منظر:
رتني:
او پارو جا پيءُ ٻڌين ٿو
ساري گهر ۾ سڃ وسي ٿي
ڀانڊاريءَ ۾ ڏوڪڙ ناهي
ڪانهي ڪائي لپ اٽي جي
سيارو ڪيڏو ڊوڙ اچي ٿو
مينهن به ٻوڙان ٻوڙ اچي ٿو
جيڪو جوڙو پاتل آهي
سو ڀي ڪيڏو ڦاٽل آهي
گوري کي ڪو جوتو ناهي
پارو وٽ ڪا پوتي ناهي
گهر ۾ آ ڀڳوان اڪيلو
ان جي آڏو جوتي ناهي
دنيا پنهنجي ڇا جي آهي
مانيءَ لئه محتاجي آهي
ڪڙم اندر ڪاڻيارا آهيون
ويلي تي ويچارا آهيون
بک وڏي بيماري آهي
جيون کان بيزاري آهي
جي هاڻي به نه تون سوچيندين
ڏس ته اڙي پوءِ ڪاڏي ويندين.
پل لئه خاموش ٿي ٿورو سوچي ٿي ۽ پوءِ هڪ نظر پارو تي وجهي وري ڳالهائڻ لڳي ٿي:
هٿ جي ريکا سائي آهي
پارو جو سامائي آهي
جوڀن هن سان جوٽ ڪئي آ
ڀاڳ اسان ڏي موٽ ڪئي آ
گهر مان جا سرهاڻ اٿي آ
پنهنجي ڀاڳن ڪاڻ اٿي آ
جنهن جي پويان پاسي ويندي
تنهن جا ويڙها واسي ويندي
جوڀن جو گل رنگ بو ٿي پيو
باغ سمورو خوشبو ٿي پيو
پارو پنهنجا ناز نکاريا
نخريلا انداز نکاريا
ڳاله ڳليءَ کان ٻاهر آئي
مير وڏي وٽ هير پڄائي
اوڙي پاڙي سس پس آهي
واتن تي ڪنهن جو وس آهي
سوڍل مير سنڀاريو آهي
پارو لاءِ پچاريو آهي
سوڍل ڳڀرو ۽ ڳڻ وارو
سونهن سريتو ۽ سوڀارو
وات گهريا هو ڏوڪڙ ڏئي ٿو
پونم پارو لاءِ ڇڏي ٿو
پارو جنهن جي هڪ ادا سان
نيرا نوٽ اڏامي ايندا
ڳڀرو کوڙ اميدن ڀريا
پنهنجي در سلامي ٿيندا
ليڪن سوڍل پنهنجي گهر تي
نائي نيڻ نڇاور ٿيندو
ڪجلا تون نه ٿئين جي ارهو
ڪڙم اسان جو بک نه مرندو.
ڪجلو:
بک آهي اسان جي ڪڙم مٿان
ڪنهن اگهاڙيءَ غليظ گار جيان
حسن ڀڳوان جو ڏنل آهي
ننگ پنهنجا تڪن ننگيون نظرون
پدمڻي جا به آ پکن ڄائي
سا سدائين ڪبوتري سڏجي
پنهنجي وڏڙن جون پچارون ساري
جي ڏسان ٿو ڪڙم قبيلي کي
راڄ ( نٽ راڄ ) ٿي سڏيو منهنجو
ناچ ۽ نرتڪيون ڪلا ديويون
هر گهڙيءَ گهرج هون نوابن جي
ڪرتبن ۾ نه ڪو سندن ثاني
ناچ گانو اسان جي ڪڙم اندر
پنهنجي پرکن جي آهه نيشاني
ڪو پتو ناھ ، ڇا گناهه ٿيو؟
بک تهذيب کي تباهه ڪيو
ناچ گاني منجهان نکار ويو
پيٽ هاڻي پکن تي بار ٿيو
پنهنجي هر منڌ جو مقدر آ
ڪنهن نه ڪنهن مير جي سريت ٿئي
عمر مجبور ٿي گذاريون ٿا
هر گهڙيءَ ٿي نئين ڪريت ٿئي
پيڙ ۾ جيئن جوان ٿي پارو
مير سوڍل اسان جي بک ڪڇي
پيٽ جو اگهه لڳو ڪٿڻ آهي
مير شهزور آهي ، ڏاڍو آ
پاڻ ڪيڏا غريب تر آهيون
ڇو ته پورهئي ڪنان لنوايون ٿا
ان ڪري ئي ته دربدر آهيون.
ڪجهه گهڙين لئه چپ ٿي وڃي ٿو نظرن ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جا احساس سمائي پارو ڏانهن نهاري سانت ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ ٿڌو ساھ ڀري آڱر کڻي چوي ٿو:
ڀاڳ ۾ تون رکيل ئي آهين
مير سوڍل رکي يا مير وڏو
ٿي پتنگو اهاءُ تي ايندو
گهاءُ تنهنجي حياءَ تي ايندو
ڪڙم تنهنجو ڪبوتري آهي
جيڪا آخر شڪار ٿي ويندي
ڪوئي پالي يا ڪوئي قيد ڪري
عمر هر پهر بار ٿي ويندي.
ٿورو خاموش ٿي رتنيءَ ڏي نهاري چوي ٿو:
مير سوڍل جوان ڳڀرو آ
۽ وڏل مير ان جو چاچو آ
پارو سوڍل سان سونهندي ليڪن
پنهنجي سر تي وڏي جو پاڇو آ
توڙي پارو اڃان جوان نه هئي
پر وڏو مير پيو تڪيندو هو
ڪيتري دير آهي ڇوڪر ۾
وقت وهندي پيو ڪٿيندو هو
پاڻ جيڪو به کاڌو پيتو سين
سو وڏي مير جي عنايت هو
جنهن جو پاڇو پکن اسان جن تي
هن سخي مير جي سخاوت هو
مير سرڪش سماج ساري لئه
پاڻ تي آھ مهربان رهيو
ڀل جواني هئي نه پارو تي
پر اميدن سندو جهان هيو
هٿ ان جو نه ٿو ڇڏي سگهجي
جو رهيو مهربان سالن کان
هو به رتني هزار آڇي ٿو
آڇ زياده سڀن جي آڇن کان
ڪير (ڪيجو ) سڏائي پارو جو
پنهنجا پکڙا حياءُ سارن ٿا
ملهه ڇا ٿا ڪٿن جوانيءَ جو
پيٽ پنهنجا بکيا نهارن ٿا.