ايڪٽ فور
ڪجلي جي پراڻي پکي جي ڀر ۾ نئون ڪشادو ۽ خوبصورت پکو اڏيل آهي، پکي جي ٻاهرين بيهڪ هڪ ننڍڙي گهر جو ڏيک پئي ڏئي ۽ اندروني جوڙجڪ ڊرائينگ/ بيڊ ڪارٽيج جهڙي آهي. خوبصورت جهالرن سان سونهري ڀوري رنگ وارا پردا بيڊ روم ۽ ڊرائينگ روم کي هڪٻئي کان الڳ ڪري رهيا آهن. ٻنهي ڪمرن ۾ خوبصورت ايراني قالين وڇايل آهن . جن تي ڪابلي تڪيه ۽ پشاوري طول وهاڻا پيل آهن ..
پکن تي رات ڇانيل آهي ۽ ڪجلي جي نئين پکي ۾ رنگبرنگي روشني پئي جرڪي ، پکي جي وچ وارا پردا ويڙهيل آهن . بيڊ روم واري حصي ۾ قالين تي هڪ پاسي ڪابلي تڪيه ۽ پشاوري طول وهاڻا رکيا آهن ۽ ٻئي پاسي خوبصورت وڪٽورين ڊزائين واري خوبصورت پلنگ تي نرم ايراني ڪمبل ۽ ڳاڙهي بخملي چادر جو بسترو وڇايل آهي ، جنهن تي پارو گهري ناسي چوڙيدار پاجامي مٿان ڳاڙهي رنگ جو پڙو ۽ راجستاني ڀرت ڀريل چولي پاتل ۽ کنڀي جي چنري اوڍي ويٺل آهي .
پکي جي ڊرائينگ روم واري حصي ۾ مير وڏل شهپرن ۽ وارن کي رنگ هنيل نوابشاهي ڪٽ تي پيلي رنگ جي ڪاغذي سنڌي ٽوپي پاتل، بوسڪيءَ جي سلوار قميص سان ، لاک جي گلن ۽ ڪائي جي گول ڪاون سان سجايل موڙي تي ويٺل آهي.
ڪجلو، رتني، شانتا هيٺ قالين تي ويٺل آهن. شانتا طول وهاڻو هنج ۾ رکي ڪڏهن مير وڏل ته ڪڏهن پارو کي تڪي رهي آهي ، گورو ۽ پري عجيب نظرن سان ماحول ۾ آيل نواڻ ڏسي حيران آهن ۽ پري ڪنهن ڪنهن مهل کيچل نما حرڪت ڪري رهي آهي، ڪجلو ۽ رتني مير وڏل تان اور گهور پيا وڃن. نيٺ ڪجلو مير وڏل ڏانهن تڪي عاجزيءَ ۽ لالچي اکين سان چوڻ لڳي ٿو .
ڪجلو:
مير توکان نه منهن مٽايو سين
لوڪ توڙي سڄو رنجايو سين
تون پکن ۽ ٻچن جو وارث آن
تنهنجي پيرن جي ڌوڙ جهڙو مان
تو ڪيو سڱ آ فقيرن سان
دک هاڻي پکن کان دور ٿيا
پارو سڏبي وڏي حوالي سان
۽ پکا مير تنهنجي نالي سان
تون سخي مرد ميرَ حاتم آن
آنءُ تنهنجو اهو ئي خادم هان
تو وڏا وڙ ڪيا غريبن سان
تنهنجي آئي پکن جو مان وڌيو
منهنجي ڀاڳن تي جڳ جهان جليو.
مير مسڪرائي مٺ نوٽن جي ڀري ڪجلي کي ڏئي ٿو، ڪجلو هڪ هڪ ڳاڙهو نوٽ پريءَ ۽ گوري کي ڏئي پنهنجي پکي پراڻي پکي ڏانهن موڪلي باقي نوٽ پاسي واري کيسي ۾ وجهي پاڻ قالين تي ويهي رهي ٿو. کن پل جي سانت کانپوءِ خاموشي ٽوڙيندي رتني ڳالهائي ٿي.
رتني:
سارو جڳ جهان وساري
ڪجلو تنهنجي ڪڍ لڳو آ
پٺ جي توکي پارت سائين!
جهولي منهنجي خالي آهي
شال هجين رکوال سدائين!
مان آيل هان تون ڄايل آن
ڌرتي سائين تنهنجي آهي
پارو توکي پرتي سائين!
سرتي سائين تنهنجي آهي
پوڙهي عمر وساري تنهنجي
مکڙي مهڻنهاب ڏني سين
پارو پنهنجي موڙي آهي
توکي سائين سا به ڏني سين
مرڪي مرڪي ماڻ جواني
جوڀن تو لئه آتو آهي
تو جي پاتا پير پکن ۾
مون کي ڀاڳ سڃاتو آهي
پارو تنهنجي راه نهاري
گوريءَ جو هر خواب اڃارو
ٻهڳڻَ تنهنجو ساٿ سنڀاري.
ايئن چئي پکي جي وچ وارن ويڙهيل پردن جي ڪهين کي ڇڪ ڏئي کولي ٿي ٻئي پردا کلي ٻنهي ڪمرن جي وچ واري ديوار ٿي پون ٿا . رتني مير کي ادب ، عاجزيءَ ۽ لالچ ڀريل نظرن سان پارو ڏانهن وڃڻ جو عرض ڪري ٿي. ميرُ پردي کي فاتحانه انداز ۾ هٽائيندي ٻئي پاسي وڃي پارو سان گڏ پلنگ تي ويهي ٿو. شانتا اٿي پردو ڪراس ڪري ميرَ ۽ پارو جي سامهون بيهي چوڻ لڳي ٿي.
شانتا:
ڳنڍيو آ نينهن اوهان ساڻ سرمئي جوڀن
اوهان به آهي گذاري عمر شڪار ڪندي
حسين ايترو اڳ ۾ شڪار تو نه ڪيو
جوان روح جي گرمي ۽ رنگ برفيلو
گلاب جسم ۽ جوڀن نفيس شرميلو
پلئه هٽيو جي بدن تان ته روشني ڦٽندي
اجاڙ جسم اوهان جي ۾ زندگي ايندي
اسان جو پيار ٿو پويان نوان مثال ڇڏي
وفا اسان جي نشانبر سڄي زماني ۾
کلي ڏسو ته رچي رنگ ٿو فساني ۾
اوهان جي نانوَ جي پويان وهي لٽايون ٿا
ڪبوتريءَ جي وفا ڪوڙ ڪير ڪوٺيندو
اوهان جي توڙ نڀايو ته معجزو ٿيندو
اجاڙ خواب بکايل وهيون قبيلي جون
ڳڀي جي آڙ ۾ تنهنجي حوس لٽيون آهن
ڪروڌ، لوڀ ۽ ڊپ جون ڪهاڻيون آخر
بغاوتن جي سلن وانگيان ڦٽيون آهن
ڪٿي عياشي اوهان جي ڪٿي نڪور وهيون
پکن کي ڀاڳ اڃان ڪيترو رلائيندو
ضمير قيد جي آڙاه مان نه ٿو نڪري
اسان کي درد گهڻا دورَ ٻيا جلائيندو
اوهان جي جيت سدائين اسان جي هارَ رهي
اسان جي هارَ جا ڪئين هارَ تو ڳلي پاتا
سفر ڊگهو آ اڃان دور آهيون منزل کان
سفر ۾ درد ڇلن وانگ فاصلي پاتا.
ائين چئي شانتا پردو ٽپي ٻاهر نڪري وڃي ٿي مير وڏل ۽ پارو پلنگ تي اڪيلا رهجي وڃن ٿا .پارو جي انگور جهڙي رسيلي جوڀن جي مهڪار ۾ مست ٿي ميرَ وڏل جو ڏڪندڙ هٿ پارو جي کاڏيءَ تي پهچي ٿو ۽ سندس ماڪ ڀنل گلاب جهڙي مکَ کي مٿي کڻي ڳالهائي ٿو.
مير وڏل:
ڇا ڪامڻي وهيءَ کي وڄ جي ورن مان آندئي
ايڏو حسين جوڀن ڪهڙي چمن مان آندُئي
ڪارا هي وار تنهنجا ڪنهن غار جو انڌيرو
منزل تي ڪيئن رسندا ، اونداھ جا مسافر
رخسار ڄڻ ته ڇلڪن ٿا کير جا ڪٽورا
مون وٽ به اڃ آهي، ڪنهن ٻار جي چپن جي
هي نيڻ پياس آهن مئنوش عاشقن جي
ڳارين ۾ ڄڻ ته آهي جوڙي ڪبوترن جي
مرڪين ته تنهنجي مک جي آڪاش تي او جانان
اڀري پوي ٿي انڊلٺ جاڙي سندءِ چپن جي
ڪنهن بت تراش ٺاهي تنهنجي سڊول هاٺي
جوڀن ڪراڙپڻ مان بڻجي سرور اڀريو
اوتي نشو اکين ۾ آهي غرور اڀريو
۽ پوڙهپڻ ۾ تنهنجو چاندي بدن سهارو
آيو بهار آهي ويندو رهيو سيارو
ڇانيل هئي وهيءَ تي ڪا سرد رات ليڪن
تنهنجي لڱن جي گرميءَ ارپي ڇڏيو اونهارو
پُرِجنسَ ٿي چميئي جي منهنجي ڀتي بدن کي
هر انگ سون هوندئي ۽ پير ڏوڪڙن تي.
پارو:
ڏاڍ سان يا پيار سان قيدي ڪري
تو مهارت سان ڇڏيون منهنجي سڄيءَ ،
عمر جي آنچل مٿان آڪون ڀري
جسم جو مالڪ ٿئين جنهن موٽ ۾
مان ته ان جي ڪين گهرجائو هيس
جي هتي روزي نه هئي تب خير هو
مان لڏيان هان ، ڇو ته لاڏائو هيس
مهربانين جا اڏيا تو ڄار جي
نيٺ منهنجا پَر منجهن ڦاسي پيا
قيد جا لمحا مقدر ۾ مليا
بخت جا ڪاڳر منجهن ڦاسي پيا
هاڻي منهنجيءَ دل اڏامڻ کي ڇڏيو
درد جا پچرا ڇلانگڻ کي ڇڏيو
بادشاهي تن مٿان تنهنجي قبول
من مٿان تنهنجي اميري ڌوڙ آ
روح سڀني رهگزارن تي رڙيو
مهڪ مرڪن جي نسورو ڪوڙ آ
مير صاحب! ڇا اهو ممڪن نه آ؟
منهنجي راهن کي گلابن سان ڀرين
مئي جوانيءَ جي اگر تو وٽ نه آ
پيگَ نوٽن جي شرابن سان ڀرين
مئي ڀنل محفل سجي هر رات جو
مٺ ڀري مدهوشيون ٽڪرائجن
سڀ وساري گهاوَ پوئينءَ عمر جا
هارَ ڪوري پيارَ کي پارائجن.
___________________________________
1- ڪيجو ؛ آشنا
2- پيڙ ؛ ويڙهو
3- پيڙڪي ؛ سريت
4- نٽ راج ؛ ڪبوترا قبيلي جو اصلوڪي قبيلو