روايت جي ابتڙ : ماهتاب محبوب جي ڪتاب ”پرهه کان پهرين“ جو مهاڳ
عام حالتن ۾ ڪوبه هوشمند شخص پنهنجي همعصر جي ڪتاب جو مهاڳ نه لکندو آهي. جيڪڏهن لکندو آهي، ته کيس پنهنجي مٿي تي هڪ عدد چٻرو ويٺل محسوس ٿيندو آهي، جيڪو کيس خوامخواهه افلاطون هئڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا رکندو آهي. مون پنهنجي مٿي تي ڪنهن به قسم جي چٻري کي ويهڻ نه ڏنو آهي. منهنجو رشتو ڌرتي سان آهي، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان آهي. مان ماهتاب جي ڪتاب جو مهاڳ ان ناتي لکي رهيو آهيان، جو هوءَ ڌرتيءَ جي ماڻهن جون ڪهاڻيون لکندي آهي. عام ماڻهن جون ڪهاڻيون لکندي آهي. سمجهه ۾ ايندڙ، سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون لکندي آهي.
مهاڳ، دستور موجب، ڪتاب جي مواد تي لکيو ويندو آهي. پر مان، ان دستور جي خلاف ورزي ڪندي ڪتاب جي مواد تي نه لکندس. ماهتاب جون ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون آهن. کيس پڙهندڙن جو وڏو حلقو آهي. مان پنهنجو رايو پڙهندڙن تي مڙهڻ نه ٿو چاهيان. مان هميشه ان حقيقت جو قائل رهيو آهيان، ته نقاد ۽ مهاڳ لکندڙ کان وڌيڪ عام پڙهندڙ اهم آهي، جنهن جي ڪري، ۽ جنهن جي وسيلي ليکڪ زنده رهي ٿو؛ اُڀري ۽ اُسري سگهي ٿو. مان، تنهن ڪري ڪتاب جي مواد تي ڪجهه نه لکندس.
ٻارهن ـ چوڏهن سال اڳ جي ڳالهه آهي! تڏهن ماهتاب جون ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ پابنديءَ سان ڇپجنديون هيون، ۽ مان پنهنجي ڪا ڪهاڻي نئين زندگي رسالي جي صفحن تي ڏسڻ لاءِ سڪندو هوس. مان رسالي جي ايڊيٽر کي پابنديءَ سان ڪهاڻيون موڪليندو هوس ۽ هو ڏاڍي پابنديءَ سان ڪهاڻيون موٽائي موڪليندو هو.
ماهتاب جون ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڏسي مان خار کائيندو هوس. مون کان جڏهن برداشت ٿي نه سگهيو، تڏهن مون هڪ هفتيوار اخبار ۾ ماهتاب جي ڪهاڻي، ”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽر ۽ رسالي جي پاليسيءَ خلاف نجمه شيرين جي نالي سان تنقيدي خطن ۽ مضمونن جو سلسلو شروع ڪيو. مخفي نالي سان لکيل منهنجن خطن ۽ مضمونن پڙهندڙن ۽ ماهتاب جي صحت تي ڪو اثر ڇڏيو يا نه، تنهن باري ۾ مون کي ڪابه خبر ڪانهي. باقي ڪجهه پڙهندڙن کي منهنجو مخفي نالو، نجمه شيرين ڏاڍو وڻي ويو. هنن مون کي ايترا ته عشقيه خط لکيا، جو مجبور ٿي مون کي نجمه شيرين جي نالي سان لکڻ جو تنقيدي سلسلو ختم ڪرڻو پيو.
مون پنهنجي اصلي نالي، امر جليل، سان جلاوطن ٿي لکڻ جو فيصلو ڪيو. ان عرصي ۾ مون محسوس ڪري ورتو هو، ته ٻئي همعصر تي تنقيد ڪرڻ ۽ ساڙ کائڻ سان پنهنجي حصي ۾ ڪروڌ کان سواءِ ڪجهه نه ٿو اچي. مون هندستان جي سنڌي رسالن ۾ پابنديءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ سالن تائين منهنجي تحرير سنڌ لاءِ سڪندي رهي.
مقصد سان سچائيءَ جو درس مون کي ماهتاب وٽان مليو. عام عورت جي سجاڳي، وهمن، سنسن، ۽ دقيانوسي روايتن خلاف جنگ جوٽڻ ماهتاب جي ڪهاڻين جو مقصد آهي. سندس طنز جو زهر ڪنهن ڪنهن وقت ايڏو ته ڪڙو هوندو آهي، جو پڙهندڙ ماهتاب جي تحرير جي تلخي پنهنجي روح ۾ محسوس ڪندو آهي.
1947ع کان پوءِ، سنڌي ادب جي تخليقي ادب ۾ فقط ماهتاب ئي آهي جنهن پابنديءَ سان مسلسل ۽ لاڳيتو لکيو آهي. مسلسل ۽ لاڳيتو لکڻ سنڌي ادب لاءِ بلڪل نئين روايت آهي. ان روايت گهڻن ئي نقادن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. سنڌي تخليقي اديب جي ادبي عمر پنجن کان ڏهن سالن جي وچ ۾ هوندي آهي. دنيا جي ٻين ٻولين جي اديبن جي ادبي عمر پنجويهن کان پنجاهه، ۽ سمر سيٽ مهام جي معاملي ۾ ستر سال آهي. ان لحاظ کان ماهتاب سنڌي تخليقي ادب ۾ لاڳيتو ۽ مسلسل لکڻ جي پيڙهه وڌي آهي.
ماهتاب ضدي، ۽ پنهنجن فيصلن جي پابند رهي آهي. مان سمجهان ٿو، هن جڏهن ڪو سنڌي ادب ۾ لاڳيتي ۽ مسلسل لکڻ جي پيڙهه وڌي آهي، تڏهن ان کي پختو به ضرور ڪندي، ۽ لکندي رهندي.
تمام گهٽ پڙهندڙن کي خبر هوندي ته ماهتاب منهنجي ڀيڻ آهي. نه فقط ايترو، هوءَ منهنجي پياري دوست محبوب شيخ جي گهرواري پڻ آهي. ٻئي زال مڙس زور آور آهن. منهنجي مٿي تي چٻرو ويهاري چيائون ته، ”هن ڪتاب لاءِ مهاڳ لِکُ“. مون چٻرو اُڏاري ڇڏيو، پر سندن حڪم ٽاري نه سگهيس. تنهن ڪري، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سو مهاڳ ناهي. ■
1973