شيشا بند شهر
بلب ڀونڊا ٿا ڏين
پل اپل اوناڙ ٿي ٽي وي ڪري
ننڊ آکيرا جلن ٿا
سوچ جي ساون وڻن ۾
روز واهيرا جلن ٿا
خواب سارا ايش ٽري ۾ ڇار هيٺان ٿيا دفن
ڪيئن پهرايان دليلن کي چريائيءَ جو ڪفن
ڪيترا ڪاٽي وڪڙ ور ور هوائون ٿيون اچن
۽ ڪمهلو ٿو ڪڙو کڙڪي مگر
در، دريون ۽ بالڪونيون راھَ ۾ روڪن پيون
هر نئين آواز کي
واءُ کي ناهي اجازت
منهنجي سوچن ۾ سمائي
زندگيءَ جي قيد مان احساس جي پرواز کي
واءُ ٿو منهنجو تڪي روڳي وجود
مان تڪيان هن جي پرن ڏي
جي ڇهن ٿا سرحدون اڏري فضا جون آخري
جسم شيشي جي شهر ۾ قيد آ
واءُ سان اڏري ويو وجدان منهنجو
هر فضا تي پير کوڙي
ڪهڪشائن کان پري
ويتر پري اڏري پڳو
زندگانيءَ جي انوکي راز کي
ڀل کڻي ناهي اجازت واءُ کي
منهنجي سوچن ۾ سمائي
زندگيءَ جي قيد مان احساس جي پرواز کي.