ڪتاب جو نالو: هُوءَ
مصنف: امداد حسيني
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 22 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 1291 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 639 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امڊاد حسيني صاحب لکي ٿو:
”عشق زندگي ۽ شاعري الڳ الڳ هوندي به الڳ نه آهن ـ اهي پنهنجي مقرر وقت تي ذهن جي آسمان تي، ٽيڙوءَ جي ٽِمڪي جيان آهن، جنهن ۾ ٽنهي ستارن جي هڪ جيتري اهميت آهي ـ ۽ منهنجي پـريـمـڪا، منهنجي ڪـويـتـا ئي ته آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپڻ
  • سنڌ سلامت پاران
  • امداد حسيني
  • هوءَ(شاعري)

  • هُوءَ
  • شِڪاگو!
  • پوءِ!
  • چيئِه!
  • جيئَڻ!
  • ڪڏهن!
  • مگر!
  • ۽!
  • ڀاسيو!
  • هُوءَ!
  • کڻي
  • شعرُ!
  • چَڳَ!
  • پاڻ!
  • صدائون!
  • وڇوڙو!
  • دائرو!
  • ڇوڪرِي!
  • پُوڄا!
  • ڪيئَن!
  • زندگي!
  • خالي!
  • تُون!
  • آءُ
  • جوڀن!
  • اِئين!
  • وري!
  • ڇوهُه!
  • مگر!
  • عاشقي
  • رات
  • فسانو!
  • ڏورِ!
  • اچ!
  • پَنو!
  • منظر!
  • ته!
  • ياد
  • تڏهن!
  • انگُ!
  • آبُ!
  • جي!
  • شاعري!
  • بابت
  • اَڄ!
  • ڪڏهن!
  • ڪَوِتا
  • شايد!
  • تصوير
  • چنڊ
  • يا!
  • ”نِشوا“
  • سُمِيتُ!
  • اُوشا!
  • فنڪشن
  • گيت
  • پَر!
  • سواءِ!
  • هيرايان!
  • جيون!
  • هاڻ
  • گوري!
  • مُکيارِي!
  • ورتاءُ!
  • هَليا!
  • تُون!
  • شايد!
  • بلڪه!
  • هاءِ!
  • جُدائي!
  • وَچن!
  • پاڻ!
  • ڪَلا!
  • هَيءِ!
  • دِلڙِي!
  • وِٿِي!
  • ڳالهه
  • رچنا
  • سُور
  • اوچتو!
  • مطلب!
  • مِلڻ!
  • هان!
  • رُڳو!
  • ڀلي!
  • تنهائي
  • گُلُ!
  • جڏهن!
  • مَتان!
  • يا!
  • جَڙاءُ!
  • جڏهن!
  • گِفٽ
  • چِٽِ!
  • عِيدَ!
  • پوءِ!
  • جادُو!
  • ڀلا!
  • لنوائڻ
  • ياد!
  • سُکا
  • ٽهڪُ!
  • ڪڏهن!
  • بس!
  • پيارُ!
  • جيون!
  • راڌِيڪا!
  • لاءِ!
  • جيڏي!
  • ڪيئن؟
  • سِڪَ!
  • اڳواٽ!
  • ڪالهه!
  • فاصلو!
  • ڪردارَ!
  • اَلا!
  • استِري!
  • ڪڏهين!
  • سونا!
  • ضروري!
  • ٺوڪر!
  • وِيچاريو!
  • هُوءَ!
  • ڇورِي!
  • سِيءَ!
  • مان!
  • خيال
  • وعدو!
  • آءُ!
  • گڏجاڻي

  • ارپڻ

    ”سحر“ جي نالي

    منهنجي ڪاپيءَ ۾ ڪوئي گُلَ رکي ويو آهي،
    ڪير آهي؟
    اِها مون کي به خبر ڪانهي، ها....
    ..... ٿي سگهي ٿو ته اُها تون ئي هُجين
    ڇو ته هڪ توکان سِوا ٻِي ته ”سحر“ ڪانهي ڪا!


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هوءَ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امڊاد حسيني صاحب لکي ٿو:
    ”عشق زندگي ۽ شاعري الڳ الڳ هوندي به الڳ نه آهن ـ اهي پنهنجي مقرر وقت تي ذهن جي آسمان تي، ٽيڙوءَ جي ٽِمڪي جيان آهن، جنهن ۾ ٽنهي ستارن جي هڪ جيتري اهميت آهي ـ ۽ منهنجي پـريـمـڪا، منهنجي ڪـويـتـا ئي ته آهي:
    ڪـوي آهي پريمي ۽ ڪويتا پريمڪا آهي
    وِڌاتا، سَتيه، اَت سُندر، اَڌڪ، اُتم ڪلا آهي
    (غزل ـ”هُوءَ“)“

    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران ڊسمبر 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ نئون نياپو جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    امداد حسيني

    امداد حسيني


    ڳالهيون

    هٿ سان لکيل سِـٽـُون ته ڊاهي سگھجن ٿيون
    پر هَٿَ جا ليڪا نٿا ڊاهي سگھجن.
    هَٿَ وڍجڻ کانپوءِ به اُهي اُتي ئي هوندا آهن
    جيئَن جو تيئَن
    لوحَ تي ليڪي جيان!
    جيڪڏهن
    شاعري، سچ پچ به شاعري آهي
    ته پوءِ
    اُها به هٿ جي لِـيـڪن وانگر آهي
    لوحَ تي لِيڪي جيان
    اِتهاس اِن جو ساکِي آهي!

    ڳالهيون ته ڳچ آهن، جيڪي توهان سان ڪرڻيون به اٿم، پر ڪهڙيون ۽ ڪيئن؟ اِهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي:
    ڳالهه اهـا نـاهـي تـه دل جـو داسـتـان ڪـنهـن کـي چوان؟
    ڳالهه اها آهي ته ڪنءَ، ڪڏهين، ڪٿان، ڪنهن کي چوان!
    ”هوءَ“ هڪ شعـري مجموعـو آهي، پر منهنجي لاءِ خاص آهي. اِن ۾ منهنجي عـشـقـيـه شـاعـري آهي. Love poetry . پـريـم ڪـويـتـا:
    ڪَوِي چئي ويا ڪَوِتائُن ۾
    عـشـق بنا سڀ آهه اجـايـو
    عشق، Love، پيار، پريم جا سهس رُوپ سَرُوپ، رنگَ سُرنگَ ۽ Shades آهن، اِن ۾ هجر آهي. وصال آهي، ملڻ لاءِ وڇڙڻ. وڇڙڻ لاءِ ملڻ آهي. سِڪَ ڇِڪَ آهي، اُڪنڊَ اُڪِيرَ آهي. اوسيئڙا آهن. پيڙَ آهي. ڏُک سُکُ آهي. مُرڪ آهي ۽ لڙڪ اهن. سُڏڪندڙ سانت آهـي، ته درد ڀري دانهن به!
    ”هوءَ“ جي رٿ سحرجي آهي. هُن جڏهن اهڙي رِٿ مون آڏو رکي، تڏهن مون کان وڌيڪ هن ڄاتو ٿي ته هُوءَ مون کي گھاٽي جھنگ ۾ اماڻي رهي آهي! جنهن ۾ وڻ به آهن ته وليون به، ماڙهو به آهن ته مِرُون به، پکين جون مِٺيون لاتيون به، جنهن جي اُڀ تي چنڊ آهي، تارا آهن، سون ورن سِڄ آهي! اُسَ به آهي ته ڇان به. جهرڻا به آهن ته ندي به! جنهن ۾ ڦلن ڇانيون واٽون به آهن ته ڪنڊن هاڻيون جھاڙيون به، جن کي هٿن سان هٽائي گس ٺاهڻو آهي، ۽ پاڻ کي ڦَـٽـڻـو آهي! ڇا اِهو گھاٽو جھنگ، زندگيءَ جو استعارو نه آهي! ۽ مان اُن ۾ پيهي وڃان ٿو.
    1963 واري پُراڻي بياض کان 2016 تائين جون ڊائريون واچڻيون آهن. اُنهن مان تخليقون اُتارڻيون آهن، نامڪمل تخليقن کي مڪمل ڪرڻو آهي. ڪن کي درست ڪرڻو آهي. اهي ڊائريون اڄ هَڪيُون آهن به ته اِن جو ڪرئڊٽ به سحر کي وڃي ٿو، جنهن انهن کي ساهه سان سانڍيو. ڄام شوري کان جڏهن اسين ڪراچيءَ شفٽ پئي ٿياسين، تڏهن سڀ کان پهرين سحر انهن ڊائرين، ڪاپين ۽ نوٽ بڪن کي حفاظت سان نئين هنڌ پهچايو، جيڪي ڇڙوڇڙ پنا هئا، انهن کي هڪ هڪ ڪري هوءَ پڙهندي وئي ۽ ڊائريءَ ۾ اُتارڻ لاءِ مون کي ڏيندي وئي. انهن ۾ ڪجھه تخليقون ته اهڙيون به هيون، جيڪي مون کي ياد به نه هيون ته ڪو مون لکيون آهن! جيئن هڪ نظم آهي “ته” جيڪو “هُوءَ” ۾ شامل آهي، جنهن ۾ هي ٻه سِٽون به هيون:
    پانڌ پائي ڳچيءَ وجھي ڳارو
    ۽ پرئين پار ڏي پَلي ڇڏجوس.
    پر اهي مون کي نه پئي آئڙيون. خاص ڪري ان جي مٿين سِٽَ. اها ڪا ٻي سِٽَ هئي، ڪهڙي؟ سا ياد نه پئي آئي. هڪ شام دوستن سان ويٺا هئاسين ته اعجاز منگيءَ اهو نظم پڙهيو. ان ۾ اُها سِٽَ به هئي:
    هِڪُ لِيڪو ڪڍي ڇڏيو وچ تان
    ۽ پَرئين پارَ ڏي پَلي ڇڏجوس

    ”ارپڻ“ ۾ چار سِٽُون آهن. جڏهن ته مون کي ياد آهي ته اِهو پوري صفحي جو نظم آهي. پر هٿ نه آيو. ڳولا جي باوجود به! هڪ هڪ پنو ڪري ڳوليم، پر هر ڀيري نظر کان ٿِڙي ٿي ويو. بلڪل ائين،جيئن ڪا سهڻي صورت ليئو پائي، لِڪي ويندي آهي:
    لِڪي جِنءَ وڃي هوءَ پائي لِيو!
    الاءِ ڪيترا مُهاڳ، اَمُهاڳ، سَمُهاڳ، ٻه اکر.... لکيا اٿم، پر جڏهن ”هوءَ“ تي ڪجھه لکڻ گھريم، ته سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڇا لکان؟ تڏهن مونکي اديبه ”ناز“ ياد اچي وئي، جنهن منهنجي اردو شعري مجموعي ”دھوپ کرن “تي” کتاب کہانی“ پروگرام ڪيو هو حبيب يونيورسٽيءَ ۾. هر ڪتاب جي به هڪ ڪهاڻي ٿئي ٿي؟ اها سوچ وڻي هئم. سو ، هن شعري مجموعي “هُوءَ” جي به هڪ ڪهاڻي آهيَ، هڪ اَڌڀُتِ ڪهاڻي! اها ئي توهان کي ٻڌائڻ پئي گھريم:
    ڳالهه پوري نه سهي، ڪجھه ته سڻايان توکي!
    هونئن هڪ شاعر کي جيڪي ڪجھه به چوڻو آهي، اهو پنهنجي شاعريءَ ۾ ئي چوڻو آهي. شاعريءَ ۾ هُن ڇا چيو آهي؟ ڪيئن چيو آهي؟ هُن جي لهجي، موضوع، خيال، ٻولي ۽ هيئتي تجربن تي ٻين کي ڳالهائڻ گھرجي. توڙي جو ڇپجڻ کانپوءِ شاعري
    جڳ جهان جي ٿي ويندي آهي، پر اُن بابت پُڇاڻو وري به شاعر کان ئي ٿيندو آهي.
    سو، سوچيم ته ”هُوءَ“ جي شاعريءَ بابت توهان سان ڪجھه ڳالهيون ڪريان. پر اها ڪَٿا:
    عـشـق جـي راهـن مـٿـي ڪاوا اُڀـا
    تون نه هل تنهنجو صبا جهڙو خرام
    تون نه کِل جانِ بهاران تون نه کِل
    هـر طرف آهي گلن جـو قـتـلِ عـام
    (شرط ـ امداد آهه رول)
    يا:
    پـيـار ئي هـڪ لـفـظ آهـي پهـريـون ۽ آخـري
    هونءَ سُڻڻ چاهين ته آهن لفظ بي معنيٰ سوين
    (غزل ـ هوا جي سامهون)

    جيستائين عاشقي ٿيندي رهي
    تيستائين شاعري ٿيندي رهي
    (غزل ـ ڪرڻي جهڙو پَل)
    يا:
    رَبُ هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي
    خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي
    (غزل ـ ڪِرڻي جهڙو پَلُ)

    عشق جي ڪٿا ته تِهائين آ ڳاهين آهي. پر پني تي پنهنجي سمئه تي لکجي وئي آهي:
    تنهنجي منهنجي
    منهنجي تنهنجي
    پنهنجي پريت ڪهاڻي
    نئين نڪور به ايڏي آهي
    جيڏي آهي پُراڻي.
    (گيت ـ ڪِرڻي جهڙو پَلُ)
    شاعريءَ ۾ ”عشق“ جو موضوع، جيترو پُراڻو آهي، اوترو ئي نِت نئُون آهي:
    اها اِندر ڌنش ست رنگ پنهنجي پريت جا آهي
    پراچين آهه جيڏي، نِت نئين تيڏي ڪـٿا آهي
    (غزل ـ ”هُوءَ“)

    ”هُوءَ“ ۾ شامل شاعريءَ بابت ڪجھه چوڻ ٿي گھريم، ان ڏس ۾ پهرئين version ۾، ڪجھه نظمن جي حوالي سان، ڪردارن جو ذڪر به ٿي ويو هو، پر پوءِ اهو رد ڪري ڇڏيم. سچ ته اهو آهي ته ڪجھه نظم مون پهرين لکيا، پر اُنهن ۾ آيل ڪردار مون کي پوءِ مليا! اسين لاهور کان موٽي رهيا هئاسين. ڀرسان ويٺل پيرزادي قاسم کي چيم ته ”هِن ايئرهوسٽس کي ڏس!“ هُن ان کي ڏٺو، جنهن ”چڳ“ کي اسٽائيل سان ڳِٽي تي ڇيڪ ڇڏي ڏنو هو. پوءِ مون پيرزادي قاسم کي پنهنجو نظم:”چَڳُ“ ٻڌايو. ائيرهوسٽس شايد سمجھي وئي ته اسين سندس باري ۾ ئي ڳالهائي رهيا آهيون. وڃي، واپس وَري ته ”چَڳُ“ وارن ۾ سيٽ ڪري ڇڏي هئائين! ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ڪردارن کي ڏسي لڳندو آهي ته اِهي منهنجي ئي تخليق مان نڪري جيئري جاڳندي وجود ۾ منهنجي سامهون اچي ويا آهن! ڪجھه ڪردار پهرين مليا ۽ نظم مون پوءِ لکيا، انهن جي ڪنهن جُملي، ورتاءُ، ادا کان متاثر ٿي. جيئن هڪ نظم آهي “نِشوا” اُن ۾ صرف هڪ جملو آهي، اُن ڪردار جو ته:
    ”اي ڪوي! توهان کان منهنجو نالو سدائين وسري ٿو وڃي.“ اِن جملي ۾ ئي اهو نظم موجود هو. جيڪو ڳوٺ (ٽکڙ) کان حيدرآباد سنڌ پهچندي مڪمل به ٿي ويو. گھر اچي اُن کي پني تي اتاري ڇڏيم، پر ”هُوءَ“ ۾ هڪ نظم ”متان!“ اهڙو آهي، جيڪو 1963ع واري پُراڻي بياض ۾ آهي ۽ اڻڇپيل آهي، اهو نظم مون کي هر ڀيري پوروـ اڻپورو لڳندو هو. ان نظم کي مختلف وقتن تي کڻي ويهندو هئس، پر هر ڀيري ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ئي رهيس. جيتوڻيڪ ڄاتم ٿي ته شعوري ڪوشش سان، ائين ٿي به نه سگھندو، پر:
    رائگان ئي سهي ڪوشش ته ڪريون
    وانگر ان کي وري وري لکندو رهيس، هاڻي اهو نظم ”هُوءَ“ ۾ شامل آهي. اهو ڪئين مڪمل ٿيو؟ پتو ئي نه پيو! ”هُوءَ“ ۾ هڪ نظم آهي ”سُور“ اهو پني تي ڪيئن لٿو؟ ۽ ڪڏهن؟ اهو ٻڌائڻ پڙهندڙ لاءِ کڻي لاڀڌائڪ نه به هجي، پر ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان نظم مون کي جئيڻ ڏانهن ورائي ورتو! نظم اُتاريندي اُهو سُتل سُور وري به جاڳي پيو. اِهو سُور اُهو سُور به نه آهي جنهن لاءِ لاکيڻي لطيف چيو آهي ته:
    ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سُور پريان جا ساڻ مون!
    ڏُک ته ڏاج آهن عشق لاءِ. گهوريا سُک ڏکن ري! منهنجو هڪ طويل نظم ”رُوٽس“ (جيڪو ”ادب ـ امداد حسيني نمبر“۾ ڇپيل آهي) ۾ پهريون بند ئي ”ڏک“ جي موضوع تي آهي:
    ڏک تـه آهـي دَيـن خـدا جـي
    ڏُک تـه آ وردان ايـشـور جـو
    ڏُک تـه آهـي پـارس ڪـوئـي
    ماڻهو جنهن سان سونُ ٿئي ٿو
    ڏُکـن کان پوءِ ئي سُک ملن ٿا. ملڻ لاءِ وڇڙڻ لازمي آهي، ”هُوءَ“ ۾ هڪ نظم آهي ”وڇوڙو“. اهو ڪردار ٻن تن ڏينهن لاءِ ئي مليو ۽ پوءِ اُهو پنهنجي نون رشتن ڏانهن وڌي ويو ۽ آءٌ پنهنجي پُراڻن رشتن ڏانهن موٽي آيس! ان نظم ۾ ٻه سِٽُون ورجائجن ٿيون:
    تـون وسارڻ بـه جـي چـاهـيـن تـه وسـاري ڇـڏجـان،
    ڇو ته سارڻ سان سَري ڪجھه به نه ٿو، سُورَ سواءِ!
    پر اهي سڀ چوڻ جون ئي ڳالهيون آهن. وسارڻ ۽ سارڻ وس ۾ ڪٿي آهي. ان ڪيفيت م ئي سُور سُرور بڻجي ٿو وڃي. اهو طيءِ آهي ته شاعريءَ جو اوڄو تخيل ۽ ڪلپنا سان ئي ٿئي ٿو. ”هُوءَ“ ۾ هڪ نظم آهي ”اڳواٽ“ اهو نظم ان ڪردار کي ڀيٽ آهي، جنهن مُنڍ ۾ ئي چيو هو ته ”نه دوستي، نه عشق“ ۽ پوءِ:
    مـيـز ئي آهه نـدي ناهه، اسان جي وچ ۾
    پوءِ به تولاءِ ائين ڄڻ ته پريون پار هُجان
    واري صورتحال ئي رهي آهي اسان جي وچ ۾. ها، عشق ۾ دوکو ۽ دُلبو به آهي، جيڪو اَسهه آهي، اهڙو اظهار ”آب“ نظم ۾ آهي:
    جيئرو مون کي رکي پنهنجين اکين جو آب ماري تو ڇڏيو!
    مرڻ ـ جيئڻ جي ان ٻه واٽي تي به ڪنهن منهنجو هٿ اچي پنهنجي هٿ ۾ جھليو هوندو ۽ مون کي زندگيءَ ڏانهن واپس ورائي آندو هوندو!
    نه ته فاصلو گھڻو هو، مون ۾ ۽ خودڪشيءَ ۾
    تـنهـنجو هـجـڻ، هـجـڻ آ، ويـسـاهه زنـدگيءَ ۾!
    ”هُوءَ”“ ۾ آخري لمحن ۾ به ڪجھه تخليقون ڏيڻ کان رهجي ويون آهن. جئين ”هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون“ اسڪرپٽ ۾ هو، پر پوءِ ترسائڻو پيو. اهو نظم به 1963 واري پراڻي بياض ۾ آهي ۽ ڪنهن به مجموعي ۾ نه اچي سگهيو آهي. ڪجھه نظم سحر به ڪڍي ڇڏيا ۽ ان ڏس ۾ اسان جا پاڻ ۾ ڊگھا ۽ ڇتا بحث به ٿيا. ٻنهي وٽ پنهنجا پنهنجا دليل هئا اِن ڏس ۾. پر اُٽل سدائين سندس پاسي ئي ٿيندي هئي. انهن بـحـثـن جي پُڄاڻي منهنجي اِن جملي تي ٿيندي هئي ته ”ٺيڪ آهي، آءٌ اُهي نظم/تخليقون ڳالهيون“ ۾ ڏئي ڇڏيندس. پر هُن کي اها سُڌ هئي ته آءٌ ائين ڪندس ڪونه!
    بئڪ ٽائيٽل تي جيڪي رايا آهن، اُهي منهنجي همعصرن جا آهن ۽ مون لاءِ انتهائي اهم آهن. انهن مان به مون هڪ لفظ پاڻ ايڊٽ ڪيو آهي ۽ اهو لفظ آهي ”عظيم“ ان جو هڪڙو ڪارڻ اهو آهي ته ڪنهن به شاعر کي ”وڏو ، مهان يا عظيم“ چوڻ جو مطلب آهي: هُن کي زندگي ۾ ئي ماري ڇڏڻ! ٻيو ته اسان وٽ ”وڏا، عظيم ۽ مهان“ شاعر مڙئي گھڻا ٿي ويا آهن، جيڪي ”سنڌ“ جو سڳورو نانءُ به صحيح اُچار سان ڪتب نه ٿا آڻين، يا ضميري پڇاڙين جي جوڳي واهپي ۾ به اَسمرٿ آهن! منهنجي لاءِ وڏو، عظيم ۽ مهان ٿيڻ بدران شاعر ٿيڻ وڌيڪ اهم آهي. ۽ ائين آءٌ ڪسرنفسيءَ مان نه پيو چوان!
    عشق زندگي ۽ شاعري ـ الڳ الڳ هوندي به الڳ نه آهن ـ اهي پنهنجي مقرر وقت تي ذهن جي آسمان تي، ٽيڙوءَ جي ٽِمڪي جيان آهن، جنهن ۾ ٽنهي ستارن جي هڪ جيتري اهميت آهي ـ ۽ منهنجي پـريـمـڪا، منهنجي ڪـويـتـا ئي ته آهي:
    ڪـوي آهي پريمي ۽ ڪويتا پريمڪا آهي
    وِڌاتا، سَتيه، اَت سُندر، اَڌڪ، اُتم ڪلا آهي
    (غزل ـ”هُوءَ“)


    هوءَ(شاعري)

    هُوءَ

    هُوءَ

    ”هُوءَ“ جا منهنجي گِيتَ تي، لوڏي ويٺي پيرَ،
    ڪيرَ آهي سا ڪيرَ، ڏِٺل وائِٺل ٿِي لڳي!


    شِڪاگو!

    شِڪاگو!

    ملي وينگس هئي واسينگ وارن سان شِڪاگو ۾
    اَلائي ڇا چَئيِ ويئِي اشارن سان شِڪاگو ۾

    ٽِڪن سان گَجُ پهريل سانوري جو سامُهُون آئي
    لٿي ڄڻ شام، ويسٽ- اِن تي ستارن سان شِڪاگو ۾

    مِليا جي آمريڪا ۾ کُليل دل سان مِليا سِنڌِي
    ڪيائون وَڙ سُوَڙ ”امداد“ پارن سان شِڪاگو ۾

    پَسان ٿو آءٌ اُن ۾ اولڙو هڪ چنڊ چهري جو
    ندي ٿي تار وهندي وئي ڪنارن سان شِڪاگو ۾

    پُراڻي مَڌُ وانگي ئي نشا تن جا لٿا ناهن
    گُذاريونسين گهڙيون جيڪي به يارن سان شِڪاگو ۾

    چيوسين ها چيوسين ڳَر لڳي جيڪي به چوڻو هو
    ڪيوسين سَو دلين سان پيار پيارن سان شِڪاگو ۾

    اَلائي پُورَ ڪهڙي ۾ ”سحر“ سُرٻاٽِيو: ”سانول!
    هُجون ها ڪاش تُون ۽ آءٌ ٻارن سان شِڪاگو ۾“

    ”صنم“ ڳائي رهي هئي شاهه جي اسٽيج تي وائي
    ڀِٽائي ساڻ هو ڄڻ بيقرارن سان شِڪاگو ۾


    پوءِ!

    پوءِ!

    اڄ وري هُن کي ڏٺو مون ڪيترن ڏِينهَنِ کان پوءِ
    اِنءَ لڳو ڄڻ سِڄُ نڪتو ڪيترن مِينهَنِ کان پوءِ

    ”نِينهُن هڪڙو ئي ٿئي ٿو“ سچ چيئه سَو سيڪڙو
    پر اُهو هڪ نِينهُن ٿئي ٿو ڪيترن نينهَن کان پوءِ!


    چيئِه!

    چيئِه!

    1
    منهنجي سگريٽ پيڻ جو نه وڻئي اسٽائيل
    آءٌ ٽي وي تي به بيمارُ لڳو هوس، چيئِه
    نظم جنهن وقت پڙهيو هوم ”دُونهين جو بادل“
    ته اُنهيءَ مهل صفا ٻارُ لڳو هوس، چيئِه
    آءٌ سڀني کان ڪَٽيل، دُونهن ۾ ويڙهيل سيڙهيل
    پنهنجي ئي ڪنڌ مٿان بارُ لڳو هوس، چيئِه
    منهنجي اکڙين ۾ هئا خواب سوين جاڳندا خواب
    بي گناهيءَ جو گنهگارُ لڳو هوس، چيئِه
    ٽيپو ٽيپو ٿِي ٽِميا رنگ ۽ خوشبو جنهن مان
    پاڻ گُل هوس، مگر خارُ لڳو هوس، چيئِه
    شهر ۾ پيارَ جو پينارَ لڳو هوس، چيئِه
    آءٌ سوريءَ جو سَزاوارُ لڳو هوس، چيئِه
    نه اُها ٻانهَن ڊگهير ۽ نه اُها وچ ۾ ميز
    پوءِ به تولاءِ پَريون پارُ لڳو هوس، چيئِه
    ۽ سندم چين سِموڪنگ، گهڻو ڳالهائڻ
    آءٌ بڪواس ۽ بيڪارُ لڳو هوس، چيئِه!

    2

    جنهن سان ٽڪرائجي پنهنجو ئي مٿو ڦاڙيان ٿو
    آءٌ پٿر سندي ديوارِ لڳو هوس، چيئِه
    منهنجي نيڻن ۾ هئا نِيرَ، هٿن ۾ هئا ڦول
    آءٌ رسوا سَرِ بازارِ لڳو هوس، چيئِه!


    جيئَڻ!

    جيئَڻ!

    تنهنجا سپنا
    ننڊ اچي ته ڏسان

    آءٌ جُڳن کان جاڳيو آهيان
    تولئهِ گيت رچڻ ٿو چاهيان
    لفظ مِلن ته لکان!

    چنڊ چڙهي ته انهيءَ سان جاڳان
    سمنڊ لُڇي ته لُڇان ۽ ڦٿڪان
    ديپ جلي ته جلان!

    جيون ڪَوڙو وسڪيءَ جهڙو
    توبن پيئَڻ جيئَڻ ڪهڙو
    زهر ملي ته پِيان!



    (آئون هي گيت مرهيات استاد ظفر علي خان جي نالي ٿو ڪريان. جنهن هن گيت کي مڌر ڌن ۽ آواز ۾ ڳايو .

    (آءُ هي گيت مرهيات استاد ظفر علي خان جي نالي ٿو ڪريان. جنهن هن گيت کي مڌر ڌن ۽ آواز ۾ پي ٽي وي تي ڳالهايو)


    ڪڏهن!

    ڪڏهن!

    غزل جو ڪڏهن شعر
    دوهو ڪڏهن
    ڪڏهن نظم جو سِٽ سِٽاءُ
    ڪڏهن گيت جي لئه ٿيو ٿِي وڃِين!

    جڏهن مان لِکڻ ٿو لڳان
    تڏهن
    اِئين ٿو لڳي
    ته ڄڻ تنهنجو هٿ منهنجي هٿ تي ڌَريل آ
    تڏهن ئي ته هر لفظ جي طاق تي
    سُڳنڌت ڏِيو ڪو ٻَريل آ
    تڏهن ئي ته هر سِٽَ جي سِينڌ ۾ کِيرَ ڌارا ڀَريل آ!


    مگر!

    مگر!

    گَهٽا به توتي وَسِي سگهي ٿي مگر نه آئون مگر نه آئون
    کِنوڻ به توسان کِلِي سگهي ٿي مگر نه آئون مگر نه آئون

    جڏهن به سِجُ چنڊ ۽ ستارا گُهرن ته توکي ڏسي سگهن ٿا
    هوا به توکي ڇُهِي سگهي ٿي مگر نه آئون مگر نه آئون

    ڪجل اکين ۾، لبن تي لالي، ڳچيءَ ۾ مالا، ڪَنن ۾ والي
    هٿن تي ميندي رَچِي سگهي ٿي مگر نه آئون مگر نه آئون

    اُها هجي شام، يا هجي رات، وار کولي سندءِ اڱڻ تي
    جڏهن به چاهي اَچِي سگهي ٿي مگر نه آئون مگر نه آئون

    جڏهن به پازيب کي وڻي، پشم پير ڇمڪي ڇُهِي سگهي ٿو
    سَنگهر گچيءَ کي چُمِي سگهي ٿي مگر نه آئون مگر نه آئون

    گلاب جو گُل جڏهن به چاهي سندءِ ڳٽي تي ٽِڙي سگهي ٿو
    پُسِي به توکي پَسِي سگهي ٿي مگر نه آئون مگر نه آئون

    ڪڏهن گهٽيءَ منجهه آمۃۃۃُهُون سامُهُون اِئين ئي بنا ارادي
    نظر نظر سان مِلِي سگهي ٿي مگر نه آئون مگر نه آئون

    5.2.2005


    ۽!

    ۽!

    رات به تولئه چنڊ هڻي ٿي چوٽيءَ ۾
    تارن جا ٿي ڦُلا ٽيڙي
    ڏينهن به تنهنجي لاءِ اُڀاري ٿو سورج
    باغ به تولئه رنگ رنگ جا تازا سُرها گُل ٿو ٽيڙي
    وَڻَ به تولئه ڪن ٿا ڇائُون
    توسان گَڏُ گُهمڻ جي ڪارڻ ٿيون گُهلن هوائُون
    سمنڊ به تنهنجا پيرَ چُمڻ جي لاءِ لُڇي ٿو
    ۽ آئُون؟
    تنهنجي لاءِ لکان ٿو ڪوتائُون!

    17.11.1999


    ڀاسيو!

    ڀاسيو!

    گهر ڏي ايندي پارڪ ۾، آئُون ويٺس جِيئَن،
    تون به هُيين گڏ بينچ تي، مون کي ڀاسيو اِيئَن.

    جو به جِيَسِ توکان سوا، سو سڀ جاڙجِيو مِ،
    توسان دل ڪنءَ ٿي وَئِي، ڪو به پَتو نه پِيومِ!

    سُرت به تون ساڃاههَ تون، تون ئي ساهه پساهه،
    سڀ ۾ تون ئي تون سڄڻَ، مون ئي مون ڪا ناهه!

    تو ڏي ڏسندي ڪنءَ ڏسان، هيڏانهن ۽ هوڏانهن،
    سورج ڏي سورج مُکي، آءٌ اِئين تو ڏانهن!


    هُوءَ!

    هُوءَ!

    جنءَ ٿي سُئِي سَڳي کي سيري، تنءَ ٿي مون کي سيري هُوءَ
    پريت پُراڻي آهي ليڪن، نئين لڳي هر ڀيري هُوءَ
    اڻڄاڻائي ڪم آئي سين، ڄاڻَ وجهي وئي ڄيري هُوءَ
    ڀَونرُ ڀري ٿو جيئَن ڪَونرَتي، هيرَ اِنهيءَ تي هيري هُوءَ
    سورج وانگر جا ڏي چاهي، سورج گُل جنءَ ڦيري هُوءَ

    هُن کان ٻاهر ڪجهه ڪو نه آهيان، عڪس آهيان آئينو هُوءَ
    ڀوَ ساگر مان پار اُڪاري، اهڙو آهه سفينو هوءَ
    سڄي سِرشٽي مُنڊيءَ وانگي، اُن ۾ آهه نگينو هوءَ
    ڌڙ ڌڙ ڌڙ ڌڙ ڌڙڪان هُن ۾، دل آهيان مان سينو هوءَ

    هيڏي ساري هِن دنيا ۾، تنها مان ۽ تنها هُوءَ
    منزل هُوءَ، انهيءَ ڏي ويندڙ، چارا سارا رستا هُوءَ
    ٻن گهرنِ نيرن نيڻن سان، چئي وڃي ٿي ڇا ڇا هُوءَ
    ايڏي سُهڻي ايڏي سچي، جهڙي منهنجي رچنا هُوءَ

    جيون ڪيڏو بي رنگ آهي، اُن ۾ رنگ ڀريِ ٿي هُوءَ
    هَٿ تي هَٿُ ڌري ٿِي انءَ جنءَ، دل تي هَٿُ ڌري ٿِي هُوءَ
    ڄڻ ته مِلي ئي ڪا نه هُئِي، جي، پَل جي لاءِ پري ٿِي هُوءَ
    ڪُوڙ ڪُپت جي ڇَل وَل جڳ ۾، پَتِ سُپَتِ پَري ٿِي هُوءَ
    ***


    کڻي

    کڻي

    ڪُلهن تي ڇُڙيل وار ڪارا کڻي
    وري رات جڳمڳ ستارا کڻي

    ندي، تُڙڳندڙ چنڊ تارا کڻي
    وَئِي هُوءَ سارا نظارا کڻي

    ڀَلي ڪر نه مون ساڻ ڪا ڳالهه ٻولهه
    اکين سان ئي ڪر ڪي اشارا کڻي

    بَلي! ڦوهه سانوڻ ۾ سِنڌو ندي
    هَلِي ساڻ ٻيئِي ڪنارا کڻي

    سڄڻ سان ملڻ لئِه، لِڪي لوڪ کان
    هلي سينڌ ۾ کِيرَ ڌارا کڻي

    هليا لُڙڪ ۽ مُرڪ مَٽ سَٽ ڪريون
    ڏَئِي ڏُکَ، وڃ سُکَ سارا کڻي

    نه تاريخ مان جن سِکيو ڪو سبق
    اُنهن کي دَسيو وقت وارا کڻي

    مِٺِي مُرڪ سان صرف هڪڙي نِهارَ
    کڻو! ري ڪجل نيڻ ڪارا کڻي

    ڇڏي ديههِ جو ڏيهه ويندو لڏي
    ٻه ٽي ساهه هر ڪو اُڌارا کڻي.

    30.4.2015


    شعرُ!

    شعرُ!

    جيون آهه لنوايو مون کي
    پر مان ڪيئَن لنوايان توکي
    شعَر ٻُڌائڻ لاءِ چَوِين ٿِي
    ڪهڙو شعرُ ٻُڌايان توکي

    قومي، رُوماني، رُوحاني
    ڪهڙو شعر سُڻايان توکي
    ڪيڏي سُک سان ويٺي آهين
    ڇاجي لئِه تڙپايان توکي

    وارن وانگي سُلجهيل آهين
    ڇاجي لئِه اُلجهايان توکي
    جي ڪنهن گَهر تي ڪو نه رسن ٿيون
    سي ڇو گِهٽيون گُهمايان توکي

    ڪانڊا ٽانڊا منهنجا رستا
    تن تان ڪيئَن هلايان توکي
    جنهن جي ڪائِي منزل ڪانهي
    ساڇو راهه رُلايان توکي

    عشق ته مُشڪ جِيان ٿو اُکلي
    مُٺ ۾ ڪيئَن ڇُپايان توکي
    سُپ سان سِڄُ نه ڍڪجي سگهندو
    لوڪان ڪيئَن لِڪايان توکي

    اَوستا سُندر سپني جهڙي
    اُن مان ڇو جاڳايان توکي
    شهر سڄوئي ٿاڻا گهاڻا
    ڪهڙو سَيرُ ڪرايان توکي

    تون ته سجايل سنوريل ڌُر کان
    ڪهڙو آءٌ سجايان توکي
    شعر رڳو گُل ناهن، سي ڪنءَ
    ڪونج ڳچيءَ ۾ پايان توکي

    تون ئي منهنجو مشڪل حَل ڪر
    ڪهڙي سُر ۾ ڳايان توکي
    سڀئي رنگ سُنهن ٿا توتي
    ڪهڙو رنگ لڳايان توکي

    پوءِ به جي تون مهڪڻ چاهين
    اوري اچ مهڪايان توکي
    هليا ته نِس پِس تو جهڙو ئي
    سُندر شعرُ سُڻايان توکي!


    چَڳَ!

    چَڳَ!

    ”هيءَ جا
    چنچل چَڳ آ، سا
    ڳاڙهي ڳل تي
    پاڻ لـٿي آ، يا
    تو لاٿي آ؟!“


    پاڻ!

    پاڻ!

    پاڻ ملياسين اِيئَن،
    سنڌُو جي وچ سِيرَ ۾-
    سهڻي ساهڙ جيئَن!

    اِيئَن ملياسين پاڻ،
    ڀاڪر پائي جنءَ ملي-
    ساگر سـنـڌُوءَ سـاڻ !

    ساڻ سُمهين هيڪر!
    تو جهڙي رچنا پرين،
    رَچي سگهان جيڪر!
    ***


    صدائون!

    صدائون!

    اُهي گُل مُهر جون رنگين ڇائُون ڄام شوري جون
    اوهان جي لئه سراپا التجائُون ڄام شوري جون

    ڪٿي ڪنهن شهر ۾ ڪنهن راهه ۾ هر هر مُڙي ڏسندينءَ
    سدا پيڇو ڪنديون رهندءِ صدائُون ڄام شوري جون

    ائين ڪنهن موڙ تي ٽڪرائجي وڃجي ته ڇا چئجي
    کَٽِي وڃ ها کَٽِي وڃ لک دعائُون ڄام شوري جون

    ڪڏهن ڪو واءُ جو جُهوٽو لڳي، تون ياد فرمائج
    سندءِ گيسو اُڏارينديون هوائُون ڄام شوري جون

    خطائن ۾ به هڪڙي قسم جو پنهنجو مزو آهي
    عطائُون جيڪڏهن آهن عطائُون ڄام شوري جون

    وسارين جيڪڏهن ”امداد“ کي، ممڪن اِهو آهي
    وساري ڪو نه ڪو سگهندينءَ فضائُون ڄام شوري جون!
    23.9.2002


    (مرهيات صادق فقير جي نالي. جنهن لاءِ هي غزل لکيو ويو ۽ جنهن ڳايو به ۽ پوءِ ”سارنگا“ ۾ ڇپيو، جتان اُتاريو ويو).


    وڇوڙو!

    وڇوڙو!

    سي هوائون تنهنجي ڀنڀن ۾ جي وِچڙيون سِچڙيون
    اُهي شامُون جي ستارا کڻي آيون تو لئه
    راتِيُون، چنڊ جو جُهومر هڻي آيون تو لئِه
    صبح جيڪي تنهنجي چهري مان اکيون مهٽي اُٿيا
    اُهي راهون جي هيون پنهنجون کُليل ڄڻ ٻانهون
    لوڪ ورثي جي ميوزيم جو اُهو هال ۽ پاڻ
    هال ڄڻ پاڻ کي ڀاڪر ۾ ڀَري ٿي ورتو
    تون وسارڻ به جي چاهين ته وساري ڇڏجان
    ڇو ته سارڻ سان سَري ڪجهه به نه ٿو سُورَ سواءِ

    ڪو ته سڱ هو پنهنجو ناتو هو، ۽ ڪو رشتو هو
    جنهن جو ڪو نانءُ نه هو، پوءِ به سڀئي نانوَ هئا
    مُنڍ جنهن جو نه هو ۽ ڪا به پُڄاڻي نه هئي
    جا ڪهاڻي به هئي، پوءِ به ڪهاڻي نه هئي

    جن کي معنيٰ به هئي، يا نه هئي، سي ڳالهيون
    ۽ اُهي ٽهڪ جي سُڏڪن جو پڙاڏو ٿي لڳا
    ۽ اُهي لڙڪ جي اکڙين جي ڀريل ساغرمان
    هٿ تريءَ ساڻ، ٽِشوءَ ساڻ اُگهيا پاڻ لِڪي

    ۽ اُها شام، ڇُڙيل وار سندءِ، مست هوا
    اُها اڌ رات، سڄو چنڊ، اُهي پاڻ ٻه اَڌَ
    هڪ سڄي جا، جي اَڌو اَڌُ ئي رهڻا آهن
    ۽ اُها راهه اسان ساڻ هلي پئي جيڪا
    ۽ اُهي وَڻَ، اُها چانهه، اُهي دوست ۽ شعر
    ۽ اُها کٽَ، ڇَپر کٽَ لڳي ٿي جيڪا
    هڪڙي سگريٽ مان پنهنجو اُهو هڪ هڪ سُوٽو

    ۽ اُهو شهر جو منهنجو نه هو، تنهنجو به نه هو
    ۽ اُها بينچ جتان چنڊ ڏٺوسين گڏجي
    ”ڪهڙي تاريخ جو آ؟“ تو به پُڇيو، مون به پُڇيو
    پوءِ هڪٻئي کي ڏٺوسين ۽ ٻنهي ڪجهه نه ڪُڇيو
    (۽ اُنهيءَ ڪجهه نه ڪُڇڻ ۾ به ڪڇيوسين جيڪو!)
    (۽ اُنهيءَ ڪجهه نه لـُڇڻ ۾ به لُڇيوسين جيڪو!)

    تون وسارڻ به جِي چاهين ته وساري ڇڏجان
    ڇو ته سارڻ سان سَري ڪجهه به نه ٿو سُورَ سواءِ!

    ۽ اُهو آخري پَل، وِرهه وڇوڙي جو پَل
    جنهن کي اچڻو هو، ٻِليءَ پير، اچي ويو جيڪو
    تنهنجي چاهڻ کان سوا ۽ منهنجي چاهڻ کان سواءِ
    (تنهنجي چاهڻ منهنجي چاهڻ سان ڀلا ڇا ٿو ٿئي!)
    تو اُنهيءَ ويرَ چيو ’فون ڪندينءَ هاڻ نه تون.....
    ..... تنهنجي شاديءَ تي اچان آءٌ.... ضرور آءٌ اچان.....!

    پوءِ تون ڌار ٿينءَ، دُور ٿينءَ، ۽ پُٺيان
    تو مُڙي ڪو نه ڏٺو ڪو نه ڏٺو ڪو نه ڏٺو ڪو نه ڏٺو
    ٿورڙو دُور وڃي، لُوههَ وِڌي تو در ڏي

    هاڻ ڇاهي؟ اگر آهي به ته بس ايترو آهي ته اُمالڪ- هڪدم
    ميڙ ۾ آءٌ اڪيلو ئي اڪيلو ئي اڪيلو ئي اڪيلو ئي اڪيلو ئي.... هُيس
    سمجهه ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو ته ڇا هاڻ ڪريان؟
    ڏاڪڻين تي ئي اُتي آءٌ، جهلي هانءُ، اَلا ويهي رهيس!

    24.2.2016


    دائرو!

    دائرو!

    ”هوءَ“
    جيڪا ڪراچيءَ مان سيڙهجي
    ڄام شوري آئي هئي
    منهنجي شاعري ٻُڌڻ لاءِ
    ۽ آءٌ
    اُن مڌ ماتي، دُونهاٽيل رات جو
    ڇَڙ اُتر ۾، مچ تي
    هن کي شاعري ٻڌائي رهيو هوس!
    اوچتو، هُن پڇيو:
    ”غزل جي مطلع ٻن هم قافيا مصراعن جي هوندي آهي.
    پر ”آرسي“ ۾ ڇپيل توهان جي هڪ غزل جي مطلع هڪ
    مصرع جي آهي-
    ”حياتي آڳَ آهي، آڳَ لهرايون پيا يارو!“
    اڳي، اهڙو سوال ڪنهن به نه ڪيو هو!
    ”مصرع ثاني مون پاڻ سينسر ڪري ڇڏي آهي“.
    ”اُها ٻڌايو!“
    ٻڌايانس ٿو پوري مطلع، سينسر ڪيل مصرع سميت
    ”منهنجي ڪيتري شاعري اهڙي آهي، جيڪا مون
    پاڻ سينسر ڪئي آهي. گهڻي ته مون وٽ لکيل به
    ناهي، پر ڪجهه دوستن کي ياد آهي!“
    ”اُها ٻڌايو!“
    پوءِ هوءَ ۽ مان
    - وقت، هوا، دوستن جي دائري مان نڪري-
    شاعريءَ جي دائري ۾ داخل ٿي وياسين!


    ڇوڪرِي!

    ڇوڪرِي!

    راتَ مِلي هئي ڪاڄَ ۾، ساڙهيءَ واري ڇوڪري!

    سرس هُئي جا سُونهن ۾، هيڏي ساري راڄَ ۾
    مِٺِي مِٺِي اهڙي مِٺِي، مِٺو هجي جنءَ کاڄ ۾
    تَنُ اِئين تاڻيل سندس، تَندِ تَپي جنءَ ساڄ ۾

    راتَ مِلي هئي ڪاڄَ ۾، ساڙِهيءَ واري ڇوڪري!


    __
    کاڄ- کاڌو
    ساڄ- ساز


    پُوڄا!

    پُوڄا!

    هوا ۾ هُڳاءُ آهي
    ۽ مون کي پَڪَ آهي
    ته تون اچي رهي آهين
    ڪُلهن تي بادل کڻي
    وَسڻ جا ويس ڪري
    تون اچي رهي آهين
    انگَ ۾ رنگَ ڀري
    ڪاريڊور ۾
    ڌيري ڌيري پير ڌري
    اِجهوڪِي اِجهو
    خوشبو جو آوارا جُهوٽو
    توکان اڳ مون تائين پهتو
    اِجهوڪِي اِجهو
    توکان اڳ مون تائين پهتو
    تنهنجي چوڙين جو ڇِڻڪو
    اجهوڪِي اِجهو
    ڪمري جي در مان تنهنجو طلوع ٿيو
    ۽ سڄو ڪمرو
    ڄاڻ ڪنهن ٿڌي ٿڌي خوشبو سان واسجي ويو
    ۽ منهنجو مَن
    ڄاڻ مڌم مڌر سُرن سان لين ٿي ويو
    ۽ منهنجو تن
    ڄاڻ روشنين سان رِل مِل ٿي ويو!

    هوا ۾ هڳاءُ آهي
    ۽ مون کي پَڪَ آهي
    ته تون اچي رهي آهين
    هٿ ۾ ڪو ڪتاب کڻي
    ڪتاب ۾ ڪو گلاب کڻي
    تون اچي رهي آهين!
    جيسين تائين
    تون پهچين مون تائين
    تيسين تائين
    مان لکندو رهان هِيءَ ڪَوِتا
    تو جهڙي سُندر ڪَوِتا
    تو جهڙي ئي
    سُرَهِي سَرَ هِي
    سُرِيلي
    ۽ سُهائِي ڪَوِتا
    اَتِي ڌيان گيان سان
    ڄڻ ڪَوِتا نه هجي
    پُوڄا هجي!


    ڪيئَن!

    ڪيئَن!

    اي جِيين شال! ايترو ته سُڻاءِ،
    آءٌ توکان سوا جيان به ته ڪيئَن؟
    آءٌ خانه بدوش رول امداد،
    تو سوا ٿانئـِڪو ٿِيان به ته ڪيئَن؟

    جيستائين نه ڍُڪ ڀرين اُن مان،
    آءٌ پاڻي ڀلا پِيان به ته ڪيئَن؟
    جيستائين نه چَڪ هڻين اُن مان،
    آءٌ مانيءَ ڳڀو کِيان به ته ڪيئَن؟

    جيستائين نه ٿو وڻان توکي،
    پاڻ ئي پاڻ کي وڻان به ته ڪيئَن؟
    آءٌ سورج مُکي، ته تون سورج،
    ڪنڌُ توکان سوا کڻان به ته ڪيئَن؟

    نظم جنهن ۾ هجي نه ذڪر سندءِ،
    نظم اهڙو ڀلا لکان به ته ڪيئَن؟
    سِٽَ جا سينڌ جنءَ سِڌي نه هجي،
    سِٽَ اهڙي ڀلا سِکان به ته ڪيئَن؟


    زندگي!

    زندگي!

    زندگي آهي رڳو بس ايتري
    يار جي رخسار تي تِر جيتري

    مئي گهڻي ناهي، کڻي آ ڪالهه رات
    جيتري تَر ۾ ڇڏيل هئي تيتري

    هُن پڇيو، ٻانهون پکيڙي مون چيو:
    ”پريت منهنجي آهه توسان هيتري!“

    سال نوري سال، کَن، وِک، ڇاڙڪي
    چاهَه جي هيءَ راهَه آهي ڪيتري!

    پريت ۾ پڇبو نه آ ”امداد“ يارَ
    ايتري؟ يا هوتري؟ يا هيتري!

    15.7.2000


    خالي!

    خالي!

    اوهين آيا هُئا يا
    بهار آئي هئي منهنجي اڱڻ تي
    اِهو اڄ تاءِ مون ڄاتو نه آهي
    اوهين مُرڪيا ته گُلڙن ويس پهريا سهس رنگي
    اوهان جي ساهه جي سُرهاڻ پکڙي
    اوهان جي ٽهڪ سان ٽَليُون وڳيون روپيون
    ٽِلڻ تي
    نچيو هو مورُ من جو
    نظارن کي ڏني هئي مات نيڻن جي نظاري
    انهيءَ لمحي وِيا سڀ سور ڏک وسري
    گذرڻو هو اُهو لمحو وِيو گذري
    لڙي ويو سِجُ اولهه ۾
    ڳڙي ڳل تان وِيو ڳوڙهو
    ۽ تارو رات جو بڻجي
    اُهو ڄڻ لفظ ڪاڳر تي وِيو لکجي
    جدائيءَ جي گَهڙي آئي
    بنا موڪل گِهڙي گهر ۾
    ۽ مون کي ياد آيو لڙڪ جو تنهنجي رَئي سان مون اُگهيو هو
    اُهو موتي نه هو، هڪ لڙڪ هو، ليڪن اُمُلهه ٿي ويو
    چيوسين هِڪَ ئي آواز ”مِلنداسين وري سائين!“
    (لڪائي لڙڪ کِلنداسين وري سائين!)
    پري تائين ڏٺم ويندي اوهان کي
    ۽ نيڻن وانگِيان رهجي وئي پوءِ راهه خالي
    ۽ مان
    رستي جيان بي حِسِ حرڪت هوس
    سيني ۾ هليو پئي ساهُه خالي!

    18.11.2001


    تُون!

    تُون!

    تُون اُهائي ته نه آهين جيڪا
    ڪالهه رستي تي ملي هئي مون کي
    ۽ چيو هئائين ته: ”ڪيڏو نه ڳري ويو آهين!“
    تُون اُهائي ته نه آهين جيڪا
    شعر پڙهندي هئي منهنجا ۽ ڀنل لهجي ۾
    مون کي چوندي هئي: ”اي منهنجا ڪوي!
    ايترو ڪوهه دُکي آهين تون
    پنهنجا سڀ ڏکَ ڏئي ڇڏ مون کي
    تنهنجي پلڪن تي ٽڪيل لڙڪ
    هليا، آءٌ چُمان
    ڪنڌ ڪلهي تي لاڙي
    تنهنجي ڇاتيءَ تي ڌري هَٿُ ڇڏيان!

    ”رات ڪهڙي به هجي، جيئن گُهلين، وارَ وڇائي ڇڏيان
    جندڙي جيل سهي
    ساڻ رهڻ ٿي چاهيان!
    تيل تون بڻج ته وَٽ جيئن ٻرڻ ٿي چاهيان
    پنهنجا سڀ سُکَ ڏئي
    تنهنجا سڀ سُورَ سهڻ ٿي چاهيان
    سمنڊ آهين ته سندءِ ٿاهُه لهڻ ٿي چاهيان!
    ٻيو ته ڪجهه ڪِينَ ڪرڻ ٿي چاهيان
    بس رڳو پريت رڳو پريت ڪرڻ ٿي چاهيان
    اِن سِوا ڪجهه به ٻُڌائڻ نه ٿي چاهيان نه ٻُڌڻ ٿي چاهيان
    تُون رڳو گيت رچين
    آءٌ رڳو پريت ڪريان!“

    تون اُهائي ته نه آهين جيڪا
    ڪالهه رستي تي ملي هئي مون کي
    ۽ چيو هئائين ته: ”ڪيڏو نه ڳري ويو آهين!“



    (هي نظم ”تون ئي تون“ سلسلي جو هڪ ايپيسوڊ آهي، اهو سلسلو ”هلچل“ رسالي ۾ ڇپجندو رهيو ۽ اُن مان هتي اُتاريو ويو).


    آءُ

    آءُ

    پنهنجي گوڏي سان کڻي گڏ مون کي
    ڪنهن ڊٺل بُرج جيان اَڏ مون کي
    تون ته آهين منهنجي منزل سونا
    اَڌَ رستي تي نه هنءَ ڇڏ مون کي

    ڀَل ته ڀَونري جـيـان پـئــي ڀــيــراِئـيـن
    ڀـَل اِنهيءَ هيرَ پَئِي هيرائِين
    عرش کان مون کي ڀَلي ڪيرائِين
    پنهنجي نظرن کان متان ڪيرائِين!

    موج ٿي، آءُ مَچِي وڃ مون ۾
    رنگ ٿي، آءُ رَچِي وڃ مون ۾
    آءٌ گهر آهِيان تنهنجو سونا
    بس اَچِي وَڃُ، اَچِي وڃ مون ۾!


    جوڀن!

    جوڀن!

    ڦوهه جوڀن جو سانوڻي سِنڌُو
    تنهنجي ڪپڙن جا بند ٿو ٽوڙي
    هِن ڪناري کان هُن ڪناري تاءِ
    هر سُڪي سائي کي وِيو ٻوڙي!

    10.3.1963


    اِئين!

    اِئين!

    اِئين سگريٽ جنءَ دُکندو رهڻ دُکندو رهڻ دُکندو رهڻ
    ....... دُکندو رهڻ دُکندو رهڻ..... منهنجو

    ڏِيـي جي لاٽ جهڙي سِٽَ سرجيندي
    ڏِيي جي لاٽ جهڙي سِٽَ سرجڻ لئِه
    پتنگا- لفظ ڳوليندي
    پتنگا- لفظ ڳولڻ لاءِ سوچيندي ۽ لوچيندي

    ائين لکندو رهڻ لکندو رهڻ لکندو رهڻ
    ....... لکندو رهڻ..... تولاءِ بس لکندو رهڻ..... منهنجو

    اُها ڪَوِتا
    لکي جا آهه مون تو لاءِ سا ڪَوِتا
    ڪڏهن توتاءِ من پهچي سڄڻ سائين
    ڀلي پهچان نه پهچان آءٌ تو تائين!


    وري!

    وري!

    هڪڙو ڀيرو
    وري اُئين شرمائي
    هڪڙو ڀيرو
    هڪڙو ڀيرو!

    لالِي لَب تي لائي
    ڪجل اکين ۾ پائي
    دلڙي چَنبي چائي
    هڪڙو ڀيرو
    وري اُئين شرمائي
    هڪڙو ڀيرو
    هڪڙو ڀيرو!

    کِنوڻين کي به کِلائي
    روشنِيون ڦهلائي
    جهانجهر کي جهرڪائي
    هڪڙو ڀيرو
    وري اُئين شرمائي
    هڪڙو ڀيرو
    هڪڙو ڀيرو!

    سَجرا گَجرا پائي
    ڳُڻن ڀريو ڳالهائي
    جادُو سو جاڳائي
    هڪڙو ڀيرو
    وري اُئين شرمائي
    هڪڙو ڀيرو
    هڪڙو ڀيرو!


    ڇوهُه!

    ڇوهُه!

    ڪچا ڌاڳا چوليءَ جا، ڇوهُه ڏسي ڪو ڇوليءَ جو!

    لِڱُ لِڱُ ٿو پاءِ لِيا، ڇوهُه ڏسي ڪو ڇوليءَ جو!
    لهر لهر تي ڏِيا ڏِيا، ڇوهُه ڏسي ڪو ڇوليءَ جو!
    هِن ڀر هُن ڀر چنگ چَڙا، ڇوهُه ڏسي ڪو ڇوليءَ جو!
    انت بحر جي ڪَلَ نه ڪا، ڇوهُه ڏسي ڪو ڇوليءَ جو!

    ڪچا ڌاڳا چوليءَ جا، ڇوهُه ڏسو ڪو ڇوليءَ جو!

    5.4.1963


    مگر!

    مگر!

    مِلياسين ڪڏهن ڪو نه گهاٽن وڻن جي ٿڌي ڇانوَ ۾
    ٻَڌءِ ڪا نه سرسبز ڪنهن شاخ تي
    ڪا به ڳاڙهي رِبن
    نه چاقوءَ سان کُرڙي لکيوسين ڪڏهن نانءُ ٿُڙتي
    نه ڪو هَٿُ هَٿ ۾ ڏِنئِه
    چپن تي نه ڪو چَپ رکيئِه
    نه ڄِڀ سان ڪڏهن ڄِڀ چکيئِه
    اُرهه کي سدائين رَئي ۾ لڪائي رکيئِه!

    ڪڏهن شام توسان
    اَلا ڪا نه گذري
    سمندر ڪناري
    ڪڏهن چيلهه ۾ ٻانهن پائي
    نه لهندو ڏٺوسين
    ڪڏهن سِڄَ کي!

    ڪڏهن رات توسان
    اَلا ڪا نه گذري
    ڏٺوسين ڪڏهن ڪو نه اُگهاڙن پُٺن ڀر
    ستارن جَڙيل آسمان!

    مگر پوءِ به اِنءَ ٿو لڳي
    سڄي عُمر تو ساڻ گذري هجي!


    عاشقي

    عاشقي

    شاعري به عاشقيءَ وانگر هوندي آهي
    عاشقي به شاعريءَ وانگر هوندي آهي
    کسي وٺندي آهي چِت جو چَينُ
    دل جو قرار
    اکين جي ننڊ
    ۽ ڏئي ويندي آهي
    بي چيني
    اوجاڳا
    ۽ بيقراري!
    پر
    ان بي چينيءَ ۾
    جيڪو چين آهي
    ان بيقراريءَ ۾
    جيڪو آهي قرار
    سو شاعر کان سواءِ
    عاشق کان سواءِ
    ڪير ٿو ڄاڻي؟

    شاعري به عاشقيءَ وانگر هوندي آهي
    عاشقي به شاعريءَ وانگر هوندي آهي
    ۽ شاعري
    اوجاڳيل اکين جا خواب ئي ته آهي!


    رات

    رات

    رات جو دير تاءِ جاڳياسين
    پاڻ ۾ جسم روح واڳياسين


    فسانو!

    فسانو!

    مِلينءَ تون، لکڻ لئِه فسانو ملي ويو،
    جِيين شل! جيڻ جو بهانو ملي ويو.

    ”کنيائون کِلي نيڻ گهرا گلابي“
    ته قارُونَ جو ڄڻ خزانو ملي ويو!

    الائي ته تعبير ماڻي نه ماڻي،
    اکين کي ته سپنو سُهانو ملي ويو.

    سڄي عمر سجدو نه ڪاٿي ڪيوسين،
    سُٺو ٿيو سندءِ آستانو ملي ويو.

    نه هو زندگيءَ جو نه هو هَڙ نه حاصل،
    ملينءَ تون ته سارو زمانو ملي ويو.

    وئي دل ته واپس وري ڪا نه، شايد،
    پکيءَ کي نئون آشيانو ملي ويو!



    (مصري شاهه جي سِٽ)


    ڏورِ!

    ڏورِ!

    سِڪَ سُهائي ڏورِ، ٻَڌي ٻنهي کي وَئِي وَئِي

    جيڪا ڳالهه چوڻ ٿي چاهيم، ساڄن سا ئِي چَئِي چَئِي
    جيڪا جيئَن ڪرڻ ٿي گهريم، سڄڻ اُئين ئي ڪَئِي ڪَئِي
    لوڪان پاڻ لڪائڻ چاهِي، پڌري پَٽ ٿي پَئِي پَئي
    اڄ تائين ڪهڙي ماپي سان، مَحبت ڪنهن آ مَئِي مَئِي!

    سِڪَ سُهائي ڏورِ، ٻَڌِي ٻنهي کي وَئِي وَئِي!


    اچ!

    اچ!

    آخري ڪاٺي به آخر وئي ٻري
    ٽانڊا ٿِيا
    ٽانڊا ڌڳي
    رَکَ ٿي وِيا
    ڳالهه تنهنجي
    ڳالهه منهنجي
    ڪا نه نِبري
    سا نه نِبري
    مان هِڪَ تي
    تون ٻِيءَ تي
    ۽ رات آهي ٽِيءَ تي

    مان ڇِڪَ تي
    تون لِڪَ تي
    ۽ رات آهي سِيءَ تي
    مَچ مَچِي رَک ٿِي وِيو!
    پاڻ کي
    رک ٿيڻ کان جي بچائڻ
    جي بچڻ چاهين ته اچ-
    اچ اچون ٻئي پاڻ ۾
    مَچ مَچُون ٻئي پاڻ ۾-

    9.2.2009


    پَنو!

    پَنو!

    ٻَني تي هڪ شعر لکيو مون
    پَنو کيسي منجهه رکيو مون
    ۽ سوچيو مون
    جيئن سڀاڻي ايندينءَ تون
    توکي شعر پڙهائيندس!

    تون آينءَ
    ويٺينءَ
    ڳالهايئه
    ۽ پوءِ واچ ڏسي
    پَرس کڻي هلي به وينءَ

    پَنو کيسي ۾ رهجي ويو
    ڪپڙن سان گڏ ڌوپِي ويو
    ليڪن دل جي پَني تي
    لکيل آهي شعر اُهو
    جيڪو ڌوپِي ڪو نه سگهيو
    پڙهي سگهين تون ڪاش اُهو!


    منظر!

    منظر!

    تو جو ڇوڙيا وارَ ته ڏاڍا جُهڙَجُهڙ الا ٿِي وِيا

    ڀرجي گرجي، گرجي ڀرجي بادل برسيا تِر به نه ترسيا
    پَٽَ پُسِي ويا، ڪپڙن سان گڏ نيڻ به آلا ٿِي وِيا!
    پُورَ پُراڻي ڦٽ جنءَ اُٿليا، سُورَ سنوالا ٿي وِيا!

    توجو ڇوڙيا وارَ ته ڏاڍا جُهڙَ جُهڙالا ٿِي وِيا!


    ته!

    ته!

    هُوءَ منهنجو پُڇي رهي آهي
    آءٌ آهيان هِتي، اَلي ڇڏجوس
    آءٌ هُن سان مِلڻ نه ٿو چاهيان
    پاڻ اچڻ جي گُهري، جَهلي ڇڏجوس
    هِڪُ ليڪو ڪڍي ڇڏيو وچ تان
    ۽ پَرئين پارَ ڏي پَلي ڇڏجوس
    ڏَسُ ڪنهن ٻِيءَ ڏِسِ جو ڏيئي
    ٽِيءَ ڪنهن راهه سان رَلي ڇڏجوس
    اِنَ جي باوجود اچڻ جي گُهري
    پوءِ کاهِي اڳيان وَلي ڇڏجوس
    پوءِ کاهِي ٽَپي اچڻ جي گُهري
    ته کٿورِي کڻي مَلي ڇڏجوس!


    ياد

    ياد

    تَنور ڏِينهُن تَپِي رَکَ جنءَ ٿيڻ لڳندو
    جڏهن ٿَڪِي ٽُٽِي گهر ڏانهن واپسي ٿيندي
    اُداس شام جڏهن دُونهن دُونهن ٿي ويندي
    ته تنهنجي ياد دريون در ڀـڃـي هلي ايندي!


    تڏهن!

    تڏهن!

    تڪڙ ۾ باٿ رُوم منجهان هوءَ ڀَڄِي ڀَڄِي
    ڪمري ۾ ٿِي اچي ۽ کڻي فون ٿِي، تڏهن
    چُپ ٿي وڃي ٿِي فون جي گِهنٽي وَڄِي وَڄِي
    تڪڙ ۾ باٿ روم منجهان هوءَ ڀَڄِي ڀَڄِي

    مُرڪي ٿي، پوءِ پاڻ ٿِئي ٿِي لَڄِي لَڄِي
    آئيني منجهه آلوبدن ٿي ڏسي جڏهن
    تڪڙ ۾ باٿ روم منجهان هوءَ ڀَڄِي ڀَڄِي
    ڪمري ۾ ٿِي اچي ۽ کڻي فون ٿِي تڏهن

    30.8.2010


    انگُ!

    انگُ!

    تو جو چولو لاٿو هوندو
    چنڊ اُرهه ۾ ڦاٿو هوندو
    تو جو پاڻي نايو هوندو
    پير چُمڻ سو آيو هوندو
    تو جو ڌوتا هوندا پيرَ
    ڇِرڪِي پيئِي هوندي ڇيرَ
    تو جا ڌوتي هوندي سَٿر
    ڦڙو نه بيٺو اَٿر پَٿر
    تو جو مهٽيا هوندا ڳَلَ
    پاڳل ٿي پيا هوندا پَلَ
    تو جو ڇلڙو پاتو هوندو
    ڳِيت پپيهي ڳاتو هوندو
    تو جا دُهري پاتي هوندي
    داڻن پاتي جهاتي هوندي
    توجو صابڻ لاتو هوندو
    تِرڪِي تِرڪِي ويو هوندو
    تو جو انگ اُگهاڙيو هوندو
    تاڙڻ وارن تاڙيو هوندو!


    لوڪ سِٽَ ”اُرهه کِڙي ٿو چنڊ جان، ٿوٿر ناهه ٿڻن“ کان متاثر ٿي لکيل


    آبُ!

    آبُ!

    تاس جي پَتي جِيان کيڏي کڻي اُڇلي ڇڏيئِه
    ۽ چٿيئِه سئنڊل سان هر احساس کي سگريٽ جي ٽوٽي جِيان
    سَڱُ سُرهو گند جي ڪنهن ڍيرَ تي اُڇلي ڇڏيئِه ماچيس جي کوکي جِيان
    رنگ تنهنجو ڍنگ ۽ هر روپ هو دُلبي جِيان دوکي جِيان!

    هَٿ- تريءَ جي لِيڪَ هُئي تولاءِ بس پاڻيءَ مٿان ليڪي جِيان
    دل اَمُل هُئي پر هُئِي تو لاءِ هڪ بيڪار رانديڪي جِيان
    سو اُهو بيڪار رانديڪو هڻي پَٽ تي ڀڃي ڀوري ڇڏيئِه
    جِيءَ ۾ هُئي جاءِ مون تو لاءِ جوڙي، جِيءُ سو جهوري ڇڏيئِه

    سِڪَ جو ڪچو سڳو هِڪ ڇِڪَ سان ٽوڙي ڇڏيئِه
    ڏينهن جو سورج مُکيءَ کان سِجَ کي موڙي ڇڏيئِه

    قول تو جيڪو ڪيو، سو قول پاريو ڪو نه تو
    ٻيو ته سڀ ڪجهه تو وساريو، ڪجهه به ساريو ڪو نه تو
    پر ڦٽن تي لُوڻ ٻُرڪڻ تو وساريو ڪونه ڪو!

    جنهن پني تي مون لکي ڪَوِتا هئي تولاءِ، سو
    ڪنهن ردي ڪاڳر جِيان ڦاڙي هوائن ۾ اُڏاري تو ڇڏيو
    ميڻ بتيءَ وانگِيان سڀ رات مون کي چوٽ کان ٻاري ۽ ڳاري تو ڇڏيو
    جيئَرو مون کي رکيو، پنهنجين اکين جو آبُ ماري تو ڇڏيو!.


    جي!

    جي!

    ڌَنِيه مان ڄاڻندس پاڻ کي

    اُها ڳالهه جيڪا اکين ٿي اکين کي چئي
    اُها ڳالهه ڦاٽل ڦُٽل
    چپن سان سندءِ ري لِپ اسٽڪ گلابي چپن کي چئي جي سگهان!

    ڌَنِيه مان ڄاڻندس پاڻ کي

    سڄو رَتُ ۽ سَتُ چوئي نِچوئي سگهان جي
    اُهو لُڙڪ جو تنهنجي ڳل تي لڙيو
    اُنهيءَ لُڙڪ کي لفظ- موتي ڪري
    سِٽ سَرِيءَ منجهه پوئي سگهان جي
    اُها سِٽ سَرِي
    سندءِ ڪونج جهڙيءَ ڳچيءَ منجهه پائي سگهان جي!

    ڌَنِيه مان ڄاڻندس پاڻ کي

    اُهو ڳِيتُ جو صرف تو لئه رچيو مون
    وڏي واڪ سو ڳيتُ ڳائي سگهان جي

    ڌنيه مان ڄاڻندس پاڻ کي!


    شاعري!

    شاعري!

    رُوح جي سڀ تازگي، دل جي خوشي توسان هُئِي
    راتَ منهنجي گهر ڏِيَنِ ۾ روشني توسان هُئِي

    شاخ تي گُل ٿي ٽِڙيا جُهولو جُهليا ٿي واءُ ۾
    لان ۾ سِيتل سُهانِي چاندني توسان هُئِي

    تو سوا اهڙو جيڻ، وِهُه جو وَٽو جهڙو پيڻ
    هِن جيڻ ۾ جا رُچي هئي سا رُچي توسان هئي

    ميز تي پکڙيل پنن تي لفظ بي معنيٰ هُئا
    شاعري جيڪا هُئِي سا شاعري توسان هُئِي

    تون هينءَ مون لاءِ اِنءَ جنءَ سنڌ لئِه سنڌو ندي
    روح هو سيراب توسان زندگي توسان هُئِي

    عاشقي جيڪا هُئِي سا عاشقي توسان هُئِي
    منهنجي معشوقي به بس منهنجي مِٺي توسان هُئِي


    بابت

    بابت

    آءٌ سوچڻ به نه ٿو چاهِيان جَنهن جي بابت
    هر گهڙيءَ سوچِيان پيو پوءِ به تَنهن جي بابت


    اَڄ!

    اَڄ!

    جنهن جي هَٿَ تريءَ تي منهنجي ليکي ڪا به نه لِيڪَ آهي
    تَنهن کي منهنجي صحت جي ڳڻتي مون کان به وڌِيڪَ آهي
    سا ڇا ڄاڻي منهنجي چُپ ۾ هڪ چيخ آهي، ڪيڪَ آهي

    سا اوجاڳيل اکڙين ۾ جاڳيل خوابَ به ڪاش ڏسي ها
    مون کي نه ڏسي ها، محفل جا آدابَ به ڪاش ڏسي ها
    هِن دل ۾ ڦُٽندڙ رتو رتُ گلابَ به ڪاش ڏسي ها

    جن جي سُرخي هُن جي لاءِ لکيل شعرن ۾ اوتِي مون
    ڇڙواڳ هوائن ۾ رکي اُجاگر جيون جوتي مون
    ڀڄي ڀُري ويو آهيان ليڪن سڄو رکيو مَن موتي مون

    ڇاڪاڻ ته اُن مَن موتيءَ ۾ هُن جي صُورتَ مُورتَ هُئي
    ڪي ڏينهن هئا، جو مان هُن جِي، منهنجي هُوءَ ضروُرتَ هئي
    هُن بِن منهنجي، مون بِن هن جِي ڪڏهن به ڪا به نه پُورت هُئي

    پنهنجا ٽهڪ ڏئي جا مون کي، منهنجا ڳوڙها رُوندي هئي
    هِنءَ لُوڻ نه هئي، منهنجن زخمن لاءِ پَهي جنءَ هُوندي هُئي
    اڄ سا آهه پَرائِي، جيڪا مون کي پنهنجو چُوندي هئي


    ڪڏهن!

    ڪڏهن!

    ڪڏهن اِئين به ته مِل! ها، ڪڏهن اِئين به ته مِل!

    ڪڏهن اِئين به ته مِل تون بنا ارادي جي
    بغير وقت ڏني ۽ بغير وعدي جي

    ڪڏهن اِئين به هلي آءُ اوچتو گهر تي
    ۽ ڊور بيل وڄڻ کان اڳي مِلون در تي

    ڪڏهن اِئين ئي اچي ڪار منهنجي ڀرسان جَهل
    رڱي ڇڏي ٻنهي کي مور کنڀ جهڙو پَل

    ڪڏهن اِئين به ته مِل! ها، ڪڏهن اِئين به ته مِل!

    بغير فون، بنا خط، بنا نِياپي جي
    اِئين ئي واڪ ڪندي، ڪنهن به رات رستي تي

    ڪڏهن اِئين ئي پُٺيان هَٿَ اچي اکين تي رَکِ
    چپن تي چَپَ رکي پوءِ ڄِڀَ ڄِڀ سان چَکِ

    طلوع ٿي پئو ڪنهن صبح جيئَن در مان تون
    اِنهيءَ اُميد تي هر رات آهه ڪاٽي مون

    ڪڏهن اِئين به ته مِل! ها، ڪڏهن اِئين به ته مِل!


    ڪَوِتا

    ڪَوِتا

    رُت مهڪي هئي ڪنهن جي لاءِ؟
    پنهنجي حصّي ۾ ساڳيا ئي
    آئي هئي تنهائي
    تو به ڪڏهن مهڪيل رُت ۾ تنهائيءَ جي پِيڙا ڀوڳِي؟
    مهڪيل رُت ۾ تنهنجي اندر ۾ به ڪڏهن سنـاٽـا گُونجيا؟
    سُڏڪن جا
    ٽهڪن جي سُڏڪن جا
    پنهنجو پاڻ تي ڏنل ٽهڪن جا سـنـاٽـا!
    هاها..... هاها..... هاها...!!!

    اِن پِيڙا جي ڪَوِتا لکندي
    مون ڪالهوڪي رات وِهائِي
    پر هيءَ رات اَڄوڪِي
    سناٽي جو ڄار
    اُڻي ٿي چوڌار
    اُنهيءَ کي ڪيئَن اُڪاريان؟
    سورج بڻجي
    اِهو ڏَسي وڃ مون کي!

    23.9.2009


    شايد!

    شايد!

    توکي شايد ياد هجي
    اُن چُهچ سائي وڻ جو ٿُڙُ
    جنهن تي پاڻ
    ڪَپَ سان کُرڙي
    پنهنجو نانءُ لکيو هو!
    اُن ٿُڙَ تي ڏار هئا
    هِڪَ ڏار تي
    تو به ٻڌي هئي سُرخ رِبن
    ۽ وڻ ٻُورُ جهليو هو
    ۽ تو پينگهه لُڏي هئي

    توکي شايد هجي!

    6.10.2009


    تصوير

    تصوير

    تَرسِيَل آهِيُون جنهن ڪمري ۾
    بيڊ جي سامُهُون اُن ڪمري ۾
    هڪڙي تصويرَ ٽنگيل آ ڀِت تي
    معجزو آهه ”پِڪاسو“ جي هٿن جو اها تصوير
    ٽنگيل آهه جا ديوار تي اُن ڪمري ۾
    بيڊ جي سامُهُون
    جاڳان به ته پهرين ٿي نظر اُن تي پئي
    ۽ سُمهان ٿو به ته اُن کي ئي ڏسي
    اها تصوير نِيوڊ آهه الائي ناهي!
    (هڪ چترڪار جي اک ايشوري اک آهي)
    هڪڙي نار آهه پُٺِيري ويٺل
    جنهن کي فطرت جو لباس آهه پِيَل
    وار کُليل ۽ ڪُلهن تي ڍاريل
    (اک اُگهاڙي اگر آهي ته هر اوڇڻ به انهيءَ لئِه اوگهڙ!)
    ڇو الائي اِها تصويرَ ڏسي
    مون کي پنهنجون ئي سِٽُون ياد آيون:
    ”منهنجي ڪمري مان کڻي وئي آهين
    پنهنجي تصويرَ کي ڀِت تان لاهي
    دل جي ديوار تي اڄ ڏينهن تائين
    تنهنجي تصوير ٽنگي پئي آهي!“
    ٺيڪ اُن پَلُ اهو سوچيان ٿو
    ته سندم سامهون ديوار تي اُن ڪمري ۾
    تنهنجي تصوير ٽنگي ڪنهن آهي؟!
    ۽ تڏهن ياد اچي ويو مون کي ”اقبال ترين“
    جنهن ”ڪَوِيتا جو پڪاسو“ چيو هو ڪالهه مون کي محفل ۾
    منهنجي ئي مانَ ۾َ محفل جا سڏائي وئي هئي
    پر اُنهيءَ کان به اڳي
    ٻِي به هستي هئي، جنهن مون کي ڪَوِيتا جو مُصوّر هو سڏيو
    اِها تصوير اُنهيءَ جي ته نه هئي!
    (7.2.2014)
    جاکڻي ويئي هئي پاڻ سان ڀِت تان لاهي
    ۽ وري پاڻ ٽنگي وئي آهي!
    (10.2.2014)
    ٺيڪ هِن مهل اِهو سوچيان ٿو
    ‘ڪنهن جنم ۾ متان
    آئون ئي پڪاسو ته نه هوس!؟
    شاعري شيڊز ۽ رنگن ۽ لڪيرن ۾ ڪندو هوس تڏهن
    هاڻ لفظن جو مُصوّر آهيان!’
    (10.10.2014)
    پوٽو ميڪ ڳوٺ- واشنگٽن ڊي سي- آمريڪا


    چنڊ

    چنڊ

    چنڊ چمڪي پِيو اڱڻ جي مٿان
    آءٌ گهوري وڃان سڄڻ جي مٿان


    يا!

    يا!

    يا رهي پئو يا وٺي هل پاڻ سان!
    ڇو ڇڏيو مون کي وڃِين ٿي هيڪلو
    تو سوا سارو سُڃو آهي جهان
    ڳالِهيُون آهن ستارن کان وڌيڪ
    وقت سِنڌُو سِيرَ جنءَ هر دم روان
    حُسن گُل آهي وڃي ڪومائِجيو
    عشق ئي آهي سدائين جو جوان،
    بس وڌيڪ اِن کان ڀلا ٻيو ڇا چوان؟
    يا رهي پئو، يا وٺي هل پاڻ سان!

    تون هلي ويندينءَ ته ڇا رهندو ڀلا!؟
    هيءَ زمين هوندي ۽ هوندو آسمان
    ۽ ستارا لڙڪ هوندا جانِ جان
    سي ستارا لڙڪ اکڙين ۾ کِڙيا
    ۽ پني تي لڙڪ لفظن وانگِيان
    ٿي پِيا، ۽ سِٽَ جي ڳَهه ۾ جَڙيا
    جڳمڳائيندڙ اَمُل ڪنهن نَگ جيان
    بس وڌيڪ اِن کان ڀلا ٻيو ڇا چوان؟
    يا رهي پئو، يا وٺي هل پاڻ سان!

    چِت سدائين سوچِيو توکي ڏسي
    هُو به هُو هڪ نظم تو جهڙو لکان
    من اَڻيهي چاهِيو توکي پَسِي
    ٻُڪَ ۾ تنهنجو مُبارڪ مُک رکان
    ۽ سندءِ اکڙين جي گهري سمنڊ ۾
    پيو ٻُڏان اُپڙان ٻُڏان اُپڙان ٻُڏان
    تون ڦُٽل ڦاٽل چپن تي، رَس ڀَريل
    چَپ رکين تان جِيءَ ۾ جُهومِي پوان
    بس وڌيڪ اِن کان ڀلا ٻيو ڇا چوان؟
    يا رهي پئو، يا وٺي هل پاڻ سان!


    ”نِشوا“

    ”نِشوا“

    ڪنهن ڪاڄ منجهه ڳوٺ ۾ ”نِشوا“ مِلي هُئِي
    پنهنجو پُڇيائين نانءُ ۽ مون تي کِلي هئِي:
    ”وسري وڃي ٿو نانءُ اوهان کان ڪَوِي سندم!“
    جيڪي چوڻ گهريم ٿي چئِي ڪو نه سو سگهيس
    ‘ها، نانءُ تنهنجو ياد برابر نٿو رهي
    پر نيڻ تنهنجا ڪو نه ٿا وسري سگهن ڪڏهن!’
    ”نِ شِ وا!“ ٻڌاءِ نانءُ ٿي هڪ هڪ اکر ڪري
    ۽ مون چيو ته ”هاڻ سندءِ وسرندو نه نانءُ
    تنهنجو ئي نانءُ وِرد سڄي واٽ پيو ڪندس
    ”نِشوا“ ڪندس پيو، رڳو ”نِشوا“ ڪندس پِيو!“

    حِدرآد تاءِ ڳوٺ کان جيڪو مفاصلو
    آهي اُهو ته ڪٽجي وڃي ٿو ڪلاڪ ۾
    ‘ڇا زندگيءَ جو ناهه اِهو ئي مفاصلو؟!’
    توکان پُڇڻ گهريوم، پُڇي ڪو نه پر سگهيس
    تون ڳوٺ ۾ ۽ آءٌ هِتي راهه ۾ هُئَس
    اُن ويرَ تنهنجا نيڻ وري ياد آئِيا
    ۽ پوءِ ڪجهه به ياد رهيو مون کي ڪو نه ڪو
    گنجو ٽڪر، نه رات، نه رستو، نه فاصلو
    بس تنهنجا نيڻ ئي هُئا بس نيڻ نيڻ نيڻ
    ملندينءَ ته ياد نانءُ سندءِ هوندو ڪو نه ڪو
    پر نيڻ تنهنجا مون کان ڪڏهن ڪو نه وسرندا!

    27.3.2015


    سُمِيتُ!

    سُمِيتُ!

    گيڙوءَ رَتَڙو گِيتُ،
    ۽ اُن ۾ اظهارِيَل-
    تون ئي مِيتُ سُمِيتُ!

    هيڏانهن نه هوڏانهن،
    تون ته ڏسين پئي چنڊ کي-
    آءٌ تڪيان تو ڏانهن!

    ڇاجي ”تون“ ”مان“ هاڻ؟
    هڪٻئي جو اوبارو-
    پِيتو آهي پاڻ!


    اُوشا!

    اُوشا!

    ڪنول اکڙيون کڻي نهار کڻي
    پيارَ مان مُرڪ سُرڪ پيار کڻي

    هيڪلي رات ڪنءَ گذاريندينءَ
    چنڊ کي پاڻ سان سُمهار کڻي

    جي سَڏي ڪو نه ٿو سگهين هُن کي
    پاڻ ئي پاڻ کي پُڪار کڻي

    تون به هوندينءَ قرار سان ڪهڙو
    چين منهنجو کَسي، قرار کڻي

    مفت ۾ جي نه ٿِي رکڻ چاهين
    ڪر مقرر سندم پگهار کڻي

    رات حد کان وڌي وئي آهي
    اوءِ اُوشا اُرهه اُڀار کڻي


    فنڪشن

    فنڪشن

    مون ڏي هڪ وار نهاريو نه ٿيئِه
    آءٌ سَو وار نهاري به چُڪس
    ڀُلجي سُلجي به ڏٺئِه ڪو نه اَلا
    دل جو آئينو اُجاري به چُڪس

    ڪنءَ نه ڄاڻي ٻِجهي اُن محفل ۾
    اِڻ سڃاڻو ٿي وينءَ منهنجي لاءِ
    تون ته سڀڪجهه هُينءَ مون لئه ليڪن
    آءٌ ڪجهه ڪو نه هُئس تنهنجي لاءِ

    مُرڪ جي سُرڪ لئه سِڪندو ئي رهيس
    نيڻ پياسا هئا پياسا ئي رهيا
    ۽ سندءِ ساٿ نه هو، ماڳ نه هو
    صرف رستا هئا رستا ئي رهيا


    هِن کي هُن کي به ڏٺئه ٿي ور ور
    در درين کي ۽ ڀِتين کي به ڏٺئه
    اڻ لکو ئي سهي، هڪ اڌ ڀيرو
    نه ڏٺئه مون کي، ڇِتين کي به ڏٺئه

    جيڪو هر هر ٿي ڪِريو ڪُنڊ وٽان
    اُهو اسٽيج تي بينر به ڏٺئه
    جنهن کي چوندا ئي هئا پَوڻا پنج
    سو اُهو چِٻَ مِنسٽر به ڏٺئه

    در جهلي آءٌ ته بيٺو ئي رهيس
    تون ٻِئي در منجهان اُلَهِي به وينءَ
    آءٌ تو ڏانهن وڌيو هوس مگر
    تون چڙهي ڪار ۾ اُسَهِي به وينءَ!


    گيت

    گيت

    توکي سوچيندي سوچيندي
    تولئه لوچيندي لوچيندي
    ننڊ نه آئي
    خواب نه آيا
    اتيت جي پُستڪ جا
    بس مون ويٺي ورق ورايا
    ۽ سڀ ياد آيا
    سي لمحا جي توسان گذريا
    اُتر لڳا ۽ سَر نِسريا
    ڪُونجن ڪيٽيءَ تي ڪُڻڪاريو
    مانجهيءَ ٻيڙيءَ ۾ جُهونگاريو
    تَن جي تاسَ کڻي مان مَن ۾
    مَن جي پياسُ کڻي تون تَن ۾
    ڏُور ڏِسائن ڏي گهُورِيندي
    تو سُر ٻاٽيو:
    ”ڇا ڌرتي ۽ آڪاس ملن ٿا؟“
    ”ها!“ مون آکيو هو:
    ”تنهنجن نيڻن منجهه ملن ٿا!“

    تو مُرڪيو، ڳَل تي چُگُهه پِيو
    سڀ منظر چَپ تي گيت ٿِيو!


    پَر!

    پَر!

    هوءَ، جنهن منهنجي من ۾
    چاهه جي چڻنگ ڌڳائي ڇڏي آهي
    ۽ تيز هوائن
    اُن کي ڀڀڙ ڪري ڇڏيو آهي
    اُن کي وسائڻ ته پري رهيو
    پر ڇا هوءَ اُن تي هٿ سيڪڻ به نه ايندي!


    سواءِ!

    سواءِ!

    سڀڪجهه ٿي سگهي ٿو،
    سواءِ-
    پنهنجي ملڻ جي!

    هي جي ڳاڙها ڳَلَ،
    نهارَ پئي ٿي ماڻِيا-
    پيرُن جهڙا پَلَ!

    هي جي تنهنجون ڳالَڙيون،
    دودَ ڦُلن جي وَلِ سان-
    کِيريون گُرگالَڙيون!


    هيرايان!

    هيرايان!

    لاٽِمان ڏور وجهي ڦيرايان
    توکي هيرايان هليا هيرايان
    چند ميرانجهڙا موتي آخر
    ڪٿي ڪيرايان ڪٿي ڪيرايان!؟


    جيون!

    جيون!

    جيڪڏهن تون نه مِلين، آءٌ مِلان پوءِ ڪنهن سان؟
    چاهِيان لڙڪ لڪائڻ ته کِلان پوءِ ڪنهن سان!

    تون نه چاهين ته ڀلا چاهِيان ڪنهن کي آئون؟
    مون ته توساڻ لِکئي جون لڌيون آهن لائون!

    ڪنءَ چوان آءٌ ته توکان سواءِ ڇا ٿو ڀانيان؟
    زندگي توکان سواءِ آءٌ سزاٿو ڀانيان!

    سچ پڇين توکان سوا جاڙ لڳي ٿو جيون،
    تِکي، گهري، ڇِتي ڪا تاڙَ لڳي ٿو جيون!


    هاڻ

    هاڻ

    هاڻ اک ڪا نه ٻُڏي ٿي جي اسان ۾ ڪنهن جي
    پاڻ ئي پاڻ ٻُڏي ٿا وڃون ڪنهن جي اک ۾ !


    گوري!

    گوري!

    هي جي تنهنجا چَپَ اَلا
    چَپَ ته ماکيءَ مَپَ اَلا

    هي جي تنهنجا نيڻَ اَلا
    سَچلا سڳا سيڻَ اَلا

    مِٺڙي مِٺڙي مُرڪَ اَلا
    امرت رس جي سُرڪَ اَلا

    ڪارا ڪارا وارَ اَلا
    ڪڪرن ڪارونڀارَ اَلا

    هيءَ جا تنهنجي ٽورَ اَلا
    ماندا جنهن تي مورَ اَلا

    هي جي تنهنجا انگَ اَلا
    انڊلٺي سَت رنگَ اَلا

    گورِي هيءَ گفتارَ اَلا
    جهڙي ماکيءَ لارَ اَلا


    مُکيارِي!

    مُکيارِي!

    جيڪي پنا
    تنهنجي لاءِ لکيامون
    سي تون
    بِنا پڙهڻ جي
    ڦاڙڻ چاهين
    ڦاڙي ڇڏجان
    ساڙڻ چاهين
    ساڙي ڇڏجان
    پوءِ هوا ايندي
    ۽ ساري رَکَ اُڏاري ويندي
    ۽ توکي ڪجهه به نه ڪرڻو پوندو!


    ورتاءُ!

    ورتاءُ!

    هٿ وڌايو مون ته پنهنجو هٿ هٽائي تو ڇڏيو
    مون وڌيل هٿ کي ڏٺو پوءِ بند مُٺ ۾ سو ڪيو
    اِنءَ لڳو هو ڄڻ ڪرائيءَ کان ڪٽائي تو ڇڏيو
    هٿ وڌايو مون ته پنهنجو هٿ هٽائي تو ڇڏيو

    ها، ڦُلن ڇانيل اُهو رستو مَٽائي تو ڇڏيو
    ڏوهه ڪهڙو ڀاڳ جو، جيڪو ڪيو سو تو ڪيو
    هٿ وڌايو مون ته پنهنجو هٿ هٽائي تو ڇڏيو
    مون وڌيل هٿ کي ڏٺو، پوءِ بند مُٺ ۾ سو ڪيو!


    هَليا!

    هَليا!

    هَليا لُڙڪ پنهنجا لِڪائي ڇڏيون
    هَليا ٿورڙو مسڪرائي ڇڏيون

    ڪَنا تار ڀرجي وِيو آهِيان
    هَليا چَپ چَپن سان مِلائي ڇِڏيون

    ستارا اڃا جڳمڳائن پِيا
    هِليا تن بدن جڳمڳائي ڇڏيون

    ٻرن ٿا ڏِيا جيئن سَنجها سَمئه
    اکيون راهه ۾ ٿا وڇائي ڇڏيون

    هَليا هڪٻِئي کي، لَڀُون ۽ لَڀِي
    وري هڪٻئي ۾ وڃائي ڇڏيون

    هَليا اَڻَ ٿيئڻي به ٿيئڻي ڪريون
    وِيَل ويلَ کي اچ ورائي ڇڏيون


    تُون!

    تُون!

    هيڏي هوڏي
    جاڏي ڪاڏي
    هِت هُت جِٿ ڪِٿ
    سوچ لوچ ۾
    ننڊ جاڳ ۾
    واس وَنَ ۾
    تَنَ مَنَ ۾
    پورَ پورَ ۾
    لنءُ لنءُ نَس نَس
    رڳ رڳ تُون ئي تُون آهين
    تُون جامُون ئي مُون آهين!


    شايد!

    شايد!

    زندگي جيڪڏهن رهي ته ڪڏهن
    ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ڪٿي نه ڪٿي
    پاڻ ٽڪرائجي وڃون شايد!

    پل اَپل هڪٻِئي جي چهري تي
    صرف هڪ اجنبي نهار اُڇلي
    ۽ مخالف ڏِسن ۾ رستي تي
    پاڻ اڳتي وڌي وڃون شايد!


    بلڪه!

    بلڪه!

    ٻانهَن ٻانهَن ۾
    هَٿُ هٿن ۾
    چَپَ چپن تي
    ڪو نه ڏنئِه
    سَڏ ۾ سَڏ
    گوڏو گوڏي سان گڏ
    ڪو نه ڏنئِه
    ڪجهه ڪو نه ڏنئِه
    بس
    ٿڌڙو ٿڌڙو ساهه ڏنئِه
    چرين جهڙو چاهه ڏنئِه
    مِٺڙو مِٺڙو سُور ڏنئِه
    ڪجهه گهاءَ ڏنئِه، ڪجهه گيت ڏنئِه
    ڪٿ هار ڏنئِه، ڪٿ جيت ڏنئِه
    ڪجهه نظم ڏنئِه
    ڪجهه زخم ڏنئِه
    باقي لُوڻَ لَپُون
    سي ماڻهو آهن
    ماڻهو؟
    بلڪه ڪُـماڻهو آهن!


    هاءِ!

    هاءِ!

    منهنجي هروڀرو جي ڳالهين تي
    کِنوڻين جهڙي کِلَ کِلي هئي
    ڏينهَنِ کان پوءِ هوءَ مِلي هئي
    سو به رڳو کَن پَل جي لاءِ
    هاءِ!

    گُل تي ماڪ به سچو موتي
    موتي موتي سورج جوتي
    ڳوڙهو منهنجي ڳَل جي لاءِ
    هاءِ!

    هٿ هٿ هٿ هٿ ٿو هر ٿو هر
    ٿو هر هٿ ۾ پٿر پٿر
    پٿر مون پاڳَل جي لاءِ
    هاءِ!


    جُدائي!

    جُدائي!

    هِي رات جا اَڍائِي
    ساري سُتل خُدائِي
    چوڦير سُڪ نِوائِي
    اوجاڳِيل اکين سان
    جاڳي پَئِي جُدائِي!


    وَچن!

    وَچن!

    تو ته چيو هو:
    ”گڏ کِلنداسين گڏ رُونداسِين
    ڏُک ۽ سُک ۾ گڏ هُونداسِين
    ڳل ڳل ڳوڙهن سان ڌُونداسِين
    سچ ٻُڌنداسين، سچ چُونداسِين!“

    تو ته چيو هو:
    ”گڏ ٻُڏنداسين، گڏ تَرنداسِين
    گڏ جيئنداسين، گڏ مَرنداسِين
    ڏيئي وَٽ جنءَ گڏ ٻَرنداسِين
    ڇا به ٿئي پر پَت پَرنداسِين!“

    تو ته چيو هو......


    پاڻ!

    پاڻ!

    پاڻ نوان ناهيون،
    هِن کان اڳ ۾ ڀي ڪٿي-
    پاڻ مِليا آهيون!

    هي پٿرائون پَٿُ،
    پَٽُ لڳو هو پَٽَ جنءَ-
    هٿ ۾ تنهنجو هَٿُ!

    هِيءُ ڪنن ۾ دُرَ،
    چمڪن دمڪن، ڄڻ هجن-
    ديپڪ وَرڻا سُرَ!


    ڪَلا!

    ڪَلا!

    ڪوي آهي پريمي ۽ ڪويتا پريمڪا آهي
    وِڌاتا،ستيه ،اَت سُندر،اَڌِڪِ اُتم ڪَلا آهي

    نه ڪو دکشڻ، نه ڪو اُتر، نه ڪو پورب، نه ڪو پشچم
    چون ٿا پريت جنهن کي سو اُها پنجين دِشا آهي

    اها اِندر ڌُنش، ست رنگ پنهنجي پريت جا آهي
    پراچين آهه جيڏي، نت نئين تيڏي ڪٿا آهي

    سُهائي رات آهي، آءٌ تون آهيون، هوا آهي
    اِهو پل بس اِتي بيهي رهي اهڙي دعا آهي
    ستارن سان سجائي سينڌ سَڄَڻِي، چنڊ جُهومر ڪر
    اڄوڪي رات پنهنجي آهه اڄ سڀ ڪجهه روا آهي

    خدا آهي مُحبت خود، مُحبت خود خدا آهي
    اِهائي ابتدا آهي، اِهائي انتها آهي

    بِنا چاهي به دنيا ۾ اچي پَرگَهٽ ٿِيا آهيون
    سُجهي ئي ڪا نه ٿي ٻِي ڪا، اِها هڪڙي خطا آهي

    اُگهاڙي پُٺِ ڀَر ليٽِي ڏٺم جنهن سان ستارن کي
    ملي ٿي هاڻ جهڙوڪر مِڙوئِي آشنا آهي

    اَجهاڳ اِن وقت جي ساگر منجهان هڪ بُوند پياسي لئِه
    اسان جون حُجَتُون ڪهڙيون فقيراڻي صدا آهي

    ڏٺم هُن کي جُڳن کان پوءِ جنءَ، تنءَ پئي يَڪو سوچيم:
    ”اُها ناهي! اُها آهي! اُها ناهي! اُها آهي!.....“


    هَيءِ!

    هَيءِ!

    ڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ؟
    پِيلن پَنن جان ڇڻيا-
    توبِن سارا پَلَ!

    هَيءِ! پٿرائون پَٿُ،
    ٻانهن نه تنهنجي ٻانهن ۾-
    هَٿَ نه تنهنجو هَٿُ!

    گُلَ به آهن گُلَ،
    پر تنهنجي هُٻڪارن جا-
    هُلَ به آهن هُلَ!


    دِلڙِي!

    دِلڙِي!

    سِڪ سيراندِي
    سِڪ پيراندِي
    هِڪَ هيين ۾ هيڪاندِي ڙي
    توبِن دِلڙي
    دِلڙِي آنِدي ماندِي ڙي!

    چوڏهينءَ چنڊ چڙهي چوڌاري
    چانڊوڪيءَ جي چَونري هاري
    چوڏس چِٽي چاندِي ڙي
    توبِن دِلڙِي
    دِلڙِي آندِي ماندِي ڙي!

    ڏُور ڏُکيءَ کان ڀَل تون آهين
    هينئڙي ۾ پر حَل تون آهين
    برهه ڪئي جا باندِي ڙي
    توبِن دِلڙِي
    دِلڙِي آندِي ماندِڙي!

    پُورَ به آهن پُورن جهڙا
    سُورَ به آهن سُورن جهڙا
    ويرَ نه ڪا ويساندِي ڙي
    تو بِن دِلڙِي
    دِلڙِي آندِي ماندِيِ ڙي!


    وِٿِي!

    وِٿِي!

    هونئَن ته تو ۾ مون ۾
    وارُ وِٿِي ڪا ناهي
    پوءِ به ايئَن لڳي ٿو
    ڄڻ تون ۽ مان
    ڏکڻ اتر آهيون
    اولهه اوڀر آهيون!


    ڳالهه

    ڳالهه

    تنهنجي وارن جِيان ويڙهيل ئي رهي جي ته چڱو
    ڳالهه کُلندِي ته ڪَئِين ڳالِهيُون کُلنديون وينديون

    ڪِيئن هر رات ڏِيي جِيئن جليا جاڳياسين
    هِيرَ گُهلندي، به ته سارُوِڻيُون گُهلنديون وينديون
    ڇا ڪيئِه؟ ڇا نه ڪيئِه! هاڻ اها ڳالهه نه ڇيڙ
    لڙڪ لڙندو ته ڇِتيون ڇولِيُون ڇُلنديون وينديون

    تنهنجي وارن جِيان ويڙهيل ئي رهي جي ته چڱو
    ڳالهه کُلندِي ته ڪَئِين ڳالهِيُون کُلنديون وينديون

    رَکَ ۾ چڻنگ جِيان دل ۾ رهڻ ڏي دانهون
    حشر هُل وانگِيان هُلنديون به ته هُلنديون وينديون
    دُونهـن دوزخ سندو ڀنڀور ۾ ڀرجي ويندو
    خواهشون روهَه ۾ سسئيءَ جِيان رُلنديون وينديون

    تنهنجي وارن جِيان ويڙهيل ئي رهي جي ته چڱو
    ڳالهه کُلندي ته ڪَئِين ڳالـهيُون کُلنديون وينديون!


    رچنا

    رچنا

    سَوَنِ هزارن
    لکن ڪروڙن
    سانجهين کان
    راتين کان
    ۽ صبحن کان
    الاءِ ڪڏهن کان
    شايد
    جنم جنم کان
    بس هڪڙو ئي
    نِس پـِس
    تو جهڙو ئي
    گيت رچيم پئي
    اُن ۾
    تو کي من جو مِيتُ چيم پئي!

    سانجهين تولئه
    نيري نَڀ تي ديپ ستارن جا ٻاريا
    راتين تنهنجا
    وِرهه ڪنان به ڊگها ۽ ڪارا وار سنواريا
    صبحن تنهنجي مُک مان سُرخ سويرا آڻي ڳوٺ، شهر، گس گِهٽيون، گهر گهر اڱڻ اُجاريا
    ۽ مون ڪِرڻا ڪِرڻا لفظ سهيڙي
    گيت رچيو پئي
    اُن ۾
    توکي من جو مِيتُ چيو پئي!

    20.7.2013


    سُور

    سُور

    هاڻ جو سُور اٿم سيني ۾
    سو پني تي به لکي سگهندس ڇا
    دانُ وردانُ سَرل ۽ سونِي
    سا سچي سِٽَ سِکي سگهندس ڇا

    هاڻ جو لڙڪ اٿم پنبڻن ۾
    ڪو چَپن ساڻ چُمڻ ايندو ڇا
    چاهَه جي آهه گهٽي سينڌ سمان
    ڪو گهٽيءَ منجهه گُهمڻ ايندو ڇا

    وقت پٿر ٿي وِيو آهي جو
    اُهو پٿر به ڌِڪِيندو ڪوئي
    سُورَ کي سَٽَ ڏئي سيني مان
    سِٽَ سَهه رُوپُ ڇِڪِيندو ڪوئي

    هيءَ جا رات مٿان پئي آهي
    سا وِهامي به ته ويندي آخر
    هيءَ جا شمع ٻري ٿي مون جنءَ
    سا اُجهامي به ته ويندي آخر

    کَن اَکَن لاءِ ته دُونهون هوندو
    پوءِ پَنو صاف لڳو پيو هوندو
    ۽ سندم هانوَ جيان پني تي
    پينَ جو نِبُ ڀڳو پيو هوندو!


    اوچتو!

    اوچتو!

    اوچتو پاڻ پري ٿِي وياسين
    چَپَ ۾ چَڪُ وجهي ڇڏيوسين
    زهر جو ڍُڪُ ڀري پِي وياسين
    اوچتو پاڻ پري ٿِي وياسين

    مُنهن پَڪو پاڻ ڪري جِي وياسين
    من ڊٺو هو ته ڪڏهن اَڏيوسين
    اوچتو پاڻ پري ٿِي وياسين
    چَپَ ۾ چَڪُ وجهي ڇڏيوسين!


    مطلب!

    مطلب!

    جيڪڏهن
    اِئين ئي ٿِيئَڻو هو
    ۽ توکان سواءِ ئي جِيئَڻو هو
    ته پوءِ پاڻ ملياسين ئي ڇو؟
    يا تنهنجي مِلڻ جو
    هروڀرو جي ڳالهين تي کلڻ جو
    ڪُلهن تي وار ڇوڙي ڇڏڻ جو
    گوڏو گوڏي ساڻ گڏڻ جو
    ٻَکِين پوڻ جو
    مون کي پنهنجي راتين جي چنڊ چوڻ جو
    ڪو به مطلب نه هو
    ۽ جي نه هو
    ته پوءِ جيئَڻ جو ڪهڙو مطلب هو!


    مِلڻ!

    مِلڻ!

    ڪيترين شامُن ۽ راتين
    ڪيترن ڏينَهنِ پُڄاڻان
    مُرڪندي ۽ مَرڪندي
    ڪيڏي اُڪير ۽ سِڪَ سان تو ساڻ مان آهيان مِليو
    جنءَ مِليس توسان ته مون کي اِنءَ لڳو
    ڄڻ پاڻ سان آهيان مِليو!


    هان!

    هان!

    هان ڀڃي ڀور تو ڪيو جو هان
    هان ٺِڪر جو ته ڪو نه هو ڪو ٿان

    وارُ جن لئِه ڪيا وِڇاڻا تو
    ڪنءَ نه تن تي رهي ڪڪر جي ڇان

    سِجَ اُڀريا لٿا، لٿا اُڀريا
    سارَ تنهنجي اُها، اُهوئي مان

    صرف تو کان سوا سڄڻ سائين
    پاڻ پنهنجو وڃي پُڇون ڪنهن کان

    نان اسان جو رهي، رهي نه رهي
    سنڌڙيءَ جو رهي سدائين نان


    رُڳو!

    رُڳو!

    رُڳو مانيءَ جي بُک لڳندي نه آهي
    رُڳو پاڻيءَ جي اُڃ لڳندي نه آهي
    مِلڻ جي پڻ لڳي ٿي بُک
    ڏسڻ جي پڻ لڳي ٿي اُڃ
    اها ٻي ڳالهه آهي
    ته مانيءَ سان ته ڍَو ٿي ٿو وڃي سائڻ
    ته پاڻيءَ سان اُجهامي ٿي وڃي اُڃ
    مگر توسان ملي ڍاپي نه ٿو ڍاپان
    ڏسڻ سان اُڃ اُجهامي ڪا نه ٿي،
    ڀڙڪي پوي ٿي!

    4.3.2000


    ڀلي!

    ڀلي!

    ها، ڀلي لفظ نه ڏي، لُڙڪ ڏَئِي وڃ مون کي
    ها، ڀلي پيار نه ڏي، پُور ڏَئِي وڃ مون کي
    ها، ڀلي سِٽَ نه ڏي، سُور ڏَئِي وڃ مون کي
    ها، ڀلي گيت نه ڏي، گهاءُ ڏَئِي وڃ مون کي
    ها، ڀلي نظم نه ڏي، زخم ڏَئي وڃ مون کي
    ۽ اُنهي زخم مٿان لُوڻ به ٻُرڪي، مُرڪِي
    هاڻ اڳتي نه ملڻ لاءِ چَئِي وڃ مون کي!


    تنهائي

    تنهائي

    ڪو نه ڇڏيندو سانءِ،
    لُڏَڻِ اهڙي لوڏَ تي-
    ٽيڙُو لِکندو سانءِ!

    اوندهه ۾ چِمڪُون،
    تون، مان، پنهنجو ٻارڙو-
    ٽيڙوءَ جنءَ ٽِمڪون!

    هيءَ جا تنهائي،
    محبوبا آهي ڪا-
    يا آهي مائِي !
    +
    (مائي-ماءُ)


    گُلُ!

    گُلُ!

    باک ڀِنيءَ جو شبنم جنهن کي وهنجاريو سهنجاريو هو
    سو گُل آندو هوم ته تنهنجن ڀنڀن منجهه سجائيندس
    ۽ پوءِ اُن تي ڀَونرو بڻجي ڦيرا پيو مان پائيندس
    نِس پِس اُن گل جهڙو گيت گلابي ڳائيندس

    پر تنهنجن ڀنڀن وارن ۾ گُلُ اڳيئي ٽانڪيل هو
    گُل جتي سجائڻ چاهيو هوم، اُتيئي ٽانڪيل هو
    ليڪن اُن گُل جي لالي گُل تائين محدود هئي
    تنهنجي ڳَل تي ته اُهائي ساڳي هيڊ پئي هئي هاري
    پر مُرڪي مُرڪي پوءِ به نڀائي تو پئي دنيا داري

    گُل جو آندو هوم ته تنهنجن ڀنڀن منجهه سجائيندس
    ۽ پوءِ اُن تي ڀَونرو بڻجي ڦيرا پيو مان پائيندس
    نِس پِس اُن گُل جهڙو گيت گلابي ڳائيندس
    ڇا، اُن گُل کي چپٽيءَ ۾ ئي مهٽي سهٽي ڇڏيان ها؟
    ها، پَلُ اَ پَل، کَن اَکَن پُور اِهو به پِيو هو دل کي
    سَچُ پُڇين پُور انهيءَ تي سُور اِهو به ٿِيو هو دل کي
    ٺيڪ انهيءَ لمحي دل ئي مون اڻسُو نهين جي سُونهِين ٿِي
    ۽ آندل گُلُ رکيو مون تنهنجي پشم پدم پيرن ۾
    نِوِڙي گُلُ کنيو تو، تنهنجي چهري تي آئي لالِي
    اُن لاليءَ سان چمڪي پيئِي تنهنجي ڪَن جي والِي

    منهنجي من ڀَونري تنهنجي چوڌاري ڦيرا پاتا
    ۽ اُن گل جهڙا تازا سُرها گيت گلابي ڳاتا!

    6.11.1989


    جڏهن!

    جڏهن!

    هَٿُ ملائڻ لاءِ
    وڌايم هَٿُ جڏهن
    تو جو
    منهنجو هٿ موٽايو
    منهنجي ڳل تان
    ڳوڙهي بدران رَتُ ڳڙيو
    جو تو نه ڏٺو
    جو مون نه ڏٺو
    مون به رڳو محسوس ڪيو
    ۽ سوچيو:
    ‘هيڊي ڳل تي
    ڳاڙهو ڳوڙهو
    ڪيئن لڳو هوندو!؟’


    مَتان!

    مَتان!

    مون ٻُڌو آهه ته تون مون سان مُحبت ٿي ڪرين!

    ڇو نه ان ڪُوڙي سچي ڳالهه تي ڪجهه دير جي لاءِ
    ٿورڙو جِي ته وٺان ٿورڙو خوش ٿِي ته وٺان
    ڇو ته اِن راز کُلڻ سان ئي سندءِ وارَ کُليا
    تنهنجي وارن جي کُلڻ سان ئي ڪڪر ڪارَ ڪئي
    تو ڏنو ٽهڪ ته کنوڻين کڻي کِلڪارَ ڪيا
    تو کِلي نيڻ کنيا ڄڻ ته سُهائو ٿي ويو
    تو ٿڌو ساهه ڀريو واءُ سَڻائو ٿي ويو
    تو تَشِيءَ ساڻ ملائي جو تَشِي هئي مون ساڻ
    ته لڳو رنگ ۽ سُرهاڻ ڪئي رِيجهَه رِهاڻ
    منهنجي ڪنهن گيت چُميا چَپَ سندءِ پنهنجوپا ڻ

    هيءَ سچي ڪُوڙي خوشي پوءِ مِلي يا نه مِلي
    ڇو نه اِي پَلُ اَ پَل نظم ۾ پوئي ڇڏيان
    ٿي سگهي ٿو ته اِنهيءَ نظم کي لکندي لکندي
    تنهنجي معشوق بدن لئه نئين تشبيهه سُجهي!

    ٿي سگهي ٿو ته اهو نظم اڪيلائيءَ ۾
    تون پڙهين ۽ منهنجا الفاظ چُمن تنهنجا چَپ
    پڙهندي پڙهندي تنهنجي رخسار تي ڊوڙي سُرخي!

    ڇو نه اڄ رات کڙي چنڊ ستارن وچ ۾
    ڇو نه اڄ رات ٻري شمعِ وفا طاق به طاق
    پر متان هيءَ به هجي عشق سان دوکي بازي
    پر متان هِي به هجي حُسن جو سنجيده مذاق!


    يا!

    يا!

    توبِن سُهڻا سائين
    رات گذاري هُئي مون
    يا رات گذاريو هو مون کي
    اونداهيءَ کي ٽارڻ ڪارڻ
    ڏيئي وانگي
    ٻاريو هو مون کي!

    توبِن سُهڻا سائين
    ڏِينهن ڪَٽيو هو مون
    يا ڏينهَن ڪَٽيو هو مون کي
    حالتن جي ڦَرَهي تي
    وقت کَٽِيءَ جنءَ
    ڪپڙي جيئَن سَٽيو هو مون کي!


    جَڙاءُ!

    جَڙاءُ!

    جيڪڏهن
    سڀ ڪجهه اِئين ٿيڻو هُئو
    جيڪڏهن
    توکان سوا جيڻو هئو
    ليبل اَمرت جو هڻي
    زهر جي پِيڻو هُئو
    ۽ اِنهيءَ سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ
    هڪڙو گيت هڪڙو نظم سنڌيءَ ۾ اگر ڏِيڻو هُئو
    جو ڪڏهن شايد ڪٿي ڇپجي سگهي!
    ۽ اُنهيءَ هڪ گيت لئِه
    ۽ اُنهيءَ هڪ نظم لئِه
    جو ڪڏهن تو تاءِ مَن پهچي سگهي!
    ها، اُنهيءَ هڪ گيت لئِه
    ها، اُنهيءَ هڪ نظم لئِه
    آءٌ ڏارِيندو ڏَرِيندو ٿو رهان
    ڏينهَن کي ڏُونگر جِيان
    رات جو جلندو رهان ٿو ڪنهن ستاري وانگِيان
    ۽ اُهو روشن ستارو جيئَن نيڻن ۾ لٿو
    پوءِ مون کي ياد ڪجهه ناهي رهيو
    ڳَلَ تان ڳوڙهو ڳَڙيو
    يا پَني تي سِٽَ ۾
    لفظ جو موتِي سچو موتِي جَڙيو!


    جڏهن!

    جڏهن!

    جڏهن بُک ٿي لڳي دوکا کِيان ٿو
    جڏهن اُڃ ٿي لڳي ڳوڙها پِيان ٿو

    اوهان کان ڏُور جو آئون رهان ٿو
    بِنا پاڻيءَ مڇيءَ وانگي لُڇان ٿو

    ڏِين سان رات جو جاڳان جلان ٿو
    پکين سان پِرهه جو لاتيون لنوان ٿو

    غلط آهي ته مان تولئِه مران ٿو
    جِيان ٿو آءٌ بس تو لئه جِيان ٿو

    چپن سان جيڪڏهن ممڪن نه آهي
    اوهان جا نيڻ نيڻن سان چُمان ٿو

    مِلڻ جي روبرو ممڪن نه آهي
    خيالن ۾ ملي توسان وٺان ٿو

    ڏسڻ ممڪن نه آهي سامُهُون جي
    ته سُمهندي، جاڳندي سپنا ڏسان ٿو

    وڇوڙو آهه يا ميلاپ آهي
    اِهائي ڳالهه اڪثر سوچِيان ٿو

    وري هُن بيوفا جي ياد آئي
    وري دل کي جھلي ويهي رهان ٿو

    ڇپيندو ڪير، پڙهندو ڪير سائڻ!
    پني تي لُڙڪ ڇا جي لئه رُئان ٿو


    دُکي سگريٽ ٿو، يا ٿي دُکي دل
    فضا ۾ وٽڙندڙ دونهون ڏسان ٿو


    جڏهن ڪمري منجهان نڪري وڃِين ٿِي
    تڏهن ڪيڏو نه مان تنها لڳان ٿو!
    ***


    گِفٽ

    گِفٽ

    جنم ڏينهن تي
    تو پاران
    گفٽ ڪيل واٽرمين پين سان
    پهريون سِٽُون
    آءٌ تولاءِ لکندس
    اِهو ئي مون سوچيو هو
    اِهوئي مون چاهيو هو
    ۽
    اِئين ئي ڪيو هوم
    جيئن سوچيو هوم
    جيئن چاهيو هوم
    پر
    سچ ته اهو ئي آهي
    ته جو ڪجهه لکيو هوم
    سو
    تو لکايو هو
    ڇاڪاڻ ته
    مون ته رڳو سوچيو هو
    مون ته رڳو چاهيو هو
    لکڻ تو لاءِ
    تنهنجي گفٽ ڪيل واٽرمين پينَ سان
    پهريون سِٽُون تو لاءِ!
    پر انهن سِٽن ۾ ڇا لکندس؟
    ته اهو سڀ- لفظ/ خيال/ احساس-
    سڀ توئي لکايا هئا!
    منهنجي کُهري هٿ تي
    پنهنجو نرمل هٿ ڌري
    جنهن جو ڇهاءُ
    رڳو محسوس ڪري ٿي سگهيس!
    ۽ مون ته رڳو ايترو ڪيو
    جو
    لانِ مان
    هڪ گلاب آڻي
    اُن ڪَوِيتا جي پيرن ۾ رکيو
    ۽ اُن تي لڙڪن جي ماڪ رُنس!

    10.3.2007


    چِٽِ!

    چِٽِ!

    اکيُن
    هٿن
    چپن سان چيئِه: ”نو سموڪ سَر!“
    اکيُن
    هٿن
    چپن جي ٻڌي ڳالهه مون چيو:
    ”سگريٽ ڇا؟ چوين ته سڀو ڪجهه ڇڏي ڏِيان!“
    ”سڀ ڪجهه ڀلي ڇڏي ڏجو، ڇڏجو نه شاعري!“
    اِيءَ ڳالهه ڪيتري نه چَئِي تو ڳُڻن ڀري

    چِٽ تي لکيم ۽ توکي ڏنم
    جنهن تي هو لکيل:
    ”تون ئي ته شاعري منهنجي آهين ڇڏيانءِ ڪيئن؟“
    تو چِٽ پڙهي،
    کِلي
    ۽ بِرا ۾ رکي ڇڏي!


    عِيدَ!

    عِيدَ!

    عِيدَ توکان سوا آئِي به ته ڪَهڙِي آئِي؟
    تَهڙِي پاسي منجهان گُذري وَئِي جَهڙِي آئِي!


    پوءِ!

    پوءِ!

    ملياسين اِلاهي زماني کان پوءِ
    فسانو شروع ٿيو فساني کان پوءِ

    وِيا دِينُ دنيا، مِلي عاشقي
    خزانو ملي ويو خزاني کان پوءِ

    مِلڻ جو چَئِي هاءِ وڇڙي وينءَ
    جِيان ٿو سندءِ اِن بهاني کان پوءِ

    نه پُڇ حال دل جو، نه پُڇ، ها نه پُڇ
    نشاني کان پهرين، نشاني کان پوءِ

    اُها برق جنهن کي چئو ٿا اوهين
    ڪِري ڪٿ سندم آشياني کان پوءِ

    اُهو تنهنجو ”امداد“ عاشق اصيل
    مِليئِه ڪو به اهڙي دِواني کان پوءِ!

    5.11.2009


    جادُو!

    جادُو!

    تنهنجن نيڻن ۾ ڇا جادُو آهي؟ جنهن به ڏٺو سو قابُو آهي!

    تنهنجي هَٿَ تريءَ تي لکيل، منهنجي للاٽ جي آهي لِيڪَ
    تنهنجن ڀَنڀن ۾ گُل سُونهي ٿو، سائي ٽاريءَ کان به وڌِيڪَ
    اُن گُل ۾ ڪهڙي خوشبُو آهي؟ جنهن به سُنگهي سو قابُو آهي!

    مون جهڙي ٺِپ اڻ سمجهوءَ کي، ڪيڏو نه سُٺو ٿِي سمجهائِين
    ٻُڌندو ئي رهان ڳالهيون نه کُٽن، ڪيڏو نه مِٺو ٿي ڳالهائِين
    ڄڻ ڪووِل جي ڪُو ڪُو آهي، جنهن به ٻُڌي سو قابُو آهي!

    وار سندءِ گهنگهور گهٽائون، کِنوڻين جيئَن کِلڻ آ تنهنجو
    ڊيلُن جيئَن ٽِلڻ آ تنهنجو، ميگهه ملهار مِلڻ آ تنهنجو
    تنهنجو جلوو هر سُو آهي، جنهن به پَسيو سو قابُو آهي!

    29.4.2010


    ڀلا!

    ڀلا!

    تنهنجي اُن مُرڪ جو مطلب ڇاهو؟
    جانڇاور ڪئي تو ٻئي ڪنهن تي
    مان اهي چَپَ چُمان
    ڪيئن چُمان!
    رَس ڀري مُرڪ اُهائي ساڳي
    اڄ به چنبڙي پئي آهي جن تي
    مان ڀلا چَپَ رکان ڪنءَ تن تي!

    24.10.2009


    لنوائڻ

    لنوائڻ

    ڪاڄ ۾ راڄ سڄي مارڪ ڪيو يا نه ڪيو
    مان لنوائي نه سگهيس مون کي لنوائڻ تنهنجو
    ڄاڻي واڻي اُهو مون کي تنهنجو اِگنور ڪرڻ
    منهنجي نظرن سان نه نظرن کي ملائڻ تنهنجو

    ڊيلَ جي ڍارَ ٽِلي، مورُ چيو تو مون کي
    توکي ياد آهه ته چِت چورُ چيو تو مون کي
    ياد ناهي ته هليا ياد ڏياريان توکي
    ته ڇُرڻ لاءِ چَئِي پورُ ڪيو تو مون کي




    ڀري محفل ۾ رڳو مون کي لنوائڻ تنهنجو
    تو وساري به ڇڏيو، آءٌ وساري نه سگهيس
    صورتِ حال اها ئي رهي آخر تائين
    توکي ڏسندو ئي رهيس، ڪجهه به اُچاري نه سگهيس

    سڀني تو ڏانهن ۽ مون ڏانهن ڏسي پئي مُرڪيو
    ڪوئي ڳائي رهيو هو توتي لکيل نظم سندم
    نِظم کي زخم چوڻ جو به نه وَڙ توکان پُڳو
    لُوڻ لائق به نه سمجهيوءِ اُهو زخم سندم


    ڪالهه تو پاڻ انهيءَ نظم کي جهونگاريو هو
    نظم جو تنهنجي چوڻ تي ئي لکيم تنهنجي لاءِ
    تنهنجو سڀڪجهه منهنجو هو ڪالهه، مگر، اڄ، هاڻي..
    لُوڻ چپٽي به وٽئي ڪا نه هئي منهنجي لاءِ!

    1.2.2016


    ياد!

    ياد!

    اي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ آڏو
    وڍجڻ کان بچي ويل
    چُهچ ساوا وڻَ!
    ڇا توکي ياد آهي؟
    اُها ڇوڪرِي
    جيڪا
    يونيورسٽيءَ ۾
    اجرڪَ اوڍي ايندي هئي

    سال ٿيا
    اُها ڇوڪرِيءَ مان عورت بڻجي وئي
    ٽن ٻارن جي ماءُ بڻجي وئي

    پر اُها ڇوڪرِي
    جيڪا
    يونيورسٽيءَ ۾
    اجرڪَ اوڍي ايندي هئي
    سا
    توکي ياد هجي نه هجي
    پر مون کي ياد آهي
    ۽ اڄ تائين
    دل جي گهر ۾ آباد آهي!


    سُکا

    سُکا

    وري اُهو ئي نظم،
    ٻُڌڻ گُهرِين ٿِي، ڇڏ کڻي-
    اُکلِي پُوندو زخم!

    مِيتَ مِلون جيسِين،
    سِڪَ لِڪَ ۾ سانڍ جان-
    سُکا ڪري تيسِين!

    ڇوري تنهنجي ڇيرَ،
    ڇرڪ ڀريو جاڳيو پوي-
    کڻين، ڌرين، جنءَ پيرَ!

    26.9.2009


    ٽهڪُ!

    ٽهڪُ!

    ڪاڄ ۾ تون به هُينءَ، آءٌ به هوس- ۽ منهنجي
    آڱرين ۾ هئو دُکندو سگريٽ
    جي وِٿِي هئي تنهنجي منهنجي وچ ۾
    ته رڳو ايتري هُئي
    ته سندءِ ٽهڪ چِٽا آءٌ ٻُڌي پئي سگهيس
    ڪَن جي واليءَ جو چُميو پئي تنهنجو ڳل
    رِيسَ آئي پَئي اُن تي مون کي
    چَڳَ چهري کي چُمڻ لاءِ ٿي ڦٿڪي سٿڪي
    آڱرين ساڻ هٽايئِه ٿي اُنهي کي هَر هَر
    پر اُها تنهنجي چَئي ۾ نه هُئِي
    وَٽَ سَٽ کائي چُميائين ٿي اچي چهري کي
    پَل اَ پل لاءِ خيال آيو ته ‘اي ڪاش! اِها چَڳَ هجان ها آئون
    ته بنا روڪ ۽ ٽوڪ
    چنڊ چهري کي چُمان ها آئون!’

    ڪاڄ ۾ تون به هينءَ، آءٌ به هوس- ۽ منهنجي
    آڱرين ۾ هُئو دُکندو سگريٽ
    اِيءُ مانڌاڻ مَتل هو من ۾
    ته نهارين ته سلام آءٌ ڪريان
    مُتَوجهه جي ٿينءَ تون ته ڪلام آءٌ ڪريان
    ۽ سُڻايانءِ ته توکان وڇڙي
    ڇا وهيو واپِرِيو آهه مٿم
    ڄڻ ته جيون نه هو، ديوار هئي اُڀ تائين
    اُڀُ، جنهن تي نه ڪو سورج، نه ڪو تارو نه ڪو چنڊ!

    ڪاڄ ۾ تون به هينءَ، آءٌ به هوس- ۽ منهنجي
    آڱرين ۾ هُئو دُکندو سگريٽ
    اُهو سگريٽ به دُکندي دُکندي
    آڱرين تاءِ اچي پهتو هو
    لهس آئي ته ڀري ڇرڪ کڻي اُڇلايم
    ٺيڪ انهيءَ مهل سندءِ ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيو
    ٽهڪ جو چهڪ ڏئي ويو دل کي!


    ڪڏهن!

    ڪڏهن!


    ڪڏهن مِلڻ به گُهريوسين ته ڌار ٿي وياسين
    ڪڏهن کِلڻ به گُهريوسين ته ٽهڪ ئي نه ٽِڙيا
    ڪڏهن رُئَڻ به گهريوسين ته لُڙڪ ئي نه لَڙيا
    هزار ڳالِڙِيُون ڇيتِ ٿِي چُڀيون هان ۾
    ڪڏهن چُئَڻ به گهريونسين ته لفظ ئي نه مليا
    مِلي به ويا ته زبان مان اکر به اُڪليو ڪو نه!

    گُهريوسين خواب ڏسڻ، خواب ۾ پرينءَ کي پَسڻ
    ته پوءِ ننڊ ئي نيڻن منجهان وَئِي اُڏري!

    پَنا پِيا رهيا ٽيبل مٿان ٽڙيل پکڙيل
    ڪڏهن لِکڻ به گُهريوسين ته زخم نظم نه ٿيو
    ڪڏهن رچڻ به گهريوسين ته گهاءُ گيتُ نه ٿيو!

    سڀن جي لاءِ گُهريوسين رُئڻ، کِلڻ ۽ لِکڻ
    سڀن جا مِيتَ اسين، پنهنجو ڪو به مِيتُ نه ٿيو!


    بس!

    بس!

    مون کان وسري وئي، مِٺا منهنجي مُون
    بس ياد رهين، هڪ تُون ئي تُون!
    بس تُون ئي تُون، بس تُون ئي تُون!

    منهنجي ڏات به تون، منهنجو ڏانءُ به تُون
    منهنجو تون به ته تون، منهنجو آنءُ به تُون
    منهنجو نانءُ به تون ته اَنانءُ به تُون
    توريءَ ٻِي ڪا به پچار نه مُون
    بس تُون ئي تُون!

    ڪَتِي، ٽيڙُوتون، سِج، چنڊ به تُون
    نئن، نهر، ندي تُون، سمنڊُ به تُون
    منهنجو ناز، نياز، گُهمنڊ به تون
    مان نُورِي، تون ئي ڄام سَمُون
    بس تون ئي تون!

    سِنڌُو، اباسِينُ، مهراڻ به تُون
    تَن تي ٽِڪن جَڙِيل پهراڻ به تُون
    منهنجي چهري جي چهراڻ به تُون
    منهنجو شعر سُخن ۽ مـضمُون
    بس تُون ئي تُون!

    بادل، سانوڻ، سانول تُون
    راڻل، رانجهڻ، رانول تُون
    ڀوريءَ جو من ڀانول تُون
    مِڙ هستي، مستي، جوش جُنُون
    بس تون ئي تون!


    پيارُ!

    پيارُ!

    هڪ سڄڻ کان سِوا ياد آهه نه جنهن ۾ ڪوئي
    ساڙ ۽ بغض عناد آهه نه جنهن ۾ ڪوئي
    ڪو به فتنو ۽ فساد آهه نه جنهن ۾ ڪوئي
    پيار جي ناهه ته پوءِ ڇاهي ڀلا جيون ۾
    پيار ري ڪو به سواد آهه نه جنهن ۾ ڪوئي!

    جاڳ سَکڻي رڳو ڳولا رڳو رولا آهي
    ننڊ آهي به ته ڪو خواب نه آهي جنهن ۾
    نظم آهي به ته ڪو زخم پَني تي ناهي
    روح آهي ته رباب آهه نه جنهن ۾ ڪوئي
    زندگي يار بنا پيار بنا اي سانول!
    هڪ ڪتاب آهه گلاب آهه نه جنهن ۾ ڪوئي
    جام آهي ته شراب آهه نه جنهن ۾ ڪوئي
    اَکِ آهي به ته آب آهه نه جنهن ۾ ڪوئي!


    جيون!

    جيون!

    سڀ جيون اِنءَ گهاريوسِين
    توکي ئي پئي ساريوسِين

    اِيئَن ملايونسين اکڙيون
    ڏِيو ڏِيي مان ٻاريوسِين

    پوياڙيءَ وِيچاريو سِين
    ڪهڙو وعدو پاريوسين؟

    دل تي جيڪو ڌَڪُ لڳو
    ڦُوڪي ڦُوڪي ٺاريوسين

    پهريائين پَٽي پاڙان
    ۽ پوءِ ٻُوٽو ٻاريوسين

    ڌراڙ بڻجي ڍورن جنءَ
    سُورن کي پئي چاريوسين

    هنجون توڙي هاريونسين
    هانءُ ته پوءِ به نه هاريوسين


    راڌِيڪا!

    راڌِيڪا!

    او راڌِيڪا! او راڌِيڪا! توبِن مَڌُبَن آ سُنسانُ!

    گُلَ ڦُلَ رنگ سُڳنڌ هوائُون، پکي پکڻ وَڻ ٽِڻ حيران
    او راڌِيڪا!
    تارن جي جا ٽِم ٽِم آهي، ڪِرڻو ڪِرڻو جهڙو ڪانُ
    او راڌِيڪا!
    پاڌر ، پهاڙ، ندي، جَهرڻا، آءُ اُنهن کي ڏي جيئدانُ
    او راڌِيڪا!
    ڦوڙائي جو ڦَٽُ کُلي پيو، شفق اُفق تي لَهُو لهانُ
    او راڌِيڪا!
    چنڊ ٺلهو ڪشڪول لڳي ٿو، مُرڪِي اُن ۾ پائي دانُ
    او راڌِيڪا!
    سُندر سپنا، سوچون لوچون، گيت گُلابي سڀ شمشانُ
    او راڌِيڪا!
    آس نراس نه ڪج نيڻن جي، منهنجي مَن جو رکجان مانُ
    او راڌِيڪا! او راڌِيڪا!
    توبِن مَڌُبَن آ سُنسانُ!


    لاءِ!

    لاءِ!

    دل ۾ نه ڪا زبان تي، ڳالهه چُئڻ جي لاءِ
    ڪُلهو رڳو گُهرجيم ٿو، لڙڪ رُئڻ جي لاءِ


    جيڏي!

    جيڏي!

    تون تڏهن ملي آهين
    ها، جڏهن جيڻ جيڏي
    مون ڇڏي ڏنو آهي
    ڇو ته زندگي هاڻي
    ڪا نه آ جيڻ جوڳي
    جسمُ نِيلَ نِيلَ آهي
    روح پڻ رڳو روڳي
    پاڻ کان اڙي جيڏي
    ڪا نه ٿي مسيحائي
    ٿي ته شاعري ئي ٿي!
    ڪائنات هيءَ هيڏي
    هيڪلو ڪوي آئون
    سو به سنڌ ڌرتيءَ جو
    جو نه ڪو ڪٿي ڇپجي
    انڪري نه ڪو پڙهجي
    ان ڪري نه ڪو ڪڙهجي
    پوءِ به پيو رچي ڪَوِتا
    پوءِ به پيو جِئي تنها
    تون تڏهن ملي آهين
    ها جڏهن اڪيلايون
    راس اچي ويون مون کي
    ها جڏهن نراسايون
    وڻ وڌي ٿِيُون مون کي
    تون تڏهن مِلي آهين
    ۽ رُني کِلي آهين
    مان به ٿو ملان توسان
    لڙڪ کي اُگهي ڳل تان
    ٿو ملي کلان توسان
    ۽ ائِين لڳي ٿو ڄڻ
    پاڻ سان ملان ٿو مان!
    سوچِيان تڏهن ٿو مان
    پاڻَ سان ملئي مون کي
    ڪيترا نه جُڳ گذريا!
    ڇو ته آرسين جي لئه
    وقت ٿي ويو پٿر
    لِيڪَ جا تِريءَ تي هئي
    ڪيڪَ سا تِريءَ تي هئي
    ڪِيڪَ جا جُڳن کان پوءِ
    تو ٻُڌي وَتِي جيڏي
    ۽ وري لڳي مون کي
    زندگي جيڻ جوڳي!


    ڪيئن؟

    ڪيئن؟

    هُو سڀن کان لِڪِي ڏيڍيءَ ۾ مِلڻ
    لوڊشيڊنگ ۾ ڏاڪڻ تي اِئين ٻِيڙَهه ٿيڻ
    ۽ پُٺيرو اچي اکين تي ٻَئِي هَٿَ رکڻ
    ٻُڪَ ۾ مُکُ جهلڻ- چَپَ چُمڻ

    ڪيئَن؟
    ها، ڪيئَن وساري سگهندينءَ؟
    مُندَ ۾ جوڙَ بِنا
    ڪيئَن گذاري سگهندينءَ؟


    سِڪَ!

    سِڪَ!

    سِڪَ آهي ته اِها لِڪ ڇا لاءِ؟
    سِڪَ ناهي ته ڀلا ڇِڪ ڇا لاءِ؟

    هي اکيون آرسِيُون ناهن ڇا؟
    آءٌ آهيان ته اِها ٽِڪ ڇا لاءِ؟

    جنءَ ڏسان تيئن نه ٿو رُوح رَڄي،
    ڏَس کڻي هَڏ نه ڀڳي هِڪ ڇا لاءِ؟

    اي ڪَوِي! لفظ ته موتي آهن،
    هَنجُ آهين ته چِلڙچِڪ ڇا لاءِ؟

    سانوڻي آهه ته ڪا نه اکڙين ۾
    دل جي دريا جي ڀُري ڀِڪ ڇا لاءِ؟


    اڳواٽ!

    اڳواٽ!

    پاڻ ۾ طيءِ ڪري اڳواٽ ڇڏيون ڇو نه اسين

    ڪا توّقع نه رکون، ڪا به توّقع نه رکون
    ڪو به وعدو نه ڪريون، ٽوڙڻو پئجي نه وڃي
    ايڏا پنهنجا نه ٿِيون، ايترا ويجها نه اچون
    جو پراين جِيان مُنهن موڙڻو پئجي نه وڃي!

    پاڻ ۾ طيءِ ڪري اڳواٽ ڇڏيون ڇو نه اسين

    هان ڀَڄي ٿو ته ڀَڄي، سَڱُ ڇِڄي ٿو ته ڇِڄي
    ڪو به آٿت نه ڏِيُون، ڪو به دلاسو نه ڏِيُون
    دل رُئڻ لاءِ ٿِئي جي ته کِلون دل کولي
    هڪٻِئي لئِه نه مَرُون، هِڪَٻِئي لئِه نه جِيُون

    پاڻ ۾ طيءِ ڪري اڳواٽ ڇڏيون ڇو نه اسين

    ڪو به سپنو نه ڏسون، جاڳندي جو ڪو سپنو
    نظم اهڙو نه لکون، نظم جو ڇَپجِي نه سگهي
    ڳِيتُ اهڙو نه رَچيون، ڳِيتُ جو ڳائي نه سگهون
    تند اهڙي نه ڳنڍيون، تند جا ڪَپجِي نه سگهي

    پاڻ ۾ طيءِ ڪري اڳواٽ ڇڏيون ڇو نه اسين

    ڪا تمنـا نه ڪريون، ڪا به تمنـا نه ڪريون
    هار ٻانهن جا ڳچيءَ لاءِ نه ٺاهيون ڪڏهين
    عاشقي، پيار، وفا، دوستي وِي ڪانٽ اَفورڊ
    پوءِ چاهيون به ته چاهي به نه چاهيون ڪڏهين

    پاڻ ۾ طيءِ ڪري اڳواٽ ڇڏيون ڇو نه اسين

    پوءِ اَڌ واٽ وٽان، موڙ وٽان، چَوڪَ وٽان
    جيڪڏهن وڇڙڻو پئجي وڃي، وِڇڙُون مُرڪِي
    پوءِ چاهيندي نه چاهيندي بسنتي رُت ۾
    جيڪڏهن اُجڙُڻو پئجي وڃي اُجڙُون مُرڪِي

    پاڻ ۾ طيءِ ڪري اڳواٽ ڇڏيون ڇو نه اسين


    زندگي جيئَن به گذري ته گذاري ڇڏجي
    ڪا شڪايتَ نه ڪريون، ڪا به شڪايتَ نه ڪريون
    نئون دوکو، نئون دُک ڪو نه سهي سگهنداسين
    ٻيو کڻي ڇا به ڪريون، صرف مُحبتَ نه ڪريون
    پاڻ ۾ طيءِ ڪري اڳواٽ ڇڏيون ڇو نه اسين

    جو به ڪجهه آهه تعلّق تنهنجي منهنجي وچ ۾
    اُهو بي نانءُ تعلّق به رهي يا نه رهي
    موهُه هڪ ڊوهُه نه آهي ته ٻيو ڇا آهي
    موهُه جو ڊوهُه اِهو پوءِ ڊهي يا نه ڊهي

    پاڻ ۾ طيءِ ڪري اڳواٽ ڇڏيون ڇو نه اسين!


    ڪالهه!

    ڪالهه!

    ڪالهه ڪاريڊور مان
    هِيرَ جي جُهوٽي جِيان
    پاڻ ۾ مست ۽ مگن
    گذرياسين آءٌ تون
    ۽ سڄي آفيس بڻجي وئي اکيون!

    15.4.2000


    فاصلو!

    فاصلو!

    ڏسجي ته صرف هڪڙي، ٽيبل رکيل هُئِي پر
    جنمن جو فاصلو هو، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾

    هِن لوڪ جو اچي ڇا، هِن لوڪ جو وڃي ڇا
    پنهنجو ته فيصلو هو، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾
    ڄڻ تنهنجي منهنجي هٿ ۾، هڪ هٿڪڙي لڳل هئي
    اهڙو به مرحلو هو، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾

    تو ياد هُت ڪيو ٿي، هِڏڪِي هِتي لڳي ٿي
    هوڪو ته سلسلو هو، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾
    شيشا ڀڳا پِيا هئا، پر پير پنڌ ۾ هئا
    ڪيڏو نه حوصلو هو، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾

    ڏسجي ته صرف هڪڙي، ٽيبل رکيل هُئِي پر
    جنمن جو فاصلو هو، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾!

    24.3.2005


    ڪردارَ!

    ڪردارَ!

    مومل
    تارو کِڙيو، مومل سمجهيو
    ڪاڪ ڪڪورِي، راڻو آيو
    چنڊ چڙهيو ۽ مومل سوچيو
    کيهه کٿورِيءَ هاڻو آيو
    سورج اُڀريو، مومل ڀانيو
    سوڍل يار سِياڻو آيو

    سسئي
    نارو کِڙِيو، سسئيءَ سمجهيو
    ڪيچ ڌڻي ڪوهيارو آيو
    چنڊ چڙهيو ۽ سسئيءَ سوچيو
    ساٿ ڌڻي سُونهارو آيو
    سورج اُڀريو، سسئيءَ ڀانيو
    پاڻ پُرس پاڳارو آيو

    مارُل
    تارو کِڙيو، مارُل سمجهيو
    سانگيئڙن جو سانگي آيو
    چنڊ چڙهيو ۽ مارُل سوچيو
    وانگيڙن جو وانگي آيو
    سورج اُڀريو، مارُل ڀانيو
    جهانگيئڙن جو جهانگي آيو

    سونا

    تارو کِڙِيو، سونا سمجهيو
    ساڄن سُپرين سانول آيو
    چنڊ چڙهيو ۽ سونا سوچيو
    رِيجِهي رانئَڻ رانول آيو
    سورج اُڀريو، سونا ڀانيو
    ڀَلي ڀَلي من ڀانول آيو


    اَلا!

    اَلا!

    اکين کي اکين ڏي اُماڻي نه ٿِي
    اَلا آرسيءَ کي سُڃاڻي نه ٿِي

    اِها ڄاڻ ئي آهه ڄيري ڄراٽَ
    سُٺو آهه جو ڪجهه به ڄاڻي نه ٿِي

    اٿس وات ۾ مُڱ، ڪنن ۾ ڪپاهه
    پڙاڏي جيان سَڏ وراڻي نه ٿِي

    نه اڄ جي ڪري جو وڌي آجِيان
    اُنهيءَ لاءِ ڪڏهين سڀاڻي نه ٿِي

    سڀاڻي اُها ڳالهه ٿيندي به ڪيئَن
    اُها ڳالهه جيڪا به هاڻي نه ٿِي

    پئي کٽَ واڻي ۽ مُرڪي پَئِي
    چوان ڪيئَن ڪو خواب واڻي نه ٿِي!

    اُها مهل جا آهه موتيءَ مثال
    اُنهيءَ مهل کي ڪوهه ماڻي نه ٿِي!

    ڇَڄي ڪو نه پُوندو ڪچيءَ تند جيئن
    اَلا تَنُ تَن ڏانهن تاڻي نه ٿِي!


    استِري!

    استِري!

    ”هر سَڦل پُرش پُٺيان اِسترِي هوندي آهي!“
    (اَسڦل پُرش پٺيان اِستري ناهي هوندي!)
    هُن جڏهن سِٽَ اِها مون کي ٻُڌائي ته چيائين ڇِرڪي:
    ”او اَلا اِسترِي کُليل ڇڏي آئي آهيان!“
    ۽ وٺي لوُهه وڌائين اندر
    بُو جتان آئي ٿي ڪپڙي جي سڙڻ جي ٻاهر

    مون ٿڌو ساهه ڀريو- ۽ سوچيو:
    ‘دل جلڻ جي سُٺو آهي ته نه بُو آهه نه دُونهن!’
    --
    (اِستري-عورت، استري-Iron)


    ڪڏهين!

    ڪڏهين!

    رُنا، کِلياسين پاڻ،
    دلڙي ڌير سُڌير ٿي-
    ڳالهائي توساڻ!

    ڪڏهن ياد ڪيوءِ،
    هِڏڪِيءَ تي منهنجو ڀلا-
    نالو ڪو ورتوءِ؟

    سُور ڪري ڇڏ سُرڪ،
    لوڪ اٿئي منهن موڪِ ڙي-
    لُڙڪ ڪري ڇڏ مُرڪ!


    سونا!

    سونا!

    آءٌ توڏانهن نهاريان ته نهاريندو رهان ٿو سونا
    بس اِئين جيءُ جڏو جيءُ جِياريندو رهان ٿو سونا

    وِيرَ لئِه چنڊ جي فانوس کي ٻاريندو رهان ٿو سونا
    چنڊ جي لاءِ وري وِيرَ کي واريندو رهان ٿو سونا

    بس ڏکيو وقت سُکيو وقت گذاريندو رهان ٿو سونا
    توکي ساريندو، سڄو جَڳُ وساريندو رهان ٿو سونا

    رات کي ڏينهن ڪرڻ لاءِ ڏيي ساڻ جلان ۽ جاڳان
    سِڄُ سورجُ مکي جي لاءِ اُڀاريندو رهان ٿو سونا

    سَڏَ جيڪي به ڪيم توکي اُهي سَڏَ پڙاڏا ٿي ويا
    تون ٻڌين ئي نه ٿي آئون ته پُڪاريندو رهان ٿو سونا

    رات جي جيلُ به آهي ته اُهو جيل به ڪاٽيان ويٺو
    ڏينهُن ڏونگر اگر آهي به ته ڏاريندو رهان ٿو سونا

    صرف توتي ۽ فقط تنهنجي پڙهڻ لاءِ لکيو هوم جو شعر
    هڪ اُنهيءَ شعر کي پني تي اُتاريندو رهان ٿو سونا

    ڌيان ۽ گيان ۾ گم پاڻ ٻنهي نانءُ وَتو هو ”سِنڌڙِي“
    آءٌ اڪثر اهو اشلوڪ اُچاريندو رهان ٿو سونا

    18.1.2010


    ضروري!

    ضروري!

    ضروري نه آهي لِپ اسٽڪ چپن لاءِ ايڏي
    ضروري چپن لاءِ آهي مِٺي مُرڪَ جيڏي!


    ٺوڪر!

    ٺوڪر!

    هڪڙي سُنسان رستي تي صدين ڪَنان
    مان پِيو هوس بي جان پٿر جِيان
    اوچتو اوچتو
    ڪنهن به سوچيل ۽ سمجهيل رِٿا کان سوا
    تنهنجي پيرن جي ٺوڪر لڳي
    رَتُ منهنجي رَڳُن منجهه ڊوڙڻ لڳو
    آڱرين منجهه چُرپُر هُئِي
    ۽ تڏهن
    تنهنجي چهري ڇُهڻ جي
    چپن سان چپن کي چُمڻ جي عجب آسَ جاڳي
    اکين سان
    اکين مان
    پيڻ جي اَجهل پياسَ جاڳي!

    8.5.2015


    وِيچاريو!

    وِيچاريو!

    سَچُ به هو يا مون وِيچاريو
    مُرڪي هُن مون ڏانهن نهاريو!

    اُڀ تي ڪونجڙين ڪُڻِڪاريو
    ساڄن ساري مون اوساريو

    گيت پپيهي کان وسري ويو
    ۽ مون اُن کي ياد ڏياريو

    عيدون ۽ عاشورا آيا
    ليڪن مون کي ڪنهن به نه ساريو

    اَمرت سمجهي ڪنهن وِهُه پِيتو
    وِهُه ڄاڻي ڪنهن اَمرت هاريو

    هانءُ برابر ٿانءُ نه آهي
    اُن کي لڙڪن سان آ گهاريو

    هولي آئي ويئي هولي
    ڪنهن به اسان تي رنگ نه هاريو

    سانوڻ ڪو نه وِسائي سگهندو
    تو جو من ۾ ٻارڻ ٻاريو

    ماڻهن کي ڏيکارڻ ڪارڻ
    لُڙڪَ ڏئي هڪ مُرڪ اُڌاريو

    ڪويءَ بنا ڪنهن ڪويءَ بنا، ها
    وِيرَ ويرَ کي ڪنهن به نه واريو

    ڳهر ڳڱاٽيا ڳاٽ اُڀا ٿيا
    سينگاريو سوري سينگاريو


    هُوءَ!

    هُوءَ!

    هُوءَ جا پاڻ ڪويتا آهي
    ساچَي ٿِي
    ‘هُن تي آءٌ ڪويتا جوڙيان!’
    هُن جي چندر مُک تي
    آءٌ اکيون ٿو کوڙِيان
    هُن جو چندر مُک
    هَٿَ تِرين تي
    ايئَن رکيل آهي
    جنءَ ڌرمي پُستڪ رحل مٿان!

    ٺاهڻ واري
    هُن کي ڪيڏو سُندر ٺاهيو آهي!
    هُن کي چاهي، ٻيو مون ڪجهه به نه چاهيو آهي
    ۽ مان سوچيان ٿو
    دوهي جهڙا چَپَ سندس
    ۽ نيڻ غزل
    لفظن ۾ ڪنءَ لِکبا!

    هن کي پَسندي، اِنءَ ٿو ڀاسي
    ڄڻ هوءَ منهنجي ڪَوِتا آهي
    هُن جي ساگر نيڻن ۾ ‘پنهنجو پاڻ پَسِي’ ايئَن لڳي ٿو
    جيئَڻ کي ڪا معنيٰ آهي!

    ۽ هن جي لوڏ لکن جي
    بس
    ايندي به رڳو ڏسندو رهجيس
    ويندي به رڳو ڏسندو رهجيس!

    21.2.2014


    ڇورِي!

    ڇورِي!

    ڇڏي ڏي
    ڪُلهن تي ڇُڙيل وار ڇوري ڇڏي ڏي

    ڀنيوليا وتن ڀَونر ڀُل ۾ ڀَلي
    وٺن واس تن مان هوائون ڀلي
    انهن جنءَ سِٽن کي لساري ڪَوِي ڀل ته ڪوتا انهن تي لکي
    وڃن گهورَ گهنگهورتن تان گهٽائون ڀلي

    ڇڏي ڏي
    ڪُلهن تي ڇُڙيل وار ڇوري ڇڏي ڏي!


    سِيءَ!

    سِيءَ!

    هِي ٿڌا سِيءَ، مِٺا سِيءَ به گذري ويندا
    هِن سِياري به نه ملندينءَ ته ڪڏهن ملندينءَ تون
    پَلَ پرڏيهي پکين وانگِيان اُڏري ويندا
    هِي ٿڌا سِيءَ، مِٺا سِيءَ به گذري ويندا

    سِجَ سارُوِڻِيوُن بڻجي لهي اُڀري ويندا
    اُس جِيان اَڄُ به نه کِلندينءَ ته ڪڏهن کِلندينءَ تون
    هِي ٿڌا سِيءَ، مِٺا سِيءَ به گذري ويندا
    هِن سِياري به نه ملندينءَ ته ڪڏهن ملندينءَ تون!


    مان!

    مان!

    مان جو تنهنجو ٿِي ويو آهان
    مرندي مرندي جِي ويو آهيان

    گهڻو پري نڪرِي ويو آهيان
    حد لاحد اُڪرِي ويو آهيان

    جو به وڻيئي سوڳَهُه ٺاهي
    سونَ جِيان پگهرِي ويو آهيان

    هڪڙيءَ مُکڙيءَ کي ڇا چاهيم
    ڪنڊن سان اٽڪِي ويو آهيان

    اُٽل سڄي توڏي ئي سونا
    تو ڏي ئي سِرڪِي ويو آهيان

    ماڻهو ڇا؟ آئون ماڻهوءَ جي
    پاڇي کان ڇِرڪِي ويو آهيان

    جڳ کي امرت آڇڻ ڪارڻ
    قاتل زهر به پِي ويو آهيان

    مينديءَ رتڙو هٿڙو لاتئِه
    ريٽي رڱ رڱجِي ويو آهيان

    شبد روپ سروپ ڪَوِتا ۾
    دل بڻجي ڌڙڪِي ويو آهيان

    پيار ڪرڻ کان پهرين ۽ پوءِ
    ڇا هوس ۽ ڇا ٿِي ويو آهيان

    سِڄُ، چنڊ، تارا ۽ ڌرتي
    ڪنءَ نه ٽِڙي پکڙِي ويو آهيان

    جن کي ساريو ساريو ساريان
    تن کان وسرِي ويو آهيان

    رُسڻ نه پرچائڻ وارو ڪو
    پاڻ رُسي پرچِي ويو آهيان

    سندءِ ڇُڙيل ڪارن وارن ۾
    چَو کُنڀو ٻَڌجِي ويو آهيان!


    خيال

    خيال

    خيال رکجان
    انهن اکين جو
    چپن
    ڳلن
    جسم
    روح، دل جو خيال رکجان!

    خيال رکجان
    اِنهن اکين جو انهن سکين جو
    ڪجل اِنهن لاءِ ئي ٺهيو آ
    سَچي پُڇين جي ته هر سُريلو غزل انهن لاءِ ئي رچيو آ!
    خيال رکجان
    انهن چپن جو
    چُمي انهن لئه سندم چپن آ رکي سنڀالي!

    خيال رکجان
    انهن ڳلن جو
    کِلڻ سان ڪُن ٿو پوي جنين تي!

    خيال رکجان
    انهيءَ بدن جو
    جو سنگ مرمر منجهان ٺهيو آ!
    خيال رکجانءِ
    رُوحَ جو، رُوحُ جو پويتر ۽ پاڪ آهي
    نه دل تي ڪوئي ملال رکجان
    فراق ۾ ڀي وصال رکجان
    خيال جو بس خيال رکجان!







    (سچل سرمست جي سِٽ: ”مين تان ڪوئي خيال هان، ملسن نال خيال دي“ کان متاثر ٿي لکيل)


    وعدو!

    وعدو!

    سِٽَ ناراض ڪري جا توکي
    سِٽَ سا سِٽَ نه سِکندس تولئِه
    منهنجو توسان اِهو وعدو آهي
    هاڻ ڪو شعر نه لِکندس تولئِه

    بيت يا نظم، غزل يا ٽيڙُو
    پريت جو گيت نه چوندس تولئِه
    پرهه جو لات پکيئڙا لنوندا
    آءٌ ڪا لات نه لنوندس تولئِه

    گهر ۾ اونداهه جي هوندي به کڻي
    پر ڏيي جيئَن نه جلندس تولئِه
    راهه جا آهه گذر گاهه سندءِ
    راهه سا راهه نه رلندس تولئِه


    واسطو ئي نه رهيو آهه جڏهن
    ته نه رُئندس نه ڪو کِلندس تولئِه
    تنهنجي هر سارَ وسارڻ ڪارڻ
    پاڻ سان پاڻ نه مِلندس تولئِه

    وڏي واڪي کڻي نالي سان سَڏِين
    ڇا به ٿي پئي ته نه ورندس تولئِه
    ها چئين جي ته لکت ۾ به ڏيانءِ
    ته نه جيئندس ته نه مرندس تولئِه

    هجر توڙي جو کڻي زهر آهي
    ته اُهو زهر به چکندس تو لئِه
    ڪلهه به تولاءِ وساريم سڀ ڪجهه
    اڄ به ڪجهه ياد نه رکندس تولئِه

    بس وِهاڻي کي ڀَري ڀاڪر ۾
    رات جو هاڻ نه سُمهندس تولئِه
    جنهن گهٽيءَ منجهه گهر آهي تنهنجو
    اُن گهٽيءَ منجهه نه گُهمندس تولئِه

    ڪيئَن آهين ۽ ڪٿي آهين تون
    ڪجهه به ڪنهن کان به نه پُڇندس تولئِه
    ڪيئَن آهيان ۽ ڪٿي آهيان آءٌ
    ڪجهه به ڪنهن سان به نه ڪُڇندس تولئِه

    ڏينهن جو واٽ نه تنهنجي ڏسندس
    رات جو هاڻ نه رُلندس تولئِه
    رَئو ڇاتيءَ تان اُڏامي نه وڃئي
    هيرَ بڻجي به نه گُهلندس تولئه

    تون انهيءَ تي ٻه متان ڪاوڙجين
    هاڻ بيتاب نه رَهندس تولئِه
    مون اڳيئي سَٺو آهي ڏاڍو
    هاڻ، بس، ڪجهه به نه سَهندس تولئِه

    ناهِيان ميڻ بتي ناهيان آءٌ
    سو سرِ شام نه ٻرندس تولئِه
    تون انهيءَ ۾ ئي اگر خوش آهين
    ڳڻِتيُن ۾ به نه ڳرندس تولئِه

    تنهنجي دلدار بدن جي تشبيهه
    ڪا به سُجهندي ته نه لکندس تولئِه
    سَڱُ جوڙڻ وري ٽوڙڻ واري
    ريت توکان ئي ته سکندس تولئِه!


    آءُ!

    آءُ!

    آءٌ پُڇان ٿو:
    ”پيار ڪرڻ ته ضروري آهي
    پر اُن جو اظهار ڪرڻ
    ڇا، غير ضروري ناهي؟!“

    ڪيڏي نه سُٺي تو ڳالهه ڪئي او جيڏِي!
    ”ڇَڏُ ضروري، غير ضروري جي قصّي کي
    آهي؟ ناهي! جي چڪر ۾
    وَهِي وَهِي ويندي
    واريءَ وانگي آڱرين جي وِٿين مان
    آهي! ناهي؟ جو چڪر ڇڏ
    مُند گلابي آئي آهي
    آءُ ته تن من پاڻ رڱيون
    ويلَ شرابي آئي آهي
    آءٌ ته اُن مان چُڪو پِيُون
    آءٌ ته هڪ ٻئي کي رانئيون ماڻيون
    آءٌ ته تَن کي تَن ڏَي تاڻيون!“


    گڏجاڻي

    گڏجاڻي

    ”هونئن ته پنهنجي
    هر گڏجاڻي
    هوندي آهي خاص
    پر مان چاهيان ٿي
    هڪڙي اهڙي گڏجاڻي
    جيڪا
    خاص الخاص هجي!“.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 835
    ڪتابن جو مشاهدو: 2186928
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 555248
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ