وڇوڙو!
سي هوائون تنهنجي ڀنڀن ۾ جي وِچڙيون سِچڙيون
اُهي شامُون جي ستارا کڻي آيون تو لئه
راتِيُون، چنڊ جو جُهومر هڻي آيون تو لئِه
صبح جيڪي تنهنجي چهري مان اکيون مهٽي اُٿيا
اُهي راهون جي هيون پنهنجون کُليل ڄڻ ٻانهون
لوڪ ورثي جي ميوزيم جو اُهو هال ۽ پاڻ
هال ڄڻ پاڻ کي ڀاڪر ۾ ڀَري ٿي ورتو
تون وسارڻ به جي چاهين ته وساري ڇڏجان
ڇو ته سارڻ سان سَري ڪجهه به نه ٿو سُورَ سواءِ
ڪو ته سڱ هو پنهنجو ناتو هو، ۽ ڪو رشتو هو
جنهن جو ڪو نانءُ نه هو، پوءِ به سڀئي نانوَ هئا
مُنڍ جنهن جو نه هو ۽ ڪا به پُڄاڻي نه هئي
جا ڪهاڻي به هئي، پوءِ به ڪهاڻي نه هئي
جن کي معنيٰ به هئي، يا نه هئي، سي ڳالهيون
۽ اُهي ٽهڪ جي سُڏڪن جو پڙاڏو ٿي لڳا
۽ اُهي لڙڪ جي اکڙين جي ڀريل ساغرمان
هٿ تريءَ ساڻ، ٽِشوءَ ساڻ اُگهيا پاڻ لِڪي
۽ اُها شام، ڇُڙيل وار سندءِ، مست هوا
اُها اڌ رات، سڄو چنڊ، اُهي پاڻ ٻه اَڌَ
هڪ سڄي جا، جي اَڌو اَڌُ ئي رهڻا آهن
۽ اُها راهه اسان ساڻ هلي پئي جيڪا
۽ اُهي وَڻَ، اُها چانهه، اُهي دوست ۽ شعر
۽ اُها کٽَ، ڇَپر کٽَ لڳي ٿي جيڪا
هڪڙي سگريٽ مان پنهنجو اُهو هڪ هڪ سُوٽو
۽ اُهو شهر جو منهنجو نه هو، تنهنجو به نه هو
۽ اُها بينچ جتان چنڊ ڏٺوسين گڏجي
”ڪهڙي تاريخ جو آ؟“ تو به پُڇيو، مون به پُڇيو
پوءِ هڪٻئي کي ڏٺوسين ۽ ٻنهي ڪجهه نه ڪُڇيو
(۽ اُنهيءَ ڪجهه نه ڪُڇڻ ۾ به ڪڇيوسين جيڪو!)
(۽ اُنهيءَ ڪجهه نه لـُڇڻ ۾ به لُڇيوسين جيڪو!)
تون وسارڻ به جِي چاهين ته وساري ڇڏجان
ڇو ته سارڻ سان سَري ڪجهه به نه ٿو سُورَ سواءِ!
۽ اُهو آخري پَل، وِرهه وڇوڙي جو پَل
جنهن کي اچڻو هو، ٻِليءَ پير، اچي ويو جيڪو
تنهنجي چاهڻ کان سوا ۽ منهنجي چاهڻ کان سواءِ
(تنهنجي چاهڻ منهنجي چاهڻ سان ڀلا ڇا ٿو ٿئي!)
تو اُنهيءَ ويرَ چيو ’فون ڪندينءَ هاڻ نه تون.....
..... تنهنجي شاديءَ تي اچان آءٌ.... ضرور آءٌ اچان.....!
پوءِ تون ڌار ٿينءَ، دُور ٿينءَ، ۽ پُٺيان
تو مُڙي ڪو نه ڏٺو ڪو نه ڏٺو ڪو نه ڏٺو ڪو نه ڏٺو
ٿورڙو دُور وڃي، لُوههَ وِڌي تو در ڏي
هاڻ ڇاهي؟ اگر آهي به ته بس ايترو آهي ته اُمالڪ- هڪدم
ميڙ ۾ آءٌ اڪيلو ئي اڪيلو ئي اڪيلو ئي اڪيلو ئي اڪيلو ئي.... هُيس
سمجهه ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو ته ڇا هاڻ ڪريان؟
ڏاڪڻين تي ئي اُتي آءٌ، جهلي هانءُ، اَلا ويهي رهيس!
24.2.2016