وعدو!
سِٽَ ناراض ڪري جا توکي
سِٽَ سا سِٽَ نه سِکندس تولئِه
منهنجو توسان اِهو وعدو آهي
هاڻ ڪو شعر نه لِکندس تولئِه
بيت يا نظم، غزل يا ٽيڙُو
پريت جو گيت نه چوندس تولئِه
پرهه جو لات پکيئڙا لنوندا
آءٌ ڪا لات نه لنوندس تولئِه
گهر ۾ اونداهه جي هوندي به کڻي
پر ڏيي جيئَن نه جلندس تولئِه
راهه جا آهه گذر گاهه سندءِ
راهه سا راهه نه رلندس تولئِه
واسطو ئي نه رهيو آهه جڏهن
ته نه رُئندس نه ڪو کِلندس تولئِه
تنهنجي هر سارَ وسارڻ ڪارڻ
پاڻ سان پاڻ نه مِلندس تولئِه
وڏي واڪي کڻي نالي سان سَڏِين
ڇا به ٿي پئي ته نه ورندس تولئِه
ها چئين جي ته لکت ۾ به ڏيانءِ
ته نه جيئندس ته نه مرندس تولئِه
هجر توڙي جو کڻي زهر آهي
ته اُهو زهر به چکندس تو لئِه
ڪلهه به تولاءِ وساريم سڀ ڪجهه
اڄ به ڪجهه ياد نه رکندس تولئِه
بس وِهاڻي کي ڀَري ڀاڪر ۾
رات جو هاڻ نه سُمهندس تولئِه
جنهن گهٽيءَ منجهه گهر آهي تنهنجو
اُن گهٽيءَ منجهه نه گُهمندس تولئِه
ڪيئَن آهين ۽ ڪٿي آهين تون
ڪجهه به ڪنهن کان به نه پُڇندس تولئِه
ڪيئَن آهيان ۽ ڪٿي آهيان آءٌ
ڪجهه به ڪنهن سان به نه ڪُڇندس تولئِه
ڏينهن جو واٽ نه تنهنجي ڏسندس
رات جو هاڻ نه رُلندس تولئِه
رَئو ڇاتيءَ تان اُڏامي نه وڃئي
هيرَ بڻجي به نه گُهلندس تولئه
تون انهيءَ تي ٻه متان ڪاوڙجين
هاڻ بيتاب نه رَهندس تولئِه
مون اڳيئي سَٺو آهي ڏاڍو
هاڻ، بس، ڪجهه به نه سَهندس تولئِه
ناهِيان ميڻ بتي ناهيان آءٌ
سو سرِ شام نه ٻرندس تولئِه
تون انهيءَ ۾ ئي اگر خوش آهين
ڳڻِتيُن ۾ به نه ڳرندس تولئِه
تنهنجي دلدار بدن جي تشبيهه
ڪا به سُجهندي ته نه لکندس تولئِه
سَڱُ جوڙڻ وري ٽوڙڻ واري
ريت توکان ئي ته سکندس تولئِه!