شهر جانان-1
ڀنڀرڪي بعد جاڳڻ سان الائي ڪهڙي الڪي ۾
اکيون مهٽي نهاريو هيٺ جو سورج
امنگن جي ڪنواري ڄر
دکي ٿي ڀونءِ جي بر ۾
خوشي ۽ تازگي چهرن جي ساحل تي هئي رقصان
۽ لهرن جو ترنم ٿي ٻـُريو آڪاش جي بر ۾
ابابيلن سان گڏجي پئي اڏاڻيون ڀورڙيون ڪڪريون
۽ ڪڪرن جي مهانڊن مان
ننڊاکا نيڻ راتوڪن نشن ۾ مست ٿي نظريا
وٺي پئي ماڪ مرڪن جي بلوري شهر جانان تي
ڪشادن صاف رستن تي ڇڻيو ٿي ٻـُور جوڀن جو
اچانڪ موت جي چهڪار روحن ۾ لهي ويئي
ڪٿان کان اوچتو جلاد ڪيئي سهڪندي نڪتا
مٿن تي ٽوپلا جنگي هٿين هٿيار هاڃيڪا
گهٽين جي اوٽ مان بارود جون ڀؤنڪون ٿيون ظاهر
وَسائي باهه جي بارش ڪيائون تن بدن زخمي
ڪلاشنڪوف جي چهڪار ۽ چنگهاڙ گوليءَ جي
جهروڪن، در، درين ۽ بالڪونين کي اجاڙي وئي
گهرن جي آڳرن ۾ روح جي شاداب ڏسبا ها
۽ چهرا شبنمي پُرخواب ڏسبا ها
اهي سورج نما چهرا
ڇڏيا بارود لهسائي
ڪري جلوَن جي جرڪڻ کي فنا ڀيڙو
تعصب جي ڪراڙي باهه ڀڙڪي پئي
مئل احساس کي مهميز حاصل ٿي
ابابيلن جي بدران ٿيون ڳجهيون اڏرن
ڦٽي خوشبو بدن جي ۽ اجهاڻا سرمئي ڪاڪل
نه آهن اڀ ۾ سي ڀورڙيون ڪڪريون
نه ڪا ساحل ساڻ ٽڪرائي پئي لهرن جي موسيقي
اکيون کولي وري سورج نهاري ٿو
۽ سوچي ٿو ويا ڪيڏانهن!؟
اهي شاداب سڀ چهرا
اهي پُر خواب سڀ چهرا
وڌي حيرت ۽ عبرت مان نهاري ٿو اڃا سورج
امنگن جي ڪنواري ڄر ۽ جلون جي امنگن کي.