آبُ!
تاس جي پَتي جِيان کيڏي کڻي اُڇلي ڇڏيئِه
۽ چٿيئِه سئنڊل سان هر احساس کي سگريٽ جي ٽوٽي جِيان
سَڱُ سُرهو گند جي ڪنهن ڍيرَ تي اُڇلي ڇڏيئِه ماچيس جي کوکي جِيان
رنگ تنهنجو ڍنگ ۽ هر روپ هو دُلبي جِيان دوکي جِيان!
هَٿ- تريءَ جي لِيڪَ هُئي تولاءِ بس پاڻيءَ مٿان ليڪي جِيان
دل اَمُل هُئي پر هُئِي تو لاءِ هڪ بيڪار رانديڪي جِيان
سو اُهو بيڪار رانديڪو هڻي پَٽ تي ڀڃي ڀوري ڇڏيئِه
جِيءَ ۾ هُئي جاءِ مون تو لاءِ جوڙي، جِيءُ سو جهوري ڇڏيئِه
سِڪَ جو ڪچو سڳو هِڪ ڇِڪَ سان ٽوڙي ڇڏيئِه
ڏينهن جو سورج مُکيءَ کان سِجَ کي موڙي ڇڏيئِه
قول تو جيڪو ڪيو، سو قول پاريو ڪو نه تو
ٻيو ته سڀ ڪجهه تو وساريو، ڪجهه به ساريو ڪو نه تو
پر ڦٽن تي لُوڻ ٻُرڪڻ تو وساريو ڪونه ڪو!
جنهن پني تي مون لکي ڪَوِتا هئي تولاءِ، سو
ڪنهن ردي ڪاڳر جِيان ڦاڙي هوائن ۾ اُڏاري تو ڇڏيو
ميڻ بتيءَ وانگِيان سڀ رات مون کي چوٽ کان ٻاري ۽ ڳاري تو ڇڏيو
جيئَرو مون کي رکيو، پنهنجين اکين جو آبُ ماري تو ڇڏيو!.