اڌ اکري نقاد
وقت جا ٿا نقاد سمجهائن
شاعري ڪر حسين ڳلڙن تي
پَگهَرَ ۾ شل ڳلن جي ڳالهه نه ڪر
ماڪ وهنتل گلن جا رنگ نکار
ڦولَ چيڀاٽجڻ جي ڳالهه نه ڪر
آڪَ وڄُ جي ستارون بوندن جون
ٽاڪِ ڪنهن چلوليءَ جي چولي تي
بيوفا بادلن جي ڳالهه نه ڪر
ماڻ موسم مڌر جوانيءَ جي
ڇيڙ جذبن جي مست تارن کي
ڪنهن به اڌمي، ڪسڻ جي ڳالهه نه ڪر
دور اڀ جي وشال ڀاڪر ۾
ڏس قطارن ۾ ڪرڪندڙ ڪونجون
ٿي مصور ، وسار ماريءَ کي!
ڪونجڙي گهائجڻ جي ڳالهه نه ڪر
مور جي ناچ ۾ ٽهوڪن ۾
ڪامنا ڊيل جي لڪل آهي
ڪامَ جا رنگ ڀرِ ڪويتا ۾
مورُ رِڻ ۾ مرڻ جي ڳالهه نه ڪر
ڍنڍ ۾ رنگ ڏس، اڏارون ڏس
خواب جون خوابناڪ سارون ڏس
پر دُناليون ڇٽڻ جي ڳالهه نه ڪر
حسن جوڀن سڊول جسمن جا
نقش چٽ تون حسين لفظن ۾
لڄَ، لوئيءَ ، لڇڻَ جي ڳالهه نه ڪر
دل چيو ننڊ جي وٺي گوري
رات ساري سمهي سڪون ڪيان
۽ ڏسان خواب شاعريءَ جهڙا
ڪجهه ته وجدان کي سڪون ملي
شاعري خوابناڪ سرجي پَوي
جنهن کي سارا نقاد ساراهن
مون کي ننڊ مان متان ڪو جاڳائي
جاڳ سان درد ڊوڙندا پهچن
مان وري درد جو ڪوي سڏجان
ڪيترائي نقاد درٻاري
ڪنهن وظيفي جي بکَ ۾ ويڙهيل
لفظ پنهنجا سراڻ تي چاڙهي
ٿي سگهي ٿو اُڀيون ترارون ڪن
مون کي معروض ٿو ڏنگي هر هر
ڪيئن حسن ۽ جمال تي سوچان
روز کائي ٿو غم جياپي جو
ڇو نقادن جي خيال تي سوچان
ڪيئن وڃايان شعور ٻڙڌڪ ۾
پنهنجي وجدان کي ڪيان ڪاڏي
ڏات رومانس ۾ کڻي ٻوڙيان ؟
پوءِ انسان کي ڪيان ڪاڏي؟