امداد حسيني
ڳالهيون
هٿ سان لکيل سِـٽـُون ته ڊاهي سگھجن ٿيون
پر هَٿَ جا ليڪا نٿا ڊاهي سگھجن.
هَٿَ وڍجڻ کانپوءِ به اُهي اُتي ئي هوندا آهن
جيئَن جو تيئَن
لوحَ تي ليڪي جيان!
جيڪڏهن
شاعري، سچ پچ به شاعري آهي
ته پوءِ
اُها به هٿ جي لِـيـڪن وانگر آهي
لوحَ تي لِيڪي جيان
اِتهاس اِن جو ساکِي آهي!
ڳالهيون ته ڳچ آهن، جيڪي توهان سان ڪرڻيون به اٿم، پر ڪهڙيون ۽ ڪيئن؟ اِهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي:
ڳالهه اهـا نـاهـي تـه دل جـو داسـتـان ڪـنهـن کـي چوان؟
ڳالهه اها آهي ته ڪنءَ، ڪڏهين، ڪٿان، ڪنهن کي چوان!
”هوءَ“ هڪ شعـري مجموعـو آهي، پر منهنجي لاءِ خاص آهي. اِن ۾ منهنجي عـشـقـيـه شـاعـري آهي. Love poetry . پـريـم ڪـويـتـا:
ڪَوِي چئي ويا ڪَوِتائُن ۾
عـشـق بنا سڀ آهه اجـايـو
عشق، Love، پيار، پريم جا سهس رُوپ سَرُوپ، رنگَ سُرنگَ ۽ Shades آهن، اِن ۾ هجر آهي. وصال آهي، ملڻ لاءِ وڇڙڻ. وڇڙڻ لاءِ ملڻ آهي. سِڪَ ڇِڪَ آهي، اُڪنڊَ اُڪِيرَ آهي. اوسيئڙا آهن. پيڙَ آهي. ڏُک سُکُ آهي. مُرڪ آهي ۽ لڙڪ اهن. سُڏڪندڙ سانت آهـي، ته درد ڀري دانهن به!
”هوءَ“ جي رٿ سحرجي آهي. هُن جڏهن اهڙي رِٿ مون آڏو رکي، تڏهن مون کان وڌيڪ هن ڄاتو ٿي ته هُوءَ مون کي گھاٽي جھنگ ۾ اماڻي رهي آهي! جنهن ۾ وڻ به آهن ته وليون به، ماڙهو به آهن ته مِرُون به، پکين جون مِٺيون لاتيون به، جنهن جي اُڀ تي چنڊ آهي، تارا آهن، سون ورن سِڄ آهي! اُسَ به آهي ته ڇان به. جهرڻا به آهن ته ندي به! جنهن ۾ ڦلن ڇانيون واٽون به آهن ته ڪنڊن هاڻيون جھاڙيون به، جن کي هٿن سان هٽائي گس ٺاهڻو آهي، ۽ پاڻ کي ڦَـٽـڻـو آهي! ڇا اِهو گھاٽو جھنگ، زندگيءَ جو استعارو نه آهي! ۽ مان اُن ۾ پيهي وڃان ٿو.
1963 واري پُراڻي بياض کان 2016 تائين جون ڊائريون واچڻيون آهن. اُنهن مان تخليقون اُتارڻيون آهن، نامڪمل تخليقن کي مڪمل ڪرڻو آهي. ڪن کي درست ڪرڻو آهي. اهي ڊائريون اڄ هَڪيُون آهن به ته اِن جو ڪرئڊٽ به سحر کي وڃي ٿو، جنهن انهن کي ساهه سان سانڍيو. ڄام شوري کان جڏهن اسين ڪراچيءَ شفٽ پئي ٿياسين، تڏهن سڀ کان پهرين سحر انهن ڊائرين، ڪاپين ۽ نوٽ بڪن کي حفاظت سان نئين هنڌ پهچايو، جيڪي ڇڙوڇڙ پنا هئا، انهن کي هڪ هڪ ڪري هوءَ پڙهندي وئي ۽ ڊائريءَ ۾ اُتارڻ لاءِ مون کي ڏيندي وئي. انهن ۾ ڪجھه تخليقون ته اهڙيون به هيون، جيڪي مون کي ياد به نه هيون ته ڪو مون لکيون آهن! جيئن هڪ نظم آهي “ته” جيڪو “هُوءَ” ۾ شامل آهي، جنهن ۾ هي ٻه سِٽون به هيون:
پانڌ پائي ڳچيءَ وجھي ڳارو
۽ پرئين پار ڏي پَلي ڇڏجوس.
پر اهي مون کي نه پئي آئڙيون. خاص ڪري ان جي مٿين سِٽَ. اها ڪا ٻي سِٽَ هئي، ڪهڙي؟ سا ياد نه پئي آئي. هڪ شام دوستن سان ويٺا هئاسين ته اعجاز منگيءَ اهو نظم پڙهيو. ان ۾ اُها سِٽَ به هئي:
هِڪُ لِيڪو ڪڍي ڇڏيو وچ تان
۽ پَرئين پارَ ڏي پَلي ڇڏجوس
”ارپڻ“ ۾ چار سِٽُون آهن. جڏهن ته مون کي ياد آهي ته اِهو پوري صفحي جو نظم آهي. پر هٿ نه آيو. ڳولا جي باوجود به! هڪ هڪ پنو ڪري ڳوليم، پر هر ڀيري نظر کان ٿِڙي ٿي ويو. بلڪل ائين،جيئن ڪا سهڻي صورت ليئو پائي، لِڪي ويندي آهي:
لِڪي جِنءَ وڃي هوءَ پائي لِيو!
الاءِ ڪيترا مُهاڳ، اَمُهاڳ، سَمُهاڳ، ٻه اکر.... لکيا اٿم، پر جڏهن ”هوءَ“ تي ڪجھه لکڻ گھريم، ته سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڇا لکان؟ تڏهن مونکي اديبه ”ناز“ ياد اچي وئي، جنهن منهنجي اردو شعري مجموعي ”دھوپ کرن “تي” کتاب کہانی“ پروگرام ڪيو هو حبيب يونيورسٽيءَ ۾. هر ڪتاب جي به هڪ ڪهاڻي ٿئي ٿي؟ اها سوچ وڻي هئم. سو ، هن شعري مجموعي “هُوءَ” جي به هڪ ڪهاڻي آهيَ، هڪ اَڌڀُتِ ڪهاڻي! اها ئي توهان کي ٻڌائڻ پئي گھريم:
ڳالهه پوري نه سهي، ڪجھه ته سڻايان توکي!
هونئن هڪ شاعر کي جيڪي ڪجھه به چوڻو آهي، اهو پنهنجي شاعريءَ ۾ ئي چوڻو آهي. شاعريءَ ۾ هُن ڇا چيو آهي؟ ڪيئن چيو آهي؟ هُن جي لهجي، موضوع، خيال، ٻولي ۽ هيئتي تجربن تي ٻين کي ڳالهائڻ گھرجي. توڙي جو ڇپجڻ کانپوءِ شاعري
جڳ جهان جي ٿي ويندي آهي، پر اُن بابت پُڇاڻو وري به شاعر کان ئي ٿيندو آهي.
سو، سوچيم ته ”هُوءَ“ جي شاعريءَ بابت توهان سان ڪجھه ڳالهيون ڪريان. پر اها ڪَٿا:
عـشـق جـي راهـن مـٿـي ڪاوا اُڀـا
تون نه هل تنهنجو صبا جهڙو خرام
تون نه کِل جانِ بهاران تون نه کِل
هـر طرف آهي گلن جـو قـتـلِ عـام
(شرط ـ امداد آهه رول)
يا:
پـيـار ئي هـڪ لـفـظ آهـي پهـريـون ۽ آخـري
هونءَ سُڻڻ چاهين ته آهن لفظ بي معنيٰ سوين
(غزل ـ هوا جي سامهون)
جيستائين عاشقي ٿيندي رهي
تيستائين شاعري ٿيندي رهي
(غزل ـ ڪرڻي جهڙو پَل)
يا:
رَبُ هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي
خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي
(غزل ـ ڪِرڻي جهڙو پَلُ)
عشق جي ڪٿا ته تِهائين آ ڳاهين آهي. پر پني تي پنهنجي سمئه تي لکجي وئي آهي:
تنهنجي منهنجي
منهنجي تنهنجي
پنهنجي پريت ڪهاڻي
نئين نڪور به ايڏي آهي
جيڏي آهي پُراڻي.
(گيت ـ ڪِرڻي جهڙو پَلُ)
شاعريءَ ۾ ”عشق“ جو موضوع، جيترو پُراڻو آهي، اوترو ئي نِت نئُون آهي:
اها اِندر ڌنش ست رنگ پنهنجي پريت جا آهي
پراچين آهه جيڏي، نِت نئين تيڏي ڪـٿا آهي
(غزل ـ ”هُوءَ“)
”هُوءَ“ ۾ شامل شاعريءَ بابت ڪجھه چوڻ ٿي گھريم، ان ڏس ۾ پهرئين version ۾، ڪجھه نظمن جي حوالي سان، ڪردارن جو ذڪر به ٿي ويو هو، پر پوءِ اهو رد ڪري ڇڏيم. سچ ته اهو آهي ته ڪجھه نظم مون پهرين لکيا، پر اُنهن ۾ آيل ڪردار مون کي پوءِ مليا! اسين لاهور کان موٽي رهيا هئاسين. ڀرسان ويٺل پيرزادي قاسم کي چيم ته ”هِن ايئرهوسٽس کي ڏس!“ هُن ان کي ڏٺو، جنهن ”چڳ“ کي اسٽائيل سان ڳِٽي تي ڇيڪ ڇڏي ڏنو هو. پوءِ مون پيرزادي قاسم کي پنهنجو نظم:”چَڳُ“ ٻڌايو. ائيرهوسٽس شايد سمجھي وئي ته اسين سندس باري ۾ ئي ڳالهائي رهيا آهيون. وڃي، واپس وَري ته ”چَڳُ“ وارن ۾ سيٽ ڪري ڇڏي هئائين! ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ڪردارن کي ڏسي لڳندو آهي ته اِهي منهنجي ئي تخليق مان نڪري جيئري جاڳندي وجود ۾ منهنجي سامهون اچي ويا آهن! ڪجھه ڪردار پهرين مليا ۽ نظم مون پوءِ لکيا، انهن جي ڪنهن جُملي، ورتاءُ، ادا کان متاثر ٿي. جيئن هڪ نظم آهي “نِشوا” اُن ۾ صرف هڪ جملو آهي، اُن ڪردار جو ته:
”اي ڪوي! توهان کان منهنجو نالو سدائين وسري ٿو وڃي.“ اِن جملي ۾ ئي اهو نظم موجود هو. جيڪو ڳوٺ (ٽکڙ) کان حيدرآباد سنڌ پهچندي مڪمل به ٿي ويو. گھر اچي اُن کي پني تي اتاري ڇڏيم، پر ”هُوءَ“ ۾ هڪ نظم ”متان!“ اهڙو آهي، جيڪو 1963ع واري پُراڻي بياض ۾ آهي ۽ اڻڇپيل آهي، اهو نظم مون کي هر ڀيري پوروـ اڻپورو لڳندو هو. ان نظم کي مختلف وقتن تي کڻي ويهندو هئس، پر هر ڀيري ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ئي رهيس. جيتوڻيڪ ڄاتم ٿي ته شعوري ڪوشش سان، ائين ٿي به نه سگھندو، پر:
رائگان ئي سهي ڪوشش ته ڪريون
وانگر ان کي وري وري لکندو رهيس، هاڻي اهو نظم ”هُوءَ“ ۾ شامل آهي. اهو ڪئين مڪمل ٿيو؟ پتو ئي نه پيو! ”هُوءَ“ ۾ هڪ نظم آهي ”سُور“ اهو پني تي ڪيئن لٿو؟ ۽ ڪڏهن؟ اهو ٻڌائڻ پڙهندڙ لاءِ کڻي لاڀڌائڪ نه به هجي، پر ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان نظم مون کي جئيڻ ڏانهن ورائي ورتو! نظم اُتاريندي اُهو سُتل سُور وري به جاڳي پيو. اِهو سُور اُهو سُور به نه آهي جنهن لاءِ لاکيڻي لطيف چيو آهي ته:
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سُور پريان جا ساڻ مون!
ڏُک ته ڏاج آهن عشق لاءِ. گهوريا سُک ڏکن ري! منهنجو هڪ طويل نظم ”رُوٽس“ (جيڪو ”ادب ـ امداد حسيني نمبر“۾ ڇپيل آهي) ۾ پهريون بند ئي ”ڏک“ جي موضوع تي آهي:
ڏک تـه آهـي دَيـن خـدا جـي
ڏُک تـه آ وردان ايـشـور جـو
ڏُک تـه آهـي پـارس ڪـوئـي
ماڻهو جنهن سان سونُ ٿئي ٿو
ڏُکـن کان پوءِ ئي سُک ملن ٿا. ملڻ لاءِ وڇڙڻ لازمي آهي، ”هُوءَ“ ۾ هڪ نظم آهي ”وڇوڙو“. اهو ڪردار ٻن تن ڏينهن لاءِ ئي مليو ۽ پوءِ اُهو پنهنجي نون رشتن ڏانهن وڌي ويو ۽ آءٌ پنهنجي پُراڻن رشتن ڏانهن موٽي آيس! ان نظم ۾ ٻه سِٽُون ورجائجن ٿيون:
تـون وسارڻ بـه جـي چـاهـيـن تـه وسـاري ڇـڏجـان،
ڇو ته سارڻ سان سَري ڪجھه به نه ٿو، سُورَ سواءِ!
پر اهي سڀ چوڻ جون ئي ڳالهيون آهن. وسارڻ ۽ سارڻ وس ۾ ڪٿي آهي. ان ڪيفيت م ئي سُور سُرور بڻجي ٿو وڃي. اهو طيءِ آهي ته شاعريءَ جو اوڄو تخيل ۽ ڪلپنا سان ئي ٿئي ٿو. ”هُوءَ“ ۾ هڪ نظم آهي ”اڳواٽ“ اهو نظم ان ڪردار کي ڀيٽ آهي، جنهن مُنڍ ۾ ئي چيو هو ته ”نه دوستي، نه عشق“ ۽ پوءِ:
مـيـز ئي آهه نـدي ناهه، اسان جي وچ ۾
پوءِ به تولاءِ ائين ڄڻ ته پريون پار هُجان
واري صورتحال ئي رهي آهي اسان جي وچ ۾. ها، عشق ۾ دوکو ۽ دُلبو به آهي، جيڪو اَسهه آهي، اهڙو اظهار ”آب“ نظم ۾ آهي:
جيئرو مون کي رکي پنهنجين اکين جو آب ماري تو ڇڏيو!
مرڻ ـ جيئڻ جي ان ٻه واٽي تي به ڪنهن منهنجو هٿ اچي پنهنجي هٿ ۾ جھليو هوندو ۽ مون کي زندگيءَ ڏانهن واپس ورائي آندو هوندو!
نه ته فاصلو گھڻو هو، مون ۾ ۽ خودڪشيءَ ۾
تـنهـنجو هـجـڻ، هـجـڻ آ، ويـسـاهه زنـدگيءَ ۾!
”هُوءَ”“ ۾ آخري لمحن ۾ به ڪجھه تخليقون ڏيڻ کان رهجي ويون آهن. جئين ”هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون“ اسڪرپٽ ۾ هو، پر پوءِ ترسائڻو پيو. اهو نظم به 1963 واري پراڻي بياض ۾ آهي ۽ ڪنهن به مجموعي ۾ نه اچي سگهيو آهي. ڪجھه نظم سحر به ڪڍي ڇڏيا ۽ ان ڏس ۾ اسان جا پاڻ ۾ ڊگھا ۽ ڇتا بحث به ٿيا. ٻنهي وٽ پنهنجا پنهنجا دليل هئا اِن ڏس ۾. پر اُٽل سدائين سندس پاسي ئي ٿيندي هئي. انهن بـحـثـن جي پُڄاڻي منهنجي اِن جملي تي ٿيندي هئي ته ”ٺيڪ آهي، آءٌ اُهي نظم/تخليقون ڳالهيون“ ۾ ڏئي ڇڏيندس. پر هُن کي اها سُڌ هئي ته آءٌ ائين ڪندس ڪونه!
بئڪ ٽائيٽل تي جيڪي رايا آهن، اُهي منهنجي همعصرن جا آهن ۽ مون لاءِ انتهائي اهم آهن. انهن مان به مون هڪ لفظ پاڻ ايڊٽ ڪيو آهي ۽ اهو لفظ آهي ”عظيم“ ان جو هڪڙو ڪارڻ اهو آهي ته ڪنهن به شاعر کي ”وڏو ، مهان يا عظيم“ چوڻ جو مطلب آهي: هُن کي زندگي ۾ ئي ماري ڇڏڻ! ٻيو ته اسان وٽ ”وڏا، عظيم ۽ مهان“ شاعر مڙئي گھڻا ٿي ويا آهن، جيڪي ”سنڌ“ جو سڳورو نانءُ به صحيح اُچار سان ڪتب نه ٿا آڻين، يا ضميري پڇاڙين جي جوڳي واهپي ۾ به اَسمرٿ آهن! منهنجي لاءِ وڏو، عظيم ۽ مهان ٿيڻ بدران شاعر ٿيڻ وڌيڪ اهم آهي. ۽ ائين آءٌ ڪسرنفسيءَ مان نه پيو چوان!
عشق زندگي ۽ شاعري ـ الڳ الڳ هوندي به الڳ نه آهن ـ اهي پنهنجي مقرر وقت تي ذهن جي آسمان تي، ٽيڙوءَ جي ٽِمڪي جيان آهن، جنهن ۾ ٽنهي ستارن جي هڪ جيتري اهميت آهي ـ ۽ منهنجي پـريـمـڪا، منهنجي ڪـويـتـا ئي ته آهي:
ڪـوي آهي پريمي ۽ ڪويتا پريمڪا آهي
وِڌاتا، سَتيه، اَت سُندر، اَڌڪ، اُتم ڪلا آهي
(غزل ـ”هُوءَ“)