خالي!
اوهين آيا هُئا يا
بهار آئي هئي منهنجي اڱڻ تي
اِهو اڄ تاءِ مون ڄاتو نه آهي
اوهين مُرڪيا ته گُلڙن ويس پهريا سهس رنگي
اوهان جي ساهه جي سُرهاڻ پکڙي
اوهان جي ٽهڪ سان ٽَليُون وڳيون روپيون
ٽِلڻ تي
نچيو هو مورُ من جو
نظارن کي ڏني هئي مات نيڻن جي نظاري
انهيءَ لمحي وِيا سڀ سور ڏک وسري
گذرڻو هو اُهو لمحو وِيو گذري
لڙي ويو سِجُ اولهه ۾
ڳڙي ڳل تان وِيو ڳوڙهو
۽ تارو رات جو بڻجي
اُهو ڄڻ لفظ ڪاڳر تي وِيو لکجي
جدائيءَ جي گَهڙي آئي
بنا موڪل گِهڙي گهر ۾
۽ مون کي ياد آيو لڙڪ جو تنهنجي رَئي سان مون اُگهيو هو
اُهو موتي نه هو، هڪ لڙڪ هو، ليڪن اُمُلهه ٿي ويو
چيوسين هِڪَ ئي آواز ”مِلنداسين وري سائين!“
(لڪائي لڙڪ کِلنداسين وري سائين!)
پري تائين ڏٺم ويندي اوهان کي
۽ نيڻن وانگِيان رهجي وئي پوءِ راهه خالي
۽ مان
رستي جيان بي حِسِ حرڪت هوس
سيني ۾ هليو پئي ساهُه خالي!
18.11.2001