خانه بدوش
بهار جن جي اکين کان ڪڏهن الوپ نه هو
انيڪ رنگ ڦريا ٿي وشال نيڻن ۾
جتي جتي به ڦٽا گؤنچ ماڪ ۾ وهنجي
هنن جا پير انهيءَ سر زمين تي پهتا
نه جيءَ جاءِ تي جن جو ۽ پير پل پل تي
بـِديس ديس جي سيما کان بي خبر ماڻهو
خزان جي درد کان بي سڌ بهار جا گهوريا
ازل، عبد کان هئا هم سفر بهارن جا
نه ڄاڻ ڪهڙي سمئه سرحدن جا قيد ٺهيا
ٿيا جو سوچ جا بي انت دائرا سوڙها
زنجيرپا ٿي ويون رات وچ ۾ رولاڪيون
جنم جنم سندا رولاڪ روح ڪڙجي پيا
بهار پنهنجي ادا ساڻ پنڌ ۾ ئي رهيو
پٽي نه کنڀ سگهيو ڪو به مرد موسم جا
بهار ساڻ مسافر بهار جا نه رهيا
خزان جي نانوَ کان پهريان جي آشنا نه رهيا
سي هاڻ زرد خزائن جي وار ۾ آهن
حقير، نحس ورهاڱن جي ڄار ۾ آهن
بهار جن جي اکين کان ڪڏهن الوپ نه هو.