ٽهڪُ!
ڪاڄ ۾ تون به هُينءَ، آءٌ به هوس- ۽ منهنجي
آڱرين ۾ هئو دُکندو سگريٽ
جي وِٿِي هئي تنهنجي منهنجي وچ ۾
ته رڳو ايتري هُئي
ته سندءِ ٽهڪ چِٽا آءٌ ٻُڌي پئي سگهيس
ڪَن جي واليءَ جو چُميو پئي تنهنجو ڳل
رِيسَ آئي پَئي اُن تي مون کي
چَڳَ چهري کي چُمڻ لاءِ ٿي ڦٿڪي سٿڪي
آڱرين ساڻ هٽايئِه ٿي اُنهي کي هَر هَر
پر اُها تنهنجي چَئي ۾ نه هُئِي
وَٽَ سَٽ کائي چُميائين ٿي اچي چهري کي
پَل اَ پل لاءِ خيال آيو ته ‘اي ڪاش! اِها چَڳَ هجان ها آئون
ته بنا روڪ ۽ ٽوڪ
چنڊ چهري کي چُمان ها آئون!’
ڪاڄ ۾ تون به هينءَ، آءٌ به هوس- ۽ منهنجي
آڱرين ۾ هُئو دُکندو سگريٽ
اِيءُ مانڌاڻ مَتل هو من ۾
ته نهارين ته سلام آءٌ ڪريان
مُتَوجهه جي ٿينءَ تون ته ڪلام آءٌ ڪريان
۽ سُڻايانءِ ته توکان وڇڙي
ڇا وهيو واپِرِيو آهه مٿم
ڄڻ ته جيون نه هو، ديوار هئي اُڀ تائين
اُڀُ، جنهن تي نه ڪو سورج، نه ڪو تارو نه ڪو چنڊ!
ڪاڄ ۾ تون به هينءَ، آءٌ به هوس- ۽ منهنجي
آڱرين ۾ هُئو دُکندو سگريٽ
اُهو سگريٽ به دُکندي دُکندي
آڱرين تاءِ اچي پهتو هو
لهس آئي ته ڀري ڇرڪ کڻي اُڇلايم
ٺيڪ انهيءَ مهل سندءِ ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيو
ٽهڪ جو چهڪ ڏئي ويو دل کي!