيءَ جو ڪپڙو اڪثر جيلن ۾ ٺهندو آهي، تنهن ڪري ڏسڻ ۾ مجرمن جهڙو ايندو آهي ۽ هٿ لائڻ سان جهڙو ريگمال پر توهان کي ته کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻا آهن. هاڻي اچو ته ڏسئون، ته اديب صاحب ۽ سنگت ساٿ جي محفل ۾ ڪهڙي روش اختيار ڪندا آهن. اميدوار اديبن کي گهرجي ته هو وڏن وڏن اديبن (قد بت ۾ نه) جي هلت چلت ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو غور سان جائزو وٺن.
ڪنهن به محفل ۾ اديب صاحب جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته جڏهن ڪنهن لطيفي تي يار ٽهڪ ڏيندا ته هو صاحب آهه ڀريندو. گنڀير گفتگو هلندي ته هو صاحب اوٻاسيون ڏيندو. مذهب جي ڳالهه نڪرندي ته هو حضرت بيزار نظر ايندو. مطلب ته ادي سائين جو سڄو وجود محفل ۾ دالچينيءَ جهڙو هوندو آهي. اول ته ڳالهائيندو نه، پر جي ڳالهائڻ ۾ اچي ڇٽو ته پوءِ فقط ڦٽڦٽي (يعني موٽر سائيڪل) سندس مقابلو نه ڪري سگهندي. اڌ محفل مان اٿي وڃڻ به سندس خاص اَدا آهي. محفل هيٺين ڪمري ۾ هوندي ته هو صاحب هڪدم ٻاهر نڪري ويندو ۽ در ٻاهران پير جي آڱوٺي سان مٽي کوٽيندو. مٽي نه هوندي ته ڇٻر جو گاهه پٽيندو (کائيندو نه). محفل مٿين ڪمري ۾ هوندي ته هلندي ڪچهري مان اٿي بالڪونيءَ ۾ اچي بيهندو. رات هوندي ته تارا ڳڻيندو ۽ جي ڏينهن هوندو ته موٽرن جا نمبر نوٽ ڪندو. مطلب ته هر ممڪن طريقي سان پنهنجي شخصيت مان نهايت الميه طرز عمل جو اظهار ڪندو. ان لاءِ اميدوار اديب حضرت کي سخت پريڪٽس يعني مشق ڪرڻي پوندي. الميه اداڪاري وڏن اديبن جو خاص مشغلو آهي. تنهن ڪري توهان کي به دنيا جي وڏن وڏن الميه اداڪارن جهڙوڪ مارلين برانڊو، دليپ ڪمار، مانٽگو مري ڪلفٽ وغيره جون فلمون نهايت غور سان ڏسڻ گهرجن، جيئن وقت آهر توهان سندن نقل و حرڪت جي بخوبي ڪاپي ڪري سگهو.
اديب ٿيڻ لاءِ نالو مٽائڻ به نهايت ضروري آهي. نالو مٽائڻ جا ٻه سبب آهن. اول ته اهي اديب نالو مٽائيندا آهن، جن جي ادبي تبديليءَ جي گهر ۾ سخت مخالفت ٿيندي آهي. اهڙا نوجوان اديب پيءُ جي مار ۽ وڏي ڀاءُ جي ٺونشن کان جان بچائڻ لاءِ پنهنجو نالو بدلائي ڪنهن مخفي نالي سان قلم آزمائي ڪندا آهن. نالي مٽائڻ جو ٻيو سبب آهي، پنهنجي دقيانوسي نالي ۾ رومانيت پيدا ڪرڻ. ڪجهه نالا ادب ۾ ڪوڙي باداميءَ وانگر ٿوڪاريا ويندا آهن، مثال طور: کدن، ڦندڻ، ليمو، آچر، سومر وغيره. اهڙا نالا ادب لاءِ سخت بي ادب آهن ۽ کوٽي پيسي وانگر ڪڏهن به هلي نه سگهندا، تنهن ڪري، ان کان اڳ جو توهان ڪا قيمتي فائونٽن پين (جهڙوڪ: پارڪر، شيفر، پيليڪان وغيره) وٺي لکڻ تي سندرو ٻڌو، تنهن کان اڳ توهان کي پاڻ لاءِ نهايت ئي روماني نالو تجويز ڪرڻ گهرجي. نالو اهڙو هجي جنهن ۾ درد و الم جي جهلڪ نمايان هجي. ڪجهه هن طرح جو نالو هجي: برباد، ناڪام، ناشاد، زخمي، ڦٽيل وغيره.
جيڪڏهن توهان کي چوٽيءَ جو اديب ٿيڻو آهي ته پوءِ سخت عشقي يا روماني افسانا لکڻ شروع ڪيو. عشقي افساني جي فارمولا لکڻ کان اڳ اسان لفظ ”چوٽيءَ“ جي وضاحت ڪنداسين. چوٽيءَ مان مراد عورتن جي چوٽي (يعني پوني ٽيل) نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن يتيم جي ٺوڙهي ٽڪڻ تي لهرائيندڙ چوٽيءَ سان هن لفظ جي ڪا مائٽي آهي. ادب ۾ لفظ ”چوٽيءَ“ جي معنيٰ گنجي ٽڪر جي چوٽي آهي، جنهن کي اهميت نه هئڻ سبب ڪنهن به ابڊمنڊ هلاري ۽ شرپا تن سنگهه فتح ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هينئر اسان روماني افساني جي فارمولا بيان ڪيون ٿا.
روماني افسانن ۾ هڪ هيروئن، هڪ هيرو ۽ هڪ ولين يعني بدمعاش هوندو آهي. سنڌي ادب ۾ هيروئن کي نائڪا ۽ هيرو کي نائڪ چئبو آهي. انگريز سرڪار (مائي باپ) جي ڏينهن ۾ نائڪ، پراڻي ۽ وفادار پٽيوالي کي سڏبو هو. آزاديءَ کان پوءِ نائڪ (پٽيوالو) ڪليڪٽر ته ٿي نه سگهيو، پر افسانن جو هيرو نائڪ ٿي پيو آهي. اِهي ادب جا پيچيده مسئلا آهن، في الحال اسان کين پرڀرو رکي، روماني افساني جي فارمولا جو راز فاش ڪيون ٿا.
هيرو ۽ هيروئن کي محبت ڪرايو. يا ته ننڍپڻ گڏ گذاريو اٿائون جو جوانيءَ ۾ هڪ ٻئي لاءِ حيران پريشان آهن، يا هيرو هيروئن کي بس اسٽاپ، ريلوي اسٽيشن، سئنيما (انهن مان ڪنهن به هڪ هنڌ) تي بيٺل ڏسي مٿس اڪن ڇڪن ٿي پوي. مطلب ته، ڪيئن به ڪري هيرو ۽ هيروئن جو پاڻ ۾ عشق ڪرايو. لڪي ڇپي ملن. ڪڏهن سمنڊ جي ڪناري واريءَ جي دڙن تي ۽ ڪڏهن تارن ڀريل رات ۾ ملندا رهن. مائٽن کان اک بچائي باغ ۾ ملن. محبت جي جيت جدائي آهي. تنهن ڪري ولين يعني بدمعاش کي ان محبت ڀريل دلين جي وچ ۾ ديوار يعني ڀت ڪري بيهاريو.ولين ڏنڊو مشٽنڊو هوندو آهي ۽ هيرو نهايت ئي ڳڀرو يعني ٺاهوڪو. بدمعاش هيروئن کي هيرو کان کسي کڻي ويندو. هيرو کي ڪاوڙ لڳندي. بدمعاش جي پيڇو ڪندو. آخر ۾ هيروئن کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو جي نه، ته هيروئن سميت آپگهات ڪندو. پر ڪامياب ڪهاڻي (چوٽيءَ جي) اها آهي جنهن ۾ هيروئن بدمعاش سان ٺهي وڃي ۽ هيرو کي بي وفائي جو داغ ڏئي.
اهڙا عشقي افسانا جيتوڻيڪ چوٽيءَ جا اديب لکندا آهن، پر تڏهن به شروع شروع ۾ شايع نه ٿيندا. افسانا شايع ڪرائڻ به پنهنجي جاءِ تي نهايت ئي مشڪل ۽ مشيني ڪم آهي. هت اسان اميدوار اديبن جي عام فائدي لاءِ اهي طريقا بيان ڪيون ٿا، جن کي اختيار ڪرڻ سان سندن افسانا هڪ ٻئي پٺيان شايع ٿيندا رهندا.
سڀ کا اڳ اديب کي ڪنهن به رمز سان رسالي جي ايڊيٽر سان دوستي ڳنڍڻ گهرجي. ايڊيٽر صاحبان آسانيءَ سان هٿ اچڻ جا ناهن. ڏاڍا هوشيار ۽ سياڻا هوندا آهن، پر توهان به پنهنجو بارود تيار رکو. ڪجهه مهينا سندس رسالي جي تعريف ۽ ايڊيٽوريل جي ثنا ۾ لفظن جا راڪيٽ ڇڏيندا رهو. توهان جا اهڙا خط رسالي ۾ شايع ٿيندا. توهان جو نالو پڙهندڙن تائين پهچي ويندو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ايڊيٽر صاحب تي نازل ٿيو. پاڻ سان سير کن مٺائي به کنيو وڃجو. اهڙي شيرين يعني مٺي نموني توهان جو تعارف ٿيو. ڪجهه ڏينهن رکي پنهنجو شهپارو (افسانو) خوب عطر هڻي کيس ڏياري موڪليو. انشا الله توهان جي پهرين ڪوشش ڪامياب ويندي. پهرين افساني شايع ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ٻن چئن دوستن ۽ ان رسالي جي ايڊيٽر کي هڪ زوردار ڊنر ڏيو. اهڙي نموني پنهنجي دوستي ۽ ياري ايڊيٽر سان وڌائيندا رهو. گنجي ٽڪر جي چوٽيءَ تي پهچڻ جو سڀ کان سولو طريقو اهو ئي آهي. توهان جو دوست ايڊيٽر دوستيءَ جي پت رکڻ لاءِ هر مهيني وڏي اهتمام سان توهان جا افسانا شايع ڪندو رهندو. اها ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه ڪونهي. جيئن وڏن وڪيلن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار جج صاحب جي دوستيءَ تي هوندو آهي، تيئن اديبن جي ڪاميابي به ايڊيٽر جي دوستيءَ تي منحصر آهي. ڪڏهن به نه سوچجو ته جنهن معاشري ۾ وڪيل جج جو دوست آهي اتي انصاف ڪڏهن به پلئه نه پوندو ۽ جنهن ادب ۾ اديب ايڊيٽر جو دوست آهي، اتي سٺو ۽ صحتمند ادب ڪڏهن به پيدا نه ٿيندو. اهي ڳالهيون قديم زماني جون آهن، جڏهن نه جج هوندا هئا، نه رسالن جا ايڊيٽر!
جيئن جيئن توهان جي دوستي ايڊيٽر سان گهاٽي ٿيندي ويندي، تيئن تيئن توهان گنجي ٽڪر جي چوٽيءَ کي ويجها پوندا ويندا. ڪجهه عرصي کان پوءِ ايڊيٽر صاحب توهان کي ڦيرائي ڦيرائي چوٽيءَ طرف اڇلائيندو. توهان بابت لکندو: ”هن پرچي ۾ پڙهو سنڌي ادب جي انٽليڪچوئل اديب جي ڪهاڻي.“ پوءِ توهان جي نالي سان لقبن جو پڇ ڳنڍجي ويندو: ”سنڌي ادب جو اڪيلو افسانه نگار“، ”عظيم ليکڪ“ وغيره.
ايڊيٽر صاحب ته پنهنجو فرض نڀايو. هاڻي توهان تي ڇڏيل آهي ته پاڻ کي اهڙن لقبن جي لائق ثابت ڪريو. اهو ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي. ادب ۾ ڪجهه نالا فقط فيشن طور استعمال ٿيندا آهن. توهان کي اهڙن اديبن جا نالا ۽ سندن مشهور تصنيفن جي لسٽ ياد هئڻ گهرجي. (ضروري ناهي ته توهان سندن ڪتاب ڏسو يا پڙهو). هاڻي پڙهندڙن تي رعب ويهارڻ لاءِ توهان پنهنجين لکڻين ۾ ادبي فيشن جا نالا ۽ وزني ڪتابن جا حوالا ڏيڻ شروع ڪيو. مثال طور، پنهنجي افساني جي نائڪا (هيروئن) جي باري ۾ لکو ته، ”هوءَ ٽالسٽاءِ جي ايناڪرنينا جهڙي هئي.“ ظاهر آهي ته توهان خواب ۾ به ٽالسٽاءِ جو ناول ايناڪرنينا نه ڏٺو هوندو. اهڙي نموني ٻيا به ڪجهه نالا آهن جيڪي ادب ۾ wash-n-wear وانگر استعمال ٿيندا آهن. ۽ توهان جي وسيع مطالعي جي ثابتي ڏيندا، (جيتوڻيڪ توهان انهن ليکڪن کي پڙهيو به نه هوندو). انهن مان ڪجهه نالا هي آهن: ٽالسٽاءِ، ٽئگور، وڪٽر هيوگو، سمر سٽ ماهم، موپاسان، ٿامس هارڊي، ميڪسم گورڪي وغيره.
توهان کان اڪثر سوال پڇيو ويندو ته توهان جو پسنديده ليکڪ ڪير آهي؟ جواب ۾ مٿين آفت ليکڪن مان ڪنهن به هڪ جو نالو ۽ سندس ڪتابن جي فهرست ٻڌائي وڃو.
ڪجهه بي ادب توهان جي ادبي ڪاميابي تي ساڙ کائيندا، جڪ کائيندا ۽ توهان کي ڪنهن روزاني اخبار ۾ (جنهن کي شايع ڪرڻ لاءِ خبرون نه ملنديون هونديون) گاريون ڏيندا. اهڙن اٻوجهن جي نادان حرڪت توهان لاءِ فائدي واري ثابت ٿيندي. توهان جي شهرت وڌندي رهندي. توهان جي ناموس کي روز ٻه ٽي چنڊ لڳندا رهندا. جن توهان جا شهپارا (ان لفظ جو ”نمڪ پارا“ سان ڪو به تعلق ڪونهي) نه پڙهيا هوندا، تن جي دل ۾ توهان جي لکڻين کي پڙهڻ جي تمنا جاڳندي.
اسان جيڪو نسخو بيان ڪيو آهي، سو وڏن وڏن ڪهنه مشق اديبن جو آزمايل آهي ۽ انشا الله اميدوار ۽ اسرندڙ اديبن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو. نوٽ: اڇن اجرن ڪپڙن، سٺي صحت ۽ وسيع مطالعي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هي نسخو افسانه نگار، ناول نويس ۽ شاعر اميدوار استعمال ڪري سگهن ٿا. ■
1965