اوجاڳو
نديءَ ڪناري ڇانو ڄمونءَ جي
ٽڪريءَ جي دامن ۾ دريا
ساري وادي سونهن- نـَگرُ آ
سونَ سنواري پرجا آهي
راجا آهي
راجا وٽ جو لشڪر آهي
ڏيهان ڏيهه سندس ڏر آهي
آن ءُ سپاهي
ڌرتيءَ جي دنگن جو واهي
ساري پرجا سک ستل آ
پر لشڪر جي ننڊ ڦٽل آ
پار نديءَ جي هل هلاچو
ويري لشڪر ڪاهي آيو
ماڻهن ڇرڪي دانهن ڪئي آ
گهوڙا گهوڙا راجا راجا!!
مان به اٿان ٿو
پنهنجن ساٿين ساڻ ڊڪان ٿو
تلوارن جو جهنگ لتاڙي
وار ڪيان ٿو
وار سهان ٿو
عضوو عضوو رت رتوِڙيو
ننڊ وڪوڙيو
ڌرتي ڪيڏا سڏ ڪري ٿي
ننڊ ڦٽي ٿي
ٽڪريءَ جي دامن ۾ دريا
نديءَ ڪناري ڇانو ڄمونءَ جي
نم تي ڪانويلي جي ڪان ڪان
ڪن وڄن ٿا
راجا راجا!!
ڪان ڪان ڪان ڪان
راجا راجا!!
ڌرتي ڪيڏي مٽجي وئي آ
ليڪن سڏ ته ساڳيو آهي
ڪيڏا جڳ ستو آهيان پر
اکڙين کي اوجاڳو آهي.