پنهنجي پاران
هئنگ اوور مان اُڀامي نڪتل نظم ”هئنگ اووَر“ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنائن ۾ پهرين معنيٰ ان حالت کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا الڪوحل جي سرس واپرائڻ بعد مٿي جي سور ۾ بدلجندي آهي. ٻي معنيٰ ان احساس جي موجودگي ظاهر ڪندي آهي، جنهن جو جنم ڪنهن گذريل يا گذاريل پل ۾ ٿيو هجي. ڪو تجربو، ڪو مشاهدو يا مراقبو احساس بڻجي اڀرندو هجي ۽ پنهنجي اثر ۾ هڪ قرض جيان ڀاري محسوس ٿئي. شاعراڻي ڪيفيت کي ڪلاسيڪيت آمد جهڙي الهامي معنيٰ ۾ به استعمال ڪندي رهي آهي. اها ڪيفيت معروض پيدا ڪري يا موضوع آڻي يا خارج ۽ اندر هاڙهوٻٽ ٿي جنمن، ان جي پڄاڻي شاعر لاءِ شاعريءَ جو اظهار ٿئي ٿي. اظهار جي اڻ تڻ ئي شاعر جو هئنگ اووَر آهي منهنجي سمجهه ۾ زندگيءَ جو! رومانس، معروض ۽ حالتن جو زهر ۽ فطرت جي جماليات جا جوهر ئي منهنجي هن هئنگ اووَر جا بنيادي محرڪ رهيا آهن. زندگيءَ جي رومانس جو ڪو انت ئي نه آهي نڪي ان کي ڪنهن مخصوص پيراميٽر تي محدود ڪري سگهجي ٿو. زندگي جو اهو رومانس اڙٻنگ جوڀن جون مستيون هجن يا محبتن جون مسافتون يا ڪيترائي ڌوڪا يا وفاداريون ۽ رسڪ هجن پر جواني ۾ رومانس کي پنهنجي هڪڙي معنويت آهي. زندگي جي رومانس ۾ وري ميچوئر سوچ، ڌرتي جو اونو، انسانيت جو فڪر يا تخيلاتي جولاني به شامل ڪري سگهجن ٿا. رومانس صرف جيئڻ نه پر مرڻ به هوندو آهي! جيئندي به بار بار موت جو منهن ڏسڻ ۽ مرندي مرندي به اچانڪ زندگيءَ جي ڀاڪر ۾ ڀيچجي ڀڪوڙجي وڃڻ پڻ هڪ عجيب رومانس آهي. رومانس جا اڻ ڳڻيا روپ ۽ تصور منهنجي هن مهل تائين گذري آيل زندگي جو سڌي يا اڻ سڌي واسطي ۾ رهيا آهن ۽ اهڙيون کوڙ لقائون به اکين آڏو ڪيترن ئي روپن ۾ گذريون آهن. زندگي جي رومانس جيان معروض ۽ حالتن جو زهر پڻ منهنجي زندگي جو اهو عرق آهي جنهن منهنجي هئنگ اوور جي سفر کي شعوري سُرور بخشيو آهي. فلسفي ته ايترو به چون ٿا ته معروضيت ئي انسان جي داخليت ٺاهي ٿي ۽ ان تي زندگي جو تقريبن سمورو ڪاروهنوار آڌاريل هوندو آهي. اهو تصور لي ويگوسڪي Lev Vegostky واري خارجيت آهي، جنهن چيو هو ته ڪاگنيشن جون ٺاهيندڙ بيروني حالتون آهن تنهن جي بنياد تي انسان جي داخليت پرورش پائي ٿي يا ايوان پاولوف Ivan Pavlov واري Stimulus هجي جنهن جو ريسپانس ۽ ري انفورسمينٽ هجي پر اهي سموريون لقائون معروضي تربيت تي آڌاريل هونديون آهن. اهڙي طرح منهنجي زندگي ۽ شاعري ۾ معروضيت جو وڏو عمل دخل آهي. نظمن جي سرجڻ ۾ معروضيت ۽ حالتن جو درد ڄڻ ته منهنجي رت جا اڇا جزا White Blood Cells جيان آهن جيڪي انسان جو اميونٽي سسٽم يعني دفاعي نظام آهن تيئن منهنجي حالتن ۽ معروض جو وجود آهي. آئون نٿو ڄاڻان ته اها معروضيت ۽ حالتن جو عمل دخل منهنجي زندگيءَ جي ڪهڙن پاسن کان ڦٽي نڪتل آهي؟ اهو منهنجي روزگار جي نوعيت ۽ حالتن مان ڦٽي نڪتل آهي يا مشاهدي جي حساسيت واري قوت آهي يا مطالعي جي اها ڪيفيت آهي جنھن تي ڀٽائي سرڪار جي ”جيڪي پڙهيم، جيءَ لاءِ، سي ئي سيلهه ٿيام“ واري سٽ جو مفهوم ڇانيل آهي؟ ان جو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ ايترو آسان نه آهي. جڏهن ته فطرت جي جماليات ڪيترن ئي انساني لقائن جو بنيادي جز آهي. منهنجي ”هئنگ اووَر“ جو ڏھاڪو کن سالن کان وڌيڪ جو ڊگهو سفر به فطرت جي انهي جماليات جو اولڙو آهي جنهن مون ۾ پاولوف جو رِي -انفورسمنٽ Reinforcement وارو نقطو اوتيو آهي. دنيا بيشڪ پوسٽ ماڊرنزم کان الٽرا ماڊرنزم يا پوسٽ پوسٽ ماڊرنزم جو سفر طئي ڪري ڪٿي به وڃي پهچي پر انسان جماليات جي فطرت کان اڳتي نٿو وڌي سگهي. زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي انسان کي فطرت جي اسپيڊ بريڪر کي منهن ضرور ڏيڻو آهي. سماج بيشڪ شيشن جي بازارن ۽ عمارتن جو لطف وٺي، پر اهي شيون آبشارن جي تازگي جي متبادل نٿيون ٿي سگهن، جنهن سان زندگي هڪ ڪامل جيوت بڻجندي آهي. ڪائنات جون حسناڪيون جنهن ۾ چنڊ جو چمڪڻ، چاندني جو سرور، ڪهڪشان جون رونقون، وڻڪاري جي اڻت ۾ تحليل ٿيل ٿڌڙي ڇانءُ جنهن سان جيڪا راحت ملي ٿي اها ايئرڪنڊيشن مان ناممڪن آهي. اربنائيزيشن Urbanization جي ور چڙهيل سماج ۽ ڌرتي تي صحرائن ۽ ريگستانن جو رومانس بنهه اوچو بيٺل نظر ايندو آهي. زمانو محبت کي کڻي ڪيترو بازاري بڻائي ۽ جبلت جي باهه ۽ اڃ اجهائڻ لاءِ ڪيترائي ماڊل ڇو نه گليمر ۽ ميڊيا جي دنيا ۾ آسمان تي پهچائي پر اصلي محبت ۽ وفاداري جنهن ۾ سوين رسڪ، خطرا ۽ پهرا هجن ان جو لطف نٿو ڏيئي سگهي. زندگي ۾ هزار آسائشون هوندي به جيڪا راحت محبوب جي مسڪراهٽ ۾ ملندي آهي اها پائڻ ڪنهن سائنسي ايجاد جي وس جي ڳالهه نه آهي. فطرت جي اها جماليات اوهان زندگي مان ڪڍي ڇڏيو ته شاعري کي ڪهڙي معنيٰ ملي سگهي ٿي؟ ان جو جواب اسان جو هر ماڻهو ڏيئي سگهي ٿو. اهو پڻ منهنجي ”هئنگ اووَر“ جو محرڪ آهي.
هي ئي اهي قوتون هيون، جن مون کي وقت بوقت موٽِيويشن ۽ اتساهه پئي ڏنو آهي ته زندگي جا اولڙا ۽ حالتن جي انٽرپريٽيشن کي اظهار جو روپ ڏئي جيوت بخشجي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته شعوري يا لاشعوري منهنجو ”هئنگ اووَر“ سنڌي نظم ۾ ماضي ۽ مستقبل جي پيچرن جي اها پُل هجي جيڪا جدت ۽ ڪلاسيڪيت جي روايتن جي انضمام هجي. جدت مان منهنجي مراد خيال جي ندرت، فڪر جا ورسٽائيل اولڙا، موضوعن جي وسعت ۽ ٽريٽمنٽ جي ترتيب آهي. جڏهن ته ڪلاسيڪيت مان مراد شاعري جي فني گهرج ڏانهن اشارو آهي جيڪا شاعري جي بنيادي گهرج آهي ته شاعري ۾ فڪر سان گڏ فني لوازمات جنهن ۾ وزن و بحر، قافيا رديف يا تمثيلون، تشبيهون ۽ استعارا هجن ۽ ڪلاسيڪيت ۾ موضوع پڻ ڌرتي جي تاريخي ورثي ۽ قوم سان سلهاڙيل هجڻ سان گڏ عالم انسان مان به الڳ نه هجي. فني حوالي سان عروض جي اصولن کي مون عربي فارسي ۽ اردو جي تلفظ ۽ آوازن جي ڀيٽ ۾ سنڌي زبان جي تلفظ ۽ آوازن جي فارم ۾ موزون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪهنه مشق عروضين وٽ منهنجي اها بغاوت قابل قبول نه هجي پر مون کان اها گستاخي سرزد ٿي وئي آهي، جن لئه اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان. جيتوڻيڪ انهي بغاوت پٺيان سنڌي ٻوليءَ جي انجيئرنگ جي اسرندڙ سگهه ئي وڏو محرڪ آهي جنهن ڏانهن مون ارپنا ۾ اشارو ڪيو آهي ته سائين ماجد ڀرڳڙي، امر فياض ٻرڙو، شبير ڪنڀار، محترمه صائمه ۽ علي حسن ملاح جي ٽيم سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي طرح پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ ان کي پنهنجو الڳ عالمي معيار ڏيڻ جو ڪم شامل آهي جيڪو اسان کي سڏ ٿو ڏئي ته اسان کي شاعريءَ جي عروض ۽ ٻين فني قاعدن کي ٻيهر ٺاهڻ ۽ لکڻ جي ضرورت آهي، جيڪو معيار اسان جي ٻولي تي مدار رکندڙ هجي. تنهن مانِ اهو واضح ٿئي ٿو ته اسين هڪ آزاد ۽ خودمختيار ٻوليءَ جا وارث آهيون. تنهنڪري اسان ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي معيارن جي بيساکي تي ڇو هلون؟ انهي ڪوشش ۾ آئون ڪيترو ڪامياب آهيان ۽ اڃا ڪهڙيون تقاضائون آهن اهو ته وقت ۽ اوهان پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهو ٿا.
فياض ڏاهري