رڻ ڪڇ ۾ رات
اوندهه اداس صحرا، سرسر ڪندڙ هوائون
پٿرائجي ويا ها ٻئي نيڻ رهگذر ۾
بي انت ۽ ڀيانڪ ويران وسعتن جا
ڪيڏا نه رنگ اڀريا ميرانجهڙي نظر ۾
چانديءَ جي ورق جهڙو آنچل هو آسمان جو
هيرن جيان ستارا چمڪيا پئي چنيءَ ۾
نيرانجهڙو اجالو تارن جي روشنيءَ ۾
بدبخت تيرڳين تي ڪنهن وار جان لڳو ٿي
اجڙيل وسيع فطرت جي ڀاڪرن ۾ تنهن پل
منهنجو شعور مون کي ڪنهن ٻار جان لڳو ٿي
سوچن مان عڪس ٻيا سڀ وکري ويا گهڙيءَ ۾
ڪي رات رنگ آندا سنسان سرڪشيءَ ۾
هي ٺوٺ سمنڊ مون لئه ڪو اوپرو ته ناهي!
اتهاس جي گهٽيءَ جو ڪوئي سرو ته ناهي!
تاريخ جي دريءَ مان بي نانءُ ٿا نهارن
’تغلق‘ هجي ’دلاور‘ يا ’بيگڙي‘ جو لشڪر
ڌرتا، ڌراڙ ڌرتي تو تان نثار آهن
ڪاري پهاڙ پويان ڪا روشني ڦٽي آ
خنجر کپائي اوندهه جي اوجهه کي ڪپي
ڪولهيءَ جي آڱرين جون ڏياٽيون ٻريون فضا ۾.