شهر جانان-2
ساهه مٺ ۾ شهر جانان جو ٿيو
خوف جا بادل اٿيا هر ذهن جي آڪاش تي
لمحا لمحا فائرن جي گوڙ گونجي چؤطرف
وات آٽو گن مشينن جا کلي پيا اوچتو
کنوڻ چوماسيءَ ڪئي کجڪار ڄڻ
ٽپ ٽپڪ ٽپ بوندا باندي ڄڻ شروع ٿي خون جي
بوندا باندي... تيز بارش... ۽ ڳڙو
ڍير لاشن جا ڪري پيا برف بڻجي روڊ تي
گس بازاريون سموريون
در دريون ۽ بالڪونيون
خون ۾ وهنجي ويون
ٿيو ائين محسوس ڄڻ برسات گولين جي وُٺي
دم به دم منظر ويو تبديل ٿي
سرگرم ٿي ويو اچانڪ ”محڪمه موسميات“
شهر جانان جي مندن تي جو رکي ٿو ضابطو
جلد ڪو اجلاس ٿيو
قتل جي مند تي وري ڪجهه بحث ٿيا
نيٺ دفتر جي صحن تان
قاتلن جي هڙ گروهن جي امامن
ڪو پڌرنامو گڏيل جاري ڪيو
هاڻ ”موسم“ ماڳ ڏي موٽڻ لڳي آ
خوف جا بادل ٽريا
خون جي بارش رڪي
گوڙ بند بارود جي آ ٿي چڪي
ڪنهن ڀيانڪ خواب مان کولي اکيون
شهر جانان هڪ دفعو ٻيهر ’فياض‘
پنهنجي جوڀن جي ادائن سان وري جرڪڻ لڳو آ.