رائيگان
اونده جون يلغارون هرسو حاوي آهن
گھپ انڌيرن جو پاليل هو ڪارو ڪتو
منهنجو لاش لڪڻ ويٺو آ
مان ڄڻ کير ڦٽل ڪنهن ڪنيءَ يا ڪينگر ۾
پنهنجي لئه پاراتو بڻجي
واه ڪپر تي هاريو ويو هان
کير پويتر آهي ازل کان
پر سياست جي ڪاري ڪني
ڪهٽا ڪينگر
تنهنجو پيٽ پويتر ناهي
اونده جي گند ڪچري وارن ڍيرن تي
عمر گذاريندڙ هر ڪارو ڪتو توکي نوسيندو آ
مان ته دراوڙ کان به اڳي جو ڌرتيءَ واسي
جنهنجي رڳ رڳ ۾ آريائي
رت جي هڪڙي بوند نه ڪائي
روح اڇو ۽ روشن سپنا
سوچن منجهه سفيديون ڪيئي
پنهنجي نظرن ۾ پنهنجو ئي پاليل سورج
ڪهڙي ساگر ۾ ٻوڙيان مان
تاريڪين جا ٻار حرامي
آخر تنهنجي انڌ جي گھوڙن جون يلغارون
ڪهڙيءَ صفبنديءَ پنهنجيءَ سان
ڪهڙي پل ۾ ٽوڙيان مان ؟
ڪارمنهين اونداهي دنيا
تو لئه روشن سوچ رکي مون
ڇا ته لڱن ۾ لوچ رکي مون
مون ويساه جا کوڙ ڪبوتر
ڪرڻي ڪرڻي کي ڳولهڻ جي لاءِ اڏايا
۽ تو منهنجا ساهه اڏايا
ڪارمنهين اونداهي دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾
گھپ انڌيرن جو پاليل هو ڪارو ڪتو
منهنجو لاش لڪڻ ويٺو آ
ڄڻ مان کير کريل جيئن آهيان.