ڪتاب جو نالو: ھوا جي سامھون
مصنف: امداد حسيني
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2000
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 11 ڊسمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 2709 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 577 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سحر امداد لکي ٿي:
”مان امداد کي امداد سان ئي ڀيٽيندس، امداد جي شاعري جا گوناگون ۽ ڪڏھن ڇرڪائيندڙ ۽ انوکا موضوع، ھن جي شاعري جو سھڻو سٽاءَ، ھن جو الڳ ۽ نرالو اسٽائيل، ھن جو بيحد منفرد ۽ جاندار ڊڪشن (Diction) ھن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ اھنگ، ھن جي شاعري جو لوچ ۽ رس، ھن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانويت جو رنگ، ھن جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقيت جو رنگ، صرف امداد جو ئي، صرف امداد وٽ ئي آھي. امداد حسينيءَ جي شاعري جو يڪتا رنگ نه ھن کان اڳ ۾ ڪنھن جو ھو، نه ھن وقت ڪنھن جو آھي، نه ئي شايد ھن کان پوءِ ڪنھن وٽ ھوندو. بحيثيت شاعر امداد ايڏو ته ڳوڙھو ۽ گهڻ رُخو آھي: جو اسين ھن کي پنھنجي آساني خاطر ڪنھن ”فارمولي“ ۾ قيد نٿا ڪري سگهون.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ھوا جي سامھون ھلندا رھنداسين
  • ارپنا
  • ڪمپوزر پاران
  • سنڌ سلامت پاران
  • سٽاءُ
  • مھاڳ : امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس
  • حمد
  • سِنڌڙي سُر سنگيت سُڳنڌ
  • نِما شام
  • پُورالو من
  • سفاڪ
  • ھليا ته پيار ڪريون
  • ڪورو پَنو
  • تون ته اُھائي مارئي
  • لفظ نه آھن کيڏوڻا
  • اماس کان پوءِ
  • مِٽِي ٿَڃ – مِٽي رَت
  • تو ته چيو ھو
  • ڇڏي ڏي اِنھن کي
  • لڙڪُ جو لفظ ۾ آھي
  • اھوئي شھر آھي
  • جيئن چَڙي جي لارَ
  • آءُ دونھين جو بادل ڙي
  • اڻ ٿيڻي – ٿيڻي
  • انتظار
  • سپنا سپنا
  • ”رُوح رھاڻ“ جي ٽائيٽل تان
  • موسم ٿي ڳالھائي
  • رات
  • اُجرا اُجرا ٻارَ
  • منھنجي محبوبا!
  • اي ڪوي!
  • ڪير ھو شاھه ڀٽائي؟
  • تنھنجو وات گلاب
  • ماحول
  • اُجھي پئي آ لاٽَ
  • جيون آھي جنڊ
  • آءُ اجهامڻ ڄاڻان ڪونه
  • تنھنجو ھُجڻ
  • ڪنھن جا ڏِينھَن
  • مُرڪ – اِسٽڪر
  • سورج جاڳيو
  • ڏاڏيءَ جي ياد ۾
  • ھيءَ جا چَڙي لارَ
  • مَنَ موتي
  • ھي مان – ھُو صليب
  • سين الف ب
  • ته ڪوي . . .
  • در دريون کول
  • ستارا
  • ڪجهه ڏک
  • وھُ وھاٽيل مُرڪ
  • جاڳيو انگَ اُمنگُ
  • دل جي رھجي ويئي دل ۾
  • اِھا باھ
  • يارو!
  • مرڻي ناھي سنڌ
  • مون توکي ڪٿي ڏٺو آھي
  • مون ۽ لاٽَ
  • چوٽ کاڌل آھيان
  • پِنڻي
  • سنگسار
  • ھانءُ ڀڳو ڄڻ
  • سَدوريون اکڙيون
  • تون ملڻ چاھين ته
  • پٿر تي شيشو اُڇلايو
  • پل پل پَنَ ڇَڻِ
  • مُکڙو ھُن جو
  • بغداد – تھران
  • ترياق
  • آئون ڪھڙي پارَ وڃان
  • چنڊ آھي جيل ۾
  • ھِي فقيرن جا ھجوم
  • مايا ڇايا ڇل
  • ”ھريڪانت“ جي نانءُ
  • ھاءِ لکان ڪئن سِٽَ!
  • سُر سَرجيوم
  • اولانڀو
  • ايترو ئي کوڙ آھي – 1
  • ھليا ٿي ھِڪَ مِڪَ!
  • تون جي آھين
  • ھوءَ
  • دينُ دنيا نه ملي
  • تنھنجي آڏو
  • ايترو ئي کوڙ آھي – 2
  • اُڀ تي بادل
  • دل چيو
  • ليکُ لِکيم جو
  • اي وطن!
  • ٻنڌڻ
  • دوستي ۽ پرديسي
  • نديءَ پار
  • روشني ڪريون
  • اڃا تاءِ
  • چنڊ تون آھين
  • ملڻ ، وڇڙڻ، ملڻ
  • جاڙيون قبرون
  • چمڪي پيئي چيڪي مِٽي
  • ھا مان پٿر ٿي ويو آھيان
  • اڃا ته مِٽي آلِي آھي
  • جيون آھي جنگ او جاني
  • ميرو آھي من – درپن
  • پنھنجو پنھنجو آھي ڀاڳ
  • پٿر تي شيشو اڇلايم
  • اکڙين سان اوجاڳا پَرتا
  • پَل پَل ھڪڙو پُور او سائين
  • گُم سُم ھو ھر ڪو تارو
  • پٿر مٿي ۾ مٿو پٿر ۾
  • ڇوليءَ جھڙو ڇوھ ميان
  • اڃا ننڊ . . .!
  • ”نوروز خان“ جي ياد ۾
  • سگريٽ دُکائي
  • گهڻا ڏينھن ٿي ويا
  • اياز کي ڀيٽا
  • مارُو منھنجا مِٽَ
  • راھوڪي رتَ راند
  • رات اُھائي
  • اي ڪراچيءَ جا نگر 
  • آھي ڪو
  • جيون کي ڪا معنى ناھي
  • جيئڻ
  • نئون شعر
  • تون نه ڳالھائين ته
  • تون ته پريشان نه ٿي
  • ھُو
  • بدنصيب
  • اي منھنجا دوست!
  • لڙڪ ستارو
  • ليک لکن ٿا ماڻھو
  • حيدرآباد
  • اوڦِٽُو
  • اھڙي دُعا ڪجي
  • ته نه گهرجيم . . .
  • اُھا تاريخ
  • مون جيان بيقرار
  • ”تنھنجي“ لاءِ
  • رشتو
  • . . . ٻيو ڇا ھي ڙِي!
  • اکڙيون
  • پُر شور سناٽو
  • ڇا غم آھي!
  • ڀَرم
  • مُرڪ ۾ لُڙڪ
  • رات – راتاھو
  • جيڪڏھن
  • ھوءَ چي ٿي
  • سِنڌوءَ تي لامارا آھن
  • ھيلوڪو وري آ
  • پٿر تي ليڪ
  • شاعر
  • سنڌڙي جندڙي
  • اچڻ گهرين جي
  • مان راڳي – ويراڳي
  • عھد
  • مَلُوڪان موت – مرُوئان شڪار
  • اُڀ تي تارو ڪونھي
  • جنگ
  • ڏک جي آڏو
  • زھر
  • مون کي وقت نه آھي
  • غزل نيڻ
  • ٻِن وِھاڻن جيان
  • پاراتو
  • نه ڪو ڪتبو نه ڪا تاريخ وفات
  • روز نيون فتوائون
  • اکڙيون ڳڙکين جيان
  • آرسيون
  • روشني اُداس آھي
  • ھڪ شاعر جو موت
  • حالَ احوالَ
  • اِي لَکڻ ناھه ته . . .
  • اديب جي لاءِ
  • باغي
  • مِلنداسين
  • دانُ – وردانُ
  • ڪِرڻي جھڙو پل
  • ٻيرُين ٻيرَ جهليا
  • ڄام شوري جون ھوائو!
  • پَسيون سون پرڀاتيون
  • شعر لکڻ جي لاءِ
  • سانولڙي سانجهي
  • ڪجهه ڪونه سُجهي ٿو
  • ڪيتري پياري لڳين ٿي . . .!
  • مانَ اچي سانول!
  • آکيري کان دُور . . .
  • گهر ھليا گهوٽ پرين!
  • رات جي سانت
  • اِھائي ھڪڙي دعا اٿم
  • رت سين ريٽا ڳيت
  • باکَ جي ساکَ
  • عشق اسلام
  • چاھه
  • لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ
  • ھُن بن
  • جيڏل شال جُڙي رھين
  • جِيڻ جيڏيون
  • مون وانگي ئي
  • ھير گُھلي
  • ڪير ڄاڻي
  • لکندس پيو ليک
  • جوالا
  • جيڻ نه مرڻ
  • ڏسڻي
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ھوا جي سامھون ھلندا رھنداسين

    ھوا جي سامھون ھلندا رھنداسين
    ڀيڙ تي ڀڙڪندا جلندا رھنداسين

    امداد حسيني


    ارپنا

    سائين ميران محمد شاھه جي نالي
    ”ھِجي ڪريان ھيج سان، مطالع محبت“


    ڪمپوزر پاران

    انسان غلطين جو گهر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.



    شاھنواز ٽالپر
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    sntalpur@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ھوا جي سامھون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سحر امداد لکي ٿي:
    ”مان امداد کي امداد سان ئي ڀيٽيندس، امداد جي شاعري جا گوناگون ۽ ڪڏھن ڇرڪائيندڙ ۽ انوکا موضوع، ھن جي شاعري جو سھڻو سٽاءَ، ھن جو الڳ ۽ نرالو اسٽائيل، ھن جو بيحد منفرد ۽ جاندار ڊڪشن (Diction) ھن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ اھنگ، ھن جي شاعري جو لوچ ۽ رس، ھن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانويت جو رنگ، ھن جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقيت جو رنگ، صرف امداد جو ئي، صرف امداد وٽ ئي آھي. امداد حسينيءَ جي شاعري جو يڪتا رنگ نه ھن کان اڳ ۾ ڪنھن جو ھو، نه ھن وقت ڪنھن جو آھي، نه ئي شايد ھن کان پوءِ ڪنھن وٽ ھوندو. بحيثيت شاعر امداد ايڏو ته ڳوڙھو ۽ گهڻ رُخو آھي: جو اسين ھن کي پنھنجي آساني خاطر ڪنھن ”فارمولي“ ۾ قيد نٿا ڪري سگهون.“
    ھي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2000ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون بدين سان تعلق رکندڙ سنڌ سلامت جي ڪمپوزر پياري شاھنواز ٽالپر جا جنھن ڪتاب ڪمپوز ڪيو. مھربانيون سائين امداد حسينيءَ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سٽاءُ

    سحر امداد مھاڳ
    نظم حمد
    غزل سنڌڙي سُر سنگيت سُڳنڌ
    نظم نِما شام
    گيت پُورالو من
    آزاد نظم سفاڪ
    ترائيل ھليا ته پيار ڪريون
    نظم ڪورو پَنو
    وائي تون ته اُھائي مارئي
    نظم لفظ نه آھن کيڏوڻا
    نظم اماس کان پوءِ
    غزل مِٽي ٿَڃ – مِٽي رَت
    نظم تو ته چيو ھو
    آزاد نظم ڇڏي ڏي انھن کي
    آزاد نظم لڙڪ جو لفظ ۾ آھي
    غزل اھوئي شھر آھي
    غزل جيئن چڙي جي لارَ
    نظم آءُ دونھين جو بادل ڙي
    نظم اڻ ٿيڻي – ٿيڻي
    نظم انتظار
    گيت سپنا سپنا
    نظم “روح رھاڻ” جي ٽائيٽل تان
    گيت موسم ٿي ڳالھائي
    آزاد نظم رات
    غزل اُجرا اُجرا ٻار
    نظم منھنجي محبوبا
    ترائيل اي ڪوي!
    آزاد نظم ڪير ھو شاھ ڀٽائي؟
    آزاد نظم تنھنجو وات گلاب
    نظم ماحول
    غزل اجھي پئي آ لاٽ
    غزل جيون آھي چنڊ
    نظم آءُ اجھامڻ ڄاڻان ڪونه
    غزل تنھنجو ھُجڻ
    غزل ڪنھن جا ڏينھن
    نظم مُرڪ – اسٽڪر
    غزل سورج جاڳيو
    نظم ڏاڏيءَ جي ياد ۾
    بيت ھيءَ جا چڙي لارَ
    گيت مَنَ موتي
    ٽيڙو ھي مان ھُو صليب
    نظم سين الف ب
    ترائيل ته ڪوي . . .
    نظم در دريون کول
    نظم ستارا
    نظم ڪجھه ڏک
    بيت وِھ وھاٽيل مُرڪ
    غزل جاڳيو انگ اُمنگ
    نظم دل جي رھجي ويئي دل ۾
    نثري نظم اھا باھ
    غزل يارو!
    ٽيڙو مرڻي ناھي سنڌ
    آزاد نظم مون توکي ڪٿي ڏٺو آھي
    نظم مون ۽ لاٽ
    غزل چوٽ کاڌل آھيان
    نظم پِنڻي
    نثري نظم سنگسار
    غزل ھانءُ ڀڳو ڄڻ
    نظم سدوريون اکڙيون
    غزل تون ملڻ چاھين ته
    غزل پٿر تي شيشو اڇلايو
    نظم پل پل پَن ڇَڻ
    نظم مُکڙو ھُن جو
    نظم بغداد – تھران
    آزاد نظم ترياق
    وائي آئون ڪھڙي پار وڃان
    نظم چنڊ آھي جيل ۾
    آزاد نظم ھي فقيرن جا ھجوم
    ٽيڙو مايا ڇايا ڇل
    ترائيل “ھريڪانت” جي نانءُ
    دوھا ھاءِ لکان ڪئن سٽ!
    غزل سُر سُر جيوم
    نظم اولانڀو
    نظم ايترو ئي کوڙ آھي 1
    ڪافي ھليا ٿي ھِڪ مڪ!
    نظم تون جي آھين
    نظم ھوءَ
    غزل دين دنيا نه ملي
    نظم تنھنجي آڏو
    گيت اڀ تي بادل
    نظم ايترو ئي کوڙ آھي – 2
    نظم دل چيو
    ترائيل ليک لکيم جو
    نظم اي وطن!
    آزاد نظم ٻنڌڻ
    نظم دوستي ۽ پرديسي
    نظم نديءَ پار
    غزل روشني ڪريون
    آزاد نظم اڃا تائين
    آزاد نظم چنڊ تون آھين
    نظم ملڻ، وڇڙڻ، ملڻ
    نظم جاڙيون قبرون
    غزل 1 چمڪي پئي چيڪي مٽي
    غزل 2 ھا مان پٿر ٿي ويو آھيان
    غزل 3 اڃا ته مٽي آلي آھي
    غزل 4 جيون آھي جنگ او جاني
    غزل 5 ميرو آھي من – درپن
    غزل 6 پنھنجو پنھنجو آھي ڀاڳ
    غزل 7 پٿر تي شيشو اڇلايم
    غزل 8 اکڙين سان اوجاڳا پرتا
    غزل 9 پَل پَل ھڪڙو پُور او سائين
    غزل 10 گم سم ھو ھر ڪو تارو
    غزل 11 پٿر مٿي ۾ مٿو پٿر ۾
    غزل 12 ڇوليءَ جھڙو ڇوھُ ميان
    نظم اڃا ننڊ . . .!
    نظم “نوروز خان” جي ياد ۾
    غزل سگريٽ دُکائي
    آزاد نظم گھڻا ڏينھن ٿي ويا
    بيت اياز کي ڀيٽا
    ٽيڙو مارُو منھنجا مِٽَ
    بيت راھوڪي رت راند
    نظم رات اُھائي
    نظم اي ڪراچيءَ جا نگر
    نظم آھي ڪو؟
    غزل جيون کي ڪا معني ناھي
    نظم جيئڻ
    نظم نئون شعر
    غزل تون نه ڳالھائين ته
    غزل تون ته پريشان نه ٿي
    نظم ھُو
    نثري نظم بدنصيب
    ترائيل اي منھنجا دوست!
    آزاد نطم لڙڪ ستارو
    غزل ليک لکن ٿا ماڻھو
    نظم حيدرآباد
    نظم او ڦِٽو
    غزل اھڙي دُعا ڪجي
    نظم ته نه گھرجيم . . .
    آزاد نظم اُھا تاريخ
    غزل مون جيان بيقرار
    نظم “تنھنجي ” لاءِ
    نثري نظم رشتو
    غزل ٻيو ڇاھي ڙي
    نظم اکڙيون
    نظم پُر شور سناٽو
    غزل ڇا غم آھي!
    آزاد نظم ڀَرم
    غزل مُرڪ ۾ لڙڪ
    نظم رات – راتاھو
    نظم جيڪڏھن
    نظم ھوءَ چي ٿي
    غزل سنڌوءَ تي لامارا آھن
    گيت ھيلوڪو وري آ
    آزاد نظم پٿر تي ليڪ
    نظم شاعر
    نظم سنڌڙي – جندڙي
    نظم اچڻ گھرين جي
    نظم مان راڳي – مان ويراڳي
    نظم عھد
    نظم ملوڪان موت – مروئان شڪار
    ترائيل اُڀ تي تارو ڪونھي
    نظم جنگ
    نظم ڏک جي آڏو
    نظم زھر
    نظم مون کي وقت نه آھي
    نظم غزل نيڻ
    نظم ٻن وھاڻن جيان
    نظم پاراتو
    نظم نه ڪو ڪتبو نه ڪا تاريخ وفات
    غزل جلايو چراغ ديرو حرم
    غزل روز نيون فتوائون
    غزل اکڙيون ڳڙکين جان
    غزل آرسيون
    نظم روشني اداس آھي
    آزاد نظم ھڪ شاعر جو موت
    ترائيل حال احوال
    نظم اِي لکڻ ناھ ته . . .
    نظم اديب جي لاءِ
    نظم باغي
    نظم ملنداسين
    آزاد نظم دان – وردان
    غزل ڪرڻي جھڙو پل
    ٽيڙو ٻٻرين ٻير جھليا
    آزاد نظم ڄام شوري جون ھوائو!
    وائي پَسيون سون پرڀاتيون
    غزل شعر لکڻ جي لاءِ
    گيت سانولڙي سانجھي
    نظم ڪجھه ڪونه سُجھي ٿو
    نظم ڪيتري پياري لڳين ٿي . . .!
    گيت مان اچي سانول!
    نظم آکيري کان دور . . .
    گيت گھر ھليا گھوٽ پرين!
    نظم رات جي سانت
    غزل اھائي ھڪڙي دعا اٿم
    نظم رت سين ريٽا گيت
    نظم باک جي ساک
    غزل عشق اسلام
    نظم چاھ
    غزل لڙڪ کي لفظ ڪرڻ
    نظم ھُن بن
    ڳاچ جيڏل شال جُڙي رھين
    سٽون جيڻ جيڏيون
    غزل مون وانگي ئي
    نظم ھير گھلي
    نظم ڪير ڄاڻي
    ترائيل لکندس پيو ليک
    نظم جوالا
    نظم جيڻ نه مرڻ


    مھاڳ : امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس

    امداد جي شاعريءَ بابت مان جڏھن جڏھن به لکڻ ويھندي آھيان، تڏھن تڏھن واقعن ۽ ڳالھين جو ھڪ سمونڊ پنھنجي تيز تکين ڇولين سان مون ڏانھن ڊوڙندو ايندو آھي ۽ پنھنجي تيز تکي وھڪري ۾ مون کي لوڙھي ويندو آھي. امداد پنھنجي سِٽ سِٽ کي ڪيڏي پيار ۽ پاٻوھ مان لساريو آھي. پَٽ – ڪيِئين جيان پنھنجي ئي (Cocoon ) ۾ پَٽ – سَٽ کي پنھنجي ئي وجود تي ويڙھيندو ويو آھي. ھن لاءِ ھن جي سموري ڪائنات سميٽجي ان (Cocoon) ۾ اچي وئي آھي.
    ھو جو راتيون جاڳي شعر لکي ٿو ۽ مان جا ھُن جي انھن اوجاڳن جي گواھه آھيان، مان جا گذريل پاءُ صدي کان ھن سان گڏ آھيان ۽ ھن سان راتيون جاڳي صبح ڪيو اٿم:
    سڀ سپنا ساڻ کڻي وئين
    اکين سان اوجاڳا پرتا!
    شاعري اُھا محبوبا آھي جا اکين کان ننڊون کسي، انھن کي اوجاڳا ارپيندي آھي. ان ڪري ئي شاعريءَ سان عشق اڙانگي وٿ آھي؛ پوءِ به شاعر جي دل جا دروازا ان محبوبا لاءِ “نيڻ وانگي آھن وا” ۽ پوءِ به ھو ٻٽيھن دلين سان ان کي اھوئي چئي ٿو ته :
    تون مون ڏانھن
    جڏھن به
    ڪڏھن به
    ڪٿي به
    جتي به
    ڪيئن به
    جيئن به
    اچڻ گهرين جي
    اچي سگهين ٿي!
    سو مان ھن جي شاعري جي سموري سٽاءُ ان جي تاڃي پيٽي ۽ اوڄي جي اُوڻت؛ ھن جي سٽن جي نفاست؛
    سلڪ کي ڪيتري نفاست سان
    نرم ھٿ جو ڇھاءُ بخشي ٿي
    ھن جي تخيل جي بلندي، لفظن جي بامعنويت، احساسن، اُمنگن ۽ جذبن جي نزاڪت، ھن جي شاعري ۾ لفظن، معنائن ۽ خيالن جي ھم آھنگي ۽ انھن ۾ موجود (Harmony) کي مون ھڪ آرٽسٽ جي اک سان ڏٺو آھي. مان جا ھن جي شبد جي شبد سان (اکر جي اکر سان) لفظ لفظ جي لفظ لفظ سان جڙت جي جزئيات کان باخبر آھيان – سا، اھو سڀ ڪجهه يڪساھي ٻڌائڻ ٿي چاھيان، پر اھو سڀ ڪجهه ايڏو گهڻو آھي ۽ ايڏو گهرو ۽ طويل آھي ، جو منھنجي سآھه ٽُٽڻ ٿو لڳي. بلڪل ائين ئي جيئن ڪناتار وھندڙ نديءَ جي اونھائيءَ تائين رسڻ ناممڪن آھي ۽ ان جي تر تائين رسڻ کان اڳي ئي سآھه مُنجهڻ لڳي ۽ ماڻھو اڌ مان ئي موٽ کائي، پر مان امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي ڪناتار وھندڙ ندي جي ”عميق“ تائين ”منھن ڪائو ڏيئي“ به رسنديس، پر ان تائين رسڻ کان اڳ ۾ ٿورو امداد تائين رسون.
    امداد حسيني جنھن جو ادبي نالو آھي، تنھن جو اصل نالو سيد امداد علي شاھه آھي ۽ جو سيد فضل محمد شاھه جو پُٽ آھي، ھونئن ته امداد شاعريءَ جي شروعات پنھنجي ننڍپڻ ۾ ئي ڪئي ھئي قريبن يارنھن سالن جي عمر ۾.
    ھن جي شروعاتي غزلن جي بندي، ھن جو ھڪڙو اسڪول ٽيچر پڙھڻ لاءِ کڻي ويو ته پوءِ واپس نه ڪيائين. ھن جي شاعري ٻارن جي رسالي ”گلستان“ ۾ باقاعدي ڇپجڻ لڳي. ان دور ۾ ھن پنھنجو مڪمل نالو ئي شاعر جي طور تي استعمال ڪيو. 1960ع کان پوءِ امداد حسيني ۽ ”روح رھاڻ“ ۾ ڪڏھن ڇڙو ”امداد“ ته ڪڏھن رڳو ”حسيني“ به استعمال ڪيائين. ھن 1973ع ۾ سوجهرو ۾ ڇپيل پنھنجي ڪھاڻي “ڳالھيون سلڻ نه جھڙيون” ۾ ”سانول“ نالو استعمال ڪيو، جنھن نالي سان مان کيس سڏيندي ھيس. اڳتي ھلي ھن بحيثيت ڪھاڻيڪار اھوئي نالو قائم رکيو. ”جاڳو“ اخبار ۾ ھن ”مارو“ جي ادبي نالي سان قطعا لکيا. جيتوڻيڪ ھو روزاني اخبار ڪاوش، برسات ۽ بختور ۾ پنھنجي اصلوڪي نالي ۾ ئي ڪافي عرصي تائين قطعا لکندو رھيو ھو. ھن جي ”قطعن“ ۾ جيڪا ڪاٽ ھئي، چُھنڊڙي ھئي، طنز ھو، سو ھن جي سماجي شعور جو آئينه دار ھو. سڀ کان وڏي ڳالھه اھا ته انھن ۾ جيڪا (perfect timing ) ھئي ، سا سماج جي منھن تي لوڻي ڀر لپاٽ ھئي. ”چوڏس“ جي ٽنھي پرچن جا ايڊيٽوريل سندس لکيل ھئا، جن تي سندس نالو به نه ھو. ھن ڪيترن ئي شاعرن جي تصحيح ڪندي پنھنجون املھه سٽون به انھن کي ڏيئي ڇڏيون. جنھن تي مان ساڻس جهيڙيندي به ھئس. ان ريت ”گيت – کيڏوڻا“ جو نه رڳو نالو ھن جو ڏنل آھي، پر ان جا سمورا معياري ترجما امداد جا ئي ڪيل آھن. ھن جو ريڊيو، ٽي وي، ۽ نصاب لاءِ ڪيل ڪم ۽ مھراڻ جي ايڊيٽر طور ڪيل ڪم پڻ ھن جي شخصيت جو ھڪ رُخ آھي.
    سو – منھنجو سانول ۽ سنڌ جو شاعر امداد حسيني 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. ان ٽکڙ ۾ جنھن جون گهٽيون حافظ حامد سينڌ جيان سِڌيون ليڪون ھيون، انھن ئي سِڌين گهٽين ۾ ھي ڏنگو ٻار وڌي وڏو ٿيو. ٽکڙ جيڪو علمي، ادبي، سياسي، طبي، تعليمي، ھنري ۽ واپاري لحاظ کان سنڌ جو ھڪ نھايت سُکيو ۽ سڌريل ڳوٺ ھو. جتي جون اجرڪون، سوسيون، ۽ گربيون ڏيھه پرڏيھه ۾ مشھور ھيون، جنھن ڳوٺ جي دائود موچي جون ٺاھيل جُتيون ھند – سنڌ ۾ مشھور ھيون ۽ مير عبدالحسين سانگي شوق منجهان اھي جتيون پائيندو ھو. اھا ٽکڙ جتي جي مڏي پلي، مڇي ۽ گانگٽ جي ڪري مشھور ھئي. جتي حاجي پور جو بندرگآھه ھو. جتان مال جي اچ وڃ ۽ واپار ٻيڙن ۽ آگبوٽن وسيلي ٿيندو ھو. ٽکڙ جتي اَنن جا انبار ھئا، جتي آب اگوندرو ھو ۽ جتي امن سُک ۽ سُڪار ھو. جنھن ڳوٺ مان وڏا سياستدان اُڀريا. جنھن ڳوٺ وڏا تعليمدان پيدا ڪيا، جن انگلينڊ کان مڪي مديني تائين پنھنجو نالو روشن ڪيو. جنھن ڳوٺ وڏيون علمي ادبي شخصيتون ۽ ناميارا شاعر پيدا ڪيا ، تنھن ڳوٺ جون ڦِٽل جايون ۽ ڊٺل ديوارون اڄ به نوحه ڪنان آھن، امداد ان سُکي سُتابي ٽکڙ کي پنھنجي اکين اڳيان ڀڄندي ڀُرندي ، ڦِٽندي ۽ تبآھه ٿيندي ڏٺو ؛
    نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
    پسئو بازاريون، ھينئڙو مون لوڻ ٿئي! (شاھ)

    مان جيڪڏھن ائين چوان ته شاعري امداد جي (Genes ) ۾ شامل آھي، ته اھو غلط نه ٿيندو. ڇو ته ھن وٽ اھو شاعراڻو ورثو شاھه ڪريم ۽ شاھه عبدالطيف ڀٽائي کان ھليو اچي. خود شعر ۽ ادب جي حوالي سان ٽکڙ جو نالو 1717ع يعني ته شاھه لطيف جي دور ۾ ئي ”موزون شاعري“ جي حوالي سان تاريخ ۾ رقم ٿيو. عين ممڪن آھي ته ٽکڙ ۾ شاعري ان کان به گهڻو اڳ کان ٿيندي ھجي. بھرحال ٽکڙ علم ادب جو ھڪ وڏو حوالو آھي. ٽکڙ جي ماڻھن لاءِ ته مشھور ھو ته اھي ڳالھائيندا ئي شاعري ۾ ھئا. چون ٿا ته ھڪڙي ڀيري ”مخلص“ بازار جي چوڪ تي پھتو ته خلاف معمول اتي گهٽ رونق ڏسي چيائين؛
    ”ادا يارو سبب ڪھڙي ”وسين“* ويران ٿي ڏسجي ؟“
    * ٽکڙ کي وسين ملوڪ شاھه به چئبو آھي، ان جو مختصر ”وسين“ عام جام واپرائبو آھي.
    اتي حافظ ”دلگير“ پريان ايندي سٽ تي سٽ جوڙيندي ٺھه پھه وراڻيو؛
    ”خدا جي خلق جنھن ۾ جا بجا حيران ٿي ڏسجي !“
    ٽکڙ جا ماڻھو ”في البديھه شعر“ چوڻ ۾ ماھر ھئا ۽ شعر و شاعري جا شوقين ھئا، بقول ڊاڪٽر اسدالله شاھه حسيني:
    ”پڙھيل توڙي اڻپڙھيل به انھيءَ علمي ماحول ڪري ايتري سمجهه کي پھچي چڪا ھئا، جو شعر و شاعريءَ کي بلڪل آسانيءَ سان سمجهي ۽ انھيءَ مان لطف اندوز ٿي سگهندا ھئا. جنھن پاڙي مان مٽبو ھو، ڪانه ڪا ڳجهارت، بيت، بينسرين ۽ بينن جا مٺا آواز ۽ نڙن جا دل موھيندڙ آلاپ ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا “ (تذڪره شعراءِ ٽکڙ، ص:1)
    امداد جو ڏاڏو سيد اسدالله شاھه ”فدا“ پنھنجي دور جو جيد عالم ھو. ھن ديوبند مان اعلى تعليم حاصل ڪئي ھئي. علامه ھندوستان ۾ خلافت تحريڪ جي بانين مان ھو. 1906ع علامه اسدالله ”بھار اخلاق“ نالي ھڪ رسالو پڻ جاري ڪيو ھو. جنھن جو پاڻ ايڊيٽر ھو. ان ۾ سندس قيمتي مضمون ڇپيا ھئا. رسالي ۾ ”مصرع طرح“ پڻ ڏني ويندي ھئي ۽ ان ريت ان ۾ طرحي غزل پڻ ڇپبا ھئا. اھو رسالو سنڌي ادب جي سالھا سال خدمت ڪندو رھيو. نوجوان سادات غلام مرتضى سنائيءَ کي علم، ادب ۽ سياست جي واٽ جو سونھون ڪندڙ علامه اسدالله شاھه ”فدا” ھو. علامه ھڪ حاذق حڪيم به ھو ۽ ڳوٺ ۾ سندس مطب پڻ ھو. سندس ھڪ عاليشان لائبريري به ھئي جنھن ۾ پنج ڇھه ھزار کن ڪتاب ھئا، جيڪا پونيئرن جي سار سنڀال نه ھئڻ ڪري اڏوھي جو کاڄ ٿي وئي. جيڪي ڪتاب بچيا، تن کي بقول امداد جي، ”جڏھن وڏا نه سنڀالي سگهيا ته اھو چئي ته، ڪتابن جي بيحرمتي ٿيندي ان کي درياءَ بُرد ڪيو ويو.“ سيد اسدالله شاھه ”فدا“ سٺو شاعر به ھو. سندس ڳچ ڪلام عربي، فارسي، ۽ سنڌيءَ ۾ چيل آھن.
    امداد جو پيءُ سيد فضل محمد شاھه ھڪ ارڏو ۽ البيلو شخص ھو. جنھن جي دلچسپي جو مرڪز علم، ادب، ڪتابيات ۽ شعريات نه ھئا. پر ھن جي دلچسپي مرڪز ٻيون شيون ھيون. ھو ھڪ سٺو تارُو ھو، ھو سٺو رانديگر ھو، ھو ھڪ سادو ۽ سچو شخص ھو. ھو ھڪ وڏو عاشق مزاج ۽ نھايت ئي منصف مزاج ماڻھو ھو. ھو فطرتن ھڪ عوامي ماڻھو ھو. ھو نه رڳو انسانن سان پر جانورن سان به پيار ڪندو ھو. ھن کي گهوڙن ۽ ڪتن سان به پيار ھو ته انھن کي پالڻ جو به شوق ھئس. ھنن ڏاڍو سُکيو وقت به ڏٺو، تڏھن امداد جي پيءُ وٽ چڙھڻ لاءِ ڀلي گهوڙي ھئي. وٽن ڀلا اُٺ ۽ ڀلا ڍڳا به ھئا، ته مينھن جو وڳ به ھون. تڏھن وٽن اَنن جا انبار ھئا. پوءِ ڪڏھن مٿن اھڙو وقت به آيو جو ٻنيون ڦِٽي وين ۽ انھن وقت جي تنگي به ڏٺي، پر وقت سدائين ھڪجهڙو نٿو رھي. سو ڳالھه پئي ٿي ته امداد جي پيءُ جي دلچسپي جو مرڪز جيئن ته ٻيا ڪم ھئا، تنھنڪري سندن ڏاڏي جي علمي وارثيءَ جي پڳ خود امداد حسيني ۽ سندس ٽن سوٽن حافظ شاھه حسيني، ڊاڪٽر اسدالله شاھه حسيني ۽ شبير ”ھاتف“ جي مٿي ٿي اچي ويئي.
    سنڌي لپي جڙڻ ۽ ڇاپخانن جي رواج پوڻ کان پوءِ جڏھن سنڌي ڪتابن جي ڇپجڻ جو دور چالو ٿيو. تڏھن ابتدائي نثري ڪتابن ”سڌاتورو ڪڌاتورو“ ۽ ”مفيد الصبيان“ جي حوالي سان ميران محمد شاھه (اول) جو نالو ادبي تاريخن ۾ نھايت احترام سان ورتو وڃي ٿو. سو سندس وڏن ڏاڏن مان ھو. ان ئي وڏي ميران محمد شاھه جي ننڍي ڌيءَ شھربانو، امداد جي ڏاڏي ھئي. ”ڏاڏي“ جيڪا امداد جي شاعريءَ جو ھڪ جاندار استعارو آھي. اُھا ڏاڏي، ننڍي ھوندي جنھن جي جوٽن تي ڪنڌ رکي ھن لوڪ ڪھاڻيون، قصا، داستان، شاھه لطيف جا بيت، پروليون، پھاڪا، ڪوڏاڻا ۽ ڪئين نقل نظير ٻڌا ھئا. ڏاڏي جنھن کي قصن ۽ داستانن جا پورا پورا ڪتاب ياد ھوندا ھئا. پوءِ اھو امير حمزي جو داستان ھجي، يا يوسف زليخا جو قصو ھجي، ڪين گل بڪاؤلي جو داستان ھجي، يا گل باصنوبر چه ڪرد؟ ھجي، يا پوءِ ديون، جنن، جادوگرن ۽ پرين جون ڪھاڻيون ھجن. ائين ننڍڙي امداد جي ذھن، تخيل جي اوچي اڏام، انھن ٻاراڻين ڪھاڻين وسيلي حاصل ڪئي. زندگي جي ڪؤڙين ۽ کُھرين حقيقتن تائين (Fantasy) جي ذريعي پھچڻ جو سليقو، ھن اُتان ئي سکيو. اُھائي ڏاڏي سُتي، ڦڪي ۽ آڍمک جي به ماھر ھئي. جا ھن جي ”ونجهوٽي“ کيڏندي مُڙيل مُري جي آڍ مک به ڪندي ھئي ته نڪتل سَنڌن کي به ملائيندي ھئي . ننڍپڻ ۾ ھن کي جڏھن به ڪنڊو چُڀندو ھو، تڏھن سدائين اھائي مھربان ۽ ٻاجهاري ڏاڏي ھن کي سائي وڻ ڏانھن ڏسڻ جو چئي ھن جي پير جو ڪنڊو ڪڍي ڇڏيندي ھئي. ائين ڪنڊي چڀڻ تي سائي وڻ ڏانھن ڏسڻ جو ڏس ھُن کي ھن جي ڏاڏيءَ ئي ڏنو. ڏاڏي جا ھن جي زندگي جي پھرين (Therapist) ھئي. جنھن ھن جي روح توڙي ھن جي جسم جي ( Therapy ) ھڪ ماھر (Therapist ) وانگر ڪئي. جنھن جي من موھيندڙ آکاڻين ھن کي ھن جي زندگيءَ جا پھريان خوبصورت خواب ڏنا. ان ئي ڏاڏي کي ھن پنھنجي ھڪ نظم جي صورت ۾ (Tribute) ڏنو آھي؛ ”مون کي ساڳي اُھا آکاڻي ٻڌائي ڏاڏي“ اھو نظم جيڪو دراصل ھڪ علامتي نظم آھي.
    ٽکڙائي ساداتن ۾ ميران محمد شاھه جي نالي سان ھڪ ٻيو به قابل احترام شخص ٿي گذريو آھي؛ سيد ميران محمد شاھه (ثاني) جنھن شاعريءَ ۾ پھرين ”مھجور“ ۽ پوءِ ”مير“ تخلص اختيار ڪيو. تنھن جو نه رڳو سنڌي علم ادب ۾ پر سنڌ جي سياست ۾ پڻ بيحد اھم ڪردار رھيو آھي. نوجوان امداد علي شاھه امداد ٽکڙائي سائين ميران محمد شاھه جي سنگت ۾ روزانو شريڪ ٿيندڙن مان ھو. ان گروپ کي ”گنات“ چيو ويندو ھو، جنھن جو روح روان سيد ميران محمد شاھه ھو. شاھه جي درگآھه تي سيد ميران محمد شاھه پاران شروع ڪرايل ”شاھه لطيف ادبي ڪانفرنس“ جي موقعن تي امداد سندن مديعت ۾ شرڪت ڪئي. بلڪه ان سموري ڪاڄ ۾ ھڪ ڪارڪن جي طور تي اڳيان اڳيان رھيو. سيد ميران محمد شاھه کي شاعري توڙي نثر ٻنھي تي مھارت حاصل ھئي. سندن شاعريءَ جو مجموعو ”ڪليات ميران“ جي نالي سان ڇپيل آھي ۽ جي ايم سيد (جيڪو سندن مائٽ ، ھمعصر ۽ گهاٽو دوست ھو) ڏانھن لکيل خطن جو مجموعو ”رھاڻ“ جي نالي سان ڇپيل آھي. جنھن کي پڙھي اسين وڏي واڪ اھو چئي سگهون ٿا ته سيد ميران محمد شاھه بلاشبه سنڌي ٻوليءَ جو وڏو انشا پرداز ھو ۽ جيئن مون پنھنجي ئي ھڪ مقالي ۾ لکيو آھي ته :
    ”سيد ميران محمد شاھه بنيادي طور شاعر ھو ۽ شاعر ھو ان ڪري سندس نثر ۾ به شاعريءَ جو اُھاءَ آھي.“ (مھراڻ 4/1992 ص 127)
    سيد ميران محمد شاھه سنڌ جي تاريخ جو يقينن ھڪ روشن باب آھي. امداد حسيني سندن صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايو.
    امداد جي ڏاڏي جو ننڍو ڀاءَ سيد حافظ شاھه پڻ نھايت پُرسوز ۽ سُريلو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آھي. حافظ شاھه جي اوطاق تي روز رات جو ٿيندڙ ”رس رھاڻيون“ امداد پاڻ ته نه ڏٺيون، نه ٻڌيون، پر حافظ شاھه جي ٽن ڳائڻن موٽيو، عيسو ۽ لونگ شيديءَ مان امداد عيسي شيديءَ کان حافظ شاھه جو ڪلام ٻڌو ھو. ھن پنھنجي ماسات سعيد ٽکڙائيءَ جي سُريلي صحبت مان پڻ گهڻو ڪجهه پرايو. اسان جي ڳوٺ جون مڱڻھارڻيون ۽ شيدياڻيون؛ مائي زينون، راستي، حوا، مِري، سڪينه، خاتون ۽ بصران انھن وڏن سيدن جون ڪافيون ڳائينديون ھيون، تن ئي امداد جون ڪافيون سڀ کان پھرين ڳايون، انھن مان ھڪڙي ڪافيءَ جو ٿلھه آھي:
    ڇو ٿا ڇڏيو ڪُلھن تي، ڇڙواڳ وار ڇوڙي
    جي نانگ نيٺ دل کي، نِيندا نپٽ نھوڙي
    ائين امداد جي شاعريءَ جي شروعات ”سُريلي شاعريءَ“ (Lyrical Poetry) سان ٿي ھئي: جا ئي دراصل سنڌ جي اصل ۽ سچي شاعري آھي – بلڪه جيڪا ھر ٻوليءَ جي اصل ۽ سچي شاعري آھي. ڇو ته ان جو واسطو وطن ۽ ويڙھيچن / ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان آھي. امداد جي ھڪ بيحد مشھور گيتن ڀري ڪھاڻي ”ھينئڙو ٻيڙيءَ جان“ جو ھڪ ڳاچ گهڻو مشھور ٿيو ھو، جيڪو ان ئي دور ۾ ”سھڻي“ ۾ پڻ ڇپيو ھو:
    جيڏل شال جُڙي رھين
    ھو جيڏل شال جُڙي رھين.
    سو پڻ اڄ تائين اسان جي راڄ جي شادين مرادين ۾ ڳائبو آھي ، ان ريت امداد جا ڳاج، ڪافيون ۽ گيت عوام جي ميراث بڻيا.
    ھڪ شاعر اڪيلو، تنھا ڪجهه نه ھوندو آھي، نه ڪجهه ڪري سگهندو آھي. (جيتوڻيڪ ھو ميلن توڙي جهميلن ۾ پنھنجي تنھائي پاڻ سان کڻي ھلندو آھي) . ھو ھڪ پوري دور سان گڏ ھلندو آھي. بلڪه ائين کڻي چئجي ته ھڪ پورو دور ھن سان گڏ ھلندو آھي. جڏھن ته ھو خود پنھنجي پر ۾ ھڪ مڪمل دور ھوندو آھي ۽ ھن جي شبيھه ڪيترن ئي اجنبي ۽ گهٽ ڄاتل چھرن جي وچ ۾ نمايان ٿي بيھندي آھي؛ ھجوم ۾ ھو گم نه ٿيندو آھي؛ بلڪه ان ھجوم ۾ ھن جو قد بت پنھنجي پوري اُڪار سان اُڀري ۽ نمايان ٿي بيھندو آھي ۽ امداد پنھنجي پوري قدَ مدَ سان ائين ئي نمايان اوچو ۽ اِستر آھي؛ جيئن ڪنھن به سچي آرٽسٽ کي، شاعر کي ھئڻ کپي، سورج وانگر، صاف، چٽو، روشن ۽ حرارت بخش.
    ھر علائقي جو ھڪ مخصوص لب لھجو ھوندو آھي. ان ريت ٽکڙ جو پڻ پنھنجو ھڪ خاص لھجو آھي. اسان جي راڄ ۾، خاص ڪري عورتن ۾ اڄ به ڏاڍي خوبصورت ۽ مرصع ٻولي، چوڻين، پھاڪن، شاھه جي شعرن ۽ سُريلين تُڪن سان سينگاريل ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. جيڪا ئي ”لطيفي ٻولي“ پڻ آھي، شاعريءَ ۾ لب لھجي کي گهڻي اھميت آھي. خاص ڪري شاعريءَ ۾ اصوات ( Phonemes ) يعني آوازن جي اھميت کان انڪار ممڪن ئي ناھي. ان ڪري آوازن ، اُچارن ۽ سُرن جي ڄاڻ ، شاعريءَ ۾ موسيقيت جو احساس ۽ ان جي اَگھي؛ جيسين شاعر جي ”فطرت“ جو حصو ناھي، تيسين شاعريءَ سان ۽ خاص ڪري سُريلي شاعريءَ سان شاعر انصاف نه ڪري سگهندو. بلڪه ان سان اھڙا ھاڃا ڪندو جن جو تدارڪ ممڪن ئي ناھي.
    ايذرا پاؤنڊ (Ezra Pound ) شاعريءَ کي موسيقيءَ جيترو ئي اھم قرار ڏئي ٿو:
    ‘Don’t imagine that art of poetry is any simpler than the art of music’.
    مطلب ته شاعري موسيقيءَ جيترو ئي مشڪل فن آھي. ان فن کي بچائڻ لاءِ اوتري ئي محنت ۽ رياضت جي ضرورت آھي. جيتري ھڪ موسيقار کي ضرورت آھي.
    امداد جڏھن به ڪو گيت رچيندو آھي تڏھن پھرن جا پھر، ڏينھن جا ڏينھن پيو سٽن کي جهونگاريندو آھي . ھو ڪڏھن به ڪو گيت، ڪو غزل، ڪو نظم، ڪو شعر زوري ويھي مڪمل نه ڪندو آھي. ھو ڏينھن جا ڏينھن، راتين جو راتيون، ھڪ گيت ۽ نظم جي نذر ڪندو آھي ۽ انجي تراش ۽ خراش نھايت نفاست ۽ محنت سان ڪندو آھي ۽ پوءِ به پيو ان جي پالشنگ ڪندو آھي. بعضي سالن جا سال به ڪنھن نظم کي پيو لکندو آھي. جنھن جو اھم مثال سندس طويل نظم ”رُوٽس“ آھي، جيڪو ھن 1992ع ۾ لکڻ شروع ڪيو ھو ۽ جيڪو اڃا تڪميل جي مرحلن مان گذري رھيو آھي. ھن جي ڊائرين تي اھڙيون ڪيتريون ئي اڪيليون سٽون لکيل آھن، جيڪي ھر ڀيري نئين سال جي ڊائري تي منتقل ٿي وينديون آھن ۽ پوءِ به اڪيليون ئي رھنديون آھن؛ دوھو نه ٿي سگهنديون آھن؛
    مون وٽ ھڪڙي سٽ لکي پئي آھي صدين کان
    تنھا آھيان ملين ته جيڪر دوھو بڻجان ھا
    اسان وٽ دستور رھيو آھي، ته ڪنھن به شاعر جي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ، ھن جي ڪنھن ٻئي وڏي شاعر سان ڀيٽ ڪئي ويندي آھي. مثال طور اياز جي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪن نقادن اياز کي ”لطيف ثاني“ چيو. امداد حسيني جديد دور جو نھايت بولڊ بيباڪ آواز آھي. جو وڏي ۾ وڏو سچ، بيحد ڪڙو سچ، وڏي واڪ چئي سگهي ٿو؛ سچل وانگي؛
    ”سچ ٿا مرد چون ، ڪنھن کي وڻي نه وڻي“ (سچل)
    پر مان امداد حسينيءَ کي نئين دور جو سچل سرمست نه چونديس، نه ئي منھنجو ارادو امداد کي سچل سان ڀيٽڻ جو آھي، مان امداد کي امداد سان ئي ڀيٽيندس، امداد جي شاعري جا گوناگون ۽ ڪڏھن ڇرڪائيندڙ ۽ انوکا موضوع، ھن جي شاعري جو سھڻو سٽاءَ، ھن جو الڳ ۽ نرالو اسٽائيل، ھن جو بيحد منفرد ۽ جاندار ڊڪشن (Diction) ھن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ اھنگ، ھن جي شاعري جو لوچ ۽ رس، ھن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانويت جو رنگ، ھن جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقيت جو رنگ، صرف امداد جو ئي، صرف امداد وٽ ئي آھي. امداد حسينيءَ جي شاعري جو يڪتا رنگ نه ھن کان اڳ ۾ ڪنھن جو ھو، نه ھن وقت ڪنھن جو آھي، نه ئي شايد ھن کان پوءِ ڪنھن وٽ ھوندو. بحيثيت شاعر امداد ايڏو ته ڳوڙھو ۽ گهڻ رُخو آھي: جو اسين ھن کي پنھنجي آساني خاطر ڪنھن ”فارمولي“ ۾ قيد نٿا ڪري سگهون. امداد جي شاعري جي چوٽي تائين رسڻ لاءِ اسان کي ڪيترين ئي ڪوششن جي ضرورت آھي. ھن جي شاعريءَ جي (Content ) تائين اُڇاترائپ ۽ اٻھرائپ سان رسڻ ناممڪن آھي.
    امداد جي شاعريءَ جي منفرد موضوعاتي سنجيدگي نھايت گهڻي اھميت جي حامل آھي. امداد نھايت گنڀير مسئلن کي اڪثر پنھنجي نظمن جي ٿِيم ( Theme ) ڪري کنيو آھي. ھن جي منظوم ڪرڻ (Versification) جي بيپنآھه صلاحيت؛ ھن جو شاعرانه ادراڪ؛ ھن جي (Vision) جي وسعت؛ ھن جي پنھنجي موضوع تائين سڌي، گهري، تيز ۽ تکي پھچ حيرت انگيز آھي. اھي سڀئي ڳالھيون ملي ڪري ھُن کي بلاشبه وڏو شاعر ثابت ڪن ٿيون. امداد حسيني يقينن سنڌ جي انھن شاعرن منجهان آھي، جيڪي پنھنجي دور کي ھڪ منفرد سڃاڻپ عطا ڪن ٿا.
    امداد حسيني 1960ع واري عرصي ۾ ئي بيحد خوبصورت منفرد، ڇرڪائيندڙ، ۽ جديد رنگ ۾ رچيل نظم ۽ غزل چيا، جيڪي بيمثال آھن. 1962ع ڌاري امداد جو نظم ”التجا“ جيڪو تڏھن ”مارئي“ رسالي ۾ ڇپيو ھو. جنھن جي ايڊيٽر زينت عبدالله چنا ھئي، جنھن کي احترام مان سڀ جيجي چوندا ھئا
    زينت عبدالله چنا 4 اپريل 1965ع تي، ”جشن روح رھاڻ” جي موقعي تي امداد جي شعرن واري بندي تي لکيو، ”سنڌ جا پيارا سپوت شل جُڙيو رھين ۽ تنھنجي ڪلام ۾ اڃا گهڻو درد ۽ اثر پيدا ٿئي جو دلين کي گهائل ڪري ڇڏي.“
    ان عرصي ۾ ئي لکيل امداد جو نظم ”الحمرا” پڻ پنھنجو مَٽ پاڻ آھي. ان ريت 1963ع ڌاري ”روح رھاڻ” ۾ امداد جي بيحد يونيڪ (Unique) شاعري ڇپي. حميد سنڌي پنھنجون يادگيريون سھيڙيندي ان بابت چئي ٿو:
    ”1963ع وارن پرچن ۾ امداد حسينيءَ جا نظم نئين سماجي فڪر کي کنيو بيٺا ھئا.” ( مھراڻ 1 2 1998ع، ص؛ 406)
    امداد جي شاعريءَ ۾ جنھن ”نئين سماجي فڪر“ کي حميد سنڌيءَ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو؛ تنھن کي سڄي سنڌ پڻ محسوس ڪيو ۽ ان جي ڀرڀور آجيان ڪئي. امداد جي شاعريءَ جي شروعاتي دور ۾ گرامي صاحب امداد جي تغزل جي انداز ۽ تخيل جي رنگيني ۽ انداز بيان جي پختگيءَ کي ڏسي، پيشنگوئي طور کيس ٻڌايو ھو ته : ”امداد تون اڳتي ھلي تمام جلدي سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جو شاعري ٿيندين!“ (مھراڻ 1 2 1969ع، ص 516)
    مھراڻ جي شاعر نمبر ۾ امداد جي تعارف ۾ اٿندي ئي گرامي لکي ٿو: ”امداد حسينيءَ جو فن، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾، جديد ھئيت ۽ اسلوب جي انوکن ۽ دلڪش تجربن جي ڪري ھڪ ”فني علامت“ بنجي چڪو آھي.” (ص 516)
    امداد جي شاعري پنھنجي فني پختگي، اسلوب جي انوکن ۽ دلڪش تجربن ۽ جديد ھئيت توڙي جديد فڪر جي ڪري ان ئي دور ۾ اعلى مقام ماڻي چڪي ھئي. 1960ع کان 1965ع تائين جي عرصي جو امداد وٽ پنھنجو ھڪ مڪمل بياض ٺھيل آھي، جنھن ۾ امداد جا ان دور جا سمورا نمائنده نظم ۽ نھايت پختا ۽ خوبصورت غزل شامل آھن. اھو بياض ته دراصل ان دور ۾ ئي ڇپجي وڃڻ کپي ھا؛ جو نه ڇپيو. ان بياض ۾ امداد جا نظم : ”جنگ، ماحول، فقيرن جا ھجوم (جيڪي ٽيئي ھاڻي ھن مجموعي ۾ پيا ڇپجن) واقفڪار، واپسي، اعلان، ھل ته ڪنھن ميڪدي ۾ ھلون، اکڙيون ، نئين تشبيھه، محبوبا، منھنجو دشمن، شرط، ھن جي دريءَ جي سامھون، ترياق، پرائيويٽ، گهر جي ياد، اتفاق، اجنبي، تلاش، روشنيءَ جو سفر، خوشبو، مُرڪ ۽ لڙڪ، انجام، فرار، ھڪ نامعلوم قبر تي، اخلاق، ماريا، ننڊ کان اڳ ۾ ، انتظار، طلوع، سورج گرھڻ، پٿر جي نگري، جوالا، بدلو، نئون پاڳل، طلسم، مسافر،، جوت، استقبال، پيار، عوام، وصل، نئون سال، حمد، آخري چڻنگ، روم شھر ۾ ” ۽ ٻيا ننڍ وڏا کوڙ نظم شامل آھن. ان سان گڏ غزلن جو ھڪ بي بھا خزانو آھي: موتي ائين نه رول، اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي، زندگي نظرن کي چورائي وئي، ننڊ جي شھر ۾ جاڳندا رھجو، ھا اڳي تنھنجو انتظار ته ھو، اي اکين وارا ڏسڻ چاھين ته ڏس، تو سان اظھار تمنا نه ڪيم، ھا جلايو چراغ ديرو حرم، اھو پيار ئي ڪھڙو، عيد جو چنڊ ته ناھيان جو نھارين مونکي ۽ ٻيا به انيڪ غزل، دوھا ۽ شعر آھن ان بياض ۾، جن مان ڪجهه ”امداد آھه رول“ ۾ ڇپجي چڪا، ڪجهه ھن مجموعي ۾ شامل آھن، ڪجهه اڃا به ان بياض ۾ بند آھن.
    امداد ان دور جو اھو شاعر آھي جو عمر ۾ اياز کان گهڻو ننڍو آھي ۽ ان حساب سان امداد جي شاعريءَ جي عمر به ان کان اوتري ئي ننڍي آھي. پر ون يونٽ ۽ پھرين مارشل لا لڳڻ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ آيل ان نئين اُڀار کي امداد اياز سان گڏجي شيئر ڪري ٿو ۽ اياز سان (Parallel ) ھلي ٿو. امداد جي عظمت اھا آھي ته ھن پنھنجي دور ۾ اياز جھڙي قداور شاعر جي سامھون پنھنجي ھڪ منفرد شناخت ماڻي. ۽ اياز جي پاڇي کان پري ھڪ ھڪ منفرد، نمايان ۽ جديديت جو نمائنده شاعر ٿي بيٺو.
    امداد بابت غلام محمد گرامي لکي ٿو:
    ”سندس آزاد نظم ۽ ان ۾ ھئيت جا جديد تجربا توڙي معنوي ۽ علامتي اشارا سندس فن کي حيات دوام بخشي چڪا آھن. ان سلسلي ۾ ”حملو”، ”گهر جي ياد”، ”بدلو”، ”واپسي”، ”انتظار”، “جنگ”، “طلوع”، “شرط”، ۽ “ماحول” وغيره شاھڪار جي حيثيت رکن ٿا.. آزاد نظم توڙي غزل ۽ نظم ۾ سندس زبان نھايت سليس، پر رنگين رھي ٿي. سندس انداز بيان جي دلڪشي ۽ شيريني، سندس فن کي دوآتشه ڪري ڇڏيو آھي. سندس اڪثر تجربن ۾ نغمگي ۽ ترنم جو وڏو دخل آھي. موسيقيت ۽ خيال آفريني امداد جي فن جون اھي خصوصيتون آھن، جن سندس فن کي لازوال دوام عطا ڪيو آھي..”
    (مھراڻ 1 2/ 1969ع، ص 517)
    گرامي صاحب اڄ کان ٽيھه سال اڳ ”امداد جي فن کي حيات دوام“ جي ”سَند” ڏيئي چڪو آھي.
    مئڪلم بريڊ بري ۽ جيمس مفارلين پنھنجي ھڪ مقاليThe name and nature of Modernism ) ۾ لکن ٿا:
    “Modernism is less a style than a search for style in highly individualistic sense.”
    ۽ امداد جي شاعريءَ ۾ اھو (Highly Individualistic sense) ھر حال ۾ بَکي ٿو. مون کي اھو چوڻ ۾ ڪابه ھٻڪ ناھي ته : امداد ھن دور جو اھو اڪيلو شاعر آھي، جيڪو پنھنجي (content ) ۾ ماڊرن آھي. جيڪو پنھنجي رنگ ۽ خوشبو ۾ سڀني کان الڳ، نرالو، مختلف ۽ منفرد آھي!
    امداد جو پھريون مجموعو ”امداد آھه رول” مون ئي ترتيب ڏنو ھو، 70 71 ڌاري. جيڪو مون ھڪ (Theme) تحت ترتيب ڏنو ھو. ”رولاڪي” جو فلسفو آڏو رکي. ”رولاڪي” اِن آ سينس آف (In a Sense of) تلاش؛ جستجو؛ سرگرداني؛ ويھي نه ووڙڻ. مون امداد جي ئي ھڪ مشھور غزل جي سٽ مان مجموعي لاءِ نالو ”امدا آھه رول” چونڊيو ھو. اھو مجموعو 1973ع ڌاري پريس جي شڪل ڏسي سگهيو. ان دوران ئي مون ان مجموعي لاءِ ھڪ جامع مھاڳ پڻ لکيو. جنھن جي ڪاپي به مون پاڻ وٽ نه رکي ھئي. ان مجموعي جا اڌ کان مٿي اڻ ڇپيل پنا ان ”مھاڳ“ سوڌو پبلشر صاحب کان گم ٿي ويا ! مون کي ان مھاڳ جي گُم ٿيڻ جو اڄ تائين افسوس آھي. پر ان کان وڌيڪ افسوس مون کي ”امداد آھه رول” جي ائين رلي وڃڻ جو آھي. ٽن سالن کان پوءِ ان ساٺيڪو کن پنن کي جڏھن ته انھن پنن جو رنگ به پيلو ٿي چڪو ھو ھڪڙي ٻئي پبلشر ھتان ھُتان ڪجهه شاعري ھٿ ڪري، انھن ڇپيل پنن کي مڙئي اگهايو. اھو اڌورو ۽ اڻپورو مجموعو امداد جي ان دور جي شاعريءَ جي ئي مڪمل نمائندگي نه پيو ڪري سگهي. امداد جي ان دور جا کوڙ سارا نظم، آزاد نظم، بيت، وايون، ڪافيون، دوھا، گيت . . . ان مجموعي ۾ نه اچي سگهيا. مثال طور امداد جو نظم ”ماحول” جيڪو 1964ع ۾ لکيو ويو ھو ۽ جيڪو اپريل 1965ع ۾ ”روح رھاڻ” (سالنامو) ۾ ڇپيو ھو. ان نظم کي تڏھن ”روح رھاڻ ”پاران ڪرايل چٽاڀيٽيءَ ۾ پھريون انعام پڻ مليو ھو ”اياز ادبي انعام” ۽ خود ان نطم کي ”روح رھاڻ ” ۾ جيڏي اھميت سان ڇپيو ويو ھو. سو پڻ ڏسڻ وٽان ھو. نه رڳو اھو نظم پر امداد جا اڪثر ڪري ننڍا نظم سادين ليڪائين تصويرن سان ”روح رھاڻ” جي ٽائيٽل تي ڇپيل ھوندا ھئا ۽ جن کي بقول ادا بيدل ته ”اسان فريم ڪري رکندا ھئاسين.” سو امداد جو نظم ”ماحول” جو ھڪ نھايت ئي پاورفل ۽ ”امداد اسٽائيل” نظم آھي، سو ھاڻ ھن مجموعي ۾ شامل آھي. سوال اھو آھي ته مستقبل جو مورخ ان نظم جي پرک ۽ ان جي مُلھه ڪٿ ڪھڙي Content ۾ ڪندو؟ جيڪڏھن ھو اڄ جي تناظر ۾ ان نظم کي پرکيندو، ته يقينن ان نظم سان زيادتي ڪندو، ته شاعر سان به زيادتي ڪندو. ان ڪري ئي شاعريءَ جي پرک ان پرٽيڪولر (Particular ) دور جي حوالي سان ئي ڪرڻ جُڳائي، حوالو بدلجڻ سان سڀ ڪجهه اُبتو سُبتو ٿي ويندو آھي. ان ساڳي دور جو امداد جو ھڪ غزل آھي:

    انڌي ماءُ ڄڻيندي آھي، اونڌا سُونڌا ٻار
    ايندڙ نسل سمورو ھوندو، گونگا ٻوڙا ٻار

    ھر ڪا مُند ھتي جي آھي، نسل ڪشيءَ جي مُند
    سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻار

    گونگا ھوندا ٻوڙا ھوندا، ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت
    ھڪٻئي کي ڪيئن سمجهي سگهندا، تنھنجا منھنجا ٻار

    ھي غزل مون خود به ”روح رھاڻ” جي لڀيل ڦاٽل پنن تي پھريون ڀيرو 1968ع ڌاري پڙھيو ھو ۽ مونکي ڏاڍو وڻيو ھو. سو پڻ ھاڻ ھن مجموعي ۾ شامل آھي. ان غزل جو ھر شعر پنھنجي ٻولي توڙي معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان گهڻي اھميت رکي ٿو. ان غزل جو رديف ”ٻار“ نھايت انوکو ۽ (Unusual ) رديف آھي ۽ اھو رديف ئي دراصل ان پوري غزل جي ٿي(Theme ) آھي. ”ٻار” جو اسان جي آئيندي جي علامت آھي، ان لحاظ کان اھو غزل ھڪ علامتي غزل آھي. ان غزل ۾ سموريون ٽيڪنيڪل خوبيون فطري نموني ٺھي آيون آھن. ھونئن ته ھن غزل ۾ ( Vowels) جو نھايت خوبصورت ورجاءُ ملي ٿو: پر خاص طور سان ”آ“ سُر جو شروع کان آخر تائين نھايت فنڪارانه استعمال، ان غزل جي معنوي خوبصورتيءَ کي ھڪ تسلسل سان، پنھنجي پوري انتھا تائين کڻي وڃي ٿو. ساڳي وقت ان غزل ۾ تجنيس حرفيءَ جو نھايت فنڪارانه استعمال ڪيل آھي. احساس جي شدت کي اُڀارڻ لاءِ لفظن جو ورجاءُ (Repetition) سنڌائتي ڌڪ وارو اثر پيدا ڪري ٿو:
    اڻڀا اڻڀا وار انھن جا، سڻڀا سڻڀا ڳل
    رستي رستي بيٺا ھوندا، تنھا تنھا ٻار
    *
    ٻاھر سارا ٿوھر ٿوھر، اندر کارا کوھ

    ھن سٽ ۾ ”ٻاھر“ ۽ ”اندر” جو تضاد ۽ ”سارا” ۽ ”کارا” جا اندروني قافيا سٽ جي نه رڳو سونھن وڌائين ٿا، پر معنوي خوبصورتيءَ کي وڌيڪ اُڀارين ٿا:
    سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻار
    ڇورا ڇورا پنندا پنندا، رُلندا رُلندا ٻار

    ان غزل کي پڙھي شاعريءَ ۾ اصوات جي اھميت ۽ انھن جي تُز استعمال جي ڪري، سٽن ۾ ھڪ جادوئي اثر پيدا ٿيڻ جي ڪمال جو قائل ٿيڻو پوي ٿو. ان غزل ۾ ٻٽن لفظن جو پڻ نھايت خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي. جھڙوڪ : اونڌا سونڌا، ڪانڊا ٽانڊا، گونگا ٻوڙا؛ اھي لفظ پڻ غزل سان موضوعاتي ۽ استعاراتي سطح تي ٺھڪي اچن ٿا. ان غزل ۾ لفظن جي ورجاءُ، ٻٽن لفظن جو استعمال، سُر، صوت ۽ وينجن جو ورجاءُ ۽ انھن سڀني جو مسلسل ڦيرو؛ ان غزل ۾ ڪُن واريون ڦيراٽيون پيدا ڪري ٿو. خود ان غزل ۾ جن مسئلن جي نشاندھي امداد 1964ع ڌاري ڪئي ھئي. اڄ چوٽيھن سالن کان پوءِ اھو سڀ ڪيڏو نه سچو ٿو ڀاسي. اھو سچ امداد چوٽيھه سال اڳ چيو ۽ وڏي واڪ چيو ۽ تڏھن چيو، جڏھن مارشل لا جا ”ڪارا ۽ قھري قانون” نھايت سختي سان نافذ ھئا . ”نسل ڪشي جي مُند” سنڌ کي ڪڏھن به ڪا ويساند نه ڏني آھي. ان غزل ۾ قوم، ٻولي ۽ اسان جي مستقبل جي حوالي سان جنھن خوف جو اظھار خوبصورت استعاراتي ٻولي ۾، گهري علامتي انداز ۾ ڪيو ويو آھي، سو يقينن اسان جا لڱ ڪانڊارڻ لاءِ ڪافي آھي. ھي غزل سڀني وصفين سنڌيءَ جي چند اھم ترين خوبصورت ترين غزلن مان ھڪ آھي. ان غزل جي سڀ کان اھم ترين ڳالھه اھا به آھي ته ان غزل ۾ ھڪ اڇوتي موضوع کي – جو دراصل نظم جو موضوع آھي نھايت ڪاميابي سان ۽ انوکي انداز ۾ ورتايو ويو آھي. ان انتھائي سنجيده ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ موضوع کي امداد نھايت خوبصورتيءَ سان غزل جي فارميٽ ۾ سمايو آھي. پر ساڳي وقت ان غزل ۾ نغمگي ۽ رواني نھايت سرل گيت واري ڀري، ان کي بيحد سرلتا سان اسان جي ھنئين ۾ حل ڪيو آھي. 27 ماترائن تي آڌارڪ اھو غزل، فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فاع جي وزن تي به پورو آھي. جو ڇند تي به (Interchangeable ) آھي.
    امداد جو ھڪڙو نظم ”زرد مٽي“ جيڪو پڻ منھنجي پسند جي نظمن مان ھڪ آھي. جنھن کي مون امداد جي شاعريءَ تي لکيل منھنجي پھرئين ليک ”سرسوتيءَ جو ميت” ۾ ( Quote) ڪيو ھو. اھو آرٽيڪل پاڪستان نيشنل سينٽر پاران (1970ع ۾ ) امداد سان ملھايل شام ۾ پڙھيو ھوم. اھو نظم ”زرد مٽي“ مون ھن کان اڳ ۾ ترتيب ڏنل امداد جي مجموعي ۾ شامل ڪيو ھو. سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ مان سندس اُھا شاعري ھٿ ڪيم جا ڪنھن به ڊائريءَ ۾ نه ھئي. ائين اھو سمورو مجموعو ٻن مھينن جي لڳاتار محنت کان پوءِ جوڙيم ۽ ان کي ٽائيپ ڪرايم ۽ ان جو ھڪڙو فائيل 1992ع ڌاري شيخ اياز کي مھاڳ لاءِ لکڻ ڏئي آيس. جيتوڻيڪ امداد ڪڏھن به ان ڳالھه جي حق ۾ نه رھيو آھي، ته ماڻھن کان سرٽيفڪيٽ وٺجن؛ مھاڳ لکرائجن ۽ ڪنھن ھڪ کان به نه؛ بلڪه ڏھن ڄڻن کان لکرائجن. اھا حقيقت آھي ته جي شاعريءَ ۾ دم آھي ته اُھا انھن ھٿرادو ٽيڪن کان سواءِ به جاليندي؛ پر جي شاعريءَ ئي بيدم آھي؛ ته پوءِ ”دم عيسى” به ان کي زندگي نٿو بخشي سگهي. ھتي ھڪڙي دلچسپ ڳالھه ٻڌائيندي ھلان ته امداد جيڪو خود مھاڳن لکرائڻ جي خلاف آھي، تنھن خود ٻين تي گهڻي ۾ گهڻا مھاڳ لکيا آھن. سو اياز کان مھاڳ لکرائڻ جو شوق منھنجو ھو. اياز اٿندي ئي چيو؛ ”مھاڳ لاءِ طويل انتظار ڪرڻو پوندئي، ستن اٺن سالن جو طويل انتظار!“ ۽ مان ان طويل انتظار جي ختم ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ ويھي رھيس. نيٺ ھڪ ٻه ڀيرا پڇيومانس، پر اياز ھر ڀيري ڪنھن نئين ڪم ۾ مصروف ھوندو ھو؛ ڪڏھن ڏيڍ سٽا، ڪڏھن Maxims ، ڪڏھن آتم ڪھاڻي، ته ڪڏھن ترائيل – نيٺ مون مجموعو واپس گهريو، ته واپس نه ڪيائين ۽ چيائين؛ ”مان کي سٺو نٿو لڳي ته مان توکي مجموعو ائين موٽائي ڏيان، امداد اھو مھاڳ لھڻي ٿو – حقيقت ڪري پڇين ته مان کان پوءِ امداد ئي اھو شاعر آھي جنھن جي شاعريءَ کي پائندگي آھي.“ پوءِ مون مھاڳ لاءِ چوڻ ڇڏي ڏنو، ته ھاڻ ڀل ته پنھنجي سھولت سان جڏھن به لکي ڏي. پر اھو طويل انتظار ماڳھين طويل تر ٿي ٿي ويو ۽ خود اياز ئي ماڳ مٽائي ويو. امداد جي شعرن جو اھو فائيل اڄ به اياز جي ڪمري جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ اڃا به مھاڳ جي انتظار ۾ آھي!
    اھا ڳالھه ته ائين ئي برسبيل تذڪره اچي وئي، مون ڳالھه اھا پئي ڪئي ته ھر شاعريءَ جو ھڪ (Reference to the context) ھوندو آھي. تيئن ئي امداد جي کوڙ ساري شاعري ان ھيڏي ڊگھي ليٽ ( late ) جي ڪري پنھنجي ”سياق سباق“ کان ڪٽجي 1999ع جي پُکي پئي آھي. مستقل جي مورخ لاءِ سن سال کان سواءَ انھن نظمن جو (Content) ڳولڻ، ڪنھن خاص نظم پويان اھو خاص (Event) ڳولڻ؛ ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور آھي. ھي انتھائي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دور آھي. ان دور پنھنجي اکين سان لينن جي قد آدم مورتي اُوچي استان تي اُڀي ٿيندي به ڏٺي؛ ته ان ساڳي ئي دور ان مورتيءَ کي پٽجندي ۽ پَٽ ٿيندي به ڏٺو، ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ (Time and space) جي جيتري اھميت، ”اڄ” آھي اوتري شايد ڪڏھن به نه ھئي.
    سو، امداد حسينيءَ جي ھڪڙي (اڻپوري) مجموعي کان ٻئي مجموعي تائين جيڪڏھن ٻاويھن سالن جو ڊگهو گيپ (Gap ) آھي؛ ٻاويھه سال جنھن ۾ ھڪڙو نسل جوان ٿي چڪو ۽ ھڪڙو نئون نسل پيدا ٿي چڪو؛ ته ڇا ان سڀ لاءِ ڏوھاري خود شاعر آھي؟ ڇا انھن ادبي ادارن ۽ پبلشنگ ايجنسين جي ان ڏس ۾ ڪابه ذميواري ناھي؟ جن انھن ٻاويھن سالن ۾ ڪيترائي اھڙا ردي ڪتاب ڇپايا، جيڪي اڃا تائين گودامن جي اوندآھه ۾ پُوريا پيا آھن ۽ جن کي سورج جي روشني به نصيب نه ٿئي؛ ته ڇا اھو پني، پيسي، وقت ۽ توانائي جو زيان ناھي.
    امداد جو توڙ کان وٺي اھو اصول رھيو آھي ۽ مان سمجهان ٿي ته ھر Genuine شاعر ۽ اديب جو اھوئي اصول آھي ته جو پنھنجي ھڙان خرچ ڪري ڪتاب ڇپرائي، سو شاعر (اديب) ناھي. پوءِ ڀل ته ان جي شاعري ساميءَ وانگيان، ڪنھن مَٽ ۾ ئي ڇو نه پئي رھي. جي اُھا شاعري آھي ته پوءِ اُھا جڏھن به ڇپبي، پنھنجي جاءِ ٺاھيندي ۽ مڃتا ماڻيندي . . . پر شايد
    . . . . پر شايد مشيت ايزدي وٽ اھو ائين ئي طئي ٿيل ھو، ته امداد جي سورج – ورڻي شاعري ”روشني“ ذريعي ئي پکڙجڻي ھئي.
    اسان وٽ پراڻو ڪٿي ختم ٿيو، نئون ڪٿان شروع ٿيو ان لاءِ ھڪ واضع ليڪ ڇڪي نٿي سگهجي؛ ڇو ته اسان جي سماج ۾ سڀ ڪجهه گڏوگڏ ھلي رھيو آھي. پر تڏھن به، جيئن انگريزي ادب جا نقاد (Modernism ) يعني ”جديديت“ جي ابتدا جو سال ٽي ايس ايليٽ (T.S.Eliot) جي طويل ۽ يڪتا نظم Wasteland ، جيمس جائس (James Joyee) جي (Ulyses ) جي ڇپجڻ جي سال، رِلڪي ( rilke ) جي (Duiner Elegion) جي ڇپجڻ جي سال، ڊي ايڇ لارينس (D.H.Lawrance ) جي ( Aaron’s Rod ) جي ڇپجڻ جي سال، ورجينا وولف (ViRgina Wolf) جي (Jacob’s room) جي ڇپجڻ جي سال – يعني 1922ع کي ، جديديت جي ابتدا جو سال مڃين ٿا – ھتي ان لسٽ ۾ اڃا ڪجهه نالا آھن. جيڪي مان ھڪ ته طوالت جي خيال کان، ٻيو ته اسان وٽ عام طور سان اھي گهٽ سڃاتل آھن، ان ڪري انھن کي ڇڏيندي، اصل ڳالھه ڏانھن ٿي اچان، ته ھُتي ھڪڙي ئي وقت ھيڏا سارا وڏا اديب، شاعر ۽ ڊراما نگار، تخليق ڪري رھيا ھئا، ڇپجي رھيا ھئا، ھڪٻئي سان ھڪ پُورو ڇوٽ تي ھلي رھيا ھئا ۽ ھڪٻئي جا Parallel جا ھئا. ھر ھڪ پنھنجي طور تي ھڪ مڪمل ”ايڪو“ ھو؛ پر ڇو ته اھي سڀ ادب ۽ شاعريءَ ۾ نوان Trends کڻي آيا ھئا، ان ڪري سندن نقاد کين مڃتا ڏين ٿا. سندن تحريرن جا حوالا ڏين ٿا، ڇو ته اتي Honesty آھي. ايمانداري انھن جي فطرت جو حصو آھي. جا شئي اکين جي آڏو اچي چڪي، ان کي ادب جو ڪوبه نقاد نظر انداز ڪري ئي نٿو سگهي؛ ڇو ته جي ھو ائين ڪري ٿو، ته ھو خود پنھنجي گهٽ علميت ۽ گهٽ ڄاڻ ۽ خود ئي پنھنجي انڌائپ ۽ ٻوڙائپ کي ظاھر ڪري ٿو ۽ خود پنھنجي Authenticity جو خون ٿو ڪري. ان ڪري ھو ڪنھن کي به پنھنجو گهربل حصو نه ڏيڻ جي ويسآھه گهاتي نٿو ڪري سگهي. ڇو ته پنھنجو پاڻ کي مستقبل جي تاريخ نويس وٽ مشڪوڪ بڻائڻ نٿو چاھي، ڇو ته ھو Genuine بڻجڻ ٿو چاھي. ڇو ته اڄ جو محقق ۽ نقاد پنھنجي اکين تي جيڪڏھن پاسخاطرين جا پردا چاڙھيندو، ته به مستقبل جو نقاد ۽ تاريخ نويس ھر پردي پوشي ۽ پاسخاطريءَ کان بالاتر ٿي، ھر شئي کي پنھنجي اصل جاءِ ضرور ڏيندو. ٻين لفظن ۾ حقدار کي سندس حق ڏيندو. مون کي افسوس آھي ته اسان وٽ اھڙي ۽ ايتري ايمانداري (Honesty ) جو فقدان آھي. اسان وٽ اھڙي Geniunity ورلي ڪنھن وٽ آھي. ھتي ته جنھن جي ھٿ ۾ قلم جو ھٿيار آھي؛ سو رڳو سر قلم ڪري ٿو. ھو صرف اھي نالا کڻي ٿو؛ جيڪي ھو ياد ڪرائڻ چاھي ٿو. ته ڇا پنھنجي تحريرن مان اھي نالا حذف ڪري؛ تاريخ مان ان نالي کي حذف ڪرائي سگهندو؟ ائين ڪري ھو دراصل خود پنھنجين بد نيتن جا ثبوت ٿا ڇڏين – تحريري صورت ۾ ! اھو سڀ ڪجهه اھي ئي ٿا ڪن جيڪي خود دراصل ڪنھن ھٿرادو ٽيڪ تي بيٺل آھن ۽ جن جي پنھنجي ڪائي شناخت ناھي!
    سنڌي شاعريءَ ۾ ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ جيڪو اُڀار آيو، تنھن کي گهڻي ۾ گهڻا شاعر گڏجي شيئر ڪن ٿا. ان وقت شاعرن ۾ قومي تشخص جو ڇتو احساس اُڀريو؛ ان ڪري ئي ڌرتي تي لڳل ڌارن، حقن تي غاصباڻن قبضن، قيد بند، پابندين، رياستي جبر ۽ غدارين جي الزامن؛ جذبن کي اھڙو ته جولان بخشيو جو شاعر ھر ڏاڍ ۽ ڏمر جي آڏو ٿي بيٺو ۽ ھن وڏي واڪ اھوئي چيو ته:
    سنڌ جي ڳالھه ڪريو
    ڳالھه نه ٻي ٻڌنداسين!
    ان ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڪاري رات ۾ روشني جيڪڏھن ڪٿي ھئي به ته کُڙکُٻيتي جيان شاعريءَ جي ٽمڪندڙ سٽن ۾ ھئي. تڏھن ان دور جي شاعري روح کي گرمائڻ لڳي ھئي. ان دور کي اسين بلاشبه سنڌي ادب جي جاڳرتا جو دور به چئي سگهون ٿا. ان دور ۾ شاعر رڳو مڪمل اوج ۽ عروج جو دؤر به چئي سگهون ٿا. ان دور ۾ شاعر رڳو اياز ناھي؛ اياز سان گڏ شاعرن جي ھڪ پوري سنگهر آھي؛ سوني سنگهر؛ اياز، نياز، تنوير، شمشير، بردو، گدائي، مجيدي، استاد، سرويچ، منشي، ذوالفقار راشدي، بشير موريائي، قمر شھباز، فتاح ملڪ ۽ امداد حسينيءَ. جنھن دور ۾ ھڪ ئي وقت اھي شاعر رسالن ۾ ڇپجندا ھجن ۽ مشاعرن ۾ شعر پڙھندا ھجن؛ ان وقت جي شاعريءَ جي اعلى معيار جو اسين اندازو ڪري سگهون ٿا.
    سنڌي ادب جو اھو دور نھايت اعلى ادب جو دور ھو، ان دور ۾ شاعرن جي ھيڏن معتبر نالن سان گڏوگڏ سنڌي ڪھاڻي ۾ پڻ اوڏائي معتبر نالا اسان کي ملن ٿا.
    سنڌ وانگر ھند ۾ به اھو دور سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي مڪمل اوج ۽ عروج جو دور آھي. انھن ۾ گهڻائي انھن جي اھي جيڪي ھتي ھئڻ واري عرصي ۾ ئي لکندا ھئا ۽ ڄاتل سڃاتل ھئا ۽ ڪيترائي ھتي جي مختلف رسالن ۾ وقتن فوقتن ڇپجندا به رھيا. ھند جي سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي ان سوني سنگهر ۾ تمام وڏا نالا اسان کي پوتل ملن ٿا؛ جھڙوڪ، نارائڻ شيام، ھري درياڻي دلگير ، سڳن آھوجا، موھن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ، ڪرشن کٽواڻي، سندري اتمچنداڻي، پوپٽي ھيراننداڻي، گوبند مالھي، موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش، وشنو ڀاٽيا، ايشور چندر، ايشور آنچل، موھن پنجابي، ارجن حاسد، ارجن شاد، ھير موٽواڻي، نند جويري، ايم . ڪمل، ھريڪانت ، انند کيماڻي، شيام جئسنگهاڻي، ھريش واسواڻي . . . .
    انھيءَ سموري تفصيل ٻڌائڻ مان منھنجو مقصد اھو واضع ڪرڻ آھي ته، اھو دور ذھين ماڻھن ، سچن آرٽسٽن جو دور ھو / آھي. ان دور ۾ شاعريءَ توڙي ڪھاڻيءَ ۾ اسان کي بلاشبه بيحد اھم، نھايت وڏا ۽ معتبر نالا ملن ٿا ، جن ساھت، سڀيتا ۽ قوم کي درپيش خطرن کي ٽارڻ ۾ انتھائي اھم ڪردار ادا ڪيو. ٿورن لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو، ته سنڌي ادب جو اھو دور Giants جو دور ھو / آھي.
    ميٿو آرنلڊ شاعريءَ جي ”بلند تر ۽ بھتر مصرف“ کي سامھون آڻڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. ان ڪري ئي شاعري اسان لاءِ زندگيءَ جي ترجماني آھي؛ بي معنى زندگيءَ ۾ معنى پيدا ڪرڻ؛ تسڪين حاصل ڪرڻ ۽ حوصلي سان جيئري رھڻ لاءِ شاعريءَ جي ماڌيم کي اپنائڻ ۽ ان سان اعلى ۽ ارفع تصور وابستا ڪرڻ جي ضرورت آھي. ان لاءِ شاعريءَ جي بلند معيار ۽ اعلى ۽ ارفع خاصيتن سان ڀرڀور شاعريءَ ۾ ئي اسان جو ڀلو آھي. ھڪ سوڀياوان قوم جي حيثيت ۾ اسان کي يقينن بھترين شاعري درڪار آھي. ڇو ته بھترين شاعريءَ ۾ تعمير جي صلاحيت پنھان آھي. اھا اسان کي جيئڻ جو حوصلو بخشي ٿي ۽ سچي ۽ سُريلي شاعري اھو سرور بخشي ٿي، جو سرور ٻي ڪابه شئي بخشي نٿي سگهي.
    امداد حسيني سنڌيءَ جو اھو اڪيلو شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ ۾ ست ئي سُر سمايل آھن؛ ھن جي شاعريءَ جا سُر ڪڏھن ڪومل آھن، ته ڪڏھن تيور. امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ انڊلٺ جا ست ئي رنگ اسان کي سمايل ملندا ۽ وري انھن ستن رنگن مان ڦٽندڙ سھسين رنگ؛

    ھي اکر ڄڻ ته ھڪ نگر آھي
    رنگ سھسين، ھزار معنائون
    ھٿ ۾ ڄڻ ته مور پر آھي!

    ھو جنھن وٽ شاعريءَ ۾ ھڪ اکر به ڄڻ ته ڪو نگر آھي، تنھن وٽ نظمن ۾ ھڪ پوري دنيا آباد آھي ۽ ھو سھسين رنگن ۽ ھزار معنائن سان پُر اھي لفظ مور پر سان پني تي اڪيري رھيو آھي. اھو شاعر امداد اسان جي نصيب جي نراڙ تي لفظ – ستارا ٿو چمڪائي:

    شاعر چنڊ جيان
    ان ڪاڳر تي
    ٽانڪي ويٺو
    لفظ ستارن جھڙا
    ننڍڙن ٻارن جھڙا !

    لفظ جيڪي معصوم به آھن؛ ته ڏنگا به؛ چلولا؛ کيچلا؛ ضدي؛ ارڏا ۽ نٺر به آھن ته سادا سُودا؛ سچا ۽ بي ضرر به آھن؛ ٻارن وانگي ئي!
    امداد زندگيءَ جي ھر رھڙ کي پنھنجي روح تائين محسوس ڪيو آھي. ان ڪري ئي امداد پنھنجي شاعريءَ ۾ عام سماجي روين کان ھٽي ڪري نوان رويا اپنايا آھن. ھن جي شاعريءَ ۾ لھجي جي بغاوت آھي. ھو پنھنجي باغي جذبن جي اظھار لاءِ پنھنجو نئون ڊڪشن ( Diction )، پنھنجو محاورو، پنھنجا Metaphore، پنھنجون Similies، پنھنجا اھڃاڻ (Symbol ) ٿو جوڙي. ھن جي شاعريءَ جي افق تيFigures of speech جون ڪھڪشائون ٿيون جھرڪن. ھن شاعريءَ ۾ تجربي جو جوکم کنيو. ھن پراڻو جي کنيو به آھي ته پنھنجي “جڙ” کان توانائيءَ جي صورت کنيو آھي. ڇو ته ھو پنھنجي جڙ سان جڙيل آھي ۽ ھوا ۾ لڙڪيل ناھي. ھو لفظ جي تحريم کان ڀليءَ ڀت واقف آھي. ھن جي شعر جي سٽن ۾ محض رواني ۽ سرلتا نه پر واضع سچائي آھي. ھو زندگيءَ کان ٻيو ڪجهه به نٿو گهري، ھو ته بس رڳو پوپٽ جي پرن جو رنگ ٿي، تَرِين تي ٿو رھڻ چاھي.
    امداد جي شاعريءَ ۾ اسان کي زندگيءَ جي تمام تر Softness به ملندي، مڌر سُر، مٺي خوشبو، وڻندڙ وَرڻ، ريشم جي نرماڻ ۽ لساڻ به ملندي، ته زندگيءَ جون کُھريون سچايون (Harsher Realities of life) به ھن جي شاعريءَ ۾ لَڀنديون، کھراڻ، ڳراڻ، ڪوساڻ، ڪؤڙاڻ، ھن جي شاعريءَ ۽ شخص جو ائين ئي حصو آھن، جيئن: نرماڻ، لساڻ، ٿڌاڻ ۽ مٺاڻ. ائين ھن جي شاعريءَ ۾ ھن جي شخص جيان ٻئي انھائون؛ انتھائي سرل نموني سمايل آھن. يا مان ائين کڻي چوان ته ھن جي شاعريءَ ۾ ٻئي انتھائون ھڪ ٻئي ۾ ائين ئي سمايل آھن، جيئن پاڻيءَ منجهه ڪڪر يا پوءِ بادل ۾ بوندون؛
    “اُڀ تي بادل
    بادل ۾ بوندون
    بوندن ۾ پاڻي
    پاڻي نديءَ ۾
    نديءَ ۾ ٻيڙي
    ٻيڙيءَ ۾ تون مان!
    تار نديءَ ۾ پيار ئي تاري
    پارنديءَ جي پيار اُڪاري
    پارنديءَ جي
    لونگن جو ٻوٽو
    لونگن ۾ خوشبو
    خوشبو ھوا ۾
    ھوا ۾ بادل – بادل ۾ بوندون . . . ”

    اُڀ، بادل، بوندون، پاڻي، ندي، ٻيڙي، لونگ، خوشبو، ھوا، تون، مان، پار ۽ پيار، ڪيڏن استعارن سان سينگاريل آھن گيت جون ھي سِٽون. امداد جي شاعريءَ ۾ پيار جي ڪابه پُڄاڻي ناھي. عشق ھن جي شاعريءَ جو سڀ کان سگهارو جذبو آھي. بلڪه مان اڃا به ائين چوان ته دراصل “عشق” ئي امداد جي شاعريءَ جو بنيادي محور آھي. جنھن تي ھو اڄ به ٽڪ ٻڌي بيٺل آھي؛

    عشق جي راھن مٿي ڪاوا اُڀا
    تون نه ھل تنھنجو صباجھڙو خرام

    کان ويندي:

    دين دنيا نه ملي، ڏات نه ڪو ڏانءُ مليو
    عشق ئي عشق وديعت ٿيو توکي مون کي.

    تائين؛ عشق ئي اھو جذبو آھي، جو نت نت نئون آھي؛ پاروٿو ۽ پراڻو نه ٿيو آھي. ان ڪري ئي امداد جي شاعريءَ ۾، اُھا تازگي ۽ شگفتگي اڄ به آھي؛ جا گُل ٽڙڻ تي گُل ۾ ھوندي آھي؛ ھو ته پنھنجي رب کان ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو گهري؛ ھو ته بس رڳو؛ ھڪ گيت گهري ٿو، من ميت گهري ٿو؛ ڇو ته ھو ڄاڻي ٿو، ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو ته پيار زندگيءَ آھي، پيار روشني آھي!
    امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو بنيادي نڪتو، ھن جي شاعريءَ جو محور؛ ھن جي شاعريءَ جو مرڪز؛ ھن جي شاعريءَ جو Nucleous پورو وچ پيار ئي آھي؛

    پيار ئي ھڪ لفظ آھي پھريون ۽ آخري
    ھونئن ٻڌڻ چاھين ته آھن لفظ بي معنى سوين!

    ھونئن اھا ٻي ڳالھه آھي ته امداد جي شاعريءَ بي معنى لفظن جو مانڊاڻ ناھي. ھو لفظن کي مڪمل معنويت عطا ڪري ٿو. بلڪه ڪڏھن ڪڏھن ته ھو محض معنائن جي ماپيل ڪَڇيل دائري کان به اڳتي نڪري ويندو آھي. ڇو ته شاعر جو ڪم محض ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ ناھي؛ پر شاعر جو اصل ڪم ٻولي تخليق ڪرڻ آھي. ان ريت شاعر نه رڳو ٻوليءَ جي لفظن کي محفوظ رکي ٿو، پر ٻوليءَ کي نون لفظن جو خزانو پڻ عطا ڪري ٿو. نوان لفظ گھڙڻ، لفظن کي ھڪ نئون اَڪار ڏيڻ؛ نئين معنى عطا ڪرڻ؛ پراڻن وسريل لفظن کي صيقل ڪري نئين سونھن بخشڻ؛ شاعر جوئي ڪم آھي. ائين شاعريءَ صناعي بڻجي ٿي وڃي ۽ امداد اھو سڀ ڪجهه ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ مان ڪري ٿو. امداد پنھنجي شاعريءَ ۾ بي انداز Compound words پڻ ٺاھيا آھن. مثال طور؛ “سورج – گُل، سج – سواگت، اکر اُکيل، ڏيھه – ڏيا” ۽ ٻيا به گهڻائي؛

    پھريون سونو ڪرڻو سج جو
    تنھنجي مُک جي سورج گل کي
    ايئن چُمي جيئن آءُ چمان ٿو.


    پکي مٺي لات ڄاڻ لنوندا
    ۽ سج سواگت جا گيت چوندا


    تو جا اکر اُکيل، ڪوري پني ته ڪئي
    ڪيڏي سھج سڀاءُ سان، جيئه اڻ چئي


    ڏيھه ڏيا ته اجهامي ويندا
    پنھنجي وٽ ۾ کامي ويندا


    ھيٺن شعرن ۾ امداد وٽ لفظن جي نئين نرالي سٽاءُ کي ڏسو، ڪيئن نه لفظن کي نئين گھڙت ڏئي ٿو، جا Grammatically به صحيح آھي؛

    الڪيل الڪيل سڀ راتيون
    سُڏ ڪيل سُڏ ڪيل منھنجا ڏينھن

    امداد پنھنجي احساسن جي تُز ۽ گهري اظھار لاءِ سُڏڪي مان سُڏڪيل ۽ اُلڪي مان اُلڪيل جون صورتون استعمال ڪري ٿو جيڪي عام مروج ناھن. ائين شاعر پنھنجي احساسن جي سھڻي ۽ سُريلي اظھار لاءِ لفظن کي ڪيئن نه تخليقي سطح تي استعمال ڪري ٿو ۽ پنھنجو ھڪ منفرد (Diction) ٺاھي ٿو، جيڪو ئي اڳتي ھلي ھن جي سڃاڻپ ٿو بڻجي. ان ريت شاعر ٻوليءَ جي لفظن ۽ معنائن کي وسعت ۽ سُونھن عطا ڪري ٿو؛ ڇو ته ھو ڄاڻي ٿو:

    لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناھي
    بآھه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناھي.

    شاعريءَ ۾ لفظ، معنى ۽ خيال ھڪٻئي سان سلھاڙجي ٿا اچن، ھتي ھن شعر ۾، “لڙڪ کي لفظ” سان تشبيھه ڏنل ناھي؛ بلڪه لڙڪ کي لفظ ڪرڻ جو خيال پيش ڪيل آھي. ان ۾ لڙڪ ۽ لفظ جي ماھيت سان گڏوگڏ، جا پيڙ لُڙڪ ۾ سمايل آھي، سا پيڙ لفظ ۾ ڀري؛ ان کي لرزندڙ لُڙڪ بڻائڻ؛ شاعر جي تخليق جي منتھى آھي. ھونئن ته بآھه ۽ پاڻي ھڪ ٻئي جو ضد آھن ۽ پاڻي بآھه کي اُجھائيندو آھي، پر ٻن ضدن کي يڪجا ڪرڻ جو ڪرشمو رڳو شاعر ئي ڪري سگهي ٿو ۽ اھو امداد “بآھه جو سمنڊ” تخليق ڪري رھيو آھي.
    شاعر ٻوليءَ جو خالق آھي. ھو پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ کي تخليقي سطح تي نه رڳو استعمال ڪري ٿو پر نوان لفظ به گهڙي ٿو. لفظن جي نحوي بناوت ۾ تجربا ڪري، انھن ۾ نيون صورتون پيدا ڪري ٿو. جيڪي اڳي ڪڏھن به مستعمل نه رھيون آھن. ڪيترن ئي غير مروج ۽ وساريل لفظن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري، انھن کي مروج ڪرڻ لاءِ جتن ڪري ٿو. تشبيھاتي، تلميحاتي ۽ استعاراتي سطح تي ٻوليءَ کي خوبصورتيون ۽ رنگينيون عطا ڪري ٿو. امداد جي شاعريءَ ۾ اھي مِڙئي خوبيون توھان کي يڪجا ملنديون. ان لاءِ مان ھيٺ امداد جا ڪجهه شعر ۽ سٽون ڏيئي رھي آھيان؛

    سنسار سڄو سناٽيل مون وانگي ئي
    ڪا رڙ آھي گهوگهاٽيل مون وانگي ئي

    سِٽ – سريءَ ۾ لُڙڪ پوئين ٿو پيو
    نور ڪنھن جي لئه نچوئين ٿو پيو

    ڏِاھا! تنھنجي ڏات، سڀ ساڻيھه سُڪاريو

    انھن سٽن ۾ تجنيس حرفي، سناٽيل، گهوگهاٽيل ۽ سُڪاريو جي لفظي صورتن ۽ سھج، سڀاءٌ، ساڻيھه جھڙن نج سنڌي لفظن جي استعمال تي غور ڪيو.

    مون وٽ سٽ لکڻ جي لاءِ
    تو وٽ سٽ سٽڻ جي لاءِ!
    کائڻ جي لئه دوکا کوڙ
    آھن لڙڪ پيڻ جي لاءِ!

    ڪئن نه امداد “سنڌ” جي نالي
    کوٽيون ٿي ويون کريون يارو!
    سون ميڙيو ۽ ڪنھن کنئي چاندي
    مون کنيو برھ جون ڀريون يارو!

    پاڻ پنھنجا ڪڏھن ٿياسين ڪونه
    سي به تنھنجا ٿيا پيا آھيون

    تن ۾ تنھنجي تار ائين
    جيئن چڙي جي لار ائين

    سوچون، اڌما، اونَ
    ڳھريل ھي جي ڳوٺڙا
    جاڳندا به يا ڪونه!

    منھنجي لئه تون ڀلي مشڪل سھي دشوار سھي
    ھر اَويءَ لاءِ سويءَ لاءِ ته آسان نه ٿي

    ڌڪا بس جا جهلي ھن جو پُڇائي
    وڃون گهر تي ته چوندا ٻھر آھي


    ھن غزل ۾ جتي “بس جا ڌڪا” شھر جو استعارو آھي اُتي لفظ ٻاھر کي نيٺ لاڙائي لھجي ۾ “ٻھر” چوڻ، ان شعر ۾ شھر ۽ ٻھراڙيءَ جي خوبصورت آميزش آھي. اھو شعر سنڌ جي ھڪ نئين ڪلچر جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو اسان وٽ Merge ٿي رھيو آھي. اڳي اسان جو مرد صبح کان رات تائين اوطاق ۾ براجمان ھوندو ھو. آيو ويو، ڇيڙيون نبيريون، ڪچھريون، ڪيئن شونق شغل لڳا پيا ھوندا ھئا (ھٻڪارن جا ھُل ٿيا ھوندا – ڏاڍا شونق شغل ٿيا ھوندا) . ھاڻ گهر ۾ واڙجڻ کان پوءِ به “ٻھر” ھجڻ جو بھانو – ھڪ سٺو شھري بھانو آھي. امداد جي نھايت خوبصورت غزل “اھوئي شھر آھي” ۾ “شھر” جي مناسبت سان ڪتب آندل نھايت ئي خوبصورت قافين، “شھر، زھر، قھر ، بي مھر” سان “ٻھر” ھڪ نھايت سھڻو ۽ ڦٻي بيٺل قافيو آھي. امداد پنھنجي ٻوليءَ جي نج، اصل ۽ خوبصورت لفظن ۽ نحوي بناوتن کي نھايت مناسبت سان ھنڌ ھنڌ استعمال ڪيو آھي:

    ھڪ پيالي مان به ھڪ ھڪ سُرڪ سُرڪندا ھئا
    ڀور مانيءَ مان به ھڪ ھڪ چَڪ اوکِيندا ھئا

    ھيءَ جا شيخ حفيظ جي، وھ وھاٽيل مُرڪ
    سُرڪيام سُرڪ سُرڪ، ڦھليو زھر وجود ۾

    ڪيڏيون ڳالھيون ڳالھايونم
    ھڪڙي ڳالھه چوڻ جي لاءِ

    امداد جي شاعريءَ ۾ تشبيھن جي بي پايان حسن آھي. ھن وٽ نيون تلميحون به اسان کي ملنديون. ھن جي شاعري ايذرا پائونڊ جي لفظن ۾ “استعارن جو جھنگل” آھي. مون اھي سمورا چونڊ مثال ھڪ ھنڌ يڪجا ڪيا آھن؛ توھين به پڙھو ۽ محظوظ ٿيو:

    ڪچي مانيءَ جھڙو ڀاسي
    تون بن چوڏھينءَ چنڊ ميان!

    سانوري شام جھڙي ھڪ وينگس
    ڪيئن نه ھن سان ٻکي پئي آھي
    جيئن وڻ سان ھجي ٻکيل ڪا ول!

    لاک رتڙي، باک بکڻي، سونَ وَرَڻِي سوَڳڻي
    ڪيئن نه مٽي ۾ ملي وئي، نوجواني سنڌ جي

    راھوڪي، تي رنگ، پلٽيائين پاٻوھ سين
    چُرندا ٻَرندا ٿي ويا، چانڊوڪيءَ ۾ چنگ
    ھير ھندورو، کيت ۾، جھومن سونا سنگ
    ارتا انگ اُمنگ، سرتا سُرھي سآھه سين.

    کوءِ سک، ٻن سُمھڻ ، جان ۾ جَنڊي پائي
    ڏيھه جا ڏک ڏرڻ ايترو سولو ناھي

    انڊلٺي اتھاسڪ بنا، ھٿ تي ھٿ رکي لکنداسين
    سڪ ئي سڀ ڪجهه سيکاري ٿي، سِڪ کان ئي سڀڪجهه سکنداسين

    موتي جو آ مُلھه مھانگو، اڻمُلھه آھي پيار
    ندي لُڙاٽيل، ساگر کارو، نينھن نه آھي نِبار.

    سنڌڙي سُر، سنگيت، سُڳنڌ
    مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ


    امداد وٽ ٻوليءَ جون جيڪي خوبصورتيون ۽ نفاستون آھن، تن جي مڪمل وستار لاءِ ئي وڏو وقت ٿو گهرجي . امداد شاعريءَ ۾ لفظن ۽ معنائن جي قوت ۽ اھميت جو ته يقينن قائل آھي، جنھن جو ثبوت ھن جي شاعريءَ آھي. پر ھو ساڳئي وقت شاعريءَ ۾ سُرن ۽ آوازن جي جادو کي به اُجاگر ڪري ٿو. امداد جي ترائيل “ ھليا ته پيار ڪريون” جو سٽون آھن:

    ھليا ته پيار ڪريون پيار زندگي آھي
    ڌڪار ڌار نه دل ۾، ڌڪارجي نه وڃين

    ھونئن ته امداد جي سموري شاعريءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جو بي پايان حسن سمايل آھي، پر ھن شعر جي پوئين سٽ ۾ ڌَ ڌَ ڌَ ڌَ جو ورجاءُ شاعريءَ ۾ تجنيس جي اھميت اُجاگر ڪري ٿو. “ڌ” جو آواز “دَ” جو Explosive voice آھي ان سان گڏ “رَ” جو ٽي ڀيڙا پڇاڙي ۾ ورڻ Assonance جو خوبصورت استعمال آھي. انھن سان گڏ وري “نَ، م ۽ ڃ” جي Nasalised sounds جو ورجاءُ ؛ ان سٽ ۾ “ڌَ” ۽ ”رَ” جي آوازن جي کھراڻ کي نرماڻ عطا ڪري ٿو. ساڳي وقت “ڌڪار” ۽ “ڌڪارجي” جو بامعنى لفظي جوڙ، تز ۽ تخليقي اظھار آھي.
    شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي باريڪين، ان جي نزاڪتن کي؛ معنائن جي انيڪ خوبصورتين ۽ نفاستن کي؛ فقط اھوئي شاعر تخليقي سطح تي استعمال ڪري سگهندو، جنھن وٽ ٻوليءَ جو اڻميو خزانو ھوندو ۽ جو ان کي استعمال ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت پڻ رکندو ھوندو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته امداد ۾ اھا صلاحيت موجود آھي ۽ ھن کي ٻوليءَ تي اھڙي ۽ ايتري دسترس حاصل آھي. شاعريءَ ۾ تُز ۽ سھڻيون سٽون لاشعوري طور تي ئي سرجي اچن ٿيون ۽ امداد جي شاعريءَ ۾ اھڙين ست – رنگي سٽن جي انڊلٺ تاڻيل آھي :

    منھنجي من ۾ آس اھائي
    تن ۾ تانگهيل تاس اھائي
    ڌر کان باسيل باس اھائي

    ٻُوٿ ٻُوٿاڙيل ڀلا ڇا لاءِ؟
    ڄِڀ آھي ڄِڀي ته ڀل جَرڪي
    سوچ آھي ته بي صدا ڇا لاءِ!


    اکڙيون کڻيو جهڪائين ، جهڪايو وريو کڻين
    منظر ھي شاعريءَ ۾ ڀلا ڪيئن ادا ڪجي

    وسري ويئڙيون سڀ وڄائون، لھرين ساڻ لھان ٿي لائون
    وچ سِير ۾ آھيان آئون، ڪيڏا ڏور ڪنارا آھن.


    اھڙيون سٽون يقينن لاشعوري طور تي ئي لکجي وڃن ٿيون، ڇو ته اھڙي شاعريءَ شعوري ڪوشش سان ڪري ئي نٿي سگهجي. لاشعوري طور تي تخليق ٿيل اھڙين سٽن ۾ لفظ، معنى، گھاڙيٽو، رس، النڪار ۽ وزن ھڪ ٻئي کان ڌار ناھن ھوندا؛ ڇو ته انھن جو نزول ھڪ ئي وقت ٿيندو آھي. ان ڪري اھڙين سٽن جي سونھن کي الڳ الڳ ٽڪرن ۾ ٽوڙي سمجهائي نٿو سگهجي. ان جي سونھن جي تمام تر جزن کي ٽوڙي الڳ ڪري سمجهائڻ ائين آھي جيئن گُل جي پنکڙي پنکڙي ڇني ڌار ڪري؛ گل جي سُونھن بابت سمجهائجي پر پوءِ به ان مان اھا سونھن ۽ خوشبو لڀي نه سگهبي. سٽ جي سونھن ائين سمجهائڻ سٽ جو خون ڪرڻ آھي. ڇو ته اھي سٽون ڪنھن گل وانگيان ئي پنھنجي مڪمل صورت ۾، پنھنجي ڪُل ۾ ئي سھڻيون آھن. اھڙيون سڀني وصفين سھڻيون سٽون شاعر جي وجدان جو حصو آھن.
    امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي انيڪ خوبصورتين مان ھڪ اھم خوبصورتي ھن جي شاعريءَ جي جاندار منظرنگاري به آھي. امداد جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري دراصل Miniature Painting جيان آھي. جنھن ۾ منظر جي تمام تر جزئيات کي ھو نھايت باريڪ بينيءَ سان پيش ڪري ٿو. مثال طور ھن جو ھڪ انتھائي خوبصورت نظم “انتظار” ئي کڻو. ان نظم ۾ انتظار جي پيڙ، درد، تڪليف ۽ اينگھه جو اظھار ھو ڪيترن ئي خوبصورت استعارن جي حوالي سان ڪري ٿو ۽ منظر چٽيندو وڃي ٿو:

    ٻاھر ستل گهٽيءَ ۾ اڪيلو اداس بلب
    ڇيڙي تي ھڪ ڪتو پيو ڀؤنڪي ذري ذري
    ھن ھجر جھڙي رات ۾ تنھا ڪٿي ڪٿي
    بيمار لاءِ ڪمري ۾ بتي پئي ٻري
    ڏس ايئن نه ٿئي جو رات ئي گذري نه ڏينھن اچي
    بيمار پاڻي پاڻي ڪري جان ڏئي ڇڏي!

    ھن نظم “انتظار” ۾ موضوع تي شاعر جي گِرپ (Grip) حيرت انگيز حد تائين Compressed آھي. ساڳي وقت ان نظم جو اھڃاڻاتي ( Symbolical ) سطح تي پڻ نھايت بلند رتبو آھي. “اداس بلب” ؛ بلب، جو ھڪ بي جان شئي آھي، ان ۾ احساسن جو ھجڻ يا احساسن کي ان سان وابستا ڪرڻ، شاعر جو تخيل ئي ڪري سگهي ٿو. “ڪتي جي ڀؤنڪ” ان سناٽي ۾ ڪنھن آواز جو اُڀرڻ به زندگي جي علامت آھي . “ھجر جي تنھا رات، ھڪ بيمار ۽ ان بيمار لاءِ ٻرندڙ بتي، رات، ڏينھن . . .” اھي سڀ ملي نظم کي ھڪڙي احساساتي ڪيفيت عطا ڪن ٿا ۽ اڪيلائي ۽ انتظار جي ڪيفيت کي وڌيڪ اُجاگر ڪن ٿا. نظم جي سٽن ۾ قافيي جو تواتر سان اچڻ، يا ساڳين لفظن جو ورجاءُ جھڙوڪ؛ ذري ذري؛ ڪٿي ڪٿي؛ ھري ھري؛ ڀري ڀري؛ جتي نظم کي خوبصورتي عطا ڪري ٿو، اتي کن کن، لمحي لمحي جي اِنگھي اِنگھي، اٽڪي اٽڪي گذرڻ جو احساس وڌيڪ شديد ٿيندو وڃي ٿو. ان ريت جذبي جي شدت کي وڌيڪ خوبصورتيءَ سان محسوس ڪرائي سگهجي ٿو.
    ھن نظم ۾ احساسن ۽ منظرن جي خوبصورت اڻت؛ لفظن جي خوبصورت اڻت کان الڳ ناھي. ھن نظم ۾ مختلف صوتين ۽ آوازن ۽ سُرن ۽ وينجنن (Consonance) جو آرٽسٽڪ استعمال ٿيل آھي؛
    سيني ۾ تنھنجي ياد مُرجهائجن نه گل
    اکين ۾ انتظار جو شمعون نه گل ٿين
    ھونئن ته ھي شعر پنھنجي معنى ۽ مفھوم جي خوبصورتي ۽ احساس جي سرلتا جي ڪري ئي منفرد ۽ سھڻو آھي؛ پر ان شعر ۾ “ياد جي گلن” ۽ “انتظار جي شمعن” جي تصو ان شعر جي سونھن کي سرس ڪيو آھي. انھن ٻن سٽن ۾ ٻن جاين تي لفظ “گُل” جو ٻن مختلف معنائن ۾ استعمال پڻ شاعر جي ٻوليءَ تي دسترس ۽ شاعر جي اظھار جي صلاحيت ۽ خيال جي نفاست کي ظاھر ڪري ٿو. ان نظم جي آخري بند ۾ شاعر جي تخيل جي تڪميل انتھائي اثر انگيز ۽ پرفيڪٽ آھي؛
    اڄ رات جيڪو جي سگهي دنيا انھيءَ جي آھ
    سڀ زھر جيڪو پي سگهي دنيا انھيءَ جي آھ
    جيڪو به تنھنجو ٿي سگهي دنيا انھيءَ جي آھ
    امداد جي شاعريءَ ۾ ڀرڀور منظرنگاريءَ، خوبصورت، باريڪ ۽ نفيس چٽسالي اسان کي جاءِ جاءِ تي ملندي. ان سلسلي ۾ مان “پرشور سناٽو” جو به ذڪر ڪرڻ چاھيندس. “پرشور سناٽو” ھڪ ٽپيڪل امداد اسٽائيل نظم آھي. جيئن ان جي عنوان مان ئي ظاھر آھي ان نظم ۾ “سناٽي” ۾ جيڪو “شور” سمايل آھي، تنھن کي رڳو شاعر ئي محسوس ڪري سگهي ٿو؛ پر ھو اسان کي به محسوس ڪرائڻ چاھي ٿو. امداد جي شاعريءَ ۾ جيڪو درد پنھان آھي؛ سو ھن جي تيز حسيَت جي ڪري آھي. ”پرشور سناٽو” ھڪ اھڙو نظم آھي، جنھن ۾ امداد پنھنجي “حواس خمسه” جو ڀرڀور استعمال ڪيو آھي. ھن نظم ۾ تخيل ۽ حقيقت جي خوبصورت آميزش اسان کي ملندي. سچ؛ نھايت خوبصورت به آھي؛ سچ؛ نھايت بدصورت به آھي. “پرشور سناٽو” ۾ موجود اٿآھه درد کي امداد اھڙن ئي تضادن ذريعي نھايت چِٽائي سان اُڀاريو آھي. ھن جي اکين جي اسڪرين آڏو ڪيڏا منظر اُڀري اُلھي؛ اُلھي اُڀري رھيا آھن. سين سپرامپوز ۽ ڊزالو ٿي رھيا آھن. ھي سمورو نظم ھڪ خواب وانگيان آھي؛ خواب: جنھن جو سمورو شور خواب جي اندر آھي؛ خواب کان ٻاھر ڪجهه به نه آھي. ھڪ اھڙو خواب جو ڏاڍو ڊگهو آھي؛ جو ڏاڍو خوبصورت به آھي؛ ته ڏاڍو ڀوائتو ۽ پيڙيندڙ به آھي؛ ان سپني ۾ خوبصورت منظر؛ روشن ستارن جھڙا؛ رنگارنگ گلابن جھڙا مھڪندڙ منظر به آھن؛

    شھر لاھور، مال روڊ ۽ آءُ
    لان ۾ پام جي اُڀي وڻ تان
    شام آھي لٿي ستارن سان.

    سانوري شام جھڙي ھڪ وينگس
    ڪيئن نه ھن سان ٻکي پئي آھي
    جيئن وڻ سان ھجي ٻکيل ڪا ول!

    ھوءَ جا ڪار مان لٿي آھي
    چال ۾ ڪيتري نزاڪت اٿس
    ھير وانگر گھلي رھي آھي.


    ساڳي ئي سمي خواب ۾ منظر بدلجي ٿو ۽ سُندر سپنو ھڪ ڀوائتي سپني ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ سمورا منظر يڪايڪ ڪنھن Horror Movie جا منظر بڻجي ٿا وڃن؛ سنڌ جنھن جي آسمان تي اسان جي نصيب جو ڪو ستارو به ناھي روشن:

    ٺيڪ ھن مھل شام ٿيندي ئي
    منھنجو ھر ڳوٺ، منھنجو ھر شھر
    ڪنھن ستاري بنا گگن ھيٺان
    ڪيڏو ڀڙڀانگ ڪيترو ويران
    ھٿ لڪيرن جيان گهٽيون ان جون
    ڪنھن ڏھاڳڻ جي سينڌ جان سنسان
    نه ڪچھريون نه ھُل نه ھنگاما
    نه ڪٿي راڳ رنگ، راند نه روند
    ھوندي سوندي به ايتري اڻھوند
    ڄڻ ته ماڻھو اتي رھن ئي نٿا!
    آسمان کان وٺي زمين تائين
    گهور گھنگهور آھه سناٽو
    ڪيڏو پُرشور آھه سناٽو!

    امدد ان نظم کي لکندي ڪنھن Nostalgia جو شڪار ناھي ٿيو؛ بلڪه ھن محض سماجي تضاد کي مختلف منظرن جي حوالي سان اُڀاريو آھي. سنڌ جنھن Social ۽ Cultural Chaos مان گذري رھي آھي؛ ان جي چٽسالي امداد نھايت پيڙاتمڪ انداز ۾ ڪئي آھي . نظم جي پڄاڻيءَ تي شاعر جو ھانو تي ھٿ ڌرڻ؛ دراصل ماڻھن جي ھانو تي ھٿ ڌرڻ آھي.
    شاعر زندگي جي بيحد ننڍڙين ۽ عام ڳالھين کي ڪيڏين گهرين معنائن ۾ کڻي ٿو. سو شاعر جي دور رس نظر جو ڪمال آھي. ائين شاعر جي دور رس نظر جو اھو ڪمال دراصل شاعريءَ جو ڪمال بڻجي ٿو وڃي. شاعر زندگيءَ مان پنھنجي لاءِ مواد ڪيئن ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان کڻي ٿو، ان جو ھڪڙو ننڍڙو مثال امداد جو نظم “مرڪ اسٽڪر” آھي. مونکي ياد آھي ته ھڪ ڀيڙي مان پنھنجي ڌيءَ جي فراڪ تي لڳائڻ لاءِ ھڪ بيحد خوبصورت اسٽڪر خريد ڪري آيس، اِسٽڪر شرٽ تي پريس ڪري کڻي آيس ۽ کانئس داد طلب ڪيم ته چيائين؛ ”ڇا ماڻھوءَ جي چھري لاءِ اھڙا ڪي اِسٽڪر نٿا ملن؟ . . . ڪو مرڪ اسٽڪر!“ ان کان پوءِ ئي ھن ھي نظم لکيو ھو. ان نظم جو آخري بند آھي؛

    تو ڪڏھن اھو سمجهيو
    مُرڪ – اسٽڪر آھي
    ڦٽَ جي ڪڙيءَ وانگي
    ھنڌ ھنڌ تان اُکڙيل
    تو ڪڏھن اھو چاھيو
    مرڪ – اِسٽڪر ھاڻي
    ٻن چپن مٿان کُرڙي
    ڊسٽ بِن ۾ اُڇلائين!

    ”مُرڪ اِسٽڪر” يقينن امداد جي شاعريءَ جو (ان ڪري سنڌي شاعريءَ جو پڻ) ھڪ نئون استعارو آھي. اھڙا ڪيترائي نوان استعارا ان نظم ۾ آھن.
    امداد جي شاعريءَ جو انوکو رنگ رڳو ”مُرڪ اِسٽڪر” کي پنھنجي شاعري ۾ استعمال ڪرڻ ناھي، پر اصل ۾ لھجي جي اھا ڪؤڙاڻ ئي ان ۾ اھو انوکو رنگ ڀري ٿي؛جا زندگيءَ جي تضاد کي وڌيڪ اُڀاري ٿي؛ جو “رنگ اڏاڻل مرڪ اسٽڪر” ۾ لِڪل آھي ۽ جو “ڦٽ جي ڪڙيءَ وانگر” ھنڌ ھنڌ تان اکڙي چڪو آھي. ڪوڙ، ڏيکاءُ ۽ بناوت کان نفرت ڪندڙ سچو ۽ کرو شخص امداد ئي ائين چئي سگهي ٿو ته؛ “مُرڪ اِسٽڪر ھاڻي؛ ٻن چپن مٿان کرڙي؛ ڊسٽ بن ۾ اُڇلائين!” شاعريءَ ۾ اھڙو تيز ۽ چٽو رنگ صرف امداد جو ئي ٿي سگهي ٿو. اھڙو Blunt ۽ اوريجنل لھجو شاعريءَ ۾ صرف امداد ئي اختيار ڪري سگهي ٿو.
    سنڌي شاعريءَ ۾ امداد جو يقينن ھڪ منفرد ۽ نمايان رنگ آھي. ھن جي شاعريءَ جي اوريجنلٽي ؛ ھن جي ٻوليءَ (Diction) جي خوشبو؛ تخيل (Imagination) جي بُلندي؛ خيال (Thought) جي خوبصورتي؛ احساسن ۽ جذبن (Feelings) جي نرمي ۽ گرمي؛ معني جي گهرائي (Meaning of meaning) ، قافين ( Rhyme ) جي رنگارنگي، سُر ( Rhythm ) جي لھر ۽ انھن سڀني کان وڌيڪ امداد جو سچو ۽ کرو لھجو ھن جي ھر نظم، شعر ۽ سٽ مان ليئو پائي ٿو – بلڪه ھن جي تمام شاعريءَ تي سچائيءَ جو اھو رنگ حاوي آھي؛

    مون وٽ سِٽ لکڻ جي لاءِ
    تو وٽ سِٽ سِٽڻ جي لاءِ

    سِٽ سِٽ ڄڻ سنگين ھجي، ۽ پنو رت سين رنگين ھجي
    مُڇيل آڱرين سان به لِکڻ، اھو ناھي لکڻ ٻيو ڇاھي ڙي!


    ”لڙڪ جو لفظ ۾ آھي
    سو ٽشو پيپر سان
    ڪو اُگهي آھه سگهيو، جو اُگهندو!
    سُور جو سِٽَ ۾ آھي
    سو سڃاڻي نه سگهيو آھي ڪو
    ته دوا ڪھڙي ڪندو!
    زخم جو نظم ۾ آھي
    اھو ڪنھن کي به نظر ڪونه اچي ٿو
    ته پھو ڇا رکندو!
    امداد وٽ طويل نظم چوڻ جو ڏانءُ آھي ، سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم، جن ۾ شاعريءَ جون تمام تر خوبيون ۽ خوبصورتيون، نزاڪتون ۽ نفاستون ھجن ۽ جي تمام تر فني تقاضائن تي پورا لھندا ھجن، امداد حسينيءَ ئي لکيا آھن.
    امداد جو نظم “روٽس” ( Roots ) ھڪ ماڊرن ايپڪ آھي، دراصل امداد ۾ Patience به آھي، ته لڳاتار لکندي رھڻ جي صلاحيت به آھي. روزانو لکڻ ۽ راتين جو دير تائين جاڳي لکڻ ھن جو نيم آھي. نيون شيون لکندو رھڻ ۽ لکيل شين کي سنواريندو رھڻ / نظم جي صورتگريءَ ۾ ھو تيستائين رڌل رھندو آھي جيستائين ان کي مڪمل نه ڪري وٺي.
    طويل نظم لاءِ موضوع جي مناسبت سان مواد لاءِ جا Research Oriented study درڪار آھي، سا به امداد نھايت دلچسپي سان ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ تخليقيت جو عنصر به ان “سچائيءَ” کي نظم ڪرڻ لاءِ معاون ۽ مددگار ٿئي ٿو. اھو بي پنآھه تخليقيت جو عنصر پڻ امداد جي سرشت جو اڻ ڇپجندڙ حصو آھي. امداد اھڙا ڪيترائي طويل نظم لکيا آھن، جيڪي پنھنجي موضوعاتي سنجيدگي، پنھنجي ٻولي، وزن، ورتاءُ جي لحاظ کان منفرد ۽ يڪتا حيثيت رکن ٿا، انھن مان ڪنھن به نظم جي ٻئي نظم سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي . ھن مجموعي ۾ شامل نظم “جاڙيون قبرون” پنھنجي Contentجي حوالي سان ھڪ نھايت جاندار نظم آھي. امداد ننڍي بحر جي ھن نظم ۾ نھايت وڏي ۽ سنجيدي موضوع کي سمايو آھي. ھي نظم “علامه آءِ.آءِ. قاضي” جھڙي قداور شخص کي سندس ھڪ شاگرد ۽ معتقد پاران ڏنل Tribute آھي. ساڳي وقت ھي نظم بحيثيت قوم اسان جي بيحسيءَ جو ماتم به آھي. امداد ھن نظم ۾ نھايت سنجيده سوال اُٿاريا آھن. شاعر جيڪي خواب ڏسي ٿو اھي سمورا خواب ھن ان نظم جي صورت ۾ اسان کي ارپيا آھن، علامه آءِ آءِ قاضي جيڪو سنڌي قوم لاءِ روشنيءَ جو مينار ھو. ان جي حضور امداد پنھنجي نظم جو “روشن ڏيئو” ڀيٽ ڪيو آھي؛

    آفيس کان اوھان جو
    سڏ پنڌ تي جو آھي
    قاضيءَ ۽ ايلسا جو
    سو مقبرو ڏٺو ٿو
    ھيڏا پگھار رتبا
    جي ماڻيو اوھين پيا
    جاليءَ اوھين ڪريو پيا
    ھي ٺٺ ھي ٺانگر
    ان جي ڪري ئي آھن
    سو شخص سچ پڇو جي
    ڏاتار ھو اوھان لئه
    جو شخص روشني جو
    مينار ھو اسان لئه
    جنھن قوم کي اھڙيون شخصيتون مليون:
    جنھن شخص نور جي نئن
    ھر روح ۾ وھائي
    ۽ جنھن اھو چيو ۽ ان تي عمل پڻ ڪيو ته:
    اوندآھه جَھل آھي
    ۽ علم روشني آ

    “ ان شخص جي قبر تي، ڪو بلب روشن ناھي” ۽ اتان کان ڳالھه جو ڇيڙو جهلي، شاعر سُڪي ويل ڇٻر ۽ سُڪي ويل گلن تي ڏک ڪندو انھن سنڌي شھيدن جي ڏک تائين رسي ٿو، جيڪي مختلف تحريڪن ۾ ڪم آيا، جيڪي سوريءَ کي سيج ڀانئي، ڦاھيءَ تي لڙڪيا؛ ٽانڊن تي ٽچڪيا؛ پر ڪو نه لِچڪڻا؛ تڏھن اُھي به اسان منجهان ئي ھئا، جيڪي چپن تي چُنو لائي بيحس پٿر جان بيٺا رھيا، ڇو ته انھن جي اک جو پاڻي مري چڪو ھو ۽ اُھي:

    ھي نظريهءَ ضرورت
    جا پوئلڳ منافق
    ھٿ ٺوڪيا مفڪر
    ھر دور جا چنيسر
    ايجنٽ دشمن جا
    غدار ھي وطن جا

    شاعر وٽ جتي “چنيسر” اڄ به غداري جي زنده علامت آھي، اُتي شاعر خود پنھنجي دور مان ڪيترا نوان استعارا کڻي ٿو، جيئن: “نظريهءَ ضرورت” جو استعارو. يارنھن سال، جبر جي ان طويل ڪاري رات جي ڪارنھن صديون به نه ڌوئي سگهنديون؛ جڏھن ڪورٽن جي قاضين به ظالم ۽ جابر حڪمران ضياءَ جي ھٿ ۾ “نظريهءَ ضرورت” جي تلوار ڏيئي ڇڏي ھئي – ته ھو “نظريهءَ ضرورت” جي تلوار جي ڌار جنھن جي وجود ۾ وڻي، جڏھن وڻي، تڏھن اتاري ڇڏي. ان ڪري ئي استعارو سِٽ جي اھميت ۽ افاديت کي وڌائي ٿو ۽ شاعر ان جي مدد سان پنھنجي ڳالھه وڌيڪ چٽائيءَ سان، وڌيڪ خوبصورتيءَ سان، وڌيڪ آرٽسٽڪ نوع ۾ ڪري سگهي ٿو. ھن ھڪڙي نظم جي باري ۾ ئي مون گهڻو ۽ تفصيلي لکيو ھو، پر ھن نظم جو سٽاءُ ڪجهه اھڙو آھي ۽ نظم جو سٽون سٽن سان ائين جڙيل آھن، جو نظم جي باري ۾ ڳالھائيندي / لکندي طويل بند ڏيڻا پئي پيا. جنھن جي ڪري مون اھي پورشن خود ايڊٽ ڪري ڇڏيا. بھرحال توھين خود ان نظم کي پڙھو ، ڌيان گيان سان!
    امداد جي طويل نظمن جي ڳالھه نڪتي آھي ته ڇو نه امداد جي نظم “سين الف بي” جو به ڪجهه ذڪر ٿي وڃي. امداد “سين الف بي” جھڙو شاندار نظم ڪيئن لکي ھا جيڪڏھن “سين الف بي” ۾ ھلندڙ اقتدار جي جنگ جي ڊراپ سين تي، ھن کي آفيشلي وقتي طور سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ نه اُماڻيو وڃي ھا. امداد ان ھڪ سال جي عرصي ۾، جي ٻيو ڪجهه نه به ڏئي ھا ، فقط ھي نظم ئي ڏي ھا، ته به سال سجايو ھو – ڇو ته ھي محض نظم نه پر تاريخ آ! پر امدد ان ھڪ سال ۾ ھُتي پنھنجي ان مقتدره ۽ آزاد حيثيت کي پنھنجا کيسا ڀرڻ ۽ اداري کي ڪنگال ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو، پر امداد پنھنجي ان حيثيت کي انتھائي ذميواريءَ سان اداري جي ڀلائيءَ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو. ھن ان عرصي ۾ ڪيترائي قميتي ڪتاب ڇپايا، “مھراڻ” ، “سرتيون”، “گل ڦل” کي ريگولر ڪيائين ۽ ھڪ سال ۾ مھراڻ جا پنج نھايت اعلى پرجا ايڊٽ ڪيائين. ھن انھن ذميوارين جي پورائي لاءِ پنھنجا ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيا – ھن پنھنجي راتين جا اوجاڳا، توڙي موڪلن جا ڏينھن پڻ اداري کي ارپي ڇڏيا.

    ننڊ منھنجي ئي ڇو ڦٽل آھي
    ساري جنھن جي جوابداري آ
    سو ته آرام سان سُتل آھي
    ڦيٿ سان آھه جنھن ڇڏي ماپي
    آھه تنھن لاءِ زندگي جانان
    صرف ۽ صرف پيٽ ۽ کيسو
    سو ته ھر پل اھوئي چاھي ٿو
    جو به آھي اھو کڻي وٺجي
    وجھه آھي ليو ھڻي وٺجي
    ڪير ڄاڻي سڀان رھون نه رھون
    ھر پني تي ٺپو ھڻي وٺجي!

    امداد لاءِ ان عرصي ۾ پنھنجي “جانان” کان به اھم اُھا “مشين” ٿئي ٿي وڃي؛ جنھن جي ڪري سمورا “پرچا” ليٽ ( late ) ٿي سگهن ٿا. ان مشين جي بند ٿيڻ سان ھن وٽ “سُر به ٻُرڻ” بند ٿي ٿا وڃن. “جانان” جو نه ھجڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر ان جا ساروڻا به ناھن، ڇو ته ھانءُ ۾ فقط ھڪ نانءُ ئي ٻُري ٿو ۽ سو نانءٌ آھي ؛ “ھيڊل برگ!” جيڪو ڪنھن اپسرا جو نالو ناھي؛ بلڪه اھا ھڪ بي جان مشين آھي:

    بند آھي مشين ڏينھن کان
    ڪو به سُرڪو نه ٿو ٻُري جانان
    تون به ناھين نه تنھنجا ساروڻا
    ھانءُ ۾ نانءُ ٿو ٻُري جانان
    ته اھو نانءُ آھه ھيڊل برگ!

    ان نظم ۾ ٽِيپ جون ٻه لائنون بار بار رِيپٽ ( Repeat ) ٿين ٿيون

    توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
    آءُ مصروف ٿي ويو آھيان!

    ھو ھيڏي مصروفيت جي عالم ۾ به، وچ وچ ۾ انھن ٻن سٽن جيتري لمحي لاءِ پنھنجي جانان کي ياد ڪري ٿو، جنھن ھُن لاءِ، ھن جي ڏانءُ وٽان ڪا مصروفيت چاھي پئي، پر مصروفيت جي ملي به آھي ته ڪنھن حال ۾ ملي آھي:

    ڪا ڇمر ڇانو ڪانه آ سِر تي
    ۽ اکين منجهه لڙڪ بوند آھي

    امداد وٽ اکين ۾ لُڙڪ بوند جو ھجڻ، ھڪ انسان جي سمورن مثبت احساسن جي جيئري ھجڻ جي علامت آھي. “اکين ۾ لڙڪ بوند” جو ھجڻ، ٻئي پاسي “لان جو سُڪڻ” ۽ ٽئين پاسي سڄي “سنڌ ۾ اُٿل” ھجڻ . . . ٽي مختلف منظر آھن، جن جو ٽن مختلف شين سان واسطو آھي، پر ٽنھي منظرن ۾ مشترڪ قدر آھي “پاڻي”. اک ۾ لڙڪ (پاڻي) جي فقط بوند به گهڻي آھي، “لان جو سُڪڻ” پاڻي نه ملڻ جي ڪري آھي (بُوند سان ڪم نه ھلندو) پر اتي اھا ٽوٽپائي ۽ پنھنجي ڪم کان ڪن لاٽار جي علامت آھي ، ته سائي جو سُڪڻ، جيئري جو مرڻ به آھي. جڏھن ته ٽئين پاسي “سڄي سنڌ ۾ اُٿل” آھي؛ يعني ته ٻوڏ جي آفت ، اڃا به ھڪ نئين آپدا. شاعريءَ جو ڪمال اھو آھي ته اُھا زندگي جي تضادن مان معنائن جا موتي ڳولي لھندي آھي. شاعر انھن سِٽن جا سِرا جهلي اسان کي ان سَر تائين پھچائيندو آھي. جتي پاتار ۾ موتي آھن؛ اسين انھن موتين تائين رَسون ٿا يا نٿا رَسون. سو اسان جو نصيب! امداد اُن پاڻي، پاڻي ۽ پاڻيءَ تان ٿيندو وري به پاڻيءَ تائين پھچي ٿو، وھندڙ نديءَ، سنڌو نديءَ تائين، جيڪا وقت جو اھڃاڻ آھي؛

    وقت سنڌو نديءَ جيان آھي
    ڪيڏو تڪڙو ڊُڪي رھيو آھي
    مان انھيءَ وقت سان وکاريان ٿو
    توکي ساريان ٿو، توکي ساريان ٿو

    شاعر انھيءَ تيز ڊوڙندڙ وقت سان وکاري ٿو، ۽ سموري ليٽ ڪڍڻ چاھي ٿو. ليٽ: وقت جي قدر نه ڪرڻ؛ اسانکي، اسان جن ادارن کي ڊاھي رکيو آھي. ان وقت، ان لمحي ھو انھن سڀني کي ياد ڪري ٿو، جن ڪڏھن به، ڪنھن به حيثيت ۾ ان اداري جي ڀلائيءَ ۾ بھرو ورتو، جن دل جي حضور سان اداري جي خدمت ڪئي، انھن مان ھڪ ھڪ کي ھو نالو کڻي ياد ڪري ٿو ۽ رڙ ڪري ٿو؛

    ڪٿي آھن؟ اھي ڪٿي آھن؟
    سڏ واڪو به ڇا ٻڌن ئي نه ٿا
    آءُ پو ڪنھن جي ڪنھن جي در دانھيان!

    ھي اھو سڏ واڪو آھي جو مصيبت مھل پنھنجن لاءِ ڪبو آھي. ھن جي ان رڙ ۽ ڪوڪ ۾ جو درد آھي؛ جا دانھن آھي؛ جا بيوسي آھي، ۽ جو احتجاج آھي – ڇا اھو احتجاج تاريخ ۾ ريڪارڊ ٿيندو؟
    شاعر جي اھا رڙ تاريخ جي سرد مھر سيني کي جيسين چاڪ ڪندي، تيسين شايد گهڻي دير ٿي چڪي ھوندي!
    نظم جي پڄاڻيءَ تي ھو ٻه سوال ڪري ٿو، جيڪو اصل ۾ ھڪ ئي سوال آھي:

    ڪير آ سين الف بي جو سڄڻ؟
    ڪير آ سين الف بي جو ڏڄڻ؟

    شاعر جي سوچ کان پڙھندڙ جي سوچ تائين ھڪ مسلسل سفر آھي ۽ جي اھو تسلسل قائم رھي ته ڪيترن ئي سوالن جي جوابن تائين رسي سگهجي ٿو؛ پر شرط اھو آھي ته اھا “نظر” به ھجي؛ پس ديوار جي خبر ھجي!

    ته متان ھن طرف سحر به ھجي!

    امداد جا نظم طويل ھجن يا مختصر، اھي اسان کي سوچڻ تي اُڀارين ٿا، ھو پنھنجي ڳالھه کي گهرائيءَ سان سمجهائڻ لاءِ علامتن جو سھارو وٺي ٿو پر ھن جون علامتون عام فھم ۽ آسان ھونديون آھن جيڪي ھو زندگيءَ مان ئي چونڊي کڻي ٿو:

    اڇو رکجان پاڻ کي، جھڙو اڇو کير
    مُرڪ جنھن جو ملير
    تون ته اھائي مارئي
    ٿر جي ڄائي مارئي

    جديد سنڌي شاعريءَ جو ھڪ ڱُڻ روايتن کان بغاوت به آھي. امداد جي شاعري انھن سمورين بغاوتن کي نئين رنگ ۾ ۽ نت نئين انداز ۾ نروار ڪيو آھي. ان ڪري امداد يقينن انھن شاعرن منجهان آھي، جن پنھنجون نيون روايتون قائم ڪيون آھن ۽ انھن مان ئي ھڪ روايت “قديم روايتن” کي ھڪ نئين استعاري جي صورت پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪرڻ آھي. امداد پنھنجي ھڪ ننڍي نظم، جنھن جو عنوان ئي ”باغي” آھي. تنھن ۾ ھو پنھنجي بغاوت کي شيرين ۽ فرھاد جي تمثيل جي حوالي سان اظھاري ٿو. ھو “پھاڙ جھڙن ڏينھن” کي “تيشي” سان “ٽُڪي” ٿو. ھو جو پنھنجي “شيرين” جي “ياد جو قيدي” آھي ۽ ھو جو “خسروي تاج تخت” جو “باغي” آھي:

    آءُ فرھاد آھيان فرھاد
    پنھنجي شيرين جي ياد جو قيدي
    خسروي تاج تخت جو باغي!

    جدت ۽ نواڻ مان مراد مجهول تجريديت ۾ مفھوم جو گم ٿي وڃڻ ناھي. جدت ۽ نواڻ قديم روايتن کي نواڻ عطا ڪرڻ به آھي ته انھن کي نئين رنگ ڍنگ ۽ انداز سان بيان ڪرڻ به آھي؛ لفظن ۽ ڪردارن کي ھڪ نئون جنم ڏيڻ آھي. ان ريت امداد جي شاعري سنڌ جي اساسي شاعري: لوڪ توڙي ڪلاسيڪل شاعريءَ مان ھڪ نئون اُتسآھه ورتو آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ اھي اھڃاڻ ھڪ نئين معنى ۽ مفھوم کڻي آيا آھن؛ امداد انھن کي ھڪ نئون جامو ڍڪايو آھي. امداد جي شاعريءَ ؛ جا ايڪيھن صديءَ جي زندھ شاعري آھي، تنھن ۾ سنڌ ۾ يارھين صديءَ ۾ اُسريل داستانن جا ڪردار اڄ به جيئرا جاڳندا موجود آھن ۽ پنھنجي تمام تر تواناين سان موجود آھن، اڄ جي شاعريءَ جي ھڪ “نئين علامت” جي روپ ۾. شاعر اڄ جي دور ۾ به جيڪڏھن “لڄ” جو ذڪر ڪري ٿو، ته “لوئي” ھن لاءِ لڄ جي علامت بڻجي ٿي. ھو اڄ به وطن ۽ ويڙھيچن سان محبت جي پر پارڻ لاءِ “مارئيءَ” جي علامت ٿو آڻي. پوءِ اُھا “نئين مارئي” ئي ڇو نه ھجي. سچ جي مان سنمان لاءِ “سقراط” اڄ به ھن جي شاعريءَ ۾ زندھ آھي:

    ناھيون سقراط مگر ھٿ ۾
    وھ جو جام آھي ئي آھي.
    لطيف امداد جو روحاني مرشد آھي . امداد وٽ لطيف اھو سورج آھي؛ جنھن جي ھوندي انڌ ٿي ئي نٿو سگهي:

    لطيف ھوندي ڇا جو ڀَو
    سورج ھوندي ڪھڙو انڌ

    امداد شخصي طور ”لطيف” جو پيروڪار آھي. ھو ھڪ نھايت سادو ۽ سچو شخص آھي، ڪنھن به اڊمبر ۽ وڏاءُ ۾ ورتل ناھي. ھو ھر ٺآھه ٺوھ ۽ ڏيک ويک کان نفرت ڪندڙ آھي.
    ھو جنھن ٽکڙ کان حيدرآباد تائين جي ھزارن سفرن ۾، الاءِ ته ڪيترا ڀيرا اونداھين توڙي سُھاين، لُڪن توڙي جهولن ۾؛ “گنجي ڏونگر گام” مان پيرين پنڌ ڪيا ھوندا. ھو جو وسندي مينھن ۾ نيئيون اُڪريو ھوندو؛ ھو جو ايڪانت جي ڳولا ۾ کُٿاب مان ڀڄي سُھڻيءَ واري ٻيلي ۾ گم ٿي ويو ھوندو؛ اُھو سانوڻي سنڌوءَ ۾ ترندڙ شخص؛ منافقين سان پُر زندگيءَ جي تانگهيءَ ۾ ترڻ نه سکي سگهيو.
    اڄ به مارئيءَ وانگيان ھن جا “مٽ” رڳو ھن جا “مارُو” ئي آھن؛ جيڪي ھن جيان سادا، سچا، کرا بھادر ۽ بيباڪ آھن؛

    سُجهي نه ڪائي سِٽ
    ڪوري ڪاڳر تي لِکيم
    مارُو منھنجا مِٽ!

    امداد جي شاعريءَ ۾ “سنڌيت” ڪيترن ئي رنگن ۾ ليئا پائي ٿي. ڪٿي اُھا نج ٻوليءَ جي استعمال جي صورت ۾ آھي. ڪٿي نج پج سنڌي قافين جي صورت ۾ آھي. ڪٿي اھا نج سنڌي شعري صنفن؛ “وائي، ڪافي، دوھو، گيت ۽ بيت” جي صورت ۾ آھي. ڪٿي اُھا “ھائيڪو” جھڙي نھايت خوبصورت جاپاني صنف کي نج سنڌي ويس ۽ ورن عطا ڪري؛ ان نئين روپ رنگ کي “ٽيڙو” جھڙو بامعنى نالو ڏيڻ آھي. ڪٿي اھا قومي جسم تي ڪنھن فاسد مادي تي مسيحا جي تيز نشتر جيان آھي؛ پر اھا ڪٿي به سکڻي نعري بازيءَ جي صورت ۾ ناھي.
    سنڌي سماج ۾، ٻئي ھر سماج جيان اعلى ۽ ادنى؛ مضبوط ۽ ڪمزور، خوبصورت ۽ بدصورت رويا ۽ ڪردار ملندا ۽ امداد انھن سڀني تي ھڪ جيتري سھولت سان لکيو آھي. سنڌ ۾ “ڀوتار” ھڪ خاص ذھنيت جو عڪاس آھي. امداد ان “ڀوتار” کي پنھنجي ھڪ نظم “ملوڪان موت – مروئان شڪار” ۾ ھڪ نھايت جاندار استعاري جي صورت جھڙي ريت استعمال ڪيو آھي. سو ٽي.ايس.ايليٽ جي “شاعريءَ جي سماجي ڪارج” واري نظرئي جو عملي اظھار آھي. شاعر سماجي ناسورن کي پنھنجي مڪمل آڪار ۾ ڪيڏي نه چٽائيءَ سان پرکي ٿو؛ ھن جي قلم جو نشتر اتي ئي چھڪ ڏئي ٿو، جتي ئي ان چھڪ جي ضرورت آھي. امداد جي شاعريءَ ۾ Social Satire اسان کي ملي ٿو. ان طنز جو اظھار سڀ کان پھرين ته ان نظم جي عنوان مان ئي بَکي ٿو. امداد سنڌي جي مشھور پھاڪي “مروئان موت، ملوڪان شڪار” کي ئي پھرين سٽ بدلائي ان پھاڪي کي نئين صورت ھيئن ڏني آھي؛ “ملوڪان موت – مرُوئان شڪار” . خفتي اھا ڳالھه ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته سوئر جو شڪار؛ سو به وري ڦٽيل سوئر جو شڪار دنيا جو مشڪل ترين شڪار آھي؛ ۽ امداد پنھنجي شاعريءَ جي دونال سان اصل سوئر جو شڪار ڪري ٿو.
    امداد دنيا جو ماڻھو ناھي. ھو ھن سماج ۾ مِس فٽ آھي. ڇو ته ھو کانچي بازيءَ جو فن نٿو ڄاڻي؛ ھو ڪُوڙ بدوڙ ۽ اٽڪل سٽڪل کان اڻڄاڻ آھي؛ منافرتن کان پري، وقت جي نزاڪت جھڙين رمزن کان ناآشنا، ھر ٺڳيءَ جي ٺآھه کان ٽھندڙ، حرفت بازين کا نابلد، اندر اڳڙيون پيل اڇن پٽڪن آڏو نه نمندڙ؛ ھو پنھنجي روين ۾ صفا ڪورو ڄٽ آھي ۽ اھا ڳالھه ھو خود ئي چئي ٿو.

    آءٌ نسورو ڄٽ آھيان
    صفا ڪورو ڄٽ!

    اڄ جڏھن ماڻھو زوري پاڻ مڃائڻ جي چڪر ۾ پنھنجي توڙي پراون نالن ۾ پاڻ پڏائڻ ۾ پورا آھن؛ تڏھن امداد خود پنھنجي ذات جي نفي ڪري ٿو:
    امداد ڪھاڻيڪار ڪوي
    ناھي ناھي ھاھا ناھي!
    امداد بغير ڪنھن مک چک جي، ڪؤڙو سچ به منھن تي ڦھڪائي ڏيندو آھي. جڏھن ته ھو اھو به ڄاڻي ٿو ته سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر ھن جي پنھنجن جي ئي ھٿ ۾ ھوندا. پوءِ به ھو نظم لکندو آھي ۽ وڏي واڪ سچ چوندو آھي ۽ ھو ظالم کي کي دل ۾ نه؛ پر وڏي واڪ منھن تي ظالم چوندو آھي. ھن جي نظم “تو ته چيو ھو” ۾ “تو” ھر ظالم، آمر؛ ۽ فرعون جي علامت آھي؛ پر ھر فرعون (تو) لاءِ ھڪ موسى (مون) به آھي؛
    مون جو پوکيو آ مٽيءَ ۾ ٻج نڪرندو ڪونه
    باک نه بکندي، لاک نه لڳندي، نور نسرندو ڪونه
    تو ته چيو ھو : “ڏينھن نه ٿيندو، سج اڀرندو ڪونه!”
    ان نظم جي سموري خوبصورتي ان جي “نه” ۾ سمايل آھي. ان نظم جي سموري طاقت ان جي ناڪاريت ۾ آھي. ان نظم جي “ناڪاريت” ئي ان نظم جي طاقتور “ھاڪاريت” آھي. پوري نظم ۾ ھو ڪٿي به ائين ڪونه چئي ته؛

    ٻج ڦٽو آھي
    سج اُڀريو آھي
    پنڇي وريو آھي
    ڪک تريو آھي
    ماڳ رسيو آھي
    بادل برسيو آھي

    جڏھن ته ٿيندو ائين ئي آھي، پر ائين چوڻ ۾ شاعري ڪھڙي آھي؟ شاعر چئي اھوئي پيو؛ پر ڪنھن اؤر انداز ۾؛ ۽ اھائي شاعريءَ آھي. امداد جي نظم 80ع جي ڏھاڪي ۾ لکيو ھو، جڏھن انڪار جي سزا موت ھو. پر آمر جي آمريت گهڻا ڏينھن؟ فرعون جي فرعونيت گهڻا ڏينھن؟ فرعون جي ڌرتيءَ تي دعويداري به ڪري؛ ھر ٿيڻي کي اڻ ٿيڻي ڪرڻ جي ھام به کڻي ھئي؛ تڏھن به اھا سکڻي ھام ئي ھوندي؛ ڇو ته سج اُڀرندو؛ بادل وسندو ضرور؛ ٻج به ڦٽندو، ھير به گھلندي؛ پنڇي ورندو ۽ ماڻھو پنھنجي ماڳ به رسندو؛ رستي ۾ وڇايل بارودي سُرنگن کي اورانگهي؛

    مارڳ تي بارودي سرنگون، ماڳ به رسندو ڪونه
    چٿي چلھي، چيپاٽي ويندو، ڦيٿو گسندو ڪونه
    تو ته چيو ھو : “ھاڻي ڪوئي بادل وسندو ڪونه!

    امداد جي نظمن جا گھاڙيٽا، انھن جو سٽاءُ؛ انھن جا مختلف وزن پڻ ڌيان لھن ٿا. “تو ته چيو ھو” 27 ماترائن جو، ڇنڊ تي اڌارڪ ھڪ پابند نظم آھي. امداد ملڪي توڙي بين الاقوامي طور ڪيترو باشعور آھي؛ ان جو اندازو ھن جي شاعريءَ مان بخوبي ڪري سگهجي ٿو. مان نٿي سنڀران ته جديد سنڌيءَ شاعريءَ ۾ ڪنھن به شاعر “بارودي سرنگن” جي قابل نفرت حقيقت کي پنھنجي شاعريءَ ۾ آندو ھوندو. جڏھن ته خود بين الاقوامي طور ان مسئلي جي گنڀيرتا کي 90ع جي ڏھاڪي ۾ محسوس ڪيو ويو ھو. جڏھن ته امداد ان کي 80ع جي عشري ۾ محسوس ڪيو ۽ نظم ڪيو. اتي مون کي تنوير عباسيءَ جو امداد جي شاعريءَ بابت ڏنل رايو ياد اچي ٿو جيڪو رايو اڄ به منھنجو سونھون ٿو بڻجي:

    ”ھن وٽ بين الاقوامي شعور آھي
    ھن جي نظم ۾ سڄي دنيا جون پڪارون آھن
    ھو صحيح معنى ۾ آفاقي آھي.“

    (تنوير عباسي امداد آھه رول بئڪ ٽائٽل)

    امداد جڏھن 60ع واري ڏھاڪي ۾ نظم “جنگ” لکيو ھو. ( جيڪو ھن مجموعي جي بنھه آخري مرحلن ۾ مون ان ۾ شامل ڪيو) تڏھن امداد پنھنجي پياري دوست اِشوءَ ( اشفاق قاضي) کي ھڪ خط ۾ لکيو ھو. جيڪو “روح رھاڻ” لاءِ موڪليندي لکيو ھو ته؛ ھو ان نظم کي ھڪ طويل نظم ڪرڻ ٿو چاھي – پر ان لاءِ ھن کي ڪجهه ڪتاب درڪار آھن؛ جن کي ھٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ھن اشفاق کي به لکيو ھو.
    امداد جو نظم “جنگ” Radical Pessimism جو ھڪ اعلى مثال آھي. جنھن ۾ جنگ جي ھولناڪين کي بيان ڪرڻ لاءِ، امداد ھڪ بنھه مختلف لھجو اختيار ڪيو آھي. ھن نھايت بي رحماڻي انداز سان؛ ان پيڙا ۽ درد کي اُکليو آھي. جيڪو ان نظم جي گھاءَ کي گهرو ٿو ڪري ۽ درد کي ٻيڻو ٿو ڪري. ھي نظم ايندڙ نسلن لاءِ ھڪ روايت بڻجڻ جون سموريون خوبيون رکي ٿو . ان نظم جي ٻوليءَ: لفظ ۽ انھن جي معنويت، ان ۾ موجود احساس؛ ھڪ ٻئي کان الڳ ناھن. اھو سمورو نظم بيحد خوبصورت استعارن سان سينگاريل آھي. اھي سمورا گُڻ ۽ خوبصورتيون ھڪ ڪُل جو حصو آھن. انھن سڀني جو پرڪاش ھڪ ئي وقت ٿئي ٿو. اھو نظم امداد جي شاعريءَ ۾ موجود نئين حِسيت جو اظھار آھي:

    سرد ويران رات جو ماحول
    ھر گهٽي سيءَ ۾ پئي ٿڙڪي
    ھر ستاري جي پئي وڄي ڄاڙي
    چنڊ ويچارو ڪئن نه پيو لرڪي
    اڌ اگھاڙن جوان جسمن جي
    دل اڳي کان وڌيڪ ٿي ڌڙڪي!

    در ۽ ديوار سآھه ۾ سوڙھا
    شھر مان ڄڻ گھمي ويو راڪاس
    ھيٺ ويھندي وڃي پئي ڌرتي
    مٿي ٿيندو وڃي پيو آڪاس
    شھر آھي يا آھه قبرستان!

    ھھڙي قبرستان جھڙي ويراني ۾ ماٺ زرد پن ٿي ڇاڻي؛ ۽ ھوائون پيون پڙھن نوحا: ڪا زنده ۽ چُرندڙ شيءَ جيڪڏھن آھي به ته صرف “ڪتا” آھن؛ جن جي به نُوس نُوس پئي پئي:

    شھر ۾ آھه ڪرفيو آرڊر
    جي کليل آھه ڪو دڪان ڪٿي
    ته انھيءَ تي ڪفن وڪامي ٿو
    جيڪو آھي جتي رھي سو اتي
    ٿوري چُرپُر جي موٽ ۾ گولي
    زندگي آھه اڄ ھتي نه ھُتي
    جسم جو مُلھه فقط ڊبل روٽي
    ڪير ٿو پيٽ تي ٻڌي پٿر
    ٻار ڦٿڪي مري رھيا آھن
    صرف ھڪ اونس کير جي خاطر!

    ٻي مھاڀاري جنگ جي موضوع تي سڄي دنيا ۾ بھترين ادب ۽ شاعري تخليق ٿي. جيتوڻيڪ اسين سنئون سڌو ان جنگ ۾ شريڪ نه ھئاسين؛ ان ڪري ان جي ھولناڪين جو اسان کي احساس ناھي؛ پر تڏھن به ان جنگ جي ڪري عالمي ڪساد بازاريءَ جو اثر اسان تائين به پھتو؛ ايتريقدر جو ان دور ۾ ڪفن به “راشن” تي ملندو ھو. سنڌيءَ ۾ پنھنجي پاورفل Content جي ڪري ھي ھڪ يڪتا نظم آھي.
    امداد جي ھن نظم جو موضوع؛ ان جي آئيڊيا؛ ان نظم ۾ موجود تناءُ ۽ ان جو ڦھلاءُ ھڪ بنھه نئين ٻوليءَ جي تقاضا ڪري ٿو. امداد نظم ۾ جنگ جي ھولناڪي، تبآھه ڪاري، ڊپ ۽ خوف ، بُک ۽ موت؛ انسان جي ارزاني ۽ شين جي گراني، مستقبل جي بي يقينيءَ کي ايڏي تُزپڻي سان لفظن جو ويس ڍڪايو آھي؛ جو نھايت يقين سان اھو چوڻو پئي ٿو ته ٻي مھاڀاري جنگ جي تباھڪارين ، ھولناڪين جو اھڙو لڱ ڪانڊاريندڙ ، دل ڀڄائيندڙ، ۽ پيڙيندڙ اظھار سنڌيءَ ۾ اڻلڀ آھي. “جنگ” نظم ۾ موجود تخليقيت جو عنصر يقينن شاعريءَ جو ڪمال آھي. نظم جون سٽون ايتريون ته تاڻيل ۽ ڀريل آھن جو انھن ۾ جيڪڏھن سُئي ٽنبجي ته رت ٽِمڻ لڳي!
    شاعريءَ لاءِ Incentiveشاعر کي ٻن ذريعن کان ملندو آھي. ھڪڙو پنھنجي مطالعي مان؛ ٻيو مشاھدي مان. اھي شاعر جن جو مشاھدو ۽ مطالعو ٻئي وسيع ھوندا آھن؛ اھي ئي شاعريءَ جھڙي اعلى ۽ مشڪل صنف سان اعلى نموني نڀائي سگهندا آھن. ڪن شاعرن تي خود فطرت به گهڻي مھربان ھوندي آھي ۽ انھن جي اندر مان ڪنھن مٺي چشمي وانگر شاعري ڦٽندي آھي. امداد تي فطرت جي به فياضي رھي آھي؛ ته ھن جي مطالعي ۽ مشاھدي جي وسعت به ھن جي شاعريءَ کي نيون دشائون ڏنيون آھن.
    شاعر ڪنھن خلا ۾ نٿو جيئي. ھو ھن دنيا جو رھواسي آھي. جنھن ۾ نه ته فرشتا ٿا رھن ۽ نه ئي ڪامل ولي. ڇو ته شاعر جي شاعريءَ جو واسطو ڪنھن Vaccum سان ناھي. ان ڪري شاعر پنھنجي آس پاس لاماريندڙ ڍونگين ۽ رياڪارن ، مڪارن ۽ منافقن جي ھن دنيا ۾، جُبن ۽ دستارن، عصابردارن ۽ اڇن ڪپڙن پھريل اندر ڪارن ماڻھن جي رياڪارين، مڪارين، منافقين، ڍونگن، بناوٽن ۽ ٻھروپن کي سمجهندي ٻڄھندي، ان کان ڌڪار محسوس ڪندي ئي شاعر ان بوھيمين لائف اسٽائيل کي ويجھو ٿي وڃي ٿو: جنھن کي مختلف دورن ۾ مختلف نالا ڏنا ويا امداد جي ان اسٽائيل ئي ته امداد کي پنھنجي دور ۾ ھڪ بنھه مختلف لُڪ ڏني پنھنجي ذات کان بيگانو ؛ ھڪ رف ٽف اسٽائيل وارو؛ گھنجيل ڪپڙن ۽ وکريل وارن وارو شخص؛ پنھنجي ھر انداز ۾ ھڪ آرٽسٽ ھجڻ جو ڏيک ڏيندڙ شخص، ھر جڪڙ ۽ پڪڙ کان ٻاھر، آزاد، Different ۽ Unusual . ھر اھو ڪم ڪرڻ تي ھن جو من اُڀاري ٿو، جنھن ۾ ڪنھن نئين تجربي جو انڀؤ ٿئي؛ ھر نئين تجربي جي تجسس، ٿرل ۽ سسپنس ھن کي ھر نئين جوکم کڻڻ تي آماده ڪري پئي ورتو، ان ريت ھو زندگيءَ جي تمام تر قباحتن ۽ ڪراھتن مان ھڪ جيتري آسانيءَ سان گذري ويو. انھن سمورن ڪؤڙن ۽ مٺن تجربن ھن جي زندگيءَ کي ھڪ ٿھمر ۽ ڊسپلين ڏنو، پر ھن جي شاعريءَ جو لھجو نه بدليو؛ ھن جي شاعريءَ ۾ اڄ به اھو ناراض، ڪاوڙيل ۽ بولڊ لھجو ڊامينٽ ٿو ڪري، ھن جو اھو مختلف لھجو دراصل “اک اُلٽي ڌارڻ” آھي؛ ۽ اھو ائين آھي، جيئين شاھه لطيف جو پنھنجي دور ۾ ائين چوڻ ته:

    اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين
    لوڪ وھي لھوارو، تون اوچو وھ اوڀار
    منجهان نوچ نھار، پُر پُٺيرو پرينءَ ڏي

    شاھه لطيف

    ان ريت شاھه لطيف جھڙي مھان شاعر به پنھنجي دور جي ٺھيل ٺڪيل اقدار کان انڪار ڪيو ھو؛ بغاوت ڪئي ھئي. جنھن جو مثال ھن جي زندگيءَ توڙي ھن جي شاعريءَ ۾ جا بجا ملندو. امداد به لطيف واري پَر پاري آھي:

    آءُ اجهامڻ ڄاڻان ڪونه
    وٽ وانگر کامڻ ڄاڻان ڪونه!

    ان ڪري ھن ھر روايت کان بغاوت ڪئي آھي ۽ وڏي واڪ سڀئي حڪم عدوليا آھن. انھن حڪم عدولين لاءِ ھو ھر ڀيري ھڪڙو ساڳيو لھجو ۽ انداز اختيار نٿو ڪري. ھن جون اھي حڪم عدوليون دراصل ھن جو اھو Authritative لھجو آھي، جيڪو ڪنھن سچي شخص جو ئي ٿي سگهي ٿو.
    امداد اسان کي حالتن جي مقابلي ڪرڻ جو ساھس بخشي ٿو، ھو اسان کي “فراريت” (Escapism) کان بچائي ٿو:

    حالتن کان فرار ڇاجي لئه
    سج سورج مُکيءَ جي آڏو جھل
    ھي انڌيرن سان پيار ڇاجي لئه!

    اسين سڀ اھي سورج مکي آھيون، جن جا ڳاٽ سورج آڏو ئي اُڀا ٿين ٿا. انڪري اسان کي اھڙا سورج سمان شاعر کپن ئي کپن؛ جيڪي شاعريءَ جي نصف النھار تي چمڪن. ڇو ته ھڪ سچو شاعر ئي ”ڌنڌ جي ھر لمبي ديوار” جي ھُن پاران “راجڪمار” جيان ويندو آھي جيڪو “ڏاڏيءَ جي سُڻايل آکاڻيءَ” ۾ آھي:

    جنھن ۾ سورج جي اڳيان ڌنڌ جي لمبي ديوار
    ايئن پگهري ھئي، جئن ميڻ رِجي بآھه اڳيان!

    سنڌ جي اتھاس ۾ جيئن ڪڏھن حيدرآباد جون ھوائون مشھور ھيون. تڏھن جڏھن حيدرآباد ۾ محبتي ماڻھو رھندا ھئا. تڏھن ھُتي جون ھوائون به ٿڌڙيون ۽ محبتن سان مھڪندڙ ھيون؛ ھاڻي انھيءَ ڀيڻين رڳو دونھن ۽ ڌوڙ آھي. ھاڻي اھي ساڳيون سڪون ڄام شوري جون ھوائون ٿيون لاھين. امداد گذريل ٻاويھن سالن کان ڄام شوري جي انھن مست ھوائن کي ڪڏھن صبح جي ٿڌڙي ھير جيان جھٽيو آھي. ته ڪڏھن ڪاڙھن ۾ لُڪن جي صورت ۾ سَٺو آھي، ته ڪڏھن شام کان پوءِ . . . آڌيءَ لڙي ويل ٺريل ھوا جي روپ ۾ جھٽيو آھي. ھتي ھوا کي ڌيرج ڪڏھن ڪڏھن آھي، نه ته اڪثر اِھا ھوا تيز، ڇتي، پن ۽ پنا اُڏاريندڙ ھوا آھي. اھڙي ھوا جنھن جي مخالف سمت ۾ ھلڻ ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور ھوندو آھي. اھڙين ئي ھوائن لاءِ لطيف سائين ائين چيو ھو؛
    “سدا ھلن سامھان، عاشق اتر ھير!”
    ڄام شوري جون تيز ۽ ڇتيون ھوائون ڪيترن ئي پنن کي اڏاريو وڃن؛ ۽ يادگيرين جا اھي پنا جڏھن اُڏرن ٿا تڏھن شاعر کي ڇا ڇا نٿو ياد اچي؛

    “يار جيڪي ھا ھنئين جون ٿوڻيون
    ننگ مولا تي رک
    ٻول تن جيڪي ٻڌا
    سگريٽ جي دونھين جيان وکري ويا!”

    اھي دوست جيڪي ڪڏھن تسبيح جي داڻن جيان ھئا ۽ جيڪي پنھنجي دور جو فخريه حوالا ھئا – اھڙا يار جيڪي؛

    پَنَ جي ٻيڙي به ھڪ ھڪ ڦوڪ او پيئندا ھئا
    ھڪ ٻئي جي لاءِ او مرندا ھئا جيئندا ھئا
    ھڪ پيالي مان به ھڪ ھڪ سُرڪ سُرڪيندا ھئا
    ڀور مانيءَ مان به ھڪ ھڪ چڪ اوکيندا ھئا

    ھتي مان محض متضاد روين جي ڳالھه ٿي ڪريان. ھتي مان امداد جي شاعريءَ ۾ ڊڪشن ( ) جي شاندار استعمال، قافين جي خوبصورتيءَ، سٽن جي سرلتا جي ڳالھه نٿي ڪريان. اھي ٻول؛ اھي قول ھوائن ۾ اڏري ويا ۽ سڀ ڪجهه رک ٿي ويو ۽ ان رک کي تيز ھوائون اُڏاري ويون. شاعر جي دل جو درد، ان جي پيڙ؛ ۽ ان پيڙ ۽ درد جي انتھا شاعر جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ . . . شاعر انھن منظرن مان اُڀاري ٿو؛ اھوئي ان جو آرٽسٽڪ اظھار آھي؛

    “رک ۾ آ چڻنگ
    سا ڌکندي ڀيڙ ٿيندي وڃي
    لوڊ شيڊنگ ۾ ڏيئي جي لاٽ ٿي ڀڙڪا ڪري
    ۽ مٿان کان
    آسمان کان
    وڄ ٿي ڪڙڪا ڪري!”

    “لوڊ شيڊنگ” ۾ “ڏيئي جي لاٽ” جو “ڀڙڪا ڪرڻ” ۽ “وڄ جو ڪڙڪا ڪرڻ” ان آرٽسٽڪ ايڪسپريشن کي محسوس ڪيو.
    نظم “دان – وردان” ۾ امداد جي Optimistic لھجي ۾ نعري بازيءَ جو ڪو عنصر ناھي. ان نظم ۾ شاعر بيحد آرٽسٽڪ انداز ۾ گهور اونداھين ۾ سج اُڀرڻ جي نويد ڏئي ٿو. ۽ جيتري خوبصورتي سان شاعر ان کي بيان ڪيو آھي؛ ان کي مان Aesthetical Optimism چئي سگهان ٿي. امداد جو خود به ڪنھن مت ڀيد ۾ يقين نٿو رکي، ھو ڇو ته سنڌ جو آھي؛ ان ڪري ئي سڄي عالم جو آھي، ان ڪري ھن جي شاعريءَ جو سج سنڌ ۽ سڄي عالم تي پنھنجن ڪرڻن جي “کنڪدار اشرفين” جي ورکا ڪري ٿو؛ ڪنھن به مت ڀيد بنان؛

    “ڪنھن به مت ڀيد بنان
    جھنگ ۽ جھر
    بحر ۽ بر
    ڳوٺ ۽ شھر
    سڄي سنڌ مٿان
    پوءِ سڄي عالم تان
    پھريان ڪنوارا ڪرڻا
    جيئن ورکائيندو مٺيون ڀري
    ڪرڻن جون کنڪدار اشرفيون سانول
    تيئن ئي پاڻ ٻئي
    جهول جهلينداسين سڃينداسين اکيون اوڀر ڏي”

    ان نظم ۾ “سانول” ھيڪلو ناھي – “ھوءَ” به آھي؛ جا ھُن لاءِ ڏڍ جو باعث آھي:

    “ ھوءَ چي ٿي ته، ڪڏھن
    سج حيران پريشان نه ٿيو – ڇا به ٿيو!”

    ھتي؛ اھو سج ؛ ڇا رڳو سج ئي آھي ؟ نه؛ ھتي اھو سج شاعر جي به علامت آھي؛ جيڪو روشنيءَ جي ڪرڻن جون کنڪدار اشرفيون، سڄي عالم تي اُڇليندو آھي.
    ھڪ شاعر جي گهر (بلڪه ٻن شاعرن جي گهر) رات به جھڙو ڏينھن آھي. ٻار ڪمپيوٽر تي ويٺا ھوندا آھن، سانول ويٺو گيت رچيندو: سُر سرجيندو آھي؛

    “ڪيڏا پنا ڦاڙيم رات، ھڪڙي شعر لکڻ جي لاءِ”
    ۽ مان اڪثر لکڻ، پڙھڻ ۾ ۽ ڪڏھن وري سِبڻ ڀرڻ ۾ مصروف ھوندي آھيان. اوچتو لڙي آڌيءَ جو خيال ايندو آھي ته ٻارن کي ۽ ٻارن جي پيءُ کي بُک لڳي ھوندي. پوءِ مان سڀ ڪجهه ڇڏي رنڌڻي ڏانھن لُوھ پائيندي آھيان. تڙ تڪڙ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٺاھي وٺندي آھيان، گهڻو ڪري سينڊوچ ۽ ملڪ ڪافي. سياري ۾ ته خاص طور سان سلائيس ٽوسٽ ڪري ان تي ڊينش بٽر، فرينچ چيز ( Cheese) ۽ جرمنيءَ جي ماکي ھڻندي، سينڊوچ ٺاھيندي، سني، جاني ۽ سانول کي ڏيندي ويندي آھيان. ائين اسين رات جي ٻين اڍائين وڳي ان ڏينھن جو Last super ڪندا آھيون. اھڙي ئي ھڪ سياري جي رات ۾ لکيل ان نظم جي وچ ۾ مان ڪيئن نه اچي وئي آھيان.

    اھا تنھنجي ڪُئيڪ سروس
    سلائيس ود ھني ۽ مکڻ
    ۽ مِلڪ ڪافي ٺاھي اچڻ
    وار ڪُلھن تي کولي ڇڏڻ
    اچي پاسي منجهه وھڻ
    گوڏو گوڏي سان گڏڻ
    ۽ ڪن۾ اھڙي ڳالھه چوڻ
    جھڙي ماکيءَ لار ڳڙڻ.

    ائين شاعر امداد جي “شاعراڻي تخيل” ۾ حقيقت جي آميزش ائين ئي آھي جيئن ؛ “سلائيس وِد ھني ۽ بٽر” ۽ ائين ھڪڙي ھڪڙي سِٽ سرجڻ، پر ان سِٽ جو ڪٿي به نه ڇپجڻ، امداد ته اھو شاعر آھي جو خود پنھنجين سٽن کي / پنن کي ڦاڙي ھوا ۾ اُڏاري ڇڏي ٿو؛

    سٽ کي اکين آڏو جهلڻ
    پوءِ پني کي ڦاڙي ڇڏڻ
    ڦاڙي ھوا ۾ اُڏاري ڇڏڻ!

    شاعر شعر / لکيل پنا ته ڦاڙي سگهي ٿو ، پر ھو يادگيرين جا پنا نٿو ڦاڙي سگهي. ھو يادگيرين جي سمنڊ ۾ لھر در لھر ٻڏي اُپڙي ٿو. ڳوٺ جي ياد ھن جي دل جو جھان آباد ٿي رکي ۽ ھن کان ھيڏن سُکن ھوندي به ڳوٺ جي اُھا “ڦٽل بازار” نٿي وسري. نظم “نما شام” ۾ ڳوٺ جو اھو چوڪ اھو “چوسول” جو ان ڳوٺ جي قدامت جي علامت آھي. اھي قربائتيون ڪچھريون، اھي روح رھاڻيون، بريون ڇيلڙيون ۽ اڌ اگھاڙا ڪوجهڙا ڪارڙا ٻار، اھا چُھچ ساون وڻن جي قطار، ۽ “جُون” وآھه جي ڪپ تي پکين جي پڪار، ھن کي پنھنجي اتھاسڪ ڳوٺ جي ھڪڙي ھڪڙي شيءَ ياد اچي ٿي؛
    نما شام گهر گهر ٻريا جيئن ڏيا
    کليا ياد جا ريشمي تاڪيا
    انھن ٻن سٽن ۾ ڪُل 12 لفظ آھن ( جن مان ڪجهه (Mono -syllabic ) ٻيا (Bi-syllabic ) آھن) انھن ٻارنھن لفظن مان Syllables 9 “آ” جي صوت ( Phoneme) تي آڌارڪ آھن. اھي سٽ کي سَرلتا ۽ سونھن بخشين ٿا. يادگيرين کي “ريشمي تاڪين جي کلڻ” سان تشبيھه ڏيڻ، اتي ريشم جي سونھن، ريشم جي لساڻ، ريشم جي جھلمل ۽ تاڪيي جو تھه در تھه کلڻ، يادگيرين جي حسن کي نھايت ئي خوبصورت Compliment آھي. ھتي ھڪڙي ڳالھه ته مان پھرين ئي چٽي ڪري ڇڏيان ته شاعري ڪرڻ ڪو واپار ڪرڻ ناھي، جو شاعر شعر جوڙڻ کان اڳ ۾ ويھي سمورو حساب ڪتاب جوڙي ته؛ ڪيترا Vowels ڪيترا وينجن، ڪھڙا سُر، ڪھڙا اوزان. شاعريءَ ته روح جي باليدگيءَ جو اھو ڪرشمو آھي، جيڪو تخليقاتي سطح تي ظاھر ٿئي ٿو. ان ۾ شعوري ڪوشش جو ڪو عمل دخل ناھي. خوبصورت شاعري ته شاعر جي وجدان جو حصو آھي. اُھا ٿي ويندي آھي؛ ڪئي نه ويندي آھي. اھو ته دراصل اسين شاعريءَ جي شرح بيان ڪندڙ ۽ نقاد ويھي ان کي کوٽيندا آھيون ۽ ان جي ذري ذري کي الڳ ۽ ڌار ڪري، ان کي Disect ڪري، ان جي سموري سٽاءُ کي کوجيندا آھيون ۽ ان جي ماھيت بابت پنھنجي سائنسيت جي آڌار تي ھڪ نظريو ڏيندا آھيون. شاعري لفظن جي سائنس آھي. شاعريءَ جو واسطو لفظن سان آھي. لفظن جو واسطو وري شين ۽ منظرن، احساسن ۽ جذبن سان آھي. ان ڪري شاعريءَ جي قدر قيمت انھن سمورين شين، منظرن، احساسن ۽ جذبن جو لفظن ۾ نھايت فنڪارانه اظھار ۾ ئي پنھان آھي، “نماشام” امداد جو ھڪ نھايت خوبصورت نظم آھي: ڳؤڌول سمي جھڙو سھڻو نظم؛

    اھي پل پکيئڙن جيان پر ڪري
    الائي ته ڪاڏي اڏامي ويا!

    “سگريٽ” امداد جي شاعريءَ جو ھڪ نھايت جاندار استعارو آھي. شھر جي شخص جي اڪيلائيءَ کي، ان جي پيڙ کي؛ زندگيءَ جي بي معنويت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ ته ڪڏھن زندگيءَ کان فراريت لاءِ ۽ وري ڪڏھن “فنا” جي علامت طور امداد “سگريٽ” جو استعارو استعمال ڪري ٿو. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ امداد حسينيءَ سگريٽ جي علامت کي ھڪ جاندار علامت بڻائي ڇڏيو آھي؛

    سگريٽ مان سگريٽ دُکائي
    ايئن مون ڪاري رات وھائي

    ھو ڳالھه جڏھن منھنجي ٻڌي ٿو نه ٻجھي ٿو
    سگريٽ پيئڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونه سُجهي ٿو
    ھو ڳالھه جڏھن منھنجي ٻڌي ٿو ۽ ٻجھي ٿو
    سگريٽ پيئڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونه سُجهي ٿو

    شھري زندگيءَ جي مصنوعيت، ان جي شوبازي، ڏيکاءُ، ان جو ڪُوڙو ٺٺ ۽ ٺانگر، اوپري اخلاقيات، کوکلو ٿي ويل تھذيبي ڍانچو، کسجي ويل قدر، رڳو ٻاھرين مک چک تي تڳندڙ شھر، چھري تي چاڙھيل ماسڪ ( ) پويان لڪل چھرا؛ رڳو پنھنجي لھجي جو زھر آڇيندڙ شھر؛
    شھر: زھر لھجا، نقاب ھر چھري تي پاتل
    ڳوٺ: گهٽيون واقف، ماڻھو ڄاتل ڏيک سڃاتل
    انھن ئي شھرن ۾:

    کائڻ لئه بس مانيءَ ڀور
    ۽ فٽ پاٿ سمھڻ جي لاءِ
    نظم “اوڦٽو” جو ھي شھر، ڪھڙو شھر آھي؟ ان نظم جي پيڙ کي پنھنجي ڌرتيءَ تان ٿاڏاريل اھو شخص ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو پنھنجي ئي جنم ڀوميءَ تي ڪنھن “اوڦٽو” ۽ اجنبيءَ جيان بيٺو ھجي، اھو شھر جنھن ۾ ڪڏھن ماڻھو ھئا، اھو شھر جنھن ۾ ڪڏھن ٻالڪ ھئا:

    ”ھي شھر جو
    مون لئه رڳو
    ڀتيون نه ھو
    ڇتيون نه ھو
    چؤسول ۾
    گهٽيون نه ھو!“

    امداد جا نظم پڙھي وار ڪانڊارجي ويندا آھن. “سفاڪ” به ھڪ اھڙو نظم آھي. امداد جو ھي نظم نه، پر بندوق جي اھا ناليءَ آھي جا؛

    اوندآھه سان آھي ڏٽيل
    بارود جي بُو سان ڀريل

    1988ع کان پوءِ اسان جن شھرن ۾ جا انارڪي ۽ دھشتگردي پکڙي، تنھن سمورا قدر يڪسر بدلائي ڇڏيا، انسان دوستيءَ جي جاءِ سفاڪي اچي والاري، ڦريل؛ سڙيل؛ اُجڙيل؛ ريپ ٿيل ( ) جو ھي نوحو آھي؛ نظم ناھي!
    امداد جي شاعريءَ ۾ اڪثر طنز جو ھلڪو چيڪو ٿوري ڇرڪ ڀرائڻ لاءِ ڪافي آھي. اسان وٽ طنز سدائين ٻين تي ڪيو ويندو آھي. پنھنجي ذات تي ڪو ڪک سھڻ لاءِ به تيار نه آھي. پر امداد انھن روين جي ابتڙ طنز سدائين پنھنجي ذات تي ڪندو آھي ۽ اھائي امداد جي وڏائي آھي:

    تون به ته پنھنجو آ امداد
    تون به ڀلي ڪا گهاڻي گهٽ

    اھو ھڪ نھايت سَنڌائتو ڌڪ آھي، اسين رڳو ڌارين جا ڏنڀيل ۽ ڏنگيل ناھيون، اسين ته خود پنھنجن جا ڪڙايل آھيون.
    يا ھن شعر ۾ امداد تجاھل عارفانه جو نھايت خوبصورت استعمال ڪيو آھي:

    امداد ڪھاڻيڪار ڪوي
    ناھي ناھي: ھا ھا ناھي!

    غربت ۽ مفلسي ۾ کاڌي پيتي جي اڻھوند تي ھي شعر آھي ڪين طنز جو نشتر؛

    کائڻ جي لئه دوکا کوڙ
    آھن لُڙڪ پيڻ جي لاءِ!

    امداد وٽ سنڌ جو ھڪڙو حوالو اھو به آھي ته جن ماڻھن “سنڌ” جي نالي کي ڪيش ڪيو. سڀ ڪجهه تڳايو ۽ “ڪين” منھنجان “گهڻو ڪجهه” ٿي ويا. “سنڌ سنڌ سنڌ” ڪري سڀ ڪجهه ڦٻايائون ۽ سڀ ڪجهه تين وال ڪري ڇڏيائون. ھي ٻه سٽون انھن “کوٽن” لاءِ جيڪي “کرا” ٿي ويا:

    ڪئن نه امداد “سنڌ” جي نالي
    کوٽيون ٿي ويون کريون يارو

    امداد ان ساڳي غزل جي ھڪ ٻئي شعر ۾ پنھنجي نھايت اعلى ظرفيءَ جو مظاھرو ڪندي پنھنجو پاڻ کي ئي “ڌِير ڌرڻ” جي صلاح ڏئي ٿو ۽ “منافق” کي؟

    ڀل ته واڌي ھجي منافق کي
    پاڻ ئي ڌِير ٿا ڌريون يارو!

    امداد ھڪ اوچو ۽ اعلى مقصد رکي پنھنجي ذات کي Satire لاءِ استعمال ڪري ٿو. امداد اھو اوچو ۽ اعلى مقصد پاڻ کي بار بار ياد ڏياريندو رھي ٿو، ڇو ته امداد پنھنجي فڪر توڙي عمل ۾ سدائين اٽل، اڏول ۽ اِسٿر رھيو آھي ڪارونجهر جيان؛

    ڪارونجهر ٿيجان امداد
    جهُڪي وڃي سو ڪھڙو ڪنڌ!

    ڇو ته ڪارونجهرجيان اٽل، اڏول ۽ اسٿر رھڻ دراصل اٽلٽا، اڏولتا ۽ اسٿرٿا واري لطيفي پر پارڻ آھي.
    لطيف جي سڀني وصفين سھڻين واين ۽ ڪافي گو شاعرن جي چيل سُريلين ڪافين کان پوءِ شاعريءَ جي ڳائي سگهجڻ واري گُڻ کي امداد نھايت ڪمال سان نڀايو آھي. امداد جا گيت، وايون، ڪافيون، عزل توڙي نظم به جيڪي ڳايا ويا سي پنھنجو مثال پاڻ آھن. مثالطور، “ڪاش مان چنڊ ھجان تنھنجي اڱڻ تي اُڀران، ات ڪا برسات جي ايندي جڏھن، ھل ته ڪنھن ميڪدي ۾ ھلون، ھيل بسنتي رت جي آئي لال ليار پٽينداسين.” يا خود امداد جو ڪلاسيڪ نظم “شھر” ؛ “ھي منھنجو شھر آھي يا دشمن جو شھر آ !” پڻ ڳايو ويو. امداد جي سموري سُريلي شاعريءَ ( Lyrical Poetry ) پنھنجي معنوي خوبصورتيءَ سان گڏوگڏ پنھنجي ڊڪشن (Diction ) جي پختگي، تخيل جي بلندي، احساس جي نزاڪت، جذبي جي نفاست، خيال جي رنگيني، ردم ۽ نغمگي جي حوالي سان سنڌي سُريلي شاعري ۾ يڪتا حيثيت رکي ٿي ٿ. امداد جو ڪيترو ئي ڪلام اھڙو آھي جو جيتوڻيڪ اڃا ڳايو نه ويو آھي پر ڳائي سگهجي ٿو ، ڇو ته ان ۾ سمورا سُر سمايل آھن، ھتي مونکي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جون چيل ھي سٽون ياد ٿيو اچن؛
    “امداد جو تازو نظم “ھاڻ ته جانان” جديد انداز ۾ آھي ۽ مخصوص ردم ۽ ڊرم جي تال تي ڪمپوز ڪري سگهجي ٿو. مون ان کي ڊرم بيٽ تي ڪمپوز ڪيو آھي. موسيقيءَ جي جديد انگ ۾ مترنم ۽ ڳائڻ جھڙو آھي.” ( سنڌي ادب جي مختصر تاريخ 1983 ص 291)
    امداد حسينيءَ وٽ گيت چوڻ جو فطري ڏانءُ آھي. شاعريءَ جيان سُريلائپ پڻ ھن جي Genes ۾ سمايل آھي. ردم ( Rythm )، ھارمني (Harmony ) ۽ سُريلو پڻ (Lyricism ) ھن جي فطرت جو ائين ئي حصو آھي. جيئن ھِير جو گُھلڻ، مکڙيءَ جو ٽڙڻ ۽ کنوڻ جو کلڻ آھي، تيئن ئي ھڪ گيت رچڻ پڻ آھي؛

    “گيت رچڻ ري
    سر سُرجڻ ري
    پنھنجي ناھي سري سري
    گيت چياسين وري وري”

    گيت ۽ سنگيت کان سواءِ جنھن جي سري ئي نه، سو سنگيتميه فطرت رکندڙ ڪوي ئي اھڙا “کنڪدار گيت” رچي سگهي ٿو. امداد ھندي لفظن ۽ اوزان جي آميزش کان سواءِ ئي گيت چيا آھن. امداد جا گيت نج سنڌي گيت آھن. ھن گيتن لاءِ نج سنڌي سنگيت کي پنھنجو سونھون بڻايو آھي. جيڪو قديم دورن کان وٺي سنڌي سماج جو حصو آھي . لوڪ گيتن، سھرن، لاڏن ۽ ڳاچن جي صورت ۾ يا وري ڪافي ڪلام جي صورت ۾ اسان جي عوام جي ميراث آھي ۽ اڄ به سنڌ جي وسيئن ۽ واھڻن ۾، تڪين ۽ اوتارن تي ٿيندڙ روزاني مجلسن ۽ جمعرت ۽ چنڊ جي چوڏھينءَ تي ٿيندڙ خاص مجلسن ۾،، اڄ به سنڌي سماج جو ھڪ حصو آھي. امداد جي گيتن جا لفظ ۽ ٻول نج سنڌي مزاج رکندڙ آھن. سنڌي موسقيءَ جو مٺو جادو ماڻھوءَ جي روح ۾ اونھي پاڙ ھڻي ٿو. اھي سُر ڪڏھن “ڪوھياريءَ” جي روپ ۾ ماڻھوءَ جي ھنئين ۾ ڪان جيان کُپي ٿا وڃن؛ ته ڪڏھن “راڻي” جي روپ ۾ ماڻھوءَ کي جھومائي ٿا ڇڏين، ته ڪڏھن وري ڪنھن لوڪ گيت جيان پنھنجي مزاج ۾ سادا، سريلا ۽ سچا آھن، پر جن جي رنگ ۽ آھنگ ۾ فطري کھراڻ به سمايل آھي. امداد وٽ اھڙا لوڪ رنگ ۾ رتل کوڙ گيت آھن، پر مان ھڪ اھڙي گيت جو مثال ڏيندس، جنھن تي حاويRustic toneئي ان گيت جي خوبصورتي آھي؛

    ”ڇنن ڇنن ڇُلي ڇُلي ڇولي وئي
    الا ڇولي وئي
    تاڙي جي تاڙ ڪندي ٻولي وئي
    الا ٻولي وئي
    گهوريان توتان نوٽ پرين
    گهر ھليا گهوٽ پرين
    مند کاڌي موٽ پرين !“

    ان گيت ۾ تجنيس حرفيءَ Consonance ۽ Vowelsجو خوبصورت ۽ تز استعمال، سٽن جي سونھن کي انھن جي مڪمل معنى سان نکاري بيھاري ٿو. “نوٽ گهورڻ” اسان جي ثقافتي زندگيءَ جو ھڪ اھم ۽ خوبصورت حصو آھي. “نوٽ” لفظ جو ايڏو پرفيڪٽ استعمال پڻ ڌيان لھي ٿو. امداد شھري علامتن سان آراسته شاعريءَ ۾ “نوٽ” کي ماديت پرستي، لالچ ۽ ڪڏھن وري مجبوري جي علامت طور به استعمال ڪيو آھي. پر ھتي اھو “پيار جي پالوٽ” ٿو ظاھر ڪري:

    ”جهُڙ ٿيو، لڙ لٿو، جهوري وئي
    الا جهوري وئي
    للر ٿيو، لوڙھ لٿي، لوري وئي
    الا لوري وئي
    پلر جي پالوٽ پرين
    گهر ھليا گهوٽ پرين
    مند کاڌي موٽ پرين!”

    گيت جو ھي بند ان ڳالھه جو چٽو ثبوت آھي ته امداد جا گيت محض Enjoyڪرڻ جي شيءِ ناھن، انھن گيتن ۾ Enjoyment سرور ۽ خوشيءَ سان گڏوگڏ ڪو مقصد به ڪار فرما آھي. ھو گيت گيت ۾ گهڻو ڪجهه چئي وڃي ٿو؛ ڪو اشارو ڪري وڃي ٿو ، ھن جا گيت محض سُرتال تي پورا، بي مقصد گيت ناھن بلڪه ھن جي گيتن ۾ اسان جي لوڪ ثقافت جا چٽا رنگ آھن. ھن جي گيتن ۾ سنڌ جي ٻھراڙي سآھه کڻندي نظر اچي ٿي ، گيت جي ان بند ۾ اسان جي اکين آڏو مارئيءَ جي اھا مارو اچن ٿا، جيڪي اڄ ايڪيھين صديءَ جي چائنٺ تي پھچي به ابر جي آسري تي زندگي گذارين ٿا. ان بند ۾ “جُھڙ ٿيڻ” جي خوشخبريءَ سان گڏ “لُلر ٿيڻ” ۽ “لوڙھ لھڻ” “لوري وڃڻ” سان گڏ “پلر جي پالوٽ” جي سُکدائڪ خبر ڏيڻ سان گڏ ئي گهوٽ کي گهر موٽي اچڻ جي وينتي ڪيل آھي. ان گيت جي وراڻي ھر بند سان بنھه ٺھڪي اچي ٿي ۽ ھر بند سان ان نئين معنى ۾ پڇي بيھي ٿي، بنھه ٺھڪي اچي ٿي ۽ ھر بند سان ان نئين معنى ۾ پڇي بيھي ٿي. امداد جي گيتن ۾ وراڻي رڳو سکڻي گيت جي مجبوريءَ طور ٽنبيل ناھي ھوندي. ان گيت ۾ تجنيس حرفيءَ جو استعمال، اندروني قافين جو استعمال، ٻٽن لفظن جو استعمال، اصوات جو آرٽسٽڪ استعمال، اھي سڀ ملي نه رڳو گيت جي نغمگيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا پر گيت جي گهري ۽ خوبصورت معنى کي دوآتشه ڪن ٿا.
    امداد جي گيتن ۾ موجود رومانويت، انھن جي نغمگي ۽ مڌرتا جو اندازو ڪرڻ لاءِ مان امداد جي گيت “سانولڙي سانجهي آئي” جو ذڪر ڪنديس. ان گيت ۾ “تنھائي، انتظار، سڪ اُڪير ۽ ميڙين منٿن” جي ڪيفيتن کي امداد نھايت وڻندڙ، مٺڙي ۽ دلسوز انداز ۾ بيان ڪيو آھي؛

    ”سانولڙي سانجهي آئي
    آءٌ اھائي تنھائي
    ھر ڪو موٽيو پنھنجي گهر ڏي
    منھنجا نيڻ اھي ئي در ڏي
    دور وڄي ٿي شھنائي
    اءُ اھائي تنھائي
    سانولڙي سانجهي آئي“

    امداد جا اھڙا ڪيترائي خوبصورت ۽ رسيلا گيت ھن مجموعي ۾ شامل آھن، جن مان ڪيترائي گيت ڳايل آھن، ته ڪيترا اڃا اڻ ڳاتل آھن۽ سُرن ۾ سمائڻ جي اوسيئڙي ۾ آھن. امداد جا گيت خود سندس شاعريءَ توڙي ھمعصر دور جي شاعريءَ ۾ ھڪ اُتم جاءِ والارين ٿا؛

    ”رنگ ۽ خوشبوءَ جي ٻولي ۾
    موسم ٿي ڳالھائي
    آ ته ٻڌون
    ھا، آ ته ٻڌون ڪن لائي!“

    رنگن، خوشبوئن، ٿڌڙين مٺڙين موسمن جي ذڪر سان ٽمٽار مڌر گيت امداد جي شاعريءَ کي ھڪ اونوکو رومانس بخشين ٿا.
    شاعري ۾ جماليات ( Aesthetics ) جو احساس دراصل خود شاعر جي جمالياتي احساس جي خوبصورتي، ان جي نزاڪت ۽ نفاست ۽ شاعر جي (Artistic Capabilities ) کي اُجاگر ڪري ٿو. امداد جي شاعريءَ ۾ جمالياتي احساس ھن جي شاعريءَ ۾ موجزن “رس” جو حصو آھي. جماليات (Aesthetics ) جو مڪمل رنگ تڏھن ئي جڙي ٿو جڏھن انسان جا پنج ئي حواس ان کي محسوس ڪن. امداد انھن پنجن ئي حواسن؛ ڏسڻ جو حواس (باصره)، ٻڌڻ جو حواس (سامعه)، چکڻ جو حواس (ذائقه)، سنگهڻ جو حواس (شامعه) ۽ ڇھڻ جو حواس (لامسه) يعني: حواس خمسه جو نھايت خوبصورت استعمال ڪري ٿو. “احساس جماليات” انسان جي سمورن احساسن کي ڇھي ٿو، بيدار ڪري ٿو. امداد جي شاعريءَ ۾ جماليات ڪنھن تيز ۽ ناقابل برادشت پرفيوم وانگر انساني حواسن تي زوريءَ نٿي ڇانئجي. اھو ته ان مٺي خوشبو وانگر آھي، جا ھلڪو ھلڪو پنھنجي ھئڻ جو احساس ڏياريندي آھي ۽ اسين زور سان سآھه کڻي خود ان کي پنھنجي سآھه ۾ ڀرڻ چاھيندا آھيون. جماليات شاھه لطيف جي شاعريءَ جو پڻ اھم ترين گُڻ آھي. جنھن جو اظھار لطيف خاص طور سان “سر کنڀاٽ” ۽ “سر مومل راڻو” ۾ نھايت فراونيءَ سان ڪيو آھي. امداد جي شاعريءَ ۾ جاءِ جاءِ تي جمالياتي احساس جي رنگيني ۽ خوشبو اسان کي ملندي. مان ھتي امداد جي فقط ھڪڙي نظم جوئي مثال کڻنديس. امداد جي نظم “ھوءَ” ۾ جمالياتي احساس پنھنجي انتھائي خوبصورتين کي ڇھي ٿو:

    ”ھو الائي ڪھڙي ھوندي
    اِھڙي ھوندي
    اُھڙي ھوندي
    چانڊوڪيءَ ۾ وھتل سھنتل نيل ڪمل جھڙي ھوندي
    سانگيءَ جي ته غزل جھڙي ھوندي”

    ھن بند ۾ ڪيتريون خوبصورتيون سمايل آھن – ھوءَ سراپا جمال نيٺ به ڪھڙي ھوندي؟ اِھڙي، اُھڙي، ڪھڙي؟ (خود سنڌي ٻوليءَ جي معمولي لفظن؛ “اھڙي ، اُھڙي، جھڙي، تھڙي، ڪھڙي” جو نھايت خوبصورت ۽ غير معمولي استعمال ڪيو ويو آھي ان نظم ۾) ھوءَ رڳو “نيل ڪمل” جھڙي نه ھوندي، پر “چانڊوڪيءَ” ۾ وھنتل سھنتل نيل ڪمل” جھڙي ھوندي. خود ان سونھن جي احساس کي اڃا به اُڀارڻ لاءِ شاعر ڪيتريون ئي نيون ۽ انوکيون تشبيھون کڻي ٿو اچي؛ “ڀٽ ڌڻيءَ جي وائي جھڙي ھوندي – سانگيءَ جي ته غزل جھڙي ھوندي.” اھا سارآھه ڀٽ ڌڻيءَ جي وائي ۽ سانگي جي غزل جي سارآھه آھي، ڪين ان سونھن پريءَ جي ؟!
    شعر ۾ ڪنھن ھڪڙي حواس جي خوبصورتيءَ جو استعمال به شاعريءَ کي جماليات جو احساس بخشي ٿو؛
    ھن تاري ھن ھنڌ، ھُت منھنجا سپرين
    سڄڻ ماکيءَ منڌ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏھم
    (شاھه لطيف)

    ان شعر ۾ ڏسڻ جي حواس ۽ چکڻ جي حواس وسيلي “سپرين” جي سونھن محسوس ڪرائي وئي آھي.
    امداد ھن ھڪڙي نظم “ھوءَ” ۾ پنجن ئي حواسن جو باڪمال استعمال ڪيو آھي. ھو انھن سمورن حواسن وسيلي “احساس جمال” کي نھايت خوبصورتيءَ سان اُڀاري ٿو:

    سانجهي ھن جي گهاٽن ڀنڀن وارن سان ئي سھڙي ھوندي!
    ھن جي چھري مان ئي سج طلوع ٿيو ھوندو
    ڏيھه سڄي تي ڏينھن شروع ٿيو ھوندو
    ھن جي ڳل مان گل ٽڙيا ھوندا
    بلبل ٻوليو ھوندو، ڀونر مڙيا ھوندا
    رياض ڪندڙ ڪنھن راڳي ويراڳيءَ جا ساز ڇڙيا ھوندا

    “سانجهيءَ” جو ھن جي گهاٽن وارن سان ئي سھڙڻ، “سج” جو ھن جي “چھري مان طلوع ٿيڻ، ھن جي “ڳل” مان “گُل” ٽڙڻ ، ھن جو ٻولڻ ڄڻ بلبل جو ٻولڻ، ھن جي خوشبوءَ تي ڀونرن جو مڙڻ، سازن جو ڇڙڻ، ھٻڪارن جا ھُل ٿيڻ، ڏاڍا شونق شغل ٿيڻ ( اتي شوق بدران “شونق” چوڻ پڻ ڌيان لھي) ھڪ خوبصورتيءَ جو احساس ٻي خوبصورتيءَ مان اُڀارڻ، حسن جي ھوشربا ۾ جڪڙڻ آھي ۽ امداد لفظن جو اھڙو جادو جاڳائي ٿو.
    ھن نظم جي سِٽ سِٽ ۾ تشبيھه ۽ استعارا موتين جيان ڳتيل آھن. جمال آھي ته عشق آھي، عشق آھي ته جمال آھي. اھي ٻئي احساس ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن. امداد جي شاعريءَ ۾ موجود احساس جمال ھن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانيت جو اڻ ڇپجندڙ حصو آھي. اھي انتھائي خوبصورت جذبا، امداد جي شاعريءَ کي اھا خوبصورتي ۽ تازگي عطا ڪن ٿا جا انھن جذبن ۾ موجود آھي. سدا جوان جذبن جو شاعر امداد اڄ به سدا جوان ۽ سدا حسين گيت ۽ نظم رچي پيو جھڙا ھن ڪالھه رچيا پئي:
    ري ڪجل ڪارين اکين ۾ تون ڪجل پائين جڏھن
    ڪيتري پياري لڳين ٿي ھانءُ ھرکائين جڏھن
    جئن نديءَ ۾ لھر اھڙي لھر لھرائين جڏھن
    اکڙين بي شرم اکڙين ساڻ شرمائين جڏھن
    ڌيان جي ڳڙکيءَ منجهان ھر ھر ليو پائين جڏھن
    مڌر ۽ مڌم سُرن ۾ گيت ٿي ڳائين جڏھن
    مُند کي پھراڻ پنھنجو پاڻ پھرائين جڏھن

    امداد جي شاعري انيڪ Imagesسان ٽمٽار آھي ۽ اھي Images ڪرشماتي سطح تي اُڀرن ٿا. سرجڻھار جي سوچ کان پني تي لکيل سٽ تائين ۽ پني تي لکيل سِٽ کان پڙھندڙ جي ذھن تائين اھي اميجز ائين ٿا سفر ڪن : “ڌيان جي ڳڙکيءَ منجهان ھر ھر ليو پائين جڏھن” وانگر؛ اھي ائين ئي ھر ھر ليو پائيندا آھن. جڏھن نه ھوندا آھن، تڏھن به دراصل ھوندا آھن، ڪٿي لڪيل، ليئي جي ان لمحي جا منظر. امداد جو اھو نظم ھونئن امداد جي سموري شاعري به اھڙن لاتعداد “اميجز“ سان ٽمٽار آھي.
    شاعري اھو حسين سراپا آھي – جنھن لاءِ شاعر پنھنجي تخليقي صلاحيتن جي آڌار تي حسين لباس اُڻي ٿو – اھڙا لباس جيڪي ان حسن کي دوآتشه ڪن. شاعر وٽ ڪڏھن اھو لباس گيت جي پيرائي ۾ جُڙي ٿو، ته ڪڏھن غزل ، نظم، آزاد نظم، ٽيڙو، ھائيڪو، ترائيل، بيت، دوھا وايون، ڪافيون – امداد انھن سڀني صنفن کي پنھنجي تخليق جو ڪمال بخشيو آھي ھن جي شاعريءَ ھر لباس ۾ ڪجهه آسماني اپسرا جو ڏيک ڏئي ٿي.
    امداد بيحد ڪامياب آزاد نظم چيا آھن. امداد جا بي قافيا نظم پنھنجو مٽ پاڻ آھن. ان تي ڪي به ٻه رايا نٿا سگهن. امداد دراصل شاعريءَ جي ھر صنف کي بيحد تخليقي سطح تي ورتايو آھي. پوءِ اھا وائي ، ڪافي، بيت، ترائيل، ۽ ٽيڙو ئي ڇو نه ھجي. امداد جيئن بيحد سريلا ۽ مڌر گيت چيا آھن، بلڪل ان ريت امداد نھايت اعلى غزل پڻ چيا آھن.
    امداد وٽ غزل چوڻ جو پڻ منفرد ڏانءُ آھي. تنوير عباسي امداد جي غزلن کي “البيلا غزل” چيو آھي غلام محمد گرامي شروعاتي دور ۾ امداد کي “ھڪ نمايان غزلگو” شاعر چئي، ھن جي رنگ تغزل کي ساراھيو آھي. امداد جي غزل ۾ تخيل جي خوبصورتيءَ سان گڏ بيان جي پختگي ۽ تغزل جو رنگ ڇانيل ملندو. ساڳي وقت اھي غزل معنوي سطح تي به اوترائي اعلى آھن. امداد جي غزلن جي ھڪ اھم ترين خوبصورتي انھن جا يڪتا ( Unique ) قافيا پڻ آھن. نه رڳو قافيا، پر جي قافين سان گڏ رديف اچي ٿو، ته اھو پڻ نرالو ۽ منفرد آھي ۽ اھي رديف رڳو ڀراءُ جي طور نٿا اچن، پر اھي سِٽ ۾ قافئي سان ائين ڦٻي بيھن ٿا جو سِٽ انھن کان سواءِ اڻ پوري ۽ اڌوري ٿي لڳي. امداد جا غزل ھن جي ٻيءَ سموري شاعريءَ وانگيان مِٽيءَ جي رنگ ۾ رڱيل آھن. اھو نج سنڌي رنگ امداد جي غزلن ۾ 1962ع واري دور کان ئي وٺي بکي ٿو، خاڪي، ناسي، ڀورو؛ “ڀوري مٽي جھڙو” ڀورو رنگ. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ئي ھن جي غزلن ۾ اھا مھڪ آھي، جا اُٺي کان پوءِ مٽيءَ مان اُٿندي آھي، آلي مٽيءَ جي خوشبو:

    چمڪي پيئي چيڪي مٽي
    پاڻي چڙھي لھي ويو آھي

    ٻن جسمن جي ھڪ رشتي جي
    اڃا ته مٽي آلي آھي

    امداد جي اھا ٻارنھن غزلن جي سنگهر، ھڪڙي ئي ڪيفيت جي آئينه دار آھي. دُک، درد ۽ پيڙ جا اھاڪيفيت جا ماڻھوءَ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏي. 1976ع ۾ امداد جي پياري ۽ دل گهرئي ڀاءَ، نوجوان ۽ ذھين ڀاءَ مختيار جي موت جي صدمي کي امداد پنھنجي روح تي کنيو ھو. ان دور ۾ امداد خود پنھنجو پاڻ کان وڇڙي ويو ھو؛ ميرا ڪپڙا، وڌيل ڏاڙھي، اگھاڙا پير؛ ھو ديوانن وانگي جھنگ منھن ڪري ويو ھو. تڏھن مختيار جي ياد ئي ھن جو ڪُل سرمايو ھئي ۽ ھن لاءِ امداد رت جا لڙڪ رنا ھئا ڇو ته ھنن جي اڱڻ تان چوڏھينءَ چنڊ اُلھي ويو ھو؛

    منھنجي ميري سيري ڳل تان
    رت جو لڙڪ وھي ويو آھي
    ھاڻي لھر لڇي ٿي ڇا لئه
    چوڏھينءَ چنڊ لھي ويو آھي

    ۽ مختيار جي موت ھن کي اھو سمجهايو ھو ته “دنيا خام خيالي آھي” پر تڏھن جڏھن مختيار جي ياد ۾ ھن کان پنھنجي ياد ئي وسري وئي ھئي، تڏھن اھي ھن جا دوست ئي ھئا، اشفاق، سليم، ناصر ۽ حميد، جن ان دور ۾ ھن کي سنڀاليو ھو ۽ ھن کي رک ٿيڻ کان بچائي ورتو ھو:

    ”مون کان منھنجا دوست پڇن ٿا
    ڇا مان ھي ڇا ٿي ويو آھيان
    ڪنھن ماچيس جي تيليءَ وانگر
    سڙي سڙي رک ٿي ويو آھيان
    ڏک ۽ سُک ماڻھن لئه ھوندو
    ھا مان پٿر ٿي ويو آھيان

    امداد جي انھن ٻارنھن ئي غزلن ۾ اسان کي ٻولي ۽ معني جي ھم آھنگي، احساس ۽ جذبي جي گهرائي، قافئي ۽ رديف جي خوبصورتي ملندي:

    سڀ سپنا پاڻ سان کڻي وئين
    اکڙين سان اوجاڳا پرتا
    دل جي کڙڪي کولي وئي
    پاڳل ۽ منھن زور ھو!

    انھن غزلن ۾ نج سنڌي قافين جھڙوڪ : اڇلايم، سمجهايم، ڳالھايم جو استعمال به ملندو ته وري “سائين” ۽ “ميان” جھڙن نج سنڌي رديفن جو استعمال پڻ انھن غزلن ۾ ملندو، جيڪي قديم سنڌي شاعريءَ ۾ وائيءَ ۽ ڪافي منجهه وراڻي، دھراءُ، ڀراءُ يا آلاپ طور استعمال ٿيندا آھن. انھن کي امداد تخليقي انداز ۾ استعمال ڪيو آھي. امداد جي انھن ئي غزلن مان ھڪ غزل ۾ شاھه جي وائيءَ جي ھڪڙي سٽ “سڪ ونڊين کي “سيد” چئي، ڪو به ھڪڙو ڪوھ!” کي تضمين طور نھايت خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي. اھا ھڪ سٽ غزل جي ٻن سٽن جي صورت ۾ پنھنجي “نئين معنويت” سان نھايت خوبصورتيءَ سان ڦٻي بيٺي آھي:

    منھنجو ڪونھي ڏوھ ميان
    مون سان ٿيئڙو ڊوھ ميان
    ساري رات سِڪي تولئه
    ڇوليءَ جھڙو ڇوھ ميان
    سڪ وندين کي سيد جي
    ڪوبه ھڪڙو ڪوھ ميان!

    پٿر تي شيشو اڇلايم
    پنھنجي من کي ڇا سمجهايم
    پنھنجي مُنھن ويٺي ڳالھايم
    مان پٽ تي منھن ڀر پيو آھيان
    تيز ھوا سان ڊوڙ پُڄايم!

    پل پل ھڪڙو پور او سائين
    ساعت ساعت سُور او سائين

    امداد جي شاعريءَ ۾ موجود نئين حسيت اسان کي ھن جي غزلن ۾ به ملي ٿي. 60ع واري ڏھاڪي ۾ ئي نھايت ڪامياب تخليقي تجربا ڪري امداد پنھنجو پاڻ مڃرائي چڪو ھو. بعد وارن سالن ۾ ھن جي فن ۾ اڃا به پختگي آئي. ھن نت نوان تخليقي تجربا ڪيا ۽ غزلن جي تراش خراش تي اڳي کان وڌيڪ ڌيان ڏنو.
    “سنڌ” اھو نانءُ آھي جو امداد کان ڪڏھن به وسري ئي نٿو. ايتريقدر جو ھن جي غزلن ۾ به “سنڌ” آھي. ڇو ته اھائي ھن لاءِ سُر سنگيت ۽ سُڳنڌ آھي:

    سنڌڙي سر سنگيت سڳنڌ
    مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ

    ھن ھڪڙي شعر جي ڪُل نون لفظن مان ( جن ۾: مون، کي، جو به شامل آھن) ڇھه لفظ ”س“ سان شروع ٿين ٿا. تجنيس حرفيءَ جي ان خوبصورتيءَ سان گڏ لفظ ”سنگيت“ ۾ ”گ“، ”سڳنڌ“ ۾ ”ڳ” ۽ ”سوڳنڌ” ۾ ”ڳ” جي آوازن جو ورجاءُ آھي Assonance جو ھي انداز وڻي ٿو. ”ڳ” جي ڳوراڻ “س” جي نرماڻ سان ملي شعر جي صوتياتي خوبصورتيءَ کي معنوي خوبصورتيءَ سان ھم آھنگ ڪري ٿي.
    امداد اھو شاعر آھي، جو اڄ مشاھدي ماڻڻ لاءِ ”ڪلھن تان ڪنڌ ڪورڻ” جي ڳالھه ڪري ٿو:
    مشاھدو ماڻڻ چاھين
    ڪور ڪلھن تان پھرين ڪنڌ
    ڇو ته سرُ تِريءَ تي رکڻ جي اھا سگهه ئي دراصل شاعريءَ کي صدين جي پائندگي عطا ڪندي آھي. سنڌ جي مھان شاعر لطيف سائينءَ کي ٻن سٽن جي نون لفظن ۾ ايڏو وڏو Tribute اڄ تائين نه مليو ھوندو؛ “سورج” ھجڻ جو Tribute شاھه لطيف سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ اڄ به سورج سمان آھي؛
    لطيف ھوندي ڇا جو ڀؤ
    سورج ھوندي ڪھڙو انڌ!
    امداد جو غزل “تنھنجو ھجڻ” منھنجي پسنديده غزلن مان ھڪ آھي. جنھن جو ھر شعر ھڪ اشرفي لھڻي:
    نه ته فاصل گهڻو ھو، مون ۾ ۽ خودڪشيءَ ۾
    تنھنجو ھجڻ ھجڻ آ، ويسآھه زندگيءَ ۾
    لفظ “خودڪشي” جو ھڪ نھايت ثقيل ۽ غير شاعراڻو لفظ آھي : (توڻي جو اھو عمل ڪيترن کي ڪيترو ئي شاعراڻو ڇو نه لڳي) جو ايڏو خوبصورت استعمال سو به سنڌي شاعريءَ ۾، سو به پاپند شاعريءَ ۾ ۽ سوبه وري غزل ۾، مون نه ٻڌو آھي ، نه پڙھيو آھي. “خودڪشيءَ” ( موت) جي مقابلي ۾ “زندگيءَ” جو قافيو آڻڻ معنوي لحاظ کان شعر کي بلند تر ڪري ٿو:
    اڌ رات جو ڪوي ڪو ڪَوتا لکي رھيو ھو
    ڪيڏا سُٺا لڳا پئي، اوراق روشنيءَ ۾!
    شاعريءَ ۾ “جماليات” جو ھي بنھه نئون ۽ نرالو اينگل (Angle) آھي. امداد ھونئن به پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو نھايت تخليقي سطح تي استعمال ڪندو آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن ڪن لفظن کي ھو خاص طور سان ايڏي خوبصورتيءَ سان استعمال ڪري ٿو، جو اھي خاص لفظ “خاص الخاص” مقام ماڻيندا آھن. جيئن لفظ “اوراق” جو استعمال، خود ان شعر جي منظر ڪشي به ھڪ نرالي منظرڪشي آھي؛ “اڌ رات، ڪوي، ڪوتا اوراق، روشني.” ان غزل ۾“روشنيءَ” جو قافيو ٻه ڀيرا آيو آھي. ھڪڙي ڀيري سمورو Stress “اوراق” تي آھي. ٻئي ڀيري سمورو Stress روشنيءَ تي آھي، ڀلڪ ”تيز روشني” تي آھي:

    اڌ اُپٽيل اکين سان، تنھنجي اڳيان ائين مان
    اوندآھه مان اچي جيئن ، ڪو تيز روشني ۾

    ڄائس، جتي پلسي مان، نپنس وڏو ٿيس مان
    اڄ وائڙو پريشان، ان ڳوٺ جي ڳليءَ ۾

    ان شعر ۾ “ڄائس، پليس، نپنس ۽ وڏو ٿيس” جي سٽاءُ تي غور ڪيو. لفظي پڇاڙين (Suffixes ) جو ايڏو خوبصورت ۽ بامعنى استعمال، جيڪو شعر ۾ اندروني قافيو پڻ آھي. ساڳي وقت ڄمڻ کان وٺي وڏي ٿيڻ تائين جي ڪيترن ئي سالن تي پکڙيل مرحلن کي شاعر ننڍن ننڍن Pauses جي صورت ۾ ڪيئن اجاگر ڪري ٿو. اتي ھر “اڌ دم” جيترو دم، دراصل ڪيترن مِلين بِلين “دمن” جي برابر آھي.
    ان غزل جو لفظي سٽاءُ ۽ اندروني قافين جو استعمال ۽ پڻ ان غزل جي ھر شعر کي “چئن پدن” ۾ ورڇڻ بيت / ڪافيءَ جي روايت آھي ۽ جو غزل ۾ تخليقي طور اچي ويو آھي. ھڪ پوري زندگيءَ جي تصوير انھن ٻن سٽن جي ٿورڙن لفظن ۾ شاعر نھايت خوبصورتيءَ سان چِٽي ٿو، ماضيءَ کان حال تائين خوبصورت تصوير ڪشي آھي ان شعر ۾. ڳوٺ جي ڳلين ۾ شاعر جي اجنبيت، وائڙائپ ۽ پريشاني ان دوريءَ جي نشاندھي ڪري ٿي، جيڪا ڳوٺن کان شھرن تائين ڦھلجي چڪي آھي:
    رت – لڙڪ – مَس سان مان، ان لئه اکر لکان مان
    جنھن قوم آھه وِڪيو، اتھاس کي رديءَ ۾

    ان شعر ۾ امداد ٽن لفظن کي ملائي ھڪ Compound word ٺاھي ٿو ؛ ”رت – لُڙڪ – مَس“ سان شاعر جيڪي اکر لکي پيو، اکر اکر ميڙي لفظ لفظ ٿو جوڙي؛ لفظ لفظ جوڙي سٽون پيو سرجي؛ اھي سٽون جن ۾ شاعر جا ڏک ۽ شاعر جا سک سمايل آھن. اھو سڀ ھو انھن بي وڙن ۽ بي قدرن لاءِ ڪري پيو جن پنھنجي “روشن اتھاس” کي “رديءَ ” ۾ وڪيو آھي: تن وٽ شاعر جي شعرن جو ڪھڙو ملھه!
    امداد جو ننڍي بحر ۾ ھي غزل پڻ ھڪ نھايت خوبصورت غزل آھي:
    مٿي ٿڃ ۽ مٽي رت
    پوءِ به منھنجي موڙھي مت
    ان غزل جي معنويت، ان ۾ ٻولي، معنى، تخيل ۽ وزن جي ھم آھنگي، غزل کي ھڪ انوکي Crispness عطا ڪئي آھي. ساڳي وقت ان غزل جو Symbolical ۽ Satirical انداز پڻ اھميت رکي ٿو. مثال طور ان شعر ۾ شاعر جي Satire جو ڇُپڪو توھين به محسوس ڪري ٿو:
    تون به ته پنھنجو آن امداد
    تون به ڀلي ڪا گهاڻي گهٽ
    سِٽن جي روانيءَ ۾ “گهاڻي گھتڻ” جي ڳالھه، نھايت معصوميت سان چھنڊڙي ھڻڻ جيان آھي. ان شعر ۾ “آن” جو استعمال ۽ سرائيڪي لفظ “گھت” جو استعمال – سو به قافئي طور استعمال ڌيان لھڻي. شاعر پنھنجي Vocabularyکي آرٽسٽڪلي (Artistically) وسعت ڏيڻ جي اھميت کان يقينن واقف آھي:
    اندر منجهه جهاتي پاءِ
    دئيت ھڻي ويٺو ٿئي دت

    “دئيت” قديم ڏند ڪٿا جو ڪردار آھي. پر اھو اڄ به مختلف روپن ۾ موجود آھي ۽ اڄ به سورج کي ڳيھڻ جو وجھه نٿو وڃائي. ھن شعر ۾ “دئيت” جو اھڃاڻ اڄ جي Context ۾ ھڪ مڪمل اھڃاڻ (Symbol ) آھي. ھن غزل جون سموريون سٽون سُرن، لفظن ۽ معنائن سوڌيون ستار جي تارن جيان ( Synchronize ) ٿيل آھن: ڇُھڻ سان وڄن ٿيون:

    روئي روئي ڳل ڳرھاٽي پائجي
    اڄ وري ھن کي ھلي پرچائجي

    ھن غزل جا قافيا: ”پائجي، پرچائجي، ترسائجي، ھارائجي، سرچائجي، ڳالھائجي، سامائجي، ورکائجي، گهٻرائجي، شرمائجي، جاڳائجي، فرمائجي، کائجي، پائجي، لائجي، ڳائجي” ھي سورنھن قافيا ، تيرھن شعرن جي ان غزل ۾ نھايت Unusual قافيا آھن ۽ انھن جو شعرن ۾ نھايت پختگيءَ سان ۽ خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي.
    لطيف سائينءَ ته چيو ھو:
    ڳالھيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون
    پَر سان مون نه ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا
    پر امداد جي غزل جي ھن شعر جي ڪيفيت بنھه مختلف آھي، پرين گوشي گڏيا به آھن: پر ڳالھائڻ ئي نه؛ ته ڇا ڳالھائجي؟
    دل ۾ آھن ڪيتريون ئي ڳالھيون
    تون نه ڳالھائين ته ڇا ڳالھائجي!
    “اھائي ھڪڙي دعا اٿم” بظاھر ھڪ روايتي غزل جو ڏيک ڏئي ٿو، پر امداد جو ڪمال اھو آھي ته ھن ان روايتي غزل جي قالب ۾ ھڪ غير روايتي غزل لکيو آھي. ان غزل جي سموري سُونھن ان جي روايتي رنگ تغزل ۾ آھي. “صنم” جي ستم ۽ ڪرم، وفا ۽ جفا جي روايتي تڪرار سان مزين ھن غزل ۾ بيحد وڻندڙ ڳالھيون، بيحد سرل انداز ۾ چيون ويون آھن: قافين جو پڻ نھايت خوبصورت استعمال اسان کي ان غزل ۾ ملي ٿو. غزل جي “مطلع” ۾ “صنم” سان نج سنڌي لفظ “اٿم” جو قافئي طور استعمال ئي ان کي مختلف Touch ڏئي ٿو. ان غزل جي ھر شعر جون ٻه سٽون واضع چئن “چرڻن” ۾ ورھايل آھن، اھو رنگ اسان کي عروض تي آڌارڪ ڪافين ۾ ملندو. شاعر وٽ تجربي ڪرڻ جي جبلت ئي ان جي شاعريءَ کي ھڪ بنھه مختلف، نئون ۽ نرالو رنگ عطا ڪندي آھي:

    تنھنجي ھر جفا کي وفا چيم، تنھنجي درد کي به دوا چيم
    تنھنجي بددعا کي دعا چيم، تنھنجي ھر ستم کي چيم ڪرم

    ساڳي وقت ان شعر ۾ جفا، وفا، بددع ۽ دعا جا اندروني قافيا به آھن ته ٽي ڀيرا “چيم” رديف جيان ورجائجي ٿو ۽ اصل قافيو پڻ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ “چيم” سان ٻٽو قافيو ٿي اچي ٿو. ھي غزل پنھنجي مزاج ۾ ڪافيءَ کي ويجھو آھي:

    جي ھلين ته آءُ ڪڪر ٿيان، جي ٽلين ته مور جيان نچان
    ۽ اتي اتي رکان اکڙيون، تون جتي جتي به رکين قدم

    ھي شعر بيحد خوبصورت احساسن ۽ تشبيھن سان سينگاريل آھي. پرين جي ھلي ته شاعر ڪڪر بڻجي ڇانو ڪري، جي ڊيل وانگي ٽلي ته شاعر مور جيان نچي ۽ ان جي ھر ھر قدم تي پنھنجون اکڙيون وڇائي ڇڏي. ان شعر ۾ جمال جو نرالو رنگ بکي ٿو ۽ پڻ عشق جو اظھار نج سنڌي انداز ۾ آھي. طويل بحر ۾ چيل امداد جو ھي غزل ڪنھن سُريلي ڪافيءَ جا رنگ پسائي ٿو.
    شاعر جي تخيل ۾ ڪيترائي نوان ۽ انوکا خيال اُتپن ٿا ۽ شاعر ڪيترائي يونيڪ Uniqueخيال منظوم ڪري ٿو، شاعر سٽ سريءَ ۾ “لفظ” نه پر “لڙڪ” پوئي ٿو پيو؛ ۽ جو ديس جي ھر “غدار” کي “لوئي” ٿو پيو؛ ۽ شاعر جن لاءِ اِھو سڀ ڪجهه ڪري ٿو پيو، سي الاءِ ته ھن کي پڙھندا به يا ڪونه!
    ڇو ته شاعر جو لايو سجايو تڏھن ئي ٿيندو جڏھن ھن جا ھمزبان نه رڳو ھن کي پڙھندا پر ڪڙھندا به، ڇو ته ھڪ شاعر کان وڌيڪ شعر چوڻ جي پيڙ کي ٻيو ڪير ۽ ڪيئن ٿو سمجهي سگهي؟ ڇو ته ھڪ شاعر ئي ڄاڻي ٿو، ته لڙڪن کي لفظن ۾ سمائڻ ڪيڏو نه ڏکيو آھي. شاعري سابه سچي ۽ اصل شاعريءَ دراصل؛ “بآھه جو سمنڊ ترڻ” آھي. امداد اھو بآھه جو سمنڊ تري ٿو؛ ۽ لُڙڪ کي لفظ ڪري ٿو؛

    لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناھي
    بآھه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناھي

    امداد اتي بآھه ۽ پاڻي (لُڙڪ) جي تضاد وسيلي مختلف ڪيفيتن کي اُڀاري ٿو، جن ۾ پيڙ ۽ درد به آھي، ته ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي تخليقي سگهه به آھي. جيتوڻيڪ “لُڙڪ” کي “لفظ” ڪرڻ ايترو سولو ناھي، پر شاعر ان اولي کي سولو ڪري ٿو. ھن غزل جو ڪمال ھڪ طويل رديف جو ننڍي قافئي سان ڦٻي بيھڻ آھي. رديف “ايترو سولو ناھي” کي جڙڻ ۽ ڪڙڻ لاءِ سڀ کان پھرين ته شاعر کي تمام تر مشڪل ۽ ڏکيون سچويشنز ڳولي ڪڍڻيون ھيون ۽ ان کان پوءِ انھن سچويشنز جو گهربل قافئي ۽ ان وزن ۾ ٺھڪائي بيھارڻ سان گڏ، رديف جو پڻ ھر شعر سان فطري نموني ٺھڪائي بيھارڻ، نھايت ئي مشڪل فن آھي. خاص ڪري ھڪ طويل رديف جو استعمال ڪندي شاعر ڪنھن نه ڪنھن شعر ۾ محض خانه پُري ڪري ويندو آھي. پر امداد شروع کان آخر تائين غزل جو اھو تخليقي ۽ بيساختگيءَ وارو رنگ برقرار رکيو آھي.
    امداد وٽ “سپرين جي سڪ” ۽ “سنڌريءَ جي سِڪ” ٻيئي اکر ھيڪڙي آھن. امداد انھن ٻنھي سان محبت جو اظھار ور ور ڪري ٿو ۽ ھر ڀيري نئين ورن سان ڪري ٿو. ھو انھن لاءِ جيئڻ به چاھي ٿو: پر ھو انھن لاءِ مرڻ لاءِ به ھر وقت تيار آھي، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ ايترو سولو ناھي؛ امداد ان شعر ۾ سولو ھجڻ ۽ سولو نه ھجڻ جي تڪرار وسيلي پنھنجي ڳالھه جي اھميت واضع ڪري ٿو:
    سنڌ جي لاءِ جيئڻ ايترو سولو به ھجي
    سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناھي!

    شاعر سڀني جي دُکن کي پنھنجي اندر ۾ پالي ٿو: ۽ انھن پويان شمع جيان روز سڄي رات ٻري ٿو: لڳاتار ڳري ٿو: تڏھن ئي روشني ڪري ٿو:
    چوٽ کان شمع جيان روز سڄي رات ٻرڻ
    ۽ لڳاتار ڳرڻ ايترو سولو ناھي!

    لڳاتار ڳرڻ ۽ لمحو لمحو فنا ٿيڻ جي پيڙ کي اھوئي محسوس ڪري سگهندو جنھن جي ڪڏھن درد سان شناسائي رھي ھجي ۽ امداد جي ته درد سان پراڻي شناسائي آھي. خود شاھه لطيف وٽ به اھا ڪيفيت ملي ٿي پر ڪجهه مختلف انداز ۾ ملي ٿي:
    “شمع ٿيندس شب ۾، ان خوشيءَ کان کامي”

    لطيف جي سورمي خوشيءَ مان کامي ٿي، جڏھن ته امداد “چوٽ” کان وٺي “سڄي رات” ٻري ٿو ۽ ائين روشني ڪري ٿو. روشني جا زندگيءَ جي سچي سيڻ آھي.
    امداد پنھنجي شاعري ۾ ھر غدار کي – پوءِ اھو ڪھڙي به روپ ٻھروپ ۾ ھجي – سدائين لوئيو آھي. امداد پنھنجي شاعريءَ ۾ جيئن خوبصورتين کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ مان گلابن ۽ ستارن سان ملايو ڇڏي. ان ريت امداد پنھنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي بدصورتين کي ان جي تمام تر ڪراھتن، قباحتن، ڌپن ۽ اُگراڻن جي حوالي سان اُجاگر ڪري ٿو. انھن ڪيفيتن جي شدت کي اُڀارڻ ۽ اظھارڻ لاءِ امداد استعارا به اھڙائي کڻي ٿو اچي. مثال طور “گٽر” جو استعارو. امداد جي نظم “حملو” ۾ به اھو استعارو ان شديد ڪراھت ۽ نفرت جي ڪيفيت کي اُڀاري ٿو:

    “شاھي رستن تي سڙيل تيز گٽر جي بدبو”
    “گٽر” جو استعارو پنھنجي ان غزل ۾ “غدار” لاءِ استعمال ڪري ٿو:
    صرف غدار جو رت آھه گٽر جو پاڻي
    ماءُ جو کير کرڻ ايترو سولو ناھي!

    ان ريت امداد غزل جي موضوع کي جديد نظم جي قريب تر ڪري ٿو ڇڏي. گٽر جي گندگي ۽ کير جي پاڪيزگيءَ جي تضاد وسيلي شعر جي مفھوم کي ڪيڏي نه اعلى انداز ۾ سمجهايو ۽ محسوس ڪرايو ويو آھي. مان انھن شعرن تي لکندي جنھن “درد” مان گذريس تنھن تي مون “سحريءَ” مھل خود امداد کان پڇيو؛ “تو اھو سڀ ڪيئن لکيو ھوندو!”
    جديد شاعريءَ جو ڪمال پراڻي کي نئون ويس ڍڪائڻ به آھي: ته ان کي نئين رنگ ڍنگ ۾ رائج ڪرڻ به آھي. بلڪل ائين ئي جيئن پراڻو ۽ قديم، ھر نئين دور ۾ Antique جي حيثيت ۾ وڌيڪ مُلھائتو ۽ قيمتي ٿي ويندو آھي. امداد پنھنجي شاعريءَ جا اَنيڪ اھڃاڻ ۽ ڪيترائي استعارا پنھنجي قديم ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ مان کڻي ٿو ۽ انھن کي ڪيتري خوبصورتيءَ سان نڀائي ٿو، ان جو واضع مثال سندس غزل جو ھي شعر آھي:

    کوءِ سُک، ٻَن سمھڻ، جان ۾ جنڊي پائي
    ڏيھه جا ڏک ڏرڻ ايترو سولو ناھي

    شاعر پنھنجا سک ۽ آرام تياڳي ٿو، ننڊون ڦٽائي ٿو، جان ۾ جنڊي پائي ٿو، تڏھن ئي ڏيھه جا ڏک ڏري ٿو، پر اھو سڀ ڪرڻ ايترو سولو ناھي. مٿين ٻنھي شعرن ۾ فعل کي قافئي جي صورت ۾ اسم سان گڏ آندو ويو آھي ۽ ڪيڏي ڪمال سان شعر ۾ سمايو ويو آھي. “کير کرڻ” ۽ “ڏک ڏرڻ” ۾ تجنيس جو فطري انداز ۾ اچڻ پڻ سِٽ جي سونھن کي سوايو ڪري ٿو.

    ان غزل جو خوبصورت ترين شعر آھي:
    سحر امداد سڄڻ؛ ٻيو ته سڄو لوڪ ڏڄڻ
    ۽ سڄڻ ريءَ سرڻ: ايترو سولو ناھي!

    امداد جنھن وٽ ٻيو ته سڄو لوڪ ”ڏڄڻ ” آھي. تڏھن ئي ته شاعر سڄڻ ريءَ نه سري سگهڻ جي ڪيفيت کي نھايت خوبصورتيءَ سان بيان ڪري سگهيو آھي. ان لاءِ ھن سنڌي ٻوليءَ جي ٻن متضاد لفظن: ”سڄڻ ۽ ڏڄڻ” جو ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو آھي. “سڄڻ ۽ ڏڄڻ” نج سنڌي لفظ آھن۽ نھايت قديم لفظ آھن. اھي ٻئي لفظ ھنديءَ ۾ پڻ مستعمل آھن، پر نسبتنSoft tones ۾؛ يعني “سجن، دُرجن” . اھي ٻئي لفظ قديم شاسترن ۾ به استعمال ٿيل آھن. اھو مان يقين سان چئي سگهان ٿي ته لفظ “دُرجن” جي اصلوڪي صورت “ڏڄڻ” آھي. سنڌي ٻولي جو ڪمال اھو آھي ( اھو دراصل سنڌي قوم جو ڪمال آھي) ته ان پنھنجن گهڻن ئي لفظن جي اصل صورت ۽ اُچار کي اڃا تائين نه رڳو قائم رکيو آھي: پر انھن لفظن کي مسلسل استعمال ھيٺ به رکيو آھي؛ ڳالھه ٻولھه ۾ به؛ ته شاعري ۾ به. اھا ھڪ طئي شده ڳالھه آھي ته “شاعري” ڪنھن به ٻوليءَ جي ڪسمپرسي ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته، اسين ان محاذ تي پسپا ٿي رھيا آھيون. اسان جي اخباري دانشورن ته ماڳھين پنھنجين تحريرن ۾ سنڌي شعرن بدران اردوءَ جا شعر ۽ نظم ڏيڻ شروع ڪيا آھن ۽ اھو فيشن ھڪ بدعت جي صورت اختيار ڪري رھيو آھي. جڏھن اسان جا پنھنجا سوڪالڊ دانشور ئي پنھنجي ٻوليءَ جي شعرن کي استعمال نه ڪندا ته پوءِ ٻي آسماني مخلوق ته انھن کي استعمال ڪرڻ کان رھي. پر ان سڀ لاءِ به ته مطالعو شرط آھي. جن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو مطالعو محض اردوءَ جي چند ديوانن ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل چند پرڏيھي ادب جي ڪتابن تائين محدود ھجي ، سي سوخ اڳتي ھلي “لفظن جو اھو واپار” ڪنھن سان ڪندا؟!
    ڳالھه اصل ۾ ھئي سڄڻ ۽ ڏڄڻ جي. شاعريءَ ۾ جتي به دشمن ۽ دوست جي تڪرار ۽ تضاد وسيلي ڳالھه سمجهائڻ جو وشيه اچي ٿو: اُتي اسان جن شاعرن سڄڻ ۽ ڏڄڻ استعمال ڪيا آھن. اسان کي لفظن جي ان جوڙي جو تڪرار سڀ کان پھرين شاھه ڪريم جي شاعريءَ ۾ ملندو:

    چندن چُور ڪريندي، رَتو مُهَ ڪھاڙ
    سڄڻ ڏڄڻ نه ٿئي، جي رُسي سؤ وار
    پروڙئو پراڙ، ته ڪرھيندي قرب ٿئي

    شاھه لطيف وٽ اھو لفظي جوڙو ھن ريت اچي ٿو:

    کَرمَر کامي پچي، آءُ ويندي در دوسن جي
    ڏڄڻ جئان ئي تڪيو، سڄڻ تئان ئي اچي.

    سو شاھه ڪريم کان شاھه امداد حسينيءَ تائين چئن صدين کان به وڌيڪ عرصي گذري وڃڻ کان پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي نھايت خوبصورت لفظن جو اڃا ته سفر جاري آھي. امداد “سڄڻ – ڏڄڻ” جي ان تضاد کي اُڀارڻ لاءِ پنھنجي سڄڻ جو مثال کڻي ٿو ۽ نالي سان کڻي ٿو. ان شعر ۾ نزاڪت اھا آھي ته اھو نالو ھڪ اڪيلو نالو به آھي، ته اھي ٻه الڳ الڳ نالا به آھن. ان شعر جي خوبصورتي اھائي آھي ته ٻه الڳ الڳ نانءَ سحر امداد ملي ھڪ جوڙو ٺاھين ٿا، ۽ ھڪ وشال معنى جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
    امداد جي شاعري “آس ۽ اُتساھ” جي شاعري آھي؛

    اُماس آھي ته پوءِ ڇاھي
    اُماس کان پوءِ صبح آھي

    امداد جيڪو انسان ذات لاءِ سُک ۽ سُڪار جا سپنا اُڻي ٿو ۽ جو پکين جيان سج سواگت جا گيت چئي ٿو:

    پکي مٺي لات ڄاڻ لنوندا
    ۽ سج – سواگت جا گيت چوندا

    امداد جنھن جي ڪنن ۾ پکين جي مِٺي لات سان گڏ، مندرن ۾ سنگ وڄڻ ( ۽ مندرن منجهه سنگ وڄندا) : ديولن ۾ گهنڊ گُڙڻ ( ۽ ديولن منجهه گهنڊ گُڙندا): ۽ مسجدن ۾ اذان اچڻ ئي ( ۽ مسجدن ۾ اذان ايندي) : رات جي مات جي نشاني آھي ( ۽ رات جي نيٺ ماٺ ٿيندي).
    امداد اماس رات جي تيجوان صبح لاءِ؛ راتيون جاڳي ڪرڻا ڪرڻا سُر سرجي ٿو: پرھ پکين سان لات لنوي ٿو؛ گلڙن جھڙا گيت رچي ٿو؛ ھن جي نظمن ۾ نھار آ ڪائي؛

    ڪير ڄاڻي ته مون لکيا ڪنھن لاءِ
    نظم جن ۾ نھار آ ڪائي
    انت پاتال جا ڇڏي گهوري!

    انت پاتال تائين گهوري سگهڻ جي سگهه ئي ته شاعري آھي. شاعري ھن جي تجربيت جي ڪوٺاريءَ ۾ تيز تپش تي پگهري سونين سٽن جو روپ ڌارڻ ڪري ٿي ۽ ھو انھن سونين سٽن کي پني تي پلٽي ڇڏي ٿو:

    جيڪڏھن تون ڪڏھن ڪتاب کڻين
    ۽ انھن جو اھو پنو کولين
    مان جنھين ۾ گلاب جان آھيان.

    ان ”ڪڏھن” ۾ وقت جي ڪا سِيما ناھي، ان ”ڪڏھن” جو دائرو صدين تائين ڦھليل آھي. ”شاعر” جو ڪتاب جي پنن ۾ ”گلاب جان” آھي. گلاب جنھن ۾ رنگ، اُڪار ۽ خوشبو آھي. ان خوشبو کي اُھا ”تون“ پنھنجي ساھن ۾ ڇڪي سيني ۾ سمائي سگهي ٿي، ڪڏھن به! جنھن کي صديون به ميٽي نه ٿيون سگهن. ٿي سگهي ٿو ته صديون پوءِ ڪتاب جا پنا پلٽيندڙ اُھا ”تون“ ”مان“ ئي ھجان!


    سحر امداد

    ڄام شورو سنڌ
    1.1.1999


    حمد

    عابد توکان
    ساري سَڀُ عبادت عيوض
    زاھد توکان
    ساري سَڀُ رياضيت عيوض
    ڇا ڇا نه گهريو
    منھنجا مولى
    جنت طلبي
    حُور مڱي
    غلمان گهريو

    منھنجا مولى
    مون توکان
    ڪجهه ڪونه گهريو
    حورَ،
    نه ڪو غلمان گهريو
    مون ته رڳو
    ھڪ گيت گهريو
    من ميت گهريو

    ۽ تنھنجي در تان
    پالھو پانڌ کڻي
    ڪو به نه موٽيو!


    سِنڌڙي سُر سنگيت سُڳنڌ

    سِنڌڙي سُر سنگيت سُڳنڌ
    مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ

    مشاھدو ماڻڻ چاھين
    ڪور ڪُلھن تان پھرين ڪنڌ

    سِنڌڙي جِندڙي سآھه پساھ
    سُرھو آھي ھر ڪو سَنڌ

    لطيف ھوندي ڇا جا ڀَو
    سورج ھوندي ڪھڙو اَنڌ

    ڪارونجهر ٿيجان امداد
    جُهڪي وڃي سو ڪھڙو ڪنڌ !


    نِما شام

    نِما شام گهر گهر جئن ڏيا
    کُليا ياد جا ريشمي تاڪيا

    وري ياد آئي اُھائي گهٽي
    اسان سون ڀانئي ٿي جنھن جي مٽي

    کِلي ٿي مليا ۽ ملي ٿي کليا
    سڀئي ٽورَ تي مورَ واري ٽِليا
    اُھي قرب واريون ڪھاڻيون الا
    اُھي روح رچنديون رھاڻيون الا
    اَلا چوڪ اُھي، ڳوٺ ڳليون اُھي
    بريون ڇيلڙيون، شام، ٽليون اُھي
    اُھي کيڏندا کيڏندا ٻارڙا
    بُکيا اڌ ننگا ڪوجهڙا ڪارڙا
    اُھا چھچ ساون وڻن جي قطار
    ھو ”جُونَ“ جو ڪَپ پکين جي پڪار
    اُھي پَل پکيئڙن جيان پَر ڪري
    الائي ته ڪاڏي اُڏامي ويا

    نماشام گهر گهر ٻريا جيئن ڏِيا
    کُليا ياد جا ريشمي تاڪِيا !


    پُورالو من

    پُورالو من ڇا ڇا چاھي
    جاڳ ھجي پر سپنا چاھي

    گُل گيتن جون سُر مالھائون
    ڪونج ڳچيءَ ۾ پائڻ چاھي
    نگريءَ نگريءَ ڀٽڪي ڀٽڪي
    ڳولي پاڻ وڃائڻ چاھي

    پُورالو من ڇا ڇا چاھي
    جاڳ ھجي پر سپنا چاھي

    دل جي مَڌُر مَڌُر ڌڙڪڻ لڳي
    گِيت گلابي ڳائڻ چاھي
    سُر سَرچائي پَل پَرچائي
    رُت ۾ رنگ رچائڻ چاھي

    پُورالو من ڇا ڇا چاھي
    جاڳ ھجي پر سپنا چاھي

    سُھڻِي صورت مُھڻي مورت
    ساھن منجهه سمائڻ چاھي
    جيون آھي زھر، اُنھيءَ ۾
    امرت رَسُ ملائڻ چاھي

    پُورالو من ڇا ڇا چاھي
    جاڳ ھجي پر سپنا چاھي


    سفاڪ

    بلب جو
    منھنجو مٿي تي
    ٺيڪ تارُونءَ جي مٿان
    پيو ٿو ٻري چوويھه ڪلاڪ
    تون انھيءَ کي روشني ٿو چئين!

    ڪيترو سفاڪ آھين
    ڪيترو چالاڪ آھين
    ھن مرڻ
    جِيئڻ
    مرڻ
    جِيئڻ
    مرڻ کي زندگي ٿو چئين!

    ھِيءَ جا
    بندوق جي ناليءَ جيان
    اوندآھه سان آھي ڏٽيل
    بارُود جي بُو سان ڀَريل
    تنگ
    لاشن سان سَٿيل آھي
    اُنھيءَ کي
    منھنجي گهر واري ڳلي ٿو چئين!

    گهر ڦُرڻ
    ساڙڻ
    اُجاڙڻ
    ريپ
    رتوڇاڻ کي تون امن ٿو چئين!
    آشِتي ٿو چئين!


    ھليا ته پيار ڪريون

    ھليا ته پيار ڪريون، پيار زندگي آھي
    ڌِڪارَ ڌار نه دل ۾ ڌڪارجِي نه وڃين
    نه آھه پيار ته ڄڻ رات ٿي وئي آھي
    ھليا ته پيار ڪريون پيار زندگيءَ آھي

    اُجهامندي نه ڪڏھن پيار روشني آھي
    دلين تي داغ جيان ڏس اُتارجي نه وڃين
    ھليا ته پيار ڪريون پيار زندگيءَ آھي
    ڌِڪارَ ڌار نه دل ۾ ڌِڪارجي نه وڃين


    ڪورو پَنو

    ڪورو پَنو چوي ٿو
    ”مون تي به ڪجهه لِکي ڇڏ
    سو نانءُ ئي لکي ڇڏ
    جنھن نانءُ جي وٺڻ سان
    چَپ ئي ٻَري پون ٿا
    دل درد ساڻ ڀرجي
    ڇُلڪيو پوي اکين مان“
    “جا چُونڊ آ سَکين ۾
    تارن ۾ چنڊُ آھي
    جا ڪونج آ پکين ۾“
    ”جنھن کي ڌُڻي کنيو تو
    چوٽيءَ ۾ گُل ھنيو تو
    اُن جو به ڪو ته نالو
    ھوندو اُھو کڻي ڇڏ
    ھا مُھر اڄ ھڻي ڇڏ!”

    ڪورو پَنو چوي ٿو
    ۽ آءُ صرف مُرڪي
    ڪورو پنو ائين ئي
    ڪورو ڇڏي ڏيان ٿو!


    تون ته اُھائي مارئي

    تون ته اُھائي مارئي
    ٿر جي ڄائي مارُئي
    مَرَڪ جنھن جو ملير
    پير ڪڙا ۽ ھٿ ڪڙيون، زيريون ۽ زنجير
    مَرَڪُ جنھن جو مليرُ
    تون ته اُھائي مارُئي
    ٿر جي ڄائي مارُئي
    مَٽ نه ڀائنج ڀُرٽ سين، انب، انگور، انجير
    مَرَڪُ جنھن جو مليرُ
    تون ته اُھائي مارُئي
    ٿر جي ڄائي مارُئي
    ڪيرائي وجھه ڪوٽ کي، ڇا جو ڌيرُ اَڌيرُ
    مَرَڪُ جنھن جو مليرُ
    تون ته اُھائي مارُئي
    ٿر جي ڄائي مارُئي
    اڇو رکجان پاڻ کي، جھڙو اڇو کيرُ
    مَرَڪُ جنھن جو مليرُ
    تون ته اُھائي مارُئي
    ٿر جي ڄائي مارُئي


    لفظ نه آھن کيڏوڻا

    لفظ نه آھن کيڏوڻا
    جن سان ويٺو کيڏين راند
    لفظ ته آھن تيز ڪھاڙا
    جن سان وٺبو آھه پلاند –
    اُنھن بي ڏوھ شھيدن جو
    جن جو ڏوھ ھيو بي ڏوھي
    جن کي لاڪپ ۾، جيلن ۾
    پھرين ماري پوءِ ڪُٺو ويو!


    اماس کان پوءِ

    اُماس آھي ته پوءِ ڇاھي
    اُماس کان پوءِ صبح آھي

    انھن اَنڌيرن پٺيان سويرا
    کنيو اچن پِرھ جا ته پيرا

    پکي مٺي لات ڄاڻ لنوندا
    ۽ سج – سواگت جا گيت چوندا

    ۽ مندرن منجهه سنگ وڄندا
    ۽ ديولن منجهه گهنڊ گُڙندا

    ۽ مسجدن ۾ اذان ايندي
    ۽ رات جي نيٺ مات ٿيندي

    ۽ ھوريان ھوريان ڪري پوءِ
    سجاڳ ٿيندي سڄي سرشتي

    ٽليون بَرين ڇيلڙين جون وڄنديون
    ۽ نينگريون تن جي ڪَڍَ ڀڄنديون

    ۽ ڳاٽ سُورج مُکين جا کڄندا
    صديون سڪيل رُوح نيٺ رَچندا

    سڀن ھٿن ۾ ڪتاب ھوندا
    تمام چھرا گلاب ھوندا

    سُڀاڻ آ ساڀيان جنين جي
    اُھي اکين منجهه خواب ھوندا

    اُماس آھي ته پوءِ ڇاھي
    اُماس کان پوءِ صبح آھي!


    مِٽِي ٿَڃ – مِٽي رَت

    مِٽِي ٿَڃ – مِٽي رَت
    پوءِ به منھنجي مُوڙھي مَت

    سرتيون ھليون، ھيڪل ھاڻ
    پُوڻِي پُوڻِي ويھي ڪَت

    اندر منجهه جهاتي پاءِ
    دئيت ھڻيو ويٺو ٿئي دَت

    لوئِيءَ لَڄَ بچائجانءِ
    پارج پنھوارين سين پَت

    مُرڪياسين ته لڙي پيا لڙڪ
    ھونئن ته ڪائي ڳالھه نه ڳت

    توکي دانگي ڪِيئن سَڏيان
    دانگيءَ تي ٿو اُٿلي رَت

    اڱڻ اُجرو، چوڏھينءَ چنڊُ
    ٺارجي کڻي جيڪر ڀَت

    تون به ته پنھنجو آن امداد
    تون به ڀلي ڪا گهاڻِي گهَت


    تو ته چيو ھو

    ”مون جو پوکيو آ مِٽيءَ ۾، ٻج نڪرندو ڪونه
    باک نه بَکندي، لاکَ نه لڳندي، نُور نسرندو ڪونه
    تو ته چيو ھو ”ڏينھن نه ٿيندو، سجُ اُڀرندو ڪونه!”

    ”ڀُلجي سُلجي آکيري ڏي، پنڇي وَرندو ڪونه
    ماچس منھنجي مُٺ ۾ آھي، ٻارڻ ٻَرندو ڪونه
    تو ته چيو ھو ”پَھڻ نه ٻُڏندو، ڪَکُ به ترندو ڪونه!”

    ”مارڳ تي بارودي سُرنگون، ماڳ به رَسندو ڪونه
    چِٿي چِلھي چيپاٽي ويندو، ڦيٿو گسندو ڪونه
    تو ته چيو ھو ”ھاڻي ڪوئي بادل وَسندو ڪونه!”
    تو ته چيو ھو . . .
    تو ته چيو ھو . . .


    ڇڏي ڏي اِنھن کي

    ڇڏي ڏي
    اِنھن کي
    اِتي ئي ڇڏي ڏي
    اھي مِيل – پٿر اٿئي
    اِنھن تي نه رو
    اِھي لُڙڪ اُگهي ڪونه سگهندا
    اِنھن کي نه چَو
    اِھي ڪجهه نه ڪُڇندا
    نه لُڇندا نه پُڇندا
    اِھي زخم تي ڪو پَھو ڪونه رکندا
    اِنھن سان رُڳو
    مٿو مُڃَ ٿيندو

    ڇڏي ڏي
    انھن کي
    ڏسين ڪونه ٿو ڇا
    اِنھن تي
    پَکين جُون وٺيون!
    اِھي بس
    ائين ئي
    اِتي ئي کُتل
    نه ڪو جاڳندا
    نه ڪوئي سُتل
    اِھي بس اِتي
    جِتي جو تِتي

    ڇڏي ڏي
    اِنھن کي
    اِتي ئي ڇڏي ڏي!


    لڙڪُ جو لفظ ۾ آھي

    لڙڪُ جو لفظ ۾ آھي
    سو ٽشو پيپر سان
    ڪو اُگهي آھه سگهيو، جو اُگهندو!

    سُورُ جو سِٽَ ۾ آھي
    سو سڃاڻي نه سگهيو آھي ڪو
    ته دوا ڪھڙي ڪندو!

    زخم جو نظم ۾ آھي
    اھو ڪنھن کي به نظر ڪونه اچي ٿو
    ته پَھو ڇا رکندو!


    اھوئي شھر آھي

    اي ڳوٺاڻا اھوئي شھر آھي
    رڳن ۾ رتَ بدران زھر آھي

    حياتي آھه پاڻيءَ کان به سھنگي
    ھتي نازل ٿيل ڪو قھر آھي

    سڙي سيني ۾ دانگي ٿي وئي دل
    ھتي ھرڪو بشر بي مھر آھي

    ڌڪا بس جا جهلي، ھُن جو پڇائي
    وڃون گهر تي ته چوندا ٻھر آھي

    ھتي ميڪ اپ پٺيان چھرو لڪل آ
    ۽ ڳالھائڻ مٺو ڪو زھر آھي

    جُڳن کان جاڳندو لکندو اچين گيت
    سمھي پئه ھاڻ پويون پھر آھي!


    جيئن چَڙي جي لارَ

    تن ۾ تنھنجي تارَ اِئين
    جيئن چَڙي جي لارَ اِئين

    تنھنجي سارَ سنڀارَ اِئين
    پڪا لالَ ليارَ اِئين

    ڪارا ڪارا وارَ اِئين
    جئن ڪڪرن جي ڪارَ اِئين

    جيئن سُڳنڌ گُلابن جي
    پنھنجي پريت پچارَ اِئين


    آءُ دونھين جو بادل ڙي

    تُنھنجي گهر جي چَمنيءَ مان
    وَٽ سَٽ کائي نڪتل ڙي

    آليون ڪاٺيون ٻاريندي
    لڙڪ ڀنل ڪجهه ڪاجل ڙي

    تنھنجي اندر جي اُڌمن جان
    اُھو به مون ۾ ڦاٿل ڙي

    آءُ اُڃيو مون سان ٿيندي
    ٿَر بَر ڪھڙي ٿاڌل ڙي

    تيز ھوائن ۾ ٿُڏجان
    ھونئن ته ڪابه نه ھلچل ڙي

    اَڻھئي کان اڻ ٿانيڪو
    پورَ پچايان پاڳل ڙي

    منھنجي من کي ڇا موھيندو
    ڪونجن جو ھي ڪَرڳلَ ڙي

    ويرم کان وٽِڙي ويندس
    منھنجي ھستي کن پل ڙي

    ڪنھن کي ڪھڙي ڇايا ڏيندس
    آءُ دونھين جو بادل ڙي!


    اڻ ٿيڻي – ٿيڻي

    اڻ ٿيڻي اڄ ٿي وئي ٿيڻي
    منھنجي ابن ڏاڏن جي چوڻي:
    ”پنھنجا نيٺ به آھن پنھنجا
    ماري اُس ۾ ڪونه ڇڏيندا”
    سَچُ ھئي پر ٿي وئي ڪُوڙي
    ھيڪل جندڙيءَ جھڙي سنڌڙي
    ماري اُس ۾ ڇڏي ڏنائون!


    انتظار

    ٻاھر سُتل گهٽيءَ ۾ اڪيلو اُداس بلب

    ڇيڙي تي ھڪ ڪُتو پيو ڀَؤنڪي ذَري ذَري
    ھِن ھجر جھڙي رات ۾ تنھا ڪٿي ڪٿي
    بيمار لاءِ ڪمري ۾ بتي پئي ٻري
    ڏس ايئن نه ٿئي جو رات ئي گذري نه ڏينھن اچي
    بيمار پاڻي پاڻي ڪري جان ڏئي ڇڏي
    پٿر ھڻي ڀڃي ڇڏي دل جي طرح ڪو بلب
    گرجي اذيِتن کان ڪُتو چيخندو رھي

    سيني ۾ تنھنجي ياد جا مُرجهائجن نه گُل
    اکين ۾ انتظار جون شمعون نه گُل ٿين

    وارن کي کولي آءُ ۽ ڪو گيت ڳاءِ آءُ
    گذري ھوا ٿي پاڻ سنڀالي ھَري ھَري
    اي منھنجا چنڊ! ھھڙي ستارن جي رات ۾
    کُڏ تي ھليا ته پيار ڪريون جي ڀَري ڀَري
    اوندآھه طاق طاق تي پھرو پَئي پَئي
    روشن ڪريون ڪا دل جو ڏياريءَ جي رات آھ

    اڄ رات جيڪو جِي سگهي دنيا اُنھيءَ جي آھ
    سڀ زھر جيڪو پِي سگهي دنيا اُنھيءَ جي آھ
    جيڪو به تنھنجو ٿي سگهي دنيا انھيءَ جي آھ

    اي منھنجي جانِ! آءُ جواني بھار ڪر
    ھن رات جي سحر جو اچي انتظار ڪر!


    سپنا سپنا

    سپنا سپنا ٿيندا آھن
    ننڊ اچڻ تي ايندا آھن
    ۽ مان
    جُڳن کان
    ڪونه سُتو آھيان!

    سپنا ھا سانوڻ جا سپنا
    سانوڻ من ڀانوڻ جا سپنا
    سپنا سپنا ٿيندا آھن
    ننڊ اچڻ تي ايندا آھن
    ۽ مان
    جُڳن کان
    ڪونه سُتو آھيان!

    سونھري، ڪينجهر جا سپنا
    سپنا ڪارونجهر جا سپنا
    سپنا سپنا ٿيندا آھن
    ننڊ اچڻ تي ايندا آھن
    ۽ مان
    جُڳن کان
    ڪونه سُتو آھيان!

    سپنا، ھا سُھڻي جا سپنا
    سُھڻي من مُھڻي جا سپنا
    سپنا سپنا ٿيندا آھن
    ننڊ اچڻ تي ايندا آھن
    ۽ مان
    جُڳن کان
    ڪونه سُتو آھيان!


    ”رُوح رھاڻ“ جي ٽائيٽل تان

    ”رُوح رھاڻ“ جي ٽائيٽل تان
    (تصوير)

    منھنجي ڪمري مان کڻي وئي آھين
    پنھنجي تصوير کي ڀِت تان لاھي
    دل جي ديوار تي اڄ ڏينھن تائين
    تنھنجي تصوير ٽنگي پئي آھي!


    موسم ٿي ڳالھائي

    رنگ ۽ خوشبوءَ جي ٻوليءَ ۾
    موسم ٿي ڳالھائي
    آ ته ٻُڌون
    ھا، آ ته ٻڌون ڪن لائي!
    ڪُو ڪُو ڪُو ڪُو ڪُوڪي ڪويل
    پَل پَل پَل پَل سُر ۾ پويل
    آ ته ٻُڌون
    ھا، آ ته ٻڌون ڪَن لائي!

    ڇَم ڇَم ڇَم ڇَم سھڙي سانجهي
    لھر لھر لھوارو مانجھي
    گيت پيو ڪو ڳائي
    آ ته ٻُڌون
    ھا، آ ته ٻڌون ڪَن لائي!

    مَڌُر مڌم ڪو گيت لڳي ٿو
    تارو تارو ميت لڳي ٿو
    ڪُونج پئي ڪُرلائي
    آ ته ٻُڌون
    ھا، آ ته ٻڌون ڪَن لائي!

    رنگ ۽ خوشبوءَ جي ٻوليءَ ۾
    موسم ٿي ڳالھائي
    آ ته ٻُڌون
    ھا، آ ته ٻڌون ڪَن لائي!


    رات

    رات پني تي ڪاري مس ھاريل
    شاعر چنڊ جيان
    ان ڪاڳر تي
    ٽانڪي ويٺو
    لفظ ستارن جھڙا
    ننڍڙن ٻارن جھڙا
    رات اونداھيءَ جو سمنڊ
    ان ۾ چنڊ
    کير ڌار جي وِچَ سير ۾
    ٻيڙيءَ جان
    لُڏي لمي
    لمي لڏي
    وقت ناکُئو
    ونجهه ھڻي
    پِرھ اُرھ جئن پڌرا ٿين
    سورج سڙھ کڻي!


    اُجرا اُجرا ٻارَ

    انڌي ماءُ ڄڻيندي آھي، اُونڌا سُونڌا ٻارَ
    ايندڙ نسل سمورو ھوندو، گونگا ٻوڙا ٻارَ

    اڻڀا اڻڀا وارَ انھن جا، سڻڀا سڻڀا ڳل
    رستي رستي بيٺا ھوندا، تنھا تنھا ٻارَ

    ھٿ – تريءَ جون ليڪون ڊاٺل، اکيون ڄڻ ڪشڪول
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ چوڪ چوڪ تي، رُئندا رُئندا ٻارَ

    ٻاھر سارا ٿوھر ٿوھر، اندر کارا کوھ
    لک پرچائين سو سمجهائين، ڪجهه به نه ڪڇندا ٻارَ

    منھن رکين ۾ ڪانڊا ٽانڊا، اولاڻا سڀ آڳ
    ننڊ نه ايندن جاڳ نه ٿيندن، لڇندا رھندا ٻارَ

    ھر ڪا مُند ھتي جي آھي، نسل ڪُشيءَ جي مُند
    سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻارَ

    پيءُ نه ٿيندو ماءُ ڪڏھن ڪو، ماءُ نه ٿيندي پيءُ
    اڄ به نڌڻڪا عيسى جھڙا، گرجا گرجا ٻارَ

    ڀاڳ نه ڪوئي ماڳ انھن جو، واٽن جو ويراڳ
    ڇورا ڇورا پنندا پنندا، رُلندا رُلندا ٻارَ

    تون ته چوين ٿو تون سپنو آن، ٻار نسورو سچ
    موٽر جي ڦيٿن جي ھيٺان، چِٿجي ويندا ٻارَ

    بند ڪتاب به گونگا ٻوڙا، انڌا سڀ اسڪول
    ڪھڙيءَ بس تي بيٺا ھوندا، اُجرا اُجرا ٻارَ

    گونگا ھوندا ٻوڙا ھوندا، ڀَٽ ڌڻيءَ جا بيت
    ھڪٻئي کي ڪئن سمجهي سگهندا، تنھنجا منھنجا ٻارَ


    منھنجي محبوبا!

    آءُ چاھيان ٿو منھنجي محبوبا
    رات جي دردناڪ انڌيرن ۾
    آخري بار بند در کولي
    نرم ھٿ کي ھوا ۾ لھرائي
    مون کي رخصت چوين، ته مان به وڃي
    جانبازن ۽ سرفروشن سان
    سرڪشن ساٿين جوانن سان
    دشمنن جي صفن کي چيريندو
    سر زمين وطن تان جان ڏيان
    خونَ جي بُوند بُوند نذر ڪيان

    تون نه رو، تون نه رو، جو تنھنجون اکيون
    صبح ڏسنديون (جو مان ۽ منھنجا دوست
    ٿي سگهي ٿو، ڏسن، ڏسن نه ڏسن!)
    غم لڪائڻ جي واسطي پياري
    سرخ نازڪ چپن کي ڀيڙ نه تون
    منھنجي گيتن کي ڪير ڳائيندو؟

    ڇا تون چاھين ٿي جيڪي چاھين ٿا
    تنھنجي ۽ منھنجي پيار جا دشمن
    تنھنجي ۽ منھنجي ديس جا غدار
    تنھنجي منھنجي وطن تي اھڙو ڏينھن
    ڪنھن طرح سان اچي خدا نه ڪري!


    اي ڪوي!

    نُور ڪنھن جي لئه نِچوئين ٿو پيو؟
    شاعري تنھنجي اَلا پڙھندا به يا نه!
    سِٽ سَريءَ ۾ لُڙڪ پوئين ٿو پيو،
    نور ڪنھن جي لئه نچوئين ٿو پيو!

    ھيئن جو غدار لوئين ٿو پيو،
    اي ڪوي! پڙھندا، اَلا ڪڙھندا به يا نه!
    نور ڪنھن جي لئه نِچوئين ٿو پيو؟
    شاعري تنھنجي اَلا پڙھندا به يا نه!


    ڪير ھو شاھه ڀٽائي؟

    ڪلھه ھڪ ٻالڪ پيءُ کان پڇيو:

    بابا ڪير ھو شاھه ڀٽائي؟
    دھليءَ يا لکنوءَ ۾
    ھھڙي نالي وارو شاعر
    منھنجي ڪتابن ۾ ئي ڪونھي!

    سنڌ جي ريگستان ۾ ھھڙي نالي وارو
    شاعر پيدا ڪيئن ٿيو؟

    بابا ڪير ھو شاھه ڀٽائي؟


    تنھنجو وات گلاب

    آءُ برابر مٽي آھيان
    تنھنجو وات گلاب!
    برابر تِڇ آھيان
    تِڇ به ناھيان!
    ڪوري ڪاڳر تي ليڪ آھيان
    ليڪ به ناھيان!
    ٻيو به الائي ڇا ڇا آھيان
    آھيان به الائي ناھيان!
    لؤڻا ڇو ٿو ڦيرائين؟
    جيڪا ڳالھه چوڻ ٿو چاھين
    منھنجي اکين ۾ گهوري چَو!


    ماحول

    تمام ماحول قربتن جو گداز ٻانھون
    تمام ماحول درد ئي درد جا زمانا
    پري پري تاءِ ياد ئي ياد جون نگاھون
    تمام عالم محبتن جا لُٽيل خزانا

    صديءَ صديءَ کان گهڙي گهڙي آھه خوب ڀاري
    تمام ماحول ھجر ئي ھجر جا بھانا
    سڄي جھان ۾ طويل راھن جا ڄارَ پکڙيل
    انھن تي آھن ازل کان سَوَ قافلا روانا

    جٿي ڪٿي ڊاڪٽر ۽ نرسون ۽ اسپتالون
    ڪڏھن مريضن جون ڪونه کُٽندڙ ڊگھيون قطارون
    فقير فٽ پاٿ تي سَٿيل سُڏڪندڙ صدائون
    اُداس وڻ، رات ڏينھن مصروف رھگذارون

    بغير مقصد جا حال احوال خبرون چارون
    قدم قدم شاندار بنگلا ايئرڪنڊيشن
    گهٽيءَ گهٽيءَ چونڪ چونڪ مخلوق آندي ماندي
    قدم قدم جسم جسم جو اڌ اگھاڙو فيشن

    ھلي ھلي زرد سج آخري ڇڙي ھنئي
    اُفق تي ڪنھن بي گنآھه جو خون ھارجي ويو
    گلاب پنھنجي ئي اڳ ۾ پاڻ ٿا جلائن
    محاز دار و رسن تي منصور مارجي ويو

    قدم قدم موڙ موڙ فُل سوٽ بيش قيمت
    حَسين ڪارُن جا سالِ نو جا حَسين ماڊل
    رکي رکي آخري الارم ٿو مِل جو روئي
    وڃن پيا تيز تيز ڪجهه راھگير پيدل

    روش روش تي ڳلن جا ڳاڙھا گلاب تازا
    کلن پيا مُرڪ جا شگوفا چپن چپن ۾
    نظر جي نيت سان چھري چھري جي پگهري چاندي
    ۽ ايلفيءَ جو گذار ماحول ھٿ ھٿن ۾

    جوان جسمن جا عام نيلام گهر سجايل
    گلاس وسڪيءَ جا ڪيبري ڊانس ھال تاڙيون
    ڪفن کان محتاج ابنِ آدم جو لاش سڙيل
    ۽ ھاڪس بي تي ھزارھا زرق برق ساڙيون

    مري وڃو سڀ جيڻ گنآھه عظيم آھي
    گناھگارن ۾ تون به شامل ۽ مان به شامل
    الاءِ ڪنھن ڪنھن جو خونِ دل ٿو ٻري ڏيي ۾
    الائجي ڪير ڪير آھي اسان جو قاتل!

    سڄو سڄو ڏينھن مسجدن جا اُڀا مُنارا
    تمام گرجا گهرن ۾ مظلوم ابن مريم
    سڄي سڄي رات مندرن جا چراغ تنھا
    ۽ وڻ جي ھيٺان جُڳن ڪنان ڌيان منجهه گوتم

    تمام عالم ذليل سرگوشين جو عالم
    تمام ماحول روس انگلينڊ آمريڪا
    تمام ماحول ھيروشيما ۽ ناگاساڪي
    تمام ماحول الجزائر ۽ آفريڪا!


    اُجھي پئي آ لاٽَ

    سُونا سُونا ڦاسي گهاٽ
    ڳھريل ڳڀروئن جا ڳاٽَ

    ڇرڪي پئي جا تنھنجي ڇير
    ڇاٽ ڇڻي تارن جي ڇاٽَ

    پِرھ چُميا ھا تنھنجا چَپَ
    پوئين پھر پئي ھئي ماٽَ

    دل ۾ روشن دک جو ديپ
    ٻاھر ڪيڏي آھي ٻاٽَ

    تيلي ئي ٻاريان ٿو آءُ
    اُجهي پئي آ ھرڪا لاٽَ

    ڪَھي جتان آيو ”امداد“
    ڪاريھر جي آھي واٽَ


    جيون آھي جنڊ

    جيون آھي جنڊ ميان، پيھان ٿي آءُ اسر ويلي!

    ڪچيءَ ماني جھڙو ڀاسي، تو بن چوڏھينءَ چنڊُ ميان
    جيون آھي جنڊُ ميان!
    پيھان ٿي آءُ اسر ويلي!

    پُڙ جي گُھمري ساڻ گهمي ٿو، ھي مانڊيءَ جو مُنڍ ميان
    جيون آھي جنڊُ ميان!
    پيھان ٿي آءُ اسر ويلي!

    اڻ چاھيل ڏوھن جو آھي ، ڏينھن سڄوئي ڏنڊ ميان
    جيون آھي جنڊُ ميان!
    پيھان ٿي آءُ اسر ويلي!


    آءُ اجهامڻ ڄاڻان ڪونه

    سارو ڏيھه ڏياري آھي
    منھنجي رات انڌاري آھي

    ڏينھن ٿيڻ جي دير آھي
    ڏيھه ڏيا ته اجهامي ويندا
    پنھنجي وٽ ۾ کامي ويندا
    ڏيھن جو ڏاتار جڏھن
    سورج اُڀ تان اُڀري ڏسندو
    آءُ اجهامڻ ڄاڻان ڪونه
    وٽ وانگي کامڻ ڄاڻان ڪونه


    تنھنجو ھُجڻ

    نه ته فاصلو گهڻو ھو، مون ۾ ۽ خودڪشي ۾
    تنھنجو ھجڻ، ھجڻ آ، ويسآھه زندگيءَ ۾

    اڌ رات جو ڪوي ڪو، ڪوتا لکي رھيو ھو
    ڪيڏا سُٺا لڳا پئي، اوراق روشنيءَ ۾!

    ھر لُڙڪ مُرڪَ ڀاسي، ھر مُرڪَ لُڙڪ ڀاسي
    غم ۾ لڪل خوشي آ، ھر غم لڪل خوشيءَ ۾

    ڄائس جتي پليس مان، نِپَنس وڏو ٿيس مان
    اڄ وائڙو پريشان، اُن ڳوٺ جي ڳليءَ ۾

    اڌ اُپٽيل اکين سان، تنھنجي اڳيان اِئين مان
    اوندآھه مان اچي جئن، ڪو تيز روشنيءَ ۾

    رت – لڙڪ – مَس سان مان، اُن لئه لکان مان
    جنھن قوم آھه وِڪيو، اِتھاس کي رَدِيءَ ۾!


    ڪنھن جا ڏِينھَن

    اُلڪيل اُلڪيل سڀ راتيون
    سُڏڪيل سُڏڪيل منھنجا ڏينھن

    شھر وڃي او ڳوٺاڻا
    ڪئن ٿا گذرن تنھنجا ڏينھن

    ڏسندي ڏسندي راتين جان
    ڪئن اُلھي ويا پنھنجا ڏينھن

    ڇڏ ڙي يار امداد کڻي
    ڪھڙا ڏينھن ۽ ڪنھن جا ڏِينھَن!


    مُرڪ – اِسٽڪر

    استري ڪيل چھرو
    گُھنج، ڀاءُ ڪو ناھي
    مُرڪ – اِسٽڪر چنبڙيل
    ٻن چپن مٿان آھي!

    مُرڪ – اِسٽڪر جنھن جو
    رنگ ئي اُڏامي ويو
    پو به اُو اُتيئي آ
    ٻن چپن مٿان چنبڙيل

    تو ڪڏھن اِھو سوچيو
    مُرڪ – اِسٽڪر جنھن جو
    رنگ ئي اُڏامي ويو
    ھاڻ ڪونه ٿو موھي

    تو ڪڏھن اِھو سمجهيو
    مُرڪَ – اِسٽڪر آھي
    ڦٽَ جي ڪڙيءَ وانگي
    ھنڌَ ھنڌَ تان اُکڙيل

    تو ڪڏھن اِھو چاھيو
    مُرڪ – اِسٽڪر ھاڻي
    ٻن چپن مٿان کُرڙي
    ڊَسٽ بِن ۾ اُڇلايائين!


    سورج جاڳيو

    سورج جاڳيو، جيون جاڳيو
    نديءَ ڀرسان مَڌ بن جاڳيو

    پاڙي جي ھڪ گهر جي کُڏ تي
    آرس موڙي جوڀن جاڳيو

    ڪنھن جھرڪيءَ جي ٺونگن ڪارڻ
    ديوارن تي درپن جاڳيو

    رزق حلال ڪمائڻ ڪارڻ
    او ڌنوانو! نِرڌن جاڳيو


    ڏاڏيءَ جي ياد ۾

    مون کي ساڳي اُھا آکاڻي ٻُڌائي ڏاڏي!

    جنھن ۾ ھڪ راجڪُماري ھُئي، ھڪ راجڪمار
    نانءُ سورج مُکي ھو راجڪماريءَ جو، ڪُمار
    جنھن کي سورج ٿي سڏيئون، شُغل سندس شيل شڪار

    ٻنھي جي وِچَ ۾ ھئي، ڌنڌ جي لمبي ديوار
    اِنھيءَ ديوار ۾ در ھو نه دري، ڦوڙ، نه ڏار

    ھڪڙي ڏينھن ھڪڙو ھرڻ جيئن ڏٺو راجڪمار
    سڱ سونا ھئا جنھن جا، ۽ ڳِچيءَ ۾ ڳانو
    اُن جي ڪَڍ ڌنڌ جي ديوار ٽپي ويو ھن پار

    مون کي ساڳي اُھا آکاڻي ٻُڌائي ڏاڏِي!

    جنھن ۾ ھڪ ديو ھُو، جو سمنڊ به پي ويندو ھو
    جنھن جي ھڪ ڦوڪ سان طوفان اچي ويندو ھو
    ڇَھه مَھينا جو اکيون ڦاڙي پيو جاڳندو ھو
    ڇھه مھينا جو گگن تاڻي سُمھي پوندو ھو
    ۽ اُھو ديوُ پھاڙن کي ڳھي ويندو ھو

    مون کي ساڳي اُھا آکاڻي ٻُڌائي ڏاڏِي!

    جنھن ۾ سورج جي اڳيان ڌنڌ جي لمبي ديوار
    ايئن پگهري ھُئي جئن ميڻ رجي بآھه اڳيان


    ھيءَ جا چَڙي لارَ

    ھِيءَ جا چَڙي لارَ، وڄي پَئي وجود ۾
    سپيريان جي سارَ، وساريان نه وسري!

    سپيريان جي سارَ، وسرِي وسري ڪينڪي
    تارُونءَ تي ترارَ، ڪَچي ڌاڳي ۾ ٻڌل!


    مَنَ موتي

    سَر کان گهري آھه نَدي
    نديءَ کان گهرو ساگر
    ساگر کان گهرو من
    ساگر ۾ سِپ، سِپ ۾ موتِي، من ۾ سپجي پيار
    نديءَ کي آھي پريون ڪنارو، من جو آر نه پار

    سَر کان گهري آھه نَدي
    نديءَ کان گهرو ساگر
    ساگر کان گهرو من

    موتِي ھَٽ بازار وڪامي، ڪونه وڪامي پيار
    نَدي چڙھي ٿي بس سانوڻ ۾، پيار سدائين تار

    سَر کان گهري آھه نَدي
    نديءَ کان گهرو ساگر
    ساگر کان گهرو من

    موتِي جو آ مُلھه مھانگو، اَڻمُلھه آھي پيار
    نَديءَ لُڙاٽيل، ساگر کارو، نِينھُن ته آھه نِبار

    سَر کان گهري آھه نَدي
    نديءَ کان گهرو ساگر
    ساگر کان گهرو من


    ھي مان – ھُو صليب

    سنسان گهٽيون ۽ چؤنڪ
    اڪيلو آواز
    گري ڪُتي – ڀؤنڪ

    اُڻ تُڻ، ھُرکُر، لوچَ
    پرزا پرزا ٿي پئو
    سچ نه ڄاڻي سوچَ

    ھي مان – ھو صليب
    وري ملنداسين
    يا نصيب!


    سين الف ب

    توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
    آءُ مصروف ٿي ويو آھيان

    رات ۽ ڏينھن بس پروف ڏسڻ
    سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان آيل
    خط پڙھڻ ۽ وري جواب ڏيڻ
    مختلف لکڻيون چڪاس ڪرڻ
    ھيءُ جاڳڻ جلڻ، جلڻ جاڳڻ
    ۽ ائين لفظ لفظ لفظ جُڙڻ
    ۽ وڃي پوءِ ھڪڙي سٽ سرجڻ
    ڪو غزل، نظم يا ڪو گيت رچڻ
    يا ڪھاڻي ۽ ڪوئي ليک لکڻ

    آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
    توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي

    بند آھي مشين ڏينھن کان
    ڪو به سُر ڪونه ٿو ٻُري جانان
    تون به ناھين نه تنھنجا ساروڻا
    ھانءُ ۾ نانءُ ٿو ٻُري جانان
    ته اھو نانءُ آھه ھيڊل برگ
    توبه چاھيو ھيو اھوئي متان
    ته رڳو ايترو ٻڌاءِ ڇڏيان

    توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
    آءُ مصروف ٿي ويو آھيان

    ليٽ ”گل ڦل” ۽ ليٽ آ ”سرتيون”
    آھه ڪنھن کي به ان جي ڳڻتي ڪانه
    ننڊ منھنجي ئي ڇو ڦٽل آھي
    ساري جنھن جي جوابداري آ
    سو ته آرام سان سُتل آھي
    ڦيٿ سان آھه جنھن ڇڏي ماپي
    آھه تنھن لاءِ زندگي جانان
    صرف ۽ صرف پيٽ ۽ کيسو
    سو ته ھر پل اھوئي چاھي ٿو
    جو به آھي اھو کڻي وٺجي
    وَجهه آھي لپو ھڻي وٺجي
    ڪير ڄاڻي سُڀان رھون نه رھون
    ھر پني تي ٺپو ھڻي وٺجي!

    ۽ انھن حالتن کي منھن ڏيندي
    آءُ آفيس ڏي سوير ايندي
    پوءِ گهر ڏانھن دير سان ويندي
    ڪار ۾ اسڪرپٽ کي پڙھندي
    ڳڀو کائيندي، ريديو ٻڌندي
    نيوز پيپر سرسري ڏسندي
    ٽِڪ ڪري ٿو وٺان خبر ڪائي
    يا حوالو ڏسي ڪتابن ۾
    ڀڃ اُن جاءِ تي وجهي ٿو ڇڏيان

    آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
    توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي

    ڪا ڇمر ڇانوَ ڪانه آ سِر تي
    ۽ اکين منجهه لڙڪ بوند آھي
    (ساگر ڀل ته سڪي به وڃن
    شل نه سڪي اک جو پاڻي!)
    لان آھي سڪي رھي آھي
    ۽ سڄي سنڌ ۾ اُٿل آھي
    وقت سنڌونديءَ جيان آھي
    ڪيڏو تڪڙو ڊڪي رھيو آھي
    مان انھيءَ وقت سان وکاريان ٿو
    توکي ساريان ٿو توکي ساريان ٿو
    تون الائي ٻڌين به ٿي يا ڪين
    ڪيترو ڏور کان پڪاريان ٿو

    توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
    آءُ مصروف ٿي ويو آھيان

    شاھه ميران ۽ طالب المولى
    ھو گرامي، حسام ۽ سيد
    ھو رباني، محمد ابراھيم
    ۽ نبي بخش خان بلوچ اھو
    ۽ مبارڪ اياز شيخ اھو
    ڏيپلائي، سراج، ابن حيات
    اُھو شمشير حيدري شمشير
    ھو الانا ۽ قاسمي صاحب
    شيخ، سومار، مولوي مائر
    ھو علي بخش ۽ ھو مولا بخش
    اُھو ممتاز، ڊاڪٽر بيخود
    اُھو طالب، ولي محمد سو
    اُھو يعقوب ماستر ميمڻ

    ڪٿي آھن؟ اُھي ڪٿي آھن؟
    سڏ واڪو به ڇا ٻڌن ئي نه ٿا
    آءُ پو ڪنھن جي ڪنھن جي در دانھيان!

    اُھي در جي مٿم کلن ئي نه ٿا
    کڙڪِيون بند اکڙين وانگي
    مان رلان پيو تڏھن به ڪنھن سانگي
    آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
    توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي

    ڪير آ سين الف ب جو سڄڻ؟
    ڪير آ سين الف ب جو ڏڄڻ؟
    اِھو ديوار تي لکيل آھي
    جي اوھان جو پڙھڻ سکيل آھي
    ته پڙھي ٿا سگهو اوھين سڀ ڪجهه
    ھر اکر لفظ لفظ حرف به حرف
    پر انھي لاءِ شرط آھي صرف
    ته اوھان کي اھا نظر به ھجي
    پَسِ ديوار جي خبر به ھجي
    ته مٿان ھن طرد سحر به ھجي!


    ته ڪوي . . .

    تو ڪڏھن رات کان پُڇيو آھي
    تو ڪوي شام کان سحر تائين
    لاٽ جان ڪيترو لُڇيو آھي
    تو ڪڏھن رات کان پُڇيو آھي

    يا ڪڏھن رات ئي ڪُڇيو آھي
    لفظ ڪو ڏينھن جي خبر تائين
    تو ڪڏھن رات کان پُڇيو آھي
    ته ڪوي شام کان سحر تائين


    در دريون کول

    حالتن کان فرار ڇا جي لاءِ!
    سِج سُورج مکيءَ جي آڏو جهول،
    ھِي انڌيرن سان پيار ڇا جي لاءِ؟

    جبر تي صبر شُڪر ڇاجي لاءِ!
    ھَٿَ ھٿيارَ، ھَٿَ سَرجڻھار،
    ھَٿَ ناھن رڳو دعا جي لاءِ!

    ٻُوٿ ٻُوٿاريل ڀلا ڇا جي لاءِ؟
    ڄِڀَ آھي ڄِڀِي ته ڀل جَرڪي
    سوچ آھي ته بي صدا ڇا لاءِ!

    بند ڪمري ۾ واڙِيل ڇا لاءِ؟
    ٻار کيڏن پيا گهٽيءَ ۾ راند،
    در دَرُيون کول، ٻھر حياتِي پاءِ!


    ستارا

    نِما شام جو
    پکي پنھنجي آکيري ڏانھن
    ڍور پنھنجي وٿاڻن تي
    پورھيت پنھنجي گهرن ڏانھن
    واپس وريا پئي، تڏھن
    ڳوٺ جي ھر گهٽيءَ ۾
    رڳو ڌوڙ ھئي ڌوڙ ھئي
    جڏھن
    ڌوڙ ٿورو جهڪي ٿي
    تڏھن
    آسمان تي
    ستارن کي روشن ڪيو
    ڪيترو وقت ٿيو ھو!


    ڪجهه ڏک

    او حال پڇڻ وارا
    ڪجهه ڏک اھڙا ھوندا آھن
    جيڪي نه چئي سگهبا آھن
    جيڪي لکي نه سگهبا آھن
    اُھي ته زبان جي چوٽيءَ سان
    زھر جي ذائقي وانگر
    بس رڳو چکي سگهبا آھن!


    وھُ وھاٽيل مُرڪ

    ِ
    وھُ وھاٽيل مُرڪ
    (حفيظ شيخ جي ياد ۾)


    مُرڪيو ٿو مُرڪين، ٽيبل ٽاپ گلاسَ مان،
    وَٽيون وھُ گاڏيون، سُرڪيو پيو سُرڪين،
    لُوڻ ٻُرڪيو ٻُرڪِين، چِيريل چِچريل چَمَ ۾.

    اندر مان احساس، اُڀريو اُلريو وِيرَ جان،
    ٽوڙي ٽاپ گلاس، نڪري ايندين اوچتو.

    مِٽيءَ منجهه ملي وِيا، مُکڙا مُکِڙيءَ جِيئَن،
    ڪوماڻا سي ڪِيئَن، ڦوٽھڙي جي مُندَ ۾.

    ھيءَ جا حفيظ شيخ جي، وِھُ وِھاٽيل مُرڪَ،
    سُرڪيام سُرڪَ، سُرڪَ، ڦھليو زھر وجود ۾.


    جاڳيو انگَ اُمنگُ

    سارو لوڪ ڪُسَنگُ
    نينھن نِپَٽ نِسَنگُ

    سُتو سارو لوڪ
    جاڳيو اَنگ اُمنگُ

    آسمان ھو صاف
    اکڙين ۾ آڙنگُ

    آءُ ھوا آڌارا
    ڪَٽيل ڄڻ ته پتنگ

    ڪير؟ اُھو امداد!
    ارڏو ۽ اڙٻنگُ

    ندي ڪنڌين ۾ بند
    دل جو ڪونھي دنگُ

    اڄ به اُھوئي آءُ
    روپ نه رنگ نه ڍنگ

    چورائي ڪو پَل
    چورينداسين چنگُ

    پَٽُ، پٽيھر آھ
    ساڙيان سيڄَ پلنگُ


    دل جي رھجي ويئي دل ۾

    ورھن کان پوءِ يار مليا ھا
    کائي پي ھُو خوب کِليا ھا
    رنگين اُنھيءَ محفل ۾
    جيڪا سانڍيائون ٿي دل ۾
    سا ڳالھه چپن تي آندائون
    مون وٽ اھڙي ڳالھه نه ڳت ھئي
    منھنجي اھڙي مُوڙھي مَت ھئي
    ڌنوانن جي اُن محفل ۾
    دل جي رھجي ويئي دل ۾!


    اِھا باھ

    توکي اسان جي جيڻ تي اعتراض آھي
    ۽ اسان کي تنھنجي مرڻ تي
    ائين پنھنجي بآھه ۾ ٻرڻ تي
    جنھن کي وڏ ڦڙو به نه ٿو وسائي سگهي
    ڇو ته اھا ٻيلي جي بآھه ناھ
    جيڪا تيز ھوائن ۾
    ڏارن گسڻ سان لڳندي آھ
    اِھا ته جوالا واري به بآھه ناھ
    اِھا ته چُلھه ٻرندڙ به نآھه باھ
    جنھن تي ممتا ماني پچائيندي آھ
    ۽ چوڌاري ويٺل اڌ اُگهاڙن ٻارڙن جا
    چھرا تپي لال گلال ٿي ويندا آھن!
    اِھا ته ڪروڌ جي بآھه آھ
    جنھن ۾ رڳي ڄَر ھوندي آھ
    ڄَر، جا ڄيرو ڄراٽي ڇڏيندي آھ
    جنھن ۾ نه دونھون ھوندو آھ
    نه ئي روشني
    ھا روشني
    جيڪا ڪنھن ڀٽڪيل، ٿڪل ٽُٽل
    اڃايل، بُکايل مسافر کي
    پري کان ڏيکاري ڏيندي آھ
    پاڻ ڏانھن سَڏيندي آھ!


    يارو!

    ڪجهه نه ڪجهه، ڪجهه نه ڪجهه ڪَريو يارو
    ھڪ ٿڌو سآھه ئي ڀَريون يارو

    سارجي ڇا؟ وسارجي ڇا ڇا
    جام آھي نه جَل پَريون يارو

    ڪئن نه ”امداد“ سنڌ جي نالي
    کوٽِيون ٿي ويون کريون يارو

    سونُ ميڙيو ۽ ڪنھن کنئي چاندي
    مون کنيون برھ جون ڀَريون يارو

    ڀل ته واڌي ھجي منافق کي
    پاڻ ئي ڌِير ٿا ڌَريون يارو

    ھن سنئين لوڪ کان سڀاڳيون سي
    چآھه جيڪي ڪيون چَريون يارو


    مرڻي ناھي سنڌ

    سوچون، اُڌما، اونَ،
    ڳھريل ھي جي ڳوٺڙا
    جاڳندا به يا ڪونه!

    مانَ پسانَ پرڀات،
    عمر وڃي ٿي گذرندي
    ڪانه کُٽي ٿي رات!

    ڪچيءَ تند جئن جند
    مرنداسين تون آءُ ٻئي
    مرڻي ناھي سنڌ!


    مون توکي ڪٿي ڏٺو آھي

    مون توکي ڪٿي ڏٺو آھي!
    مون ھن کان اڳ به توتي توجھڙو سُندر نظم لکيو آھي
    ھن کان اڳ به تنھنجي ڪن ۾ مون سُرٻاٽ ڪيو آھي
    ھڪ ئي کٽ تان چوٽ چڙھيل چوڏھينءَ جو چنڊ پَسيو آھي
    ٻورايل رُت ۾ پَٽ جي پينگھه لُڏي آھي تو مون
    سانوڻ رُت ۾ رُنو کليو آھي
    ھِن کان اڳ به لوڪ سڄي ۾ تنھنجو منھنجو نانءُ ھُليو آھي
    مانسرور کان به پريان کان پنھنجو نينھن ھَليو آھي
    اسان ته ھڪٻئي جي اوگھڙ کي ولين وانگر ويڙھيو آھي
    اسان ته ھڪٻئي کي سازن وانگر ڇيڙيو آھي
    رنگ رُتن کي
    دريائن کي نانءُ ڏنو آھي
    ھن کان اڳ به تنھنجي ڳل تي لڙڪ ڏسي
    منھنجو ھانءُ ڀِنو آھي
    ھن کان اڳ به
    لاباري ۾ مون ڏي ڏسندي تنھنجو ھَٿُ وڍيو آھي
    پھر پھر تي پھري ھوندي انگ سان انگ مليو آھي
    ھن کان اڳ به
    مون توکي ڪٿي ڏٺو آھي!
    مون توکي ڪٿي ڏٺو آھي!


    مون ۽ لاٽَ

    مون ۽ لاٽَ
    ڪاٽي رات سڙي سڙي
    اونداھيءَ سان لڙي لڙي!

    مون ۽ مورَ
    ٽوڙي ماٺ رڙي رڙي
    سناٽي سان لڙي لڙي!


    چوٽ کاڌل آھيان

    آھيان ھا آھيان ھا آءُ پاڳل آھيان
    چآھه ۾ ڪنھن جي ادا ڙي چوٽ کاڌل آھيان

    گُل ھيو، پٿر ھيو، گولي ھئي، طعنو ھيو
    ڪجهه نه ٿو ڄاڻان سوا ان جي ته گهايل آھيان

    ٿر مٿان ۽ بر مٿان ترسان نه ٿو برسان نه ٿو
    سمنڊ کان وڇڙيل پياسو رول بادل آھيان

    رنگ پوپٽ جي پرن جو ٿي تِرين تي رھندس آءُ
    دوستو ڇا ٿي پيو جو گذرندڙ پل آھيان

    ڪالھه تائين ستَ سڱ جنھن سان ھئا ”امداد“ يار
    اڄ اُنھي جي لاءِ بس ڄاتل سڃاتل آھيان


    پِنڻي

    ھيءُ جستي وٽو ڦري توکان
    آرزو جا نوان گلاب ڏئي
    جي ڪڏھن ڪونه ٿي سگهن پورا
    تنھنجي اکڙين کي اھڙا خواب ڏئي
    دل چئي ٿي ته ماٺ ماٺ ڪري
    تنھنجي ھٿ ۾ ٿلھا ڪتاب ڏئي
    توکي ڪاليج موڪلي ڇڏيان!


    سنگسار

    بي ريت
    بي رواج
    ھيءُ سماج
    ڪٺور
    بي احساس
    انسان (حيوان ! پر نه حيوان کان به ڪِريل)
    انھيءَ بي ريت، بي رسم، بي رواج
    سماج جو ٺيڪيدار
    رات جي انڌيري ۾
    پنھنجي پاپ جي ڳٺڙي
    گند جي ڍير تي اُڇلي
    پٿر ميڙڻ ھليو ويو

    ۽ جڏھن
    صبح جو سج اُڀريو
    تڏھن
    اُن ڏٺو
    گندگيءَ جي ڍير تي
    تازو ڄاول ٻار
    آڱوٺو چوسيندڙ
    ھونگڙيون ڏيندڙ
    جنھن جي ڪن ۾
    نه ڪنھن ٻانگ ڏني
    نه ڳل تي پَپِي

    پوءِ
    ماڪوڙن ۽ مکين وانگر
    ماڻھو مڙيا
    کير جي بوتل بدران
    ھٿن ۾ پٿر کڻي

    پھريون پٿر
    پاپ جي ٺيڪيدار ھنيو
    پوءِ پٿرن جو مينھن وسڻ لڳو
    ۽ ڪوبه نه ھو انھن کڄندڙ ھٿن کي روڪڻ وارو
    ۽ انھيءَ چوڻ وارو ته
    “پھريون پٿر اھو ھڻي
    جنھن ڪڏھن ڪو گنآھه نه ڪيو ھجي!”

    ھا، ڪوبه نه ھو
    ھجي به ھا
    ته ماڻھوءَ پاڻ کي پاڪباز ثابت ڪرڻ لاءِ
    پھرين کيس ئي سنگسار ڪن ھا!

    ۽ اخبارون
    ڪوڙ ڪٿائون
    ڇپجنديون رھيون
    ته ڪنھن ڪارو حاشيو ھنيو
    ته ڪنھن ايڊيٽوريل لکيو!

    ۽ رستن تي
    ٽريفڪ جو سيلاب ائين وھندو رھيو
    ۽ ڏينھن جي نُور
    شھر جي ماڻھن جي
    ٻُوٿ تي ڪارنھن ملي ڇڏي ھئي!


    ھانءُ ڀڳو ڄڻ

    آھي معنا، جيون کي ڪا
    تو ساڻ ملڻ کان پوءِ لڳو

    سيني ۾ ڪو، آواز ٿيو
    ھانءُ ڀڳو، ڄڻ ڪو ٿانءُ ڀڳو

    تيسين تائين ڄُليو سائين
    جيسين سوريندو سِڪَ سَڳو

    وِڪجي سِڪجي ويندي ڪُسجي
    سنڌڙي ناھي ڪو ڍورُ ڍڳو

    رُت ۾ اھڙو، رنگ رچي ويو
    پِريَن پَھريو جھڙو به وڳو


    سَدوريون اکڙيون

    تنھنجون معصوم سڀاڳيون ۽ سدوريون اکڙيون
    مان وسارڻ به جي چاھيان ته وساري نه سگهان
    انھن اکڙين ۾، ڏسي پوءِ ٻين اکڙين ڏي
    مان نھارڻ به جي چاھيان ته نھاري نه سگهان

    ري ڪجل ڪاريون پياريون ۽ سَٻاجهيون اکڙيون
    جنھن کي چاھين حياتي به اُنھن سان ڪري پيار
    جنھن کي لوڌيِن اُنھن کان ته وڃي موت به وَؤن
    زندگي بڻجي وڃي دوزخي تلوار جي ڌارَ

    مست اربيليون الھڙ شوخ ۽ روشن اکڙيون
    ڄڻ ته ھرڻيون پيون ڪنھن خوف کان ڇِرڪن ۽ ٽھن
    ڄڻ ته مندر جي مٿئين طاق تي ڪنھن پُوڄارڻ
    عودَ لوبان جي خوشبو جا ڏِيا ٻاريا ھجن

    تنھنجي اکڙين مان پيڻ تي ته نه ڪا روڪ نه ٽوڪ
    ورنه ھت زھر پيڻ لئه به سِڪن ٿا ماڻھو
    منھنجي محبوب! حياتي ته حياتي آھي
    ھن زماني ۾ مرڻ لئه به سِڪن ٿا ماڻھو


    تون ملڻ چاھين ته

    ھونءَ ته وِک وِک ڇَپ ھنيو ويٺا اٿئي کُٽڪا سوين
    تون ملڻ چاھين ته آھن رات جا رستا سوين

    پيار ئي ھڪ لفظ آھي پھريون ۽ آخري
    ھونءَ سُڻڻ چاھين ته آھن لفظ بي معنى سوين

    سوچ جو سورج ته ھر ديوار اورانگهي چڙھيو
    ھونءَ ته ھن سنسار ليکي پيار تي پھرا سوين

    رات منھنجي ڪيئن ٿي ڪٽجي، اِھا ڪنھن کي خبر
    آس جا آٿتَ ھزارين، درد جا دڙڪا سوين


    پٿر تي شيشو اُڇلايو

    وڃي پيو سڀ ڪجهه ٺڪرايو
    توتي روح ڏنو جو رايو

    چُپ چُپ نه رھو ڪجهه ڳالھايو
    پٿر تي شيشو اُڇلايو

    ڳالھائڻ لئه جي ڪجهه ڪونھي
    ورجايل ڳالھيون ورجايو

    منھنجو ڪوئي گهر ڪونھي ڪو
    مون کي ھُن جي گهر پھچايو

    جيڪو ٿيڻو ھو سو ٿي ويو
    ھاڻ اوھين ڇا ٿا سمجهايو

    چوڏھينءَ جي چانڊوڪي آھي
    راڻو ڳايو راڻو ڳايو

    پنھنجي حالت تي کِل آئي
    رئڻ گهريم پر رئڻ نه آيو

    سنڌيءَ ۾ ھڪ چوڻي آھي
    لايو ٿيندو آھه سجايو

    ديپ جلايو ديپ جلايو
    اوندآھه منجهان جان ڇڏايو

    دل جي در تي ٺڪ ٺڪ ٿي ھئي
    ڪير آيو ڇا ڪير نه آيو

    ھي رستو ساڳيو رستو آھي
    جنھن تان ڪالھه موڪلايو

    امداد به ڪو ماڻھو آھي
    ڪنھن ھي آھي ھُلُ ھُلايو!

    رَتُ سمورو روئي ڇڏيو
    ھڪڙي ھڪڙي بُوند بچايو

    روشنين ۾ پنھنجو پاڇو
    ڏاڍو ڳوليم ھَٿُ نه آيو

    ڪير ملھائي يا نه ملھائي
    ڌرتيءَ پنھنجو پاڻ ملھايو

    ھونئن به واندا ڪونه ھئاسين
    اڄ ڪجهه آھي سُور سوايو

    سڀڪجهه سستو ڏئي اسان ٻن
    پيارو پيارو پُور پِرايو

    ڪوي چئي ويا ڪوتائن ۾
    عشق بنان سڀ آھه اجايو


    پل پل پَنَ ڇَڻِ

    لوڪُ سمورو نِٽَھَڻ جھڙو،
    پَل پَل پن ڇَڻ جھڙو،
    ماڻُھو ماڻُھو ھَڻ کَڻ جھڙو

    من موتي، جَڳ پٿر آھي،
    ڏيھُه نه آھي ڏونگر آھي
    جندڙي وِھُ جو ساگر آھي

    ڏاھپَ آھي ڏوھُ اُھوئي
    لِڱ لِڱ آھي لوھُ اُھوئي
    مايا ڇايا موھُ اُھو ئِي


    مُکڙو ھُن جو

    مُکڙو ھُن جو نيل ڪمل ھو
    سانگيءَ جو سو ڄڻ ته غزل ھو
    سارو سونو تن ھو ھُن جو
    مکڻ جھڙو من ھو ھُن جو
    ھونئن ته سڄي سَچي ھئي
    پر ڪَنن جي ڪَچي ھئي
    سونا دُر ٿي جن ۾ دَمڪيا
    ھيرا موتي تن ۾ چَمڪيا
    ڪِئن ٿي سُونھيا پاپڙين ۾
    ڪام اُڌمي ڪاپڙين ۾!


    بغداد – تھران

    ھڪڙي اک ايران آ، ۽ ٻِي اک عراق
    ٻئي اُجهائڻ ٿو گهري، اولھه جو فراق

    ھُو جي منھنجو جسم آ، ھِي آ منھنجي جان
    بَمُ ڪريو بغداد تي، رتو رت تھران

    ارجنٽائن ۽ چِلي، گرنيڊا، لبنان
    انسانن جي ئي ھٿان، ڪُسجي پيو انسان

    گهٽيون لاشن سان سَٿيل، شھر ٿيا شمشان
    بم گولي بارُود جو، ڪھڙو دين ايمان!


    ترياق

    ترياق

    اي صبا!
    ديس وارن کي ڏِجئين منھنجا سلام
    وڏا ڀاڪر وجهي ۽ عرض ڪجئين منھنجا نياز
    ۽ اِھو پيار مان پيغام ڏجئينِ
    ته متان ٿين ملُور
    ته مٿان ٿين اُداس
    دل نه لاھين ڪڏھن
    نه ڪي ڳوڙھا ڳاڙين
    نه گريبان ئي ڦاڙين
    مَ ڪي رُونِ رڙن
    اِھو چئجين ته بس ڄاڻ تي زنجير ٽُٽي
    درِ زندان ٿو کُلي
    ڄاڻ ٿي ھِير گُھلي
    ڄاڻ ٿي باک ڦٽي
    ۽ ٿئي سُرھاڻ سجاڳ
    ڄاڻ ٿي رات کُٽي
    رنگ جو مُرڪي ٿو سُھاڳ
    مسڪرائيندو سحر جھومندو ۽ ڳائيندو اچي
    جنھن جي پيشانيءَ مٿي
    سجَ جو جھومر پيو جھرڪاٽ ڪري

    اِھو چئجين ته ھِن مقدس جي سواگت خاطر
    راڄ ۽ ڀاڳ ڌڃاڻيون ۽ ڌڻي
    ھار گلابن جا کڻي
    شاھي رستن تي اچي جمع ٿين
    ڳيت ڳائينِ، نچن
    ڇو ته ھي صبح درخشان ۽ حسين
    پنھنجي دلدار اُميدن جو اثر ئي آھي
    پنھنجي محبوب تمنا جي نئين ڪنوار جو سھڻو سپنو
    سرفروشن جي شھادت جو ثمر ئي آھي
    جان نثاريءَ جو پيارو تحفو
    حاصلِ خونِ جگر ئي آھي!


    آئون ڪھڙي پارَ وڃان

    چنگ چڙن چونگارَ وو يارَ،
    پارَ اپارَ،
    آئون ڪھڙي پارَ وڃان؟

    مون ورنائي، مون ورنائي
    لھرين جي للڪارَ وو يارَ،
    پارَ اپارَ،
    آئون ڪھڙي پارَ وڃان؟

    موج ڀريو مھراڻ اڳيئي،
    مٿان ميگھه ملارَ وو يارَ،
    پارَ اپارَ،
    آئون ڪھڙي پارَ وڃان؟

    وچ سِير ۾ ھڪ ٿي ويئڙا،
    اوريان پريان پارَ وو يارَ،
    پارَ اپارَ،
    آئون ڪھڙي پارَ وڃان؟


    چنڊ آھي جيل ۾

    جيلَ جي سِيخن منجهاران چنڊُ مون کي ايئن لڳو
    ڄڻ ته مان آزاد آھيان، چنڊ آھي جيل ۾
    يادگيريون ايئن مخالف ڏِس وڃن ٿيون ڊوڙنديون
    ڄڻ ته مان ويٺل ھجان ڳڙکيءَ ڀران ڪنھن ريلَ ۾


    ھِي فقيرن جا ھجوم

    ھِي فقيرن جا ھجوم
    ھِي نڀاڳن نامرادن جا ھجوم
    بي ضميرن جا ھجوم
    ھي بُکيا نانگا اُگهاڙا بدفضيلت بي ضمير
    پيٽ جي تاريڪ زندان جا اَسير
    بخت جھڙي ئي سيه ڪشڪول ۾ مانيءَ جا ڀور
    سآھه کان سوگھا جهلي
    ڪھڙي بيدرديءَ سان گنديون آڱريون
    ھاءِ ڦيرائن پيا صاحب جي صوفا سيٽ تي
    ڪئن نه پاٿولي وجهي ويھندا وڃن
    کير جھڙي فرش تي
    ڄڻ پڻھن جو راڄ آ
    ڪئن نه ھڻندا ٿا وڃن
    ھٿ جي ڌڄ سان
    چمڪندڙ ايراني قالين تي ٿاڦورن جا زخم

    ڪئن نه ڇاتيءَ ۾ پئي ڌَنوڻِي ڌَنوينِ
    ڄڻ ته ڪي گرِيَلَ ڪُتا سھڪن پيا

    اشرف المخلوقات جي ھستيءَ تي طنز
    چنڊ وانگي چمڪندڙ ڌرتيءَ تي داغ
    زندگيءَ جي مرمرين ٻانھن تي بار
    سائنس جي عھدِ زرين تي مسلسل زھرِ خند
    ۽ ترقي يافتا
    انسان جي تھذيب ۽ تمدن جي جگر تي گهري چوٽَ

    ھِي فقيرن جا ھجوم
    گدلا گدلا جسم، بي ڊَولا بدن
    جن کي ڏسندي ئي اُٻڙڪا ٿا اچن
    موت جي گر ھھڙي جسمن تي نظر پئجي وڃي
    (سچ ته ميري ٿي وڃي
    ۽ انھيءَ ميري نظر کي ڪوثر ۽ تسنيم
    ڪئن ڌوئي سگهن!)
    ٿُڪ ھڻي ھھڙن جي مُنھن تي
    ھا وڃي اڳتي وڌي!


    مايا ڇايا ڇل

    پٺيان نھارڻ پاپ
    پيڙا جي پَٿَ تي
    ھلندو ھل چپ چاپ

    رڌي نه آھي ٻوڙَ
    مانيءَ بدران
    سَکڻا ماڻا کوڙَ

    مايا ڇايا ڇَلُ
    جو ڪجهه آھي ، آھي
    ھاڻوڪو ھي پَلُ


    ”ھريڪانت“ جي نانءُ

    ٻيو ته ڪجهه ڪونه اٿم، لڙڪ اٿم، لفظ اٿم
    ھڪ ترائيل لکي نانءُ سندءِ ٿو ڪريان
    ٿو ڪريان لڙڪ اُھو لفظ ”ھريڪانت” رقم
    ٻيو ته ڪجهه ڪونه اٿم، لڙڪ اٿم، لفظ اٿم

    ٻوڙيان ڇو نه ڀلا خونِ جگر منجهه قلم
    سِٽَ جي سينڌ ۾ بس رنگ اُھوئي ڀريان
    ٻيو ته ڪجهه ڪونه اٿم، لڙڪ اٿم، لفظ اٿم
    ھڪ ترائيل لکي نانءُ سندءِ ٿو ڪريان


    ھاءِ لکان ڪئن سِٽَ!

    تون به وِکَ وڌاءِ رک، مُور مَ ٿيءُ ملُور
    مارڳ کان شه رڳَ کان، ماڳ نه آھي ڏُور

    ھاءِ الائي ڪھڙي آھي، ھوا گُھلي ڙي ھيلَ
    مون کي ئي ڌاڙيلُ چون ٿا، ڌرتيءَ جا ڌاڙيلَ

    ڏسون ته ڪيئن نٿو لھي، ذھن ذھن تان زنگُ
    اَڄُ وري امداد جي، آھه چپن تي چنگُ

    جاڳيل اوجاڳيل اکڙين ۾، ھڪڙو رنگين خوابُ
    تنھنجي ھٿ ۾ ڪتاب منھنجو، اُن ۾ سرخ گلابُ

    مري ويا، ڪي جيل ۾، منھنجا مارُو مِٽَ
    اکر به اُڪلي ڪِينَ ٿو، ھاءِ لکان ڪئن سِٽَ


    سُر سَرجيوم

    سُر سَرجيوم

    ڪو جو پُور پيوم
    ٽيڙو رات رچيوم

    ھِي جو آھيان آءُ
    اُن جو ڏس ڏيوم

    توبن او من ميت
    ھِي جو سُر سَرجيوم

    ڇاڇا نه چيو لوڪ
    ڪنھن کي ڪجهه نه چيوم

    ڀِت کي ناھي وات
    اُن سببن سُور سليوم

    ھليو ھٿن مان ھانءُ
    وَسُ نه ڪو به ھليوم


    اولانڀو

    اولانڀو

    اڄ به تنھنجي اکين جو اولانڀو
    ڪانُ ڪُک ۾ کُتو پيو آھي
    اَڌُ اونداھ، ھيڪلو ڪمرو
    (ھٿ به توکي لڳاءِ ڪونه سگهيس)
    سُور من ۾ سُتو پيو آھي

    شيلف ۾ جئن ھجن ڪتاب سُتل
    ۽ انھن ۾ ھجن گلاب سُتل

    جيڪڏھن تون ڪڏھن ڪتاب کڻين
    ۽ اُنھيءَ جو اُھو پَنو کولين
    مان جَنھين ۾ گلاب جان آھيان

    جو ڪڏھن رنگ ھو بھارُن جو
    ھاڻ خوشبوءِ جو ڪفن پائي
    خامشيءَ سان سُتو پيو آھي!


    ايترو ئي کوڙ آھي – 1

    ايترو ئي کوڙ آھي – 1

    اڄ رڳو ايترو ئي کوڙ آھي
    ته سندس مُک بغير ميڪ اَپ جي
    ڌيان ۾ آڻجي ۽ گيان ڪجي
    ۽ اِھو ڄاڻجي ته ھوءَ آھي
    روشنيءَ جيئن روبرو منھنجي
    ۽ سندس دل کان منھنجي دل تائين
    نور جي نئن روان دوان آھي!


    ھليا ٿي ھِڪَ مِڪَ!

    ھليا ٿي ھِڪَ مِڪَ!

    سڄڻ سيني ۾ ساماڻي سِڪَ،
    ھاڻي لوڪان ڪجي ڪھڙي لالڻ لِڪَ!

    پُکي تنھنجي پيس، اَلا جيس جيس،
    تنھنجي نانءُ ٿيس، ٿانيڪي ٿيس،
    ھيکل ھانءُ ھُيس، جوڙ سجوڙ ٿيس،
    تو ڏي ڏسندي رھيس، کڻي نيڻ يَڪ ٽِڪَ

    منھنجو تون ئي ڪڪر، ڇپر ڇانءُ ڇمر،
    ديوار ۽ در، منھنجو تون ئي گهر،
    منھنجو سفر سمر، ماڳ ۽ راھگذر،
    پيو پيار پڌر، اھڙي پياريئه پِڪَ.

    توسين روح رلي، من ڦول کِلي،
    بن مور نچي، وري ڊيل ٽِلي،
    امداد کي ڪا، امداد مِلي،
    آھيان تنھنجي بِلي، ھليا ٿي ھِڪَ مِڪَ.


    تون جي آھين

    تون جي آھين

    تون جي آھين آنءُ به آھيان
    تون جي ناھين آنءُ به ناھيان

    توبن اھڙو ڄڻ وڻ آھيان
    ٻُور به ناھيان ڇانءُ به ناھيان

    تنھنجا چَپَ چُمڻ ٿو چاھيان
    اھڙو ڪھڙو نانءُ به ناھيان

    توسان ڪھڙو سينو ساھيان
    ڏات به ناھيان ڏانءُ به ناھيان


    ھوءَ

    ھوءَ

    ھُوءَ الائي ڪھڙي ھوندي
    اُھڙي ھوندي
    اھڙي ھوندي
    چانڊوڪي ۾ وھنتل سھنتل نيل ڪمل جھڙي ھوندي
    ”سانگيءَ“ جي ته غزل جھڙي ھوندي
    جھڙي ”ڀٽ ڌڻيءَ“ جي وائي
    تھڙي ھوندي!
    سانجهي ھُن جي گهاٽن ڀنڀن ڪارن وارن سان ئي
    سَھِڙي ھوندي!

    ھُن جي چھري مان ئي سج طلوع ٿيو ھوندو
    ڏيھه سڄي تي ڏينھن شروع ٿيو ھوندو
    ھُن جي ڳل مان گُلَ ٽِڙيا ھوندا
    بُلبُل ٻوليو ھوندو ڀَونر مڙيا ھوندا
    رياض ڪندڙ ڪنھن راڳيءَ ويراڳيءَ جا ساز ڇڙيا ھوندا

    چندن چِڪَ ڪيل
    چوٽا تيل چنبيليا ھُن جو ويڙھيا ھوندا
    ھٻڪارن جا ھُلَ ٿيا ھوندا
    ڏاڍا شونق سغلَ ٿيا ھوندا
    ٻانگي ٻانگ ڏني ھوندي مسجد ۾
    مندر ۾ سنکَ وڳا ھوندا
    گرجا ۾ گهنڊ لڳا ھوندا

    ھوءِ الائي ڪھڙي ھوندي!
    اُھڙي ھوندي
    اَھڙي ھوندي
    ھوءَ الائي ڪھڙي ھوندي!


    دينُ دنيا نه ملي

    دينُ دنيا نه ملي

    تون ڏسين يا نه ڏسين آءُ ڏسان يا نه ڏسان
    لوڪ سارو ته ڏسي ٿو پيو توکي مون کي

    دينُ دنيا نه ملي، ڏات نه ڪو ڏانءُ مليو
    عشق ئي عشق وِديعت ٿِيو توکي مون کي

    رات آئي ته ستارا ٿي وياسين ٻيئي
    ڏينھن سج وانگي اُجاگر ڪِيو توکي مون کي

    گهور گھنگهور گهٽائون ۽ ھوائون پاڳل
    رات اُماوس جي تِريءَ تي ڏِيو توکي مونکي

    پھريون ڀيرو ملڻ پھريون ڀيرو نه لڳو
    ڇو الائي ته ائين ڀاسِيو توکي مون کي

    پوءِ سوري ھجي يا سيڄ ھجي اي امداد
    نينھن جيڏانھن به چاھيو نِيو توکي مون کي


    تنھنجي آڏو

    تنھنجي آڏو

    تنھنجي آڏو ڪڏھن ڪُڇي سگهندي!
    ڇا ڪڏھن دل زبان ٿي سگهندي!
    ڪانه ٿيندي ته ڪيئن جي سگهندي!


    ايترو ئي کوڙ آھي – 2

    ايترو ئي کوڙ آھي – 2

    اڄ رڳو ايترو ئي کوڙ آھي
    ته سڄڻ جوڙ ۽ سجوڙ آھي
    چوڏھينءَ چنڊ چوٽ تي آھي
    ۽ سندس ڪنڌ جوٽ تي آھي
    پَلَ جي لاءِ ئي سھي ليڪن
    اھو منظر مگر سچائي آ
    بس اھائي گهڙي سجائي آ
    ٻي ته ھر سوچ لوچ اجائي آ


    اُڀ تي بادل

    اُڀ تي بادل

    اُڀ تي بادل
    بادل ۾ بُوندون
    بُوندن ۾ پاڻي
    پاڻي نَديءَ ۾
    نَديءَ ۾ ٻيڙي
    ٻيڙي ۾ تون مان!

    تارِ نَدِيءَ ۾ پيار ئي تاري
    پار نَدِيءَ جي پيار ئي اُڪاري
    پار نديءَ جي
    لَونگن جو ٻُوٽو
    لَونگن ۾ خُوشبو
    خوشبو ھوا ۾
    ھوا ۾ بادل – بادل ۾ بُوندون.

    لھر لھر مان پيار پُڪاري
    نيڻن مان ٿو نِينھن نِھاري
    پار نديءَ جي
    مينديءَ جو ٻُوٽو
    ميندي ۾ خوشبو
    خوشبو ھوا ۾
    ھوا ۾ بادل – بادل ۾ بُوندون. . .


    دل چيو

    دل چيو

    تنھنجي اکين تي شعر چوڻ لاءِ دل چيو
    روڪيو گهڻو دماغ مگر ھاءِ دل چيو

    محفل ۾ جي چيم ته انھن کي غزل چيم
    ڪٿ ڍنڍ جي ڏٺم ته انھن کي ڪنول چيم

    تنھنجي اکين تي شعر چوڻ لاءِ دل چيو
    روڪيو گهڻو دماغ مگر ھاءِ دل چيو

    محراب منھن تي ڄڻ ته ٻه ڏيئا ٻَرن ٿا
    ڪينجهر ۾ ڄڻ ته ھنجُ ۽ ھنجڻي ترن پيا

    تنھنجي اکين تي شعر چوڻ لاءِ دل چيو
    روڪيو گهڻو دماغ مگر ھاءِ دل چيو


    ليکُ لِکيم جو

    تنھنجي ليکي ليک لکيم جو، تَنھن ليک امرتا پاتي
    بُوند بُوند ٿي لھر جُڙي جا، سا سِٽ سنڌوءَ جي ڌارا
    تنھنجا ڳُڻ ڳاتاسين سنڌڙي، ٿي وئي سَڦل حياتي
    تنھنجي ليکي ليک لکيم جو، تَنھن ليک امرتا پاتِي

    تنھنجي پاڪ پوتر ڌرتي، مون سُرھي سر ۾ ڳاتي
    لفظ لَڙي ڄڻ لُڙڪ لَڙي ھئي، سُر ٿي ويا سُڏڪا سارا
    تنھنجي ليکي ليک لکيم جو، تَنھن ليک اَمرتا پاتِي
    بُوند بُوند ٿي لھرَ جُڙي جا، سا سٽ امرت ڌارا!


    اي وطن!

    اي وطن!

    چنڊ چمڪن پيا تنھنجي پيشانين تي
    تنھنجي وارن ۾ جھرمر ستارا ٿا جھرڪن
    تنھنجي ڳاڙھن ڳلن تي شفق آھه رقصارن
    تنھنجي جھومڻ سان رنگين بھارون ٿيون جھومن

    اي وطن اي وطن توتان قربان تن من

    تنھنجي ٻانھن ۾ جھومي پئي زندگاني
    پيش آھن خلوص ۽ وفا جا ترانا
    تنھنجو ھر کيت چانڊوڪين ۾ ٿو وھنجي
    توئي بخشيا اسان کي خوشيءَ جا خزانا

    اي وطن اي وطن توتان قربان تن من

    تنھنجون پُرنور گهٽيون سِڌيون سينڌ وانگي
    تنھنجا ميدان سورھين جا سينا وڇايل
    سِجُ سجدا ڪري، چنڊ توکي چُمي ٿو
    تنھنجي ساھن جي سُرھاڻ ڄاتَلَ سُڃاتَلَ

    اي وطن اي وطن توتان قربان تن من


    ٻنڌڻ

    ٻنڌڻ


    جيڪڏھن آھه ته بس آھه اھوئي ٻنڌڻ
    سنڌ جي لاءِ مرڻ
    سنڌ جي لاءِ جيئڻ
    ٻيا ته سمورا ٻنڌڻ
    مون ڪڏھن ڪونه قبوليا آھن
    سَڀُ فرمانَ ٺُٺئي تي چاڙھي
    مون وڏي واڪ سڀئي حڪم عدُوليا آھن!


    دوستي ۽ پرديسي

    دوستي ۽ پرديسي

    اسان جي لئه نه پکيڙي ڪو مرمرين ٻانھون
    اسان جي لاءِ نه ڪو دل کي بيقرار ڪري
    نه فرشِ رآھه ڪري ڪو حسين حسين اکڙيون
    اسان کي ڪوبه نه چاھي نه ڪوبه پيار ڪري

    خدا جو سُنھن ته ندامت جا چند لڙڪ آھن
    اسان جي دامن صد چاڪ ۾ رکيو ڇاھي
    ورھ ٿيا ته ھتان ڪوبه مينڌرو نه مَٽيو
    اکين جي خاڪ ٿيل ڪاڪ ۾ رکيو ڇاھي

    اسين ته پنھنجي حياتيءَ جي ديس ۾ آھيون
    اي دوستو! بخدا اجنبي ۽ پرديسي
    اکين ۾ ڪنھن کي وِھاريون ۽ ڪنھن جا وار چُمون
    ٺھي سگهن ٿا ڪٿي دوستي ۽ پرديسي


    نديءَ پار

    نديءَ پار

    اڄ رات به تنھا گذري
    ايئن لڳو ڄڻ جندڙي
    جا گذري رسوا گذري
    تارن جي ميڙاڪي ۾
    آءُ اڪيلي چنڊَ جيان
    مَس جو سمنڊُ جهاڳيان ٿو
    اھڙيءَ مَس جو سمنڊ
    جنھن سان ڪوئي نظم به نٿو لکي سگهجي!


    روشني ڪريون

    روشني ڪريون

    ھا، ڇوڪِري ڪريون نه ڪريون، نوڪري ڪريون
    دل جي ڪريون، دماغ جي، يا پيٽ جي ڪريون

    ھِن رآھه تان ته سجُ سڀاڻي جو گذرندو
    اوندآھه آھه رآھه اچو روشني ڪريون

    جنھن کان سواءِ گهڙي به گذاري نه ٿا سگهون
    اُن کان سواءِ ڪيئن بسر زندگي ڪريون

    ھُن سان ملڻ به آھه اسان جو عجيب ٿيو
    مُک تي رکون ٿا مُرڪ ۽ اک ۾ نغمي ڪريون

    ”امداد“ ڪونه ڪو ته جيڻ جو جواز ڳولھه
    جي دل نه ٿي لڳي نه لڳي دل لڳي ڪريون


    اڃا تاءِ

    اڃا تاءِ


    سجَ کي ساڻ کڻي
    تون به آئي ھئينءَ جنھن ڏينھن
    اُھو ڏينھن اڃا تاءِ اُلھيو ناھي
    سامھون ميز مٿان
    بند اسڪرپٽ ائين بند ٿيو پيو آھي
    پينَ اُن منجهه کُليل پئي آھي
    (دل چئي ٿي ته اُھا گفٽ ڪريان مان توکي!)
    اُلھندي ڏانھن کُليل ڳڙکيءَ مان
    گِرل مان پار پئي
    ترورا تنھنجي پدم پيرن ۾
    اُئين ڦان ٿيا پيا آھن سانئڻ!
    (دل چئي ٿي ته اُھي ترورا ميڙي سيڙي
    سينڌ تنھنجيءَ ۾ سجائي ڇڏيان!)

    تون اڃا تاءِ اُئين ڪرسيءَ تي
    ويٺل آھين ۽ پئي ڳالھائين!
    ۽ ڪَنن منجهه اڃا تاءِ ٻُرن ٿيون پيون چانديءَ جون
    سُريليون ٽَليون!


    چنڊ تون آھين

    چنڊ تون آھين

    چنڊ تون آھين ۽ تنھنجي ڀرسان
    ڇاڙڪيءَ جيتري ئي فاصلي تي
    ھڪڙو تارو پيو چم چم چمڪي
    اُھو مان آھيان مان!
    ڇاڙڪيءَ جيترو ھي فاصلو
    ھڪ پل ئي سھي
    آءُ ڄاڻان ٿو ته ھي فاصلو
    صدين تي به ڀاڙي آھي
    آءُ چاھيان ٿو ته ھي فاصلو اَڻمِٽ ئي رھي!


    ملڻ ، وڇڙڻ، ملڻ

    ملڻ ، وڇڙڻ، ملڻ

    ملياسين، وڇڙياسين
    وڇڙياسين ۽ ملي وياسين
    کِلياسين ۽ رُناسين
    رَت رُناسين ۽ گُلن وانگي کِلي پياسين
    کِلياسين ٻار وانگي
    ۽ رُناسين وڏ ڦُڙي وانگي
    کنوڻ وانگي کلي پياسين
    ملڻ، وڇڙڻ، ملڻ پنھنجو لڳو رھندو
    رُئڻ پنھنجو لڳو رھندو
    کِلڻ پنھنجو لڳو رھندو
    ڀلا وڇڙڻ بنان آھي ملڻ ڪھڙو؟
    رُئڻ ري آ کِلڻ ڪھڙو!


    جاڙيون قبرون

    جاڙيون قبرون
    (علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسيءَ تي)

    (1)
    آفيس کان اوھان جي
    سَڏَ پنڌ تي جو آھي
    قاضيءَ ۽ ايلسا جو
    سو مقبرو ڏٺو ٿَهَ!

    ھيڏا پگھار رُتبا
    جي ماڻيو اوھين پيا
    جا ليءِ اوھين ڪريو پيا
    ھي ٺَٺَ ھيءُ ٺانگر
    اُن جي ڪري ئي آھن
    سو شخص سچ پڇو جي
    ڏاتار ھو اوھان لئه
    جو شخص روشنيءَ جو
    مينار ھو اسان لئه
    اُن جي مزار تي اڄ
    ڪو بلب نآھه روشن
    اُس ۾ سڙي سُڪي وئي
    جيڪا ڇٻر لڳي ھئي
    پاڻيءَ جي لاءِ لُڇندي
    ڪومائجي ڇڻي ويا
    گُلڙا ڪڏھن لڳا جي
    ڏانڊيون کتل زمين ۾
    تن جون ھُيون ائين ڄڻ
    ڳاٽن بنا ھُجن ڌَڙَ
    ڪفنائجڻ بنان ئي
    دفنائجڻ بنان ئي
    اُڀ ڏي اُڀا رھن ٿا

    جهولا لُڪون لڳن ٿيون
    ڏانڊيون ڀڄن ڀُرن ٿيون!

    (2)
    ھيڏي عظيم پيءُ جا
    روحاني پُٽَ نڪتا
    ڪيڏا وڏا . . . حلالي
    پر ھن عظيم پيءُ جا
    روحاني پُٽَ ڪنھن پر
    وارث ته ڪونه آھن

    جي سنڌ جا نه آھن
    جي سنڌ لئه نه آھن
    بي ڏوھ بي گُنھه ئي
    سنڌي جڏھن ڪُٺا پئي
    سنڌي شھيد ٿيا پئي
    ڦاھيءَ تي لڙڪيا پئي
    سوريءَ تي سيج ڀانئي
    ٽانڊن تي ٽِچڪيا پئي
    روحاني پُٽ تڏھن ڀي
    چَپ تي چُنو لڳائي
    بيٺا رھيان پٿر جان!

    تِن جو نه تَنَ تڙپيو
    تِن جو نه ھانءُ ڦٿڪيو
    ڪُونڌر ڪُسي ويا ته به
    تِن جو نه رُوح ڪُسڪيو
    ڪنھن ماٺ ۾ مُٺا پئي
    پاڻيءَ بنان اکين مان
    ڳوڙھا ڀلا وھن ڪئن!

    ھي نظرئي ضرورت
    جا پوئلڳ منافق
    ھٿ ٺوڪيا مفڪر
    ھر دور جا چنيسر
    ايجنٽ دشمنن جا
    غدار ھي وطن جا
    ھيڏي عظيم پيءُ جا
    پُٽ ڪيئن ٿي سگهن ٿا!

    اُن جا ته وارث آھن
    سنڌي سپوت سارا
    سنڌڙيءَ جي آسمان جا
    ھي سجَ، چنڊ، تارا
    ھن درسگآھه ۾ ئي
    آھن پڙھيا ڪڙھيا جي
    جي سنڌ جي حقن لئه
    ھر سطح تي سدائين
    وڙھندا رھيا وطن لئه
    اتھاس کي پني تي
    لکندا رھيا قلم سان
    ۽ علم جي عَلَمَ سان
    وڌندا وڃن ٿا اڳتي
    اڳتي اڃا به اڳتي
    تن جو نه پنڌ کُٽڻو
    پٺتي قدم نه ھٽڻو

    دودا دلير جوڌا
    ھيروز مارچ جا ھي
    دشمن ائين لتاڙن
    ڳاھن تي جيئن ڳوڌا

    ٺوڙھيءَ جا سورما ھي
    جي لوھ جي لڱن سان
    گولين جي لاءِ سينا
    تاڻيو وتن اَڻھئي کان
    سوري جي لاءِ سِر کي
    کڻيو گُھمن تِريءَ تي
    ھٿ ھٿڪڙول جن کي
    پيرن ۾ ٻيڙين جي
    جھنڪار جا اچي ٿي
    ڪيڏي نه آ سُريلي!

    ايندا اڃا پڙھڻ جي
    سڀ نسل تنھنجا منھنجا
    جيڪي ڄَميا ۽ ڄمندا
    اِن رآھه تي ئي رَمندا
    ھوشوءَ جي ھوڏ وارا
    ھيمونءَ جي لوڏ وارا
    دولھه جي ڌاڪَ وارا
    حيدر جي ھاڪَ وارا
    بختاوَرُون ۽ ڀاڳھيون

    اختر، رياض جھڙيون
    سي ھن عظيم پيءُ جو
    اولاد ئي ته آھن
    پرنير اھي ئي آھن
    وارث اھي ئي آھن

    (3)
    ويران مقبري ڏي
    آسائتن اکين سان
    آئون جڏھن ڏسان ٿو
    تنھن مھل سوچيان ٿو
    اِن مقبري جي چئني
    پاسن ۽ سامھون کان
    اسٽيج اوپن ايئر
    آڊيٽوريم ھجي ڪو
    يا اھڙو ڪو ميوزيم
    قاضيءَ ۽ ايلسا جا
    سڀ يادگار جنھن ۾
    فوٽو گراف، پُستڪ
    ايلسا جي چترڪاري
    رکجن سڀئي سنڀالي
    شاگرد توڙي ٽيچر
    فنڪار اديب شاعر
    جُنبي وڃن، ڪٿي ڪا
    محفل مشاعري جي
    بحث ۽ مباحثا ڪٿ
    ڪٿ راڳ جون رھاڻيون
    ڪٿ مختصر ڪھاڻيون
    آکاڻيون، ڪٿائون
    نڙَ بيت جون صدائون
    “دودي جو موت” جھڙا
    ناٽڪ ڪٿي نمائش
    ڪاشيءَ جنڊيءَ رلين جي
    سگهڙن جو ڪٿ ڪچھريون
    “مخدوم“ساڻ مجلس
    “شمشير” ساڻ شامون
    “تنوير” سان راتيون
    مڃتا “سراج” جي ڪٿ
    “مشتاق” ساڻ محفل
    “جويي ” جو ليڪچر ڪٿ
    گڏجاڻي ڪٿ “علي”سان
    “ماڻڪ” جو ڪٿ جنم – ڏڻ
    “مرزا قليچ بيگ” ۽
    “سانگي” جون يادگيريون
    “ساميءَ” “سچل” جا نعرا
    ڪٿ “شاھ” تي مقالا
    ھر ھنڌ روح ريلا
    ڪٿ ٻارڙن جا ميلا

    (4)
    ھٿرادو مسئلن مان
    فرصت ڪڏھن ملي وڃي
    آفيس مان به نڪرو
    سڏ پنڌ مقبري ڏي
    مارننگ واڪ ڄاڻي
    ايوننگ واڪ سمجهي
    (جو صحت لئه چڱو ٿوَ!
    اي سيءَ منجهان اي صاحب
    ڪجهه دير لاءِ نڪري
    تازي ھوا به کائو!)
    ڪجهه پيرڙا ڀريو جي
    بس ايترو ڪريو جي
    جنھن شخص نور جي نئن
    ھر روح ۾ وھائي
    اُن شخص جي قبر تي
    ٺِڪر جو ھڪ ڏيو ئي
    روشن کڻي ڪريو جي
    (ڏيئو ته آ علامت
    اوندھ ۾ روشنيءَ جي
    اُن روشنيءَ منجهان ئي
    ٻي روشني ڦٽي ٿي
    ايئن رات اَکُٽ کُٽي ٿي
    استادو! عالمو، اي
    دانشورو اوھان کي
    پڪ سُڌِ ٻُڌِ ھوندي
    گياني آھيو وگياني
    ھڪ لاٽ مان ٻري ٿي
    ٻي لاٽ، ٻاٽ جنھن سان
    پاسا ڪُنڊون ٿي تاڙي

    فاضل محققو، اي
    اسڪالرو اوھان کي
    پڪ سُڌِ ٻُڌِ ھوندي
    اوندآھه جھل آھي
    ۽ علم روشني آ
    ڏيئو ته صرف آھي
    اھڃاڻ ھڪ علامت!)

    ھر سال ھڪ ڀيرو
    ورسيءَ جي موقعي تي
    (ڀلجي ۽ سُلجي ڪڏھين
    ڪو برٿ ڊي ملھايَوَ!)
    چادر گُلن جي چاڙھڻ
    جي لاءِ ۽ دعا لاءِ
    ٿا ھٿ کڄن اوھان جا
    اي مھربان سائين
    جيڪر مَٺو نه ڀانيو
    پنھنجي انھن ھٿن سان
    نلڪو کڻي جي کوليو
    تان ھٿ اھي اوھان جا
    ڏُکندا ته ڪونه سائين!

    آفيس کان اوھان جي
    سڏ پنڌ تي جو آھي
    قاضيءَ ۽ ايلسا جو
    سو مقبرو ڏٺو ٿَوَ!


    چمڪي پيئي چيڪي مِٽي

    چمڪي پيئي چيڪي مِٽي
    پاڻي چڙھي لھي ويو آھي

    اڄ جو ماڻھو من ئي من ۾
    سارو سُور سھي ويو آھي

    منھنجي ميري سيري ڳل تان
    رت جو لڙڪ وھي ويو آھي

    پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلايم
    ڪو چٽ ٺھي ڊھي ويو آھي

    ھاڻي لھرَ لُڇي ٿي ڇا لئه
    چوڏھينءَ چنڊ لھي ويو آھي


    ھا مان پٿر ٿي ويو آھيان

    ھا مان پٿر ٿي ويو آھيان

    مون کان منھنجا دوست پڇن ٿا
    ڇا مان ھي ڇا ٿي ويو آھيان

    ماچس جي ڪنھن تيليءَ وانگر
    سڙي سڙي رک ٿي ويو آھيان

    پنھنجي رتوڇاڻ بدن جو
    زھر سمورو پي ويو آھيان

    ڪوئي مون کي ياد ڏياري
    مان خود کان وسرِي ويو آھيان

    ڏُک ۽ سُک ماڻھن لئه ھوندو
    ھا مان پٿر ٿي ويو آھيان


    اڃا ته مِٽي آلِي آھي

    اڃا ته مِٽي آلِي آھي

    ٻن جسمن جي ھڪ رشتي جي
    اڃا ته مِٽي آلِي آھي

    شھر سڄي کي بآھه لڳي وئي
    گهر گهر ۾ ديوالي آھي

    منھنجي خالي کيسي وانگر
    ذھن به خالي خالي آھي

    ھڪڙو صوفي سمجهائي ويو
    دنيا خام خيالي آھي

    سُورن جھڙي ساري جندڙي
    پُورن ۾ مون پالِي آھي


    جيون آھي جنگ او جاني

    جيون آھي جنگ او جاني

    سيني تي سنگين سھي وڃ
    جيون آھي جنگ او جاني

    پاڻ بچائڻ ڏاڍو ڏکيو
    رستو آھي تنگ او جاني

    خون به دل جو پاڻي آھي
    ھاريل مُنھن جو رنگ او جاني

    سڙي سڙي ڦُلھار ٿي ويندو
    ارمانن جو جھنگ او جاني

    ناگاساڪي ھيروشِيما
    آھي پنھنجو دنگ او جاني


    ميرو آھي من – درپن

    ميرو آھي من – درپن

    سنگتراش جو پاڳل پن
    ڳولي پٿر ۾ جيون

    آڌيءَ رات ٽپي گهر ۾
    چورائي وڃ دل جو ڌن

    پنھنجو منھن نه ڏسي سگهندين
    ميرو آھي من – درپن

    ڪاڪ ڪڪوريءَ ڇوريءَ جا
    ٿڌ ۾ لِڱَ پيا ٿڙڪن

    ڪونه کپي ھا ڪونه کپي
    پٿر جھڙو ھي جيون


    پنھنجو پنھنجو آھي ڀاڳ

    پنھنجو پنھنجو آھي ڀاڳ

    سسئيءَ وانگر نڪري پؤ
    ويٺن کي ڪئن ملندو ڀاڳ

    ڪنھن لئه ڏُک ته ڪنھن لئه سُک
    پنھنجو پنھنجو آھي ڀاڳ

    گهايل سُر ۾ گهٽين ۾
    ڪنھن ٿي ڳاتو جيون راڳ

    گهر وَرَ سان خوش آھي سا
    جنھن لئه ورتوسين ويراڳ

    سِٽ ۾ ڪيئن سمايوسين
    سمنڊ اننت اَگهور اَجهاڳ


    پٿر تي شيشو اڇلايم

    پٿر تي شيشو اڇلايم

    پٿر تي شيشو اڇلايم
    پنھنجي من کي ڇا سمجهايم

    بند ٿيل ڪمري ۾ تنھا
    پنھنجي منھن ويٺي ڳالھايم

    مون توکي ڪٿي ڏٺو آھي
    ياد ڪيم پر ياد نه آيم

    مان پَٽ تي منھن ڀر پيو آھيان
    تيز ھوا سان ڊوڙ پُڄايم

    مون کي ڪوئي ڪم ڪار نه ھو
    ويٺي تنھنجا پُورَ پچايم


    اکڙين سان اوجاڳا پَرتا

    اکڙين سان اوجاڳا پَرتا

    چُپ چُپ ھر سُور سھي ويا
    ٻاھر ٻاڦ نه نڪتي ڪا

    سڀ سپنا ساڻ کڻي وئين
    اکڙين سان اوجاڳا پَرتا

    کڙڪيءَ کي کولي ويئي
    پاڳل ۽ منھن زور ھوا

    جڳ جا سڀ رشتا ڪوڙا
    پنھنجا سڀ رشتا سچا

    ڪيڏو به کڻي ڪو چاھي
    لٺ سان پاڻي ٿيو نه جدا


    پَل پَل ھڪڙو پُور او سائين

    پَل پَل ھڪڙو پُور او سائين


    پَل پَل ھڪڙو پُور او سائين
    ساعت ساعت سُور او سائين

    وِک وِک آھي جان جو جوکو
    ٿَڪ کان آھيون چُور او سائين

    ڪنھن دروازي تي ڪئن ترسان
    منزل آھي ڏُور او سائين

    موسم ايندي موسم ويندي
    نم نه جهليندا ٻُور او سائين

    ھر لمحي پنھنجو پاڇولو
    وڃي پيو وھلُور او سائين


    گُم سُم ھو ھر ڪو تارو

    گُم سُم ھو ھر ڪو تارو

    ڌيانَ دريءَ تي ھو ڄارو
    گم ھو ھرڪو نظارو

    ڌرتيءَ تي ٻه ڌرم آھن
    ھڪڙو ڳورو ٻيو ڪارو

    چنڊ نه چمڪيو ته اڱڻ تي
    گم سم ھو ھرڪو تارو

    ھن ونجهه ڀڳل ٻيڙيءَ کي
    ڪونه مليو ڪوبه ڪنارو

    پيار بنان جيون سارو
    ھڙ ھارو ۽ منھن ڪارو


    پٿر مٿي ۾ مٿو پٿر ۾

    پٿر مٿي ۾ مٿو پٿر ۾


    چورن وانگر آيو آھين
    آڌيءَ رات اسان جي گهر ۾

    پٿر ٻين تي ٿو اڇلائين
    پاڻ رھين شيشي جي گهر ۾

    آخر توکي ھڻڻو پوندو
    پٿر مٿي ۾ مٿو پٿر ۾

    پاڻ وڃائي ڳوليم ڏاڍو
    ڳوٺ ڳوٺ ۾ شھر شھر ۾

    جيئرو جاڳندو ھڪڙو منظر
    بند ڪيم ڪوري ڪاڳر ۾


    ڇوليءَ جھڙو ڇوھ ميان

    ڇوليءَ جھڙو ڇوھ ميان

    منھنجو ڪونھي ڏوھُ ميان
    مون سان ٿيئڙو ڊوھُ ميان

    ساري رات سِڪي تولئه
    ڇوليءَ جھڙو ڇوھ ميان

    آ ته ڏيين، ھا آ ته ڏيين
    پريت ڀريو پاٻوھُ ميان

    منھنجي من جو موھُ به ھو
    مايا جھڙو موھُ ميان

    ”سڪ وندين کي سيد چَي
    ڪوھُ به ھڪڙو ڪوھُ ميان.“


    اڃا ننڊ . . .!

    اڃا ننڊ . . .!

    مسجد ۾ ملي ٻانگ ۽ ديول ۾ وڳا گهنڊ
    ھن شھر جي ماڻھن کي اڃا ننڊ اڃا نِنڊ!


    ”نوروز خان“ جي ياد ۾

    ”نوروز خان“ جي ياد ۾

    مون کي منصور جو منصب ڏئي ماريو ته جيان
    مون کي سقراط سڏي زھر پياريو ته پيان
    مون کي ھڪ وار ڪنيڊيءَ جو تبسم بخشي
    پوءِ سَو وار ھڻو سيني ۾ گولي ته سھان

    اڄ جي گوري جا ٽنگي آھي سياسي سُوري
    نيگروئن کي لوممبا چئي چاڙھيو اُن تي
    زندگي ڇاھي؟ صليب آھه صليب آھه صليب
    ھر سچي شخص کي عيسى چئي چاڙھيو اُن تي


    سگريٽ دُکائي

    سگريٽ دُکائي


    سگريٽ مان سگريٽ دُکائي
    ايئن مون ڪاري رات وِھائي

    تون به اسان لئه وقت جيان ئي
    توبه اسان سان ڪا نه رَھائِي

    سُکُ سريو ھوندو جنھن تنھن کي
    پريت ڪري مون پِيڙَ پرائي

    سڏَ پڙاڏي وانگي آھيون
    ڪانھي ڪائي يار جُدائي

    عڪس جيان مان تنھنجي آڏو
    آئيني جان تون به اُھائي

    تئن تئن بآھه چپن جي ڀڙڪي
    جئن جئن اکڙين اُڃََ اُجهائِي


    گهڻا ڏينھن ٿي ويا

    گهڻا ڏينھن ٿي ويا

    گهڻا ڏينھن ٿي ويا
    اوھان سان ملئي
    ڳل ڳرھاٽيون وِڌئي
    رُني ۽ کِلئي
    گهڻا ڏينھن ٿي ويا
    اوھان کان پڇيئي
    حال احوال ڪي
    خبر چار ڪا
    ته ھاڻي به چنڊ
    اڱڻ تي اُئين ئي کڙي ٿو
    ته ھاڻي به سيني ۾ دل جو گلاب
    اُئين ئي ٽِڙي ٿو؟

    ۽ تارن جڙيل رات جو
    ڪڏھن ڪو ھوائي جھاز
    اڱڻ تان لنگهي ٿو
    ته اکيون انھيءَ پار ڏي
    تڪينديون رھن ٿيون
    انھيءَ پار، جاڏي بتي ٽمڪندي ٿي وڃي
    ائين ڄڻ ته ڪو کُڙکٻيتو
    ۽ پوءِ
    اُھو کُڙکٻيتو به گم ٿيو وڃي!

    گهڻا ڏينھن ٿي ويا –


    اياز کي ڀيٽا

    اياز کي ڀيٽا
    (”ڪتين ڪر موڙيا جڏھن” پڙھڻ کان پوءِ)

    تو جا اکر اُکيلَ، ڪوري پني تي ڪئي،
    ڪيڏي سھج سُڀاءَ سين، چيهءِ اڻ چئي،
    پڌري پٽ پئي، ڳجھه ڳجهاندر ڳالھڙي.

    وُٺي ساري رات، ڪوتا سانوڻ مينھن جئن،
    اُٺِي اوھيرا ڪري، کِنوڻين سين برسات
    ڏاھا تنھنجي ڏات، سڀ ساڻيھه سُڪارِيو.

    لنيهءِ اوچي ڏار تان، کنڀ کنڊيري لات،
    پڙھ ڦُٽي پرڀات، آندي ان اوڏي ڪري.

    ڪوتا سانوڻ مينھن جئن، برسي ترسي ڪانه،
    اُن کان پوءِ ڇاڇا نه، ڌرتيءَ ڦوڳ ڦلارِيا.

    ملنديون مڃتائون، جي ھيءَ رھي سنڌڙي،
    ڪيڏيون ڪوتائون، رچيهءِ ڊيٿ بيڊ تي.

    سدا رھي ھيءَ سنڌڙي، ور ور اچين شالَ،
    ڪيڏا ڀليءَ ڀُونءِ تي، ڀلا! ڀلايئه ڀالَ،
    تنھنجي قيل مقالَ، سموري راڄ ڪاڄ ۾.


    مارُو منھنجا مِٽَ

    مارُو منھنجا مِٽَ

    ڌرتي منھنجي ميت
    اُن جي چآھه اَٿآھه ۾
    چپن تي پيت گيت

    سُجهي نه ڪائي سِٽَ
    ڪوري ڪاگر تي لِکيم
    ”مارُو منھنجا مِٽَ!”

    پھرين سِر سھساءِ
    جي تون اينءَ نه ڪري سگهين
    پير مَ پِڙ ۾ پاءِ!


    راھوڪي رتَ راند

    راھوڪي رتَ راند
    (فاضل راھو جي ياد ۾)

    راھوڪيءَ ۾ رات، کڙيا گل گلاب جا،
    چٽاڻو، چپ چپات، ٻُري پيا ڪنھن ٻول سين.

    راھوڪيءَ کي ريجُ، ڏئي ريٽيءَ رتَ جو،
    ڏندڻ ھڻي گلاب جا، ھينئڙي ھيڏو ھيجُ،
    مُک تي سورج تيجُ، سورج جو نه اجهامڻو.

    راھوڪيءَ تي رنگَ، پلٽيائين پاٻوھ سين،
    چُرندا ٻُرندا ٿي ويا، چانڊوڪيءَ ۾ چنگَ،
    ھير ھندورو، کيت ۾، جھومن سونا سنگَ،
    ارتا انگَ امنگَ، سرتا سُرھي سآھه سين.

    راھوُ – راھوڪي، سُڳنڌ جيئن گلاب سين،
    چنڊ ۽ چانڊوڪي، کنڊ ھجي جئن کير ۾.

    راھوڪيءَ جي راھَ، روشن راھوءَ رَتَ سين،
    نعرا ھڻندا جھومندا ، وڌندا ويا ھمراھ،
    اٿليا سمنڊ اٿاھَ، ماڙھوئڙن جا ماڳ تي.

    راھوڪي رت – راند، آھي اوءِ اڇاترا،
    پُرين تاءِ پلاند، سنڌين وسري ڪينڪي.


    رات اُھائي

    رات اُھائي

    رات اُھائي
    ڪوجهي ڪاري
    باک اُھائي
    نئين نئين

    ڏيھن ۾، پرڏيھن ۾
    سورج آندي
    ساک اُھائي
    نئين نئين


    اي ڪراچيءَ جا نگر 


    اي ڪراچيءَ جا نگر
    (مرتضى ۽ ساٿين جي شھادت تي)


    اي ڪراچيءَ جا نگر! اي راڄڌاني سنڌ جي!

    لاکَ رَتَڙي، باکَ بَکَڻِي، سون وَرَڻِي، سَوڳُڻي
    ڪئن نه مٽيءَ ۾ ملي وئي نوجواني سنڌ جي

    اي ڪراچيءَ جا نگر! اي راڄڌاني سنڌ جي!

    ڪير ٿو چَي سج لڙي ويو! ھُو لھُوءَ جو ڏس نشان
    آھه عالم ۾ نشانبر ٿي نشاني سنڌ جي

    اي ڪراچيءَ جا نگر! اي راڄڌاني سنڌ جي!

    گهوٽ آن گهوري ڇڏي ساڻيھه تان پنھنجي حيات
    ۽ ملي ويئي حياتِ جاوداني سنڌ جي

    اي ڪراچي جا نگر! اي راڄڌاني سنڌ جي!


    آھي ڪو

    آھي ڪو

    رات آھي يا ڪو جلاد خبردار آھي
    چنڊ آھي يا ڪو منصور سرِ دار آھي
    زندگي آھي يا يوسف سرِ بازار آھي
    آھه ڪو آھه ڪو ھِن دل جو خريدار آھي!


    جيون کي ڪا معنى ناھي

    جيون کي ڪا معنى ناھي

    ھونئن ته توبن ڇا ڇا ناھي
    جيون کي ڪا معنا ناھي

    پنھنجي پنھنجي گهر جي اندر
    ڪير آھي جو تنھا ناھي

    دل ٻه ٻُڏي ويئي سيني ۾
    محشر ڪوئي برپا ناھي

    پٿر بڻجي لفظ وسن ٿا
    شعر گُلن جي ورکا ناھي

    امداد ڪھاڻيڪار ڪوي
    ناھي ناھي ھا ھا ناھي


    جيئڻ

    جيئڻ

    جيئڻ ئي جي مطلب آھي
    ان ڏانءُ سان به جي وڃجي
    تنھنجي اکڙين جو سپنو بنجي وڃجي!


    نئون شعر

    نئون شعر

    رات جي پوئين پھر چنڊ جيان
    منھنجي جهوليءَ ۾ جهلي وئي آھين

    مون تي ڪنھن بند ٿيل در وانگي
    پاڻ ئي پاڻ کُلي وئي آھين

    ٺوٺ ڌرتيءَ جي کُليل سيني تي
    ڇولِيُن جيئن ڇُلي وئي آھين

    مون تي امرت جا پيالا اوتي
    منھنجي سڀ زھر کي پي وئي آھين

    پنھنجي ھٿ سان منھنجي ڪاپيءَ جي مٿان
    ھڪ نئون شعر لکي وئي آھين!


    تون نه ڳالھائين ته

    تون نه ڳالھائين ته

    روئي روئي ڳل ڳرھاٽي پائجي
    اڄ وري ھُن کي ھلي پرچائجي

    سَٽ سھي سگهندي نه تارن جي سنگهر
    ڪيستائين رات کي ترسائجي

    دل ته ھڪڙي داءُ ۾ جيتي وئين
    ھاڻ تون ئي چئه ته ڇا ھارائجي

    سڀ رُٺل آھن اسان کان سڀ رُٺل
    ڪنھن کي پٽڪو لاھجي پرچائجي

    دل ۾ آھن ڪيتريون ئي ڳالھيون
    تون نه ڳالھائين ته ڇا ڳالھائجي

    ھِن گهٽيءَ ۾ منھنجي گهر جي سامُھون
    ھڪ نئون فتنو پيو سامائجي

    عشق پنھنجو نآھه ھولي آھه ڄڻ
    رنگ ۽ خوشبو پئي ورکائجي

    منھنجي ٻانھن ۾ اچڻ کان پوءِ ڇو
    ايترو گهٻرائجي شرمائجي

    سڀ سُتل آھن ھتي سڀئي سُتل
    ڪنھن کي ڪنھن کي ننڊ مان جاڳائجي

    ڪنھن تبسم جو ڦُھارو ئي سھي
    ڪو غزل جو شعر ئي فرمائجي

    پياس جي آھي ته پيارا لڙڪ پيءُ
    کائڻو جي آھه دوکو کائجي

    سَتَ سَري دُھري ڳچيءَ ۾ پائجي
    اڄ ھٿن پيرن تي ميندي لائجي

    موت جي پرڏيھه ۾ اي ھم وطن
    زندگيءَ جو گيت شايد ڳائجي


    تون ته پريشان نه ٿي

    تون ته پريشان نه ٿي

    مان پريشان سھي، تون ته پريشان نه ٿي
    مون کي حيران ڪري، پاڻ ته حيران نه ٿي

    سُھڻي صُورت تنھنجي مُورت سھي من مُھڻي، پر
    جان آھين تون اسان جي اِئين بي جان نه ٿي

    منھنجي لئه تون ڀلي مشڪل سھي دشوار سھي
    ھر آويءَ لاءِ سَويءَ لاءِ ته آسان نه ٿي

    ھِيروشيما جي حوالي سان سڃاتو نه وڃين
    جانور ٿي ڪو پکي ٿي مگر انسان نه ٿي

    ڄاڻي واڻي ۽ سُڃاڻي نظر انداز ڪرڻ
    مانُ سنمان نه ٿي ٿين، نه ٿي، اپمان نه ٿي


    ھُو

    ھُو

    رت رتيڻو ۽ ست سڱيڻو جو
    سو به منھنجي خلاف ٿي ويندو
    مون ته اھو سوچيو به ڪونه ھيو
    ننڊ جنھن کان سوا نه ايندي ھئي
    ھُو به مون کان بنان نه سمھندو ھو
    سو اکيون ئي کڻي ويو منھنجون
    ھَٿَ ۾ ھَٿُ جنھن ڏنو پنھنجو
    سو ته ھٿ ئي ڪپي ويو منھنجو

    آڱريون، بُلَ ڇا، لڪيرون ڇا!
    ھا اُھو ھا اُھو اُھو پنھنجو
    انگَ سان انگُ جنھن ملايو ھو
    رنگ سان رنگُ جنھن رچايو ھو
    پانھنجو پاڻ کان جو پنھنجو ھو
    سَتَ ڌارين ڪان اُھو ڌاريو
    پُر پراين ڪنان پرايو ھو
    آرسي ئي ڀڳي پئي آھي
    آمھون سامھون سڃاڻڻ ڇا
    تارَ سِڪ جي ڇِڳي پئي آھي
    تَن جو تنھن ڏانھن ھاڻ تاڻڻ جا

    پنھنجي نالي ڪيو ھُيو جنھن ڪالھه
    اڄ اُنھيءَ ڪيترو ھُلايو ھو
    ته سندس رآھه مختلف آھي
    لڙڪ ۽ مُرڪ آءُ ڀاءُ سڀاءُ
    ته سندس آھه مختلف آھي
    ڪنھن عمل طور ردعمل جي طور
    مون سان ڪڏھين به ڪونه ھو شامل
    منھنجي دل جي سُڃي سُڃي گهر ۾
    پيار جو جنھن ڏيو جلايو ھو
    اڄ انھيءَ ئي پريس جي آڏو
    منھنجو ڪيڏو مذاق اُڏايو ھو!


    بدنصيب

    بدنصيب

    اڄ ھُن جي جنازي لاءِ
    ھيترا سارا ڪُلھا آھن
    ڏک ته رڳو اھو آھي
    ته زندگيءَ ۾ جڏھن
    رُئڻ چاھيو ھو ھُن
    تڏھن
    ڪوبه ڪُلھو ھن جي نصيب ۾ نه ھو!


    اي منھنجا دوست!

    اي منھنجا دوست!

    اي منھنجا دوست! اي منھنجا مِٺا! اي منھنجا يارَ!
    جي زندگيءَ ۾ مري ٿا وڃن انھن جو سوچ
    مري چڪا جي ڪڏھوڪا اُنھن جي ڪھڙي پچارَ؟
    اي منھنجا دوست! اي منھنجا مِٺا! اي منھنجا يارَ!

    مٿي ۾ ڌوڙ وجهي، ڪوھ تون ڪڍين ٿو پارَ؟
    جي دفن ٿي به چڪا تن جو ڪيترو سنڪوچ!
    اي منھنجا دوست! اي منھنجا مِٺا! اي منھنجا يارَ!
    جي زندگيءَ ۾ مري ٿا وڃن انھن جو سوچ.


    لڙڪ ستارو

    لڙڪ ستارو

    مڙس ھُن جو جيل ۾ ھو
    خون جي الزام ۾
    پُٽُ ھو روپوش، ڌيءَ
    ٿي چُڪي ڪاري ڪڏھوڪي
    بي خطا ۽ بي گناھ
    مُڙس پنھنجي جي ھٿان

    ھاڻ ھن لئه
    ڏينھن ڇا ھو؟
    ڄڻ ته ڦاھو
    ھو ڳچيءَ ۾
    رات ڇا ھئي؟
    ظلم جي ديوار ھئي ھُن لاءِ، جنھن کي
    ڪانه اورانگهي سگهي
    ۽ نه ڪا ڊاھي سگهي

    سُورَ سيرانديءَ ڪري
    پُورَ پيرانديءَ ڪري
    ھوءَ تڏي تي جئن سُتي
    اک وڃي ھُن جي ستاري تي کُتي
    سارن ستارن کان ھُيو روشن اُھو
    پل آپل تارو اھو
    کيس پنھنجي ڌيءَ جي چھري جيان پيارو لڳو
    ۽ لھي آيو اکين ۾!


    ليک لکن ٿا ماڻھو

    ليک لکن ٿا ماڻھو

    ايئرڪنڊيشنڊ بيڊ روم ۾، لُڇن پُڇن ٿا ماڻھو
    فٽ پاٿن تي ڪيڏي سُک سان، سُمھي پون ٿا ماڻھو

    نيڻ نماڻا کڻيو نھاريان، جڏھين جاڏي ڪاڏي
    منھنجي من ۾ ڪنڊي وانگي، چُڀي وڃن ٿا ماڻھو

    نظم چوڻ سان پيٽ نه ڀرجي، تَن ڍڪي نه ڪھاڻي
    حيرت آھي پوءِ به ھتڙي، ليکَ لِکن ٿا ماڻھو

    اسين ته تنھنجي چانئُٺ تائين، پھچي ڪونه سگهياسين
    ھونئن پھچڻ تي ته چنڊ تائين، وڃي رَسن ٿا ماڻھو

    شھر سمورا خالي ٿي ويا، ڀڙ ڀانگ ڳوٺ ٿي ويا
    راڪاسن جو روپ مٽائي، اِجھو اچن ٿا ماڻھو


    حيدرآباد

    حيدرآباد

    جڏھن سنڌي مُئا پئي حيدرآباد!
    ڪئين ڪونڌر ڪُٺا پئي حيدرآباد!
    دڪان ۽ گهر لُٽيا پئي حيدرآباد!
    تڏھن توکي به ڪجهه آيو ته ھو ياد!

    گهٽين ۾ لاش گهوٽن جا پيا ھا حيدرآباد!
    اُجھاڻل ھا، جي ڏيھن جا ڏِيا ھا حيدرآباد!
    اُھي تنھنجي مٿان صدقي ٿيا ھا حيدرآباد!
    تڏھن توکي به ڪجهه آيو ته ھو ياد!

    مُڇن جي مس ھئي ساول انھن کي حيدرآباد!
    اڃا ڪو گيت چنبڙيل ھو چپن کي حيدرآباد!
    ڏني تو جوٽَ ھئي جن جي مٿي کي حيدرآباد!
    تڏھن توکي به ڪجهه آيو ته ھو ياد!

    اسان جي مائُرن ۽ ڀينرن جا ٿَڻ ڪَپيل ھا حيدرآباد!
    ڊرل، چاقن، چڪن جا گهاوَ ڇاتين تي ڇَپيل ھا حيدرآباد!
    ۽ تن جا ٻارڙا معصوم ، نيزن تي جَهپيل ھا حيدرآباد!
    تڏھن توکي به ڪجهه آيو ته ھو ياد!


    اوڦِٽُو

    اوڦِٽُو

    ھن شھر ۾
    ھڪ گهر ھُيو
    ڪاڏي ويو!

    اُن جي اڱڻ
    تي ٽھڪڙن
    جون روپيون
    گهنٽيون ھيون

    ھڪ بَڙ ھُيو
    پڙَ ۾ ٻڌل
    پينگهون ھيون
    ٿاڏارجي !
    ڇا ويو اُھو!

    ھِن کان پڇيم
    ھُن کان پڇيم
    سڀ چُپ ھئا
    ٻولي نه ٿي
    سمجهيئون سندم

    ھي شھر جو
    کن پل اڳي
    منھنجو ھُيو
    منھنجو صفا
    پنھنجو ھُيو

    ھن سان سندم
    ست سڱ ھئا
    جو ماءُ ھو
    جو پيءُ ھو
    ۽ پريمڪا
    ۽ ڀاءُ ھو

    ھن شھر ۾
    ماڻھو ھُيا
    ھينئڙي سندن
    ھڪ ھيج ھو
    مُک تي سندن
    ھڪ تيج ھو
    مڻيا ھئي
    شوڀا ھئي

    ھِن شھر ۾
    ٻالڪ ھُيا
    جي ڊوڙندا
    ھڪٻئي پٺيان
    ٿي کيڏندا
    کِلندا وتيا
    سي راند کي
    اڌ ۾ ڇڏي
    ڪاڏي ويا؟
    ھي شھر جو
    مون لئه رڳو
    ڀِتيون نه ھو
    چؤسول ۽
    گهٽيون نه ھو!

    ھي شھر جو
    مون لئه رڳو
    ڌرتي نه ھو
    پر چنڊ ھو
    تارا ھُيو
    سورج ھُيو
    اُن شھر ۾
    مان ڌارِيو
    مان اجنبي
    مان اوڦٽو!


    اھڙي دُعا ڪجي

    اھڙي دُعا ڪجي

    گُل صُورتن ڏسڻ جي به صُورت ته ڪا ڪجي
    مُدت ٿي ويئي آھه ڪا محفل بپا ڪجي

    جئن شام جو ٻه پھر اُفق وٽ مليو وڃن
    تئن آءُ تون مِلي وڃون اھڙي دُعا ڪجي

    اکڙيون کڻيو جهُڪائين، جهُڪايو وَريو کڻين
    منظر ھي شاعريءَ ۾ ڀلا ڪئن ادا ڪجي

    ڦٿڪان لُڇان ٿو آءُ اوھان کان سوا ائين
    پاڻيءَ کان جيئن دوست مَڇِيءَ کي جدا ڪجي


    ته نه گهرجيم . . .

    ته نه گهرجيم . . .

    جنھن جي ھر موڙ تي جدائي آ
    جنھن جو ھر چاھه بي وفائي آ
    جيڪڏھن زندگي اھائي آ
    ته نه گهرجيم زندگي اھڙي

    ھيءَ جيڪا اکين ۾ آئي آ
    ڪنھن تتل سيخ ڄڻ چڀائي آ
    جيڪڏھن روشني اِھائي آ
    ته نه گهرجيم روشني اھڙي

    ڪوڙ ناھي اِھا سچائي آ
    تو اُھا ڳالھه جا لڪائي آ
    جيڪڏھن دوستي اِھائي آ
    ته نه گهرجيم دوستي اھڙي

    ڇَڄُ ڏاڙھي کڻي ڇڏائي آ
    پارسائي به خود نمائي آ
    جيڪڏھن بندگي اھائي آ
    ته نه گهرجيم بندگي اھڙي


    اُھا تاريخ

    اُھا تاريخ

    دريون ساريون کُليل آھن
    مگر چھرو نه آھي ڪو
    ”حوا” ناھي
    ”ھوا“ آھي
    اُھا پڙدا پئي لوڏي
    ڪڏھن ھيڏي
    ڪڏھن ھوڏي
    ڪلئنڊر ڌار ڦٿڙاٽي پيو ڀِت تي
    ڪلئنڊر ۾ اُھا تاريخ پڻ آھي
    لِپ اِسٽڪ ساڻ جنھن تي گولڙو پائي وئي آھي
    ھميشه وانگيان توکان
    ملڻ جي ڳالھه وسري وئي
    اُھا تاريخ گذري وئي
    مگر اُن گولڙي جي قيد ۾ آھي اڃا تائين!


    مون جيان بيقرار

    مون جيان بيقرار


    ساعتِ وصلِ يار آئي وئي
    ڄڻ چمن ۾ بھار آئي وئي

    تون نه آئين ته منھنجي ھرڪا رات
    اشڪبار اشڪبار آئي وئي

    ڪنھن جي اکڙين مان ڪجهه نه پيتوسين
    موسمِ خوشگوار آئي وئي

    رات آئي ته چنڊ کان وڇڙي
    ھر سحر سُوگوار آئي وئي

    ھڪڙو ڀيرو به تون اچي نه سگهين
    فصل گُل بار بار آئي وئي

    تنھنجي ڪُوچي مان بار بار صبا
    مون جيان بيقرار آئي وئي


    ”تنھنجي“ لاءِ

    ”تنھنجي“ لاءِ

    نه اچ نه اچ منھنجي خوابن ۾ ۽ خيالن ۾
    نه آءُ تنھنجو پيارو نه تون سندم دلدار
    اِھا به ڪھڙي وفا ۽ اِھا به ڪھڙي ريت
    اِھا به ڪھڙي محبت اِھو به ڪھڙو پيار
    ته روئندي روئندي وڃي گذري مُند سانوڻ جي
    ۽ کلندي کلندي وڃي ٽِلندي منھنجي ڀَر مان بھار
    ۽ تون الاءِ ڪٿي ڪھڙي ديس ۾ چُپ چاپ
    ڪُلھن تي وار ڇڏين، ۽ کڻين ھٿن ۾ سِتار
    ۽ تنھنجي دل ۾ وَھي آءُ ڳايان ديپڪ راڳ
    ۽ تنھنجون اکڙيون ڇيڙي ڇَڏيِن ميگهه ملھار!


    رشتو

    رشتو

    مون به ته توسان لائون لڌيون آھن
    جاڳ ۾ نه سھي
    خواب ۾ ئي سھي
    مون به ته تنھنجو مينديءَ رتو ھٿ چُميو آھي
    چپن سان نه سھي
    نظر سان ئي سھي

    مون به ته تنھنجي ڏٺي آھي واٽ

    رات کان صبح تائين
    صبح کان رات تائين
    مون به ته جهوليو آھي تنھنجي ٻانھن جو جهولو
    حقيقت ۾ نه سھي
    خيالن ۾ ئي سھي
    مون به ته توکي ٻڌائڻ لاءِ
    راتيون چنڊ وانگي جاڳي جلي
    سمنڊ وانگي ڦٿڪي لڇي
    لفظن بدران
    لڙڪن سان
    رچي آھي ڪَوِتا
    مون به ته توکي پائڻ لاءِ
    وڃايو آھي پاڻ
    مون به ته تو بن
    ھي جيون
    آھي ڄاتو
    ھڪ پاراتو
    مون به ته تولئه آھي لوچيو
    کن کن کن کن
    پل پل پل پل
    مون به ته آھي سوچيو
    تنھنجي باري ۾
    مسلسل!


    . . . ٻيو ڇا ھي ڙِي!

    . . . ٻيو ڇا ھي ڙِي!

    (زمان شاھه جي ڪافيءَ “جنھن کي دلڙي ڏيڻ) کان متاثر ٿي)

    ھڪڙي لمحي لاءِ اچڻ، اِھو ناھي جيڻ ٻيو ڇاھي ڙِي!
    ۽ ٻئي لمحي ھليو وڃڻ، اھو ناھي مرڻ ٻيو ڇاھي ڙِي!

    ھيءَ انت اَننت اونداھي، ڳاٽي ۾ آ ڄڻ سِرڪڻ ڦاھِي،
    چوٽ وٽان ٿي شمع ٻرڻ، اھو ناھي جلڻ ٻيو ڇاھي ڙِي!

    ڪئن رات اُماس اُڪاريم، ڪئن ڏونگر جھڙو ڏينھن گذاريم،
    حال ڏيڻ نه حوال وٺڻ، اھو ناھي رُسڻ ٻيو ڇاھي ڙِي!

    سِٽ سِٽ ڄڻ سنگين ھجي، ۽ پَنو رت سين رنگين ھجي،
    مُڇيل آڱرين سان به لِکڻ، اھو ناھي لکڻ ٻيو ڇاھي ڙِي!


    اکڙيون

    اکِڙيون
    جاڙيون
    ڀينَرُون
    گڏ سمھن
    گڏ اُٿن
    گڏ جهُڪن
    گڏ رُئن
    گڏ کِلن
    گڏ کڄن
    اکڙيون
    نيرِيوُن
    گھريُون
    بحر جي
    باز جان
    پَھِريوُن
    اکِڙيُون
    ري ڪَجَرَ
    ڪارِيون
    نيارِيون
    پيارِيون
    پيارِيون
    جاڙيون
    ڀينَرُون
    اکِڙيوُن


    پُر شور سناٽو

    پُر شور سناٽو

    جيترو گوڙ شور آ ٻاھر
    آ انھيءَ کان وڌيڪ اندر ۾
    يادگيرين جو ھڪ سمونڊ آھي
    (وقت جان جو ڪڏھن سمھي ئي نه ٿو)
    لھر در لھر ٿو ٻُڏان اُپڙان
    ھِڪَ کان پوءِ ٻين ۽ ٽين، چوٿين . . .

    شھر لاھور ۾ به ڳوٺ جي ياد
    رکي دل جو جھان ٿي آباد
    ”بانو بازار“ يا ”انارڪلي“
    ھجي ڪنھن لاءِ ڪيتري به ڀلي
    پر اُھا ڳوٺ جي ڦٽل بازار
    نه ٿي وسري ته ياد ڇا ايندي!

    شھر لاھور، مال روڊ ۽ آءُ
    لان ۾ پام جي اُڀي وڻ تان
    شام آھي لٿي ستارن سان

    ”مال” تي موٽرون ۽ اسڪُوٽر
    (نظر کُٽي ٿي وڃي پر ڪٿي کُٽن ئي نه ٿا
    شروع ٿي جي ويا سلسلا ٽٽن ئي نه ٿا)
    ڪيڏي تيزيءَ سان ھڪڙو اسڪوٽر
    منھنجي ڀر مان لنگهي ويو آھي
    (ذري گهٽ ماريو ھئائين ٻيو!)

    سانوري شام جھڙي ھڪ وينگس
    ڪئن نه ھن سان ٻکي پئي آھي!
    جيئن وڻ سان ھجي ٻکيل ڪا ول!
    ۽ پٺيان مڌ ڀرين ھوائن ۾
    وار ھُن جا اُڏامندا ٿا وڃن

    فور اسٽار ھوٽلون آھن
    رنگ بي فور بوتلون آھن
    چنڊ چھرا گلاب تن آھن
    آءُ پياسو سراب تن آھن

    شھر لاھور مال روڊ ۽ آءُ
    ٻار ڳاڙھا ڳٽول اڇا اُجرا
    ۽ انھن ساڻ مائرون پيئر
    کل خوشيءَ مان پسار ڪن ٿا پيا
    پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھيون ڪن ٿا
    جيڪا اسڪول ۾ پڙھن به نه ٿا
    (ماڌو لال حُسن جي، جيڪا ٻولي آھه
    جنھن ٻوليءَ ۾ ھير آ، ڳائي وارث شاھ)
    اُھا ٻوليءَ ته ھُو لکن به نه ٿا!

    ڪئن نه آزاد پنھنجي ڌُن ۾ مگن
    نوجوان ۽ نوجوانڙيون، ”امداد“
    ھڪ ٻئي ڏانھن مُرڪ اڇليندا
    ۽ سرعام پيار ورڇيندا
    ٽھڪ ڏيندا روان دوان آھن!

    ھيءُ شاپنگ سينٽر جيڪي
    ڪنھن طوائف جي وسترن وانگي
    سڀني آڏو کليا پيا آھن
    جن ۾ ھر شيءِ اويل بل آھي
    ڏوڪڙ آھن ته پوءِ بُل آھي!

    ھوءَ جا ڪار مان لٿي آھي
    چال ۾ ڪيتري نزاڪت اٿس
    ھير وانگر گهلي رھي آھي
    سيٺيو فرش راه ديده و دل
    ڪيترا تاڪيا کُلي ٿا وڃن
    سِلڪ کي ڪيتري نفاست سان
    نرم ھٿ جو ڇھاءُ بخشي ٿي!

    ٺيڪ ھن مھل، شام ٿيندي ئي
    منھنجو ھر ڳوٺ، منھنجو ھر ڪو شھر
    ڪنھن ستاري بنان گگن ھيٺان
    ڪيڏو ڀڙڀانگ، ڪيترو ويران
    ھٿ لڪيرن جيان گهٽيون ان جون
    ڪنھن ڏھاڳڻ جي سينڌ جيان سنسان
    نه ڪچھريون نه ھُل نه ھنگاما

    نه ڪٿي راڳ رنگ، راند نه روند
    ھوندي سوندي به ھيتري اڻھوند
    ڄڻ ته ماڻھو اُتي رھن ئي نه ٿا!

    آسمان کان وٺي زمين تائين
    گهور گهنگهور آھه سناٽو
    ڪيڏو پرشور آ سناٽو!

    رات آئي ته خواب ۾ ٿو ڏسان
    ڪيئي ڌاڙيل، ڪيئي دھشتگرد
    منھنجي ڳوٺن کي، منھنجي شھرن کي
    پنھنجي گهيري ۾ ٿا ڇڏن آڻي
    چُونڊ ڳڀرو ڪڍي بھارن ٿا
    پوءِ ڪلاشن جا برسٽ ڇوڙي، کين
    موت جي ننڊ ۾ سمھارن ٿا!
    رتُ ريلا ڪري وھي ٿو پيو
    رتُ جو گرم ھو رڳن ۾ ڪڏھن

    خواب مان ڇرڪ ٿو ڀري جاڳان
    بُت سمورو پگهر ۾ شُم آھي
    سآھه تڪڙا کڻي رھيو آھيان
    ايئن لڳي ٿو پروڻ سيني ۾
    ڄڻ ته ڌنوڻي ڌنوي رھي آھي
    ٻيو ته ڪجهه ڪونه پڄي مون کان
    ھانوَ تي ھٿ ٿو رکي ڇڏيان


    ڇا غم آھي!

    ڇا غم آھي!


    آءُ آھيان ۽ سندءِ غم آھي
    ۽ مقابل سڄو عالم آھي

    ڪو ته قاتل کي بِھاري ۽ چئيس
    تنھنجي بسمل ۾ اڃا دم آھي

    پنڌ ۾ آءُ به سسئيءَ وانگي
    ڪوبه ھمراھه نه ھمدم آھي

    آءُ خوش آھيان خوش آھيان آءُ
    تنھنجو غم آھه ته ڇا غم آھي!

    نه ڪو پَھرڻ نه ڪو کائڻ نه کِلڻ
    تو بنان عيد به ماتم آھي


    ڀَرم

    ڀَرم

    اَنيڪ ڀيرا
    رُئڻ گهريو ھوم
    پر رُنو ڪونه ھوم
    شايد
    اِنھيءَ ڪري جو
    چرئي ٿيڻ جي
    اِھا به ھڪ ڪيفيت چون ٿا!

    اِئين ته ناھي
    ته اِن ڪري ئي
    جڏھن جڏھن مون
    رئڻ گهريو ھو
    تڏھن تڏھن ٽھڪ مون ڏنا ھا
    ته جيئن خود کي
    چَريو نه سمجهان
    ته جيئن خود کي
    سنئون ڪري آءُ پيش ڪريان

    مگر اِنھيءَ کي
    ڪريان ڀلا ڇا
    ته ٽھڪ ڏيندي
    اکين منجهان من ڇُلي پوي ٿو
    ۽ راز ھر ڪو کُلِي پوي ٿو!


    مُرڪ ۾ لُڙڪ

    مُرڪ ۾ لُڙڪ

    رات جو ھيتري برسات پَئي
    ڏينھن جو پَٽ سُڪا پيا آھن

    ڦٽَ تي ھَٿُ ڌَري ڇڏيو ٿم
    مُرڪ ۾ لُڙڪ لِڪا پيا آھن

    وَڻَ ٽِڻ، ڍورَ، مِروُ ۽ ماڙھو
    پنھنجي ئي ساھَه سُڪا پيا آھن

    ٻير ڌُوڻي ھئي مون ساري رات
    ھاڻ سڀ انگ ٿَڪا پيا آھن


    رات – راتاھو

    رات – راتاھو

    وقت ته حرڪت جو نالو آ
    ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ
    حرڪت برڪت جو نالو آ

    رات انھيءَ لئه ھُوندي آھي
    باکَ بکڻ تي لاکَ لڳڻ آھي
    ٽَھه ٽَھه ڳوڙھا رُوئندي آھي

    پر تو مون جا گڏجي گھاري
    ڏِيئي سان گڏ جلندي جلندي
    رات اَجل جِي ڪوجهي ڪارِي

    جنھن ۾ اُڀ تي تارو ناھي
    ڏکڻ اُتر اولھه اوڀر
    چوڌاري جُھڙ ئي جُھڙ آھي

    رات ھُئي يا ھو راتاھو
    لاٽَ جيان جو ڳاٽُ کڄيو تي
    اُن جي لاءِ ھُيو بس ڦاھو

    پنبڻن سان وَٽ کي سوريوسين
    لاٽ للاٽ جيان ٿي ڀاسي
    گڏي گوڏو سُورُ اوريوسين

    منھنجي من ۾ آس اِھائي
    تَن ۾ تانگهيل تاسَ اِھائي
    ڌُر کان باسيل باسَ اِھائي

    کُليل دريءَ مان ھيرَ گهُلي جا
    لال گُلال ڳِٽي کي چُمندي
    تنھنجي وارن منجهه گهُلي سا

    پھريون سونو ڪِرڻو سج جو
    تنھنجي مُک جي سورج گُل کي
    اِيئن چُمي جئن آءُ چُمان ٿو

    واءُ سڻائو نيٺ ته ورَندو
    گُم ٿي ويندي سڀ اونداھي
    اُڀ تي سورجَ گولو ٻَرندو

    پڌرو ٿيندو لِڪڻو ناھي
    ھڪڙيءَ رات کان وڌيڪ ڪٿي
    سورج ڪنھن پَرِ ٽڪڻو ناھي!


    جيڪڏھن

    جيڪڏھن

    جيڪڏھن سچ چوڻ گهري ٿو ڪو
    ڪاڪڙي کان ڇڪي زبان وٺوس
    جيڪڏھن سِر کڻڻ گهري ٿو ڪو
    ته ڪلھن تان ڪپيوس اڇلايوس!


    ھوءَ چي ٿي

    ھوءَ چي ٿي

    ھوءَ چي ٿي ته ٿا چون ماڻھو
    ”آءُ ھُن تي مرڻ لڳو آھيان“
    آءُ مُرڪي چوانس ٿو “پياري:
    سچ پڇين ڪُوڙ ٿا بَڪن ماڻھو
    آءُ توتي مرڻ لڳو ناھيان
    آءُ توتي جيئڻ لڳو آھيان!“


    سِنڌوءَ تي لامارا آھن

    سِنڌوءَ تي لامارا آھن

    پنھنجا دريا وڪڻي ھاڻي سنڌوءَ تي لامارا آھن
    ڪالاباغ اَڏڻ وارن جا اندر ڪيڏا ڪارا آھن

    ماريا ڪوھه اُنھن کي مارين، ھي به ته ڪنھن جا پيارا آھن،
    ڪنھن جي چھري جا چنڊ آھن، ڪنھن جي اک جا تارا آھن.

    وسري ويئڙيون سڀ وڄائُون، لھرين ساڻ لھان ٿي لائون،
    وِچَ سِيرَ ۾ آھيان آئون، ڪيڏا ڏور ڪنارا آھن.

    سُورَ اٿم سيني ۾ ڪيڏا، ڪوھ پڇين ٿو سَرتا! جيڏا!،
    ايڏا ايڏا ايڏا ايڏا، جيڏا اُڀ تي تارا آھن.

    ڀوڳي به چڪا آھن ڪافي، سنڌين کي ڪا ملندي معافي،
    سياستدان اديب صحافي، ڪامورا وس وارا آھن.

    سڀ رستا شھر اچڻ وارا، اھڙا جھڙا اُڀا ڪاوا،
    ڳوٺ وڃڻ وارا سڀ رستا، چانڊوڪيءَ جا چارا آھن.


    ھيلوڪو وري آ

    ھيلوڪو وري آ

    ھيل به ڏاڍا سيءَ پِيا ڙي
    پوھَ به لاڻا لوھَ ڪِيا ڙي
    ھيلوڪو وري آ
    ھيلوڪو وري آ

    ڪپاھن ۾ ٺار ٺران ڙي
    توريءَ آءُ جيان نه مران ڙي
    ھيلوڪو وري آ
    ھيلوڪو وري آ

    توبن ساجن جاڙ جيان ڙي
    ڇو نه انھيءَ کان زھر پيان ڙي
    ھيلوڪو وري آ
    ھيلوڪو وري آ


    پٿر تي ليڪ

    پٿر تي ليڪ

    ھڪ ايڊيٽر
    ڪلھه رات مليو ھو
    ”سگا“ وارن جي فنڪشن ۾
    ۽ ھن مون کان شعر گهريو ھو
    ۽ مون ھائوڪار ڪئي ھئي
    ھاڻي جڏھين
    شعر اُتارڻ ويٺو آھيان
    ميڻ بتيءَ سان
    پاڻ به ڳارڻ ويٺو آھيان
    توکي
    تنھنجي ڳالھين کي سارڻ ويٺو آھيان
    جيڪي ڪنڌ ڪُلھي تي لاڙي
    سُرٻاٽن ۾ چيون ھئي
    پر تنھنجي منھنجي قصي ۾
    ٻيا به ته ڪيئي نانوَ ھُيا
    ڪي مور ھيا
    ڪي چور ھيا
    ڪيڏا ڇيڻا ڀور ھيا
    جن تنھنجي من ۾ مير ڀريو
    ان کان پوءِ ڪڏھن به تو
    ڪنڌ ڪلھي تي ڪونه ڌريو!
    ھاڻي جڏھين
    شعر اُتارڻ ويٺو آھيان
    تڏھين
    ھڪ اڌ بند لکي
    ڦاڙي ڇڏيان ٿو ڪاڳر کي
    اھو سوچي
    ته ڪنھن جو نانءُ ڪَٽيان
    چورن جو
    مورن جو
    يا ڇيڻا ڀورن جو!
    مڪارن جو
    عيارن جو
    غدارن جو
    ڪنھن جو ڪنھن جو نانءُ ڪَٽيان
    ۽ جيئري ئي مٽيءَ منجهه لٽيان!
    پوءِ نئون مان نظم لکڻ چاھيان ٿو
    ۽ اھڙو نانءُ کڻڻ چاھيان ٿو
    جيڪو ڪٽجي ڪونه سگهي
    جيئري ئي مٽيءَ ۾ لٽجي ڪونه سگهي
    اھڙو نانءُ رڳو ھڪڙو ئي آھي
    سنڌڙيءَ جو نانءُ
    جندڙي جو نانءُ
    آءُ لکان ٿو ڪاڳر تي
    ليڪ ڪڍان ٿو پٿر تي!


    شاعر

    شاعر


    ھيترن سارن ستارن وِچَ ۾
    چنڊ ايئن آھي اڪيلو ۽ اُداس
    بيوقوفن جي جھان ۾
    جئن اڪيلو عقلمند!
    عقلمندن جي جھان ۾
    جئن اڪيلو بيوقوف!


    سنڌڙي جندڙي

    سنڌڙي جندڙي

    لاڙ اُتر ۽ ڪاڇو آھيان
    تنھنجو ئي مان پاڇو آھيان
    سِنڌڙي جِندڙي
    جِندڙي سِنڌڙي

    مان ئي اَنڇر منڇر آھيان
    ڪارونجهر ۽ ڪينجهر آھيان
    سِنڌڙي جِندڙي
    جِندڙي سِنڌڙي

    ڏکڻ، اُتر، اولھه ، اوڀر
    مان ئي سروور، سنڌو ساگر
    سِنڌڙي جِندڙي
    جِندڙي سِنڌڙي

    ڳوٺ به منھنجا شھر به منھنجا
    پھريان پويان پَھر به منھنجا
    سِنڌڙي جِندڙي
    جِندڙي سِنڌڙي


    اچڻ گهرين جي

    اچڻ گهرين جي

    تون مون ڏانھن
    جڏھن به
    ڪڏھن به
    ڪٿي به
    جٿي به
    ڪيئن به
    جيئن به
    اچڻ گهرين جي
    اِچِي سگهين ٿي!

    سھه سياري تھه پاري ۾
    ٿڙڪَڻِي ھجي جڏھن به تاري تاري ۾
    تڏھن به
    وسنديءَ وِلھَه ۾
    مَچُ مچي جيئن
    تيئن
    مچڻ گهرين جي
    مَچِي سگهين جي!
    جڏھن به
    ڪڏھن به
    ڪٿي به
    جٿي به
    ڪيئن به
    جيئن به
    اچڻ گهرين جي
    اَچِي سگهين ٿي!

    سانوڻ ۾ من ڀانوڻ ۾
    کِنوڻين جا کِلڪارَ ڪري
    چوڌارِي چِلڪارَ ڪري
    ھارَ ڪري
    سورنھن ئي سينگارَ ڪري
    ڀَڄندي ڀَڄندي
    ڀِڄندي ڀِڄندي
    جھنگ ۾
    رنگ رچن جيئن
    تيئن
    رَچڻ گهرين جي
    رَچِي سگهين ٿي!
    جڏھن به
    ڪٿي به
    جٿي به
    ڪيئن به
    جيئن به
    اچڻ گهرين جي
    اَچِي سگهين ٿي!


    مان راڳي – ويراڳي

    مان راڳي – ويراڳي

    مان راڳي
    مان ويراڳي
    ڪرڻا ڪِرڻا سُر سرجيان ٿو
    ننڊ ڦٽائي راتيون جاڳي
    گلڙن جھڙا گيت رچيان ٿو
    پن ڇڻ پوءِ به اُھائي ساڳي
    پرھ پکين سان لات لنوان ٿو
    پر ٿو اُڀري ڏينھن ڏھاڳي

    مان راڳي
    مان ويراڳي


    عھد

    عھد

    اچو اڄ اِھو عھد ڪريون اي يارو
    ته پنھنجي وفائن جو بي داغ جوڀن
    نگاھن جو مُرڪڻ ۽ سينن جو ڌڙڪڻ
    محبت جو اخلاص ڳوڙھا ۽ دامن
    حياتيءَ جا نوحا حياتيءَ جا نغما
    وطن لاءِ آھن وطن لاءِ آھن!


    مَلُوڪان موت – مرُوئان شڪار

    مَلُوڪان موت – مرُوئان شڪار

    لوڌ ڪُتن جي پوئتان، اڳيان سُوئر ڦر
    ڪيٽيءَ واريءَ ڪانھه ۾، ملوڪن جو شڪار
    گهوڙي تي دونال سين، ويٺل ھڪ نيڪارُ
    سوليءَ سنڌيءَ ۾ چون، جنھن کي ٿا ڀوتارُ

    ڀڄندڙ سوئر تي کڻي، ڇوڙيائين ھڪ نال
    گهوڙي کاڌو ٽاھه ۽، مِروءَ به کاڌي موٽ
    ڦھڪو چُڍي ۾ ڪيو ، گهوڙي تان ڀوتار
    پوءِ ڏٺو منھنجي اکين، منظر ھي ”امداد”
    ھڪ سُوئر ڦاڙيو ڇڏي، ٻئي سُوئر کي ڪيئن!


    اُڀ تي تارو ڪونھي

    اُڀ تي تارو ڪونھي

    اُڀ تي ڪوئي تارو ڪونھي
    بَن ۾ ڪو ٽانڊاڻو ڪونھي
    چانڊوڪيءَ جو چارو ڪونھي
    اُڀ تي ڪوئي تارو ڪونھي

    ڪوئي سنگ سھارو ڪونھي
    ڪنھن مومل جو ماڻو ناھي
    اُڀ تي ڪوئي تارو ڪونھي
    بَن ۾ ڪو ٽانڊاڻو ناھي!


    جنگ

    جنگ

    سرد ويران رات جو ماحول
    ھر گهٽي سيءَ ۾ پئي ٿڙڪي
    ھر ستاري جي پئي وڄي ڄاڙي
    چنڊ ويچارو ڪئن نه پيو لڙڪي
    اڌ اُگهاڙن جوان جسمن ۾
    دل اڳي کان وڌيڪ ٿي ڌڙڪي

    در ۽ ديوار ساھه ۾ سوڙھا
    شھر مان ڄڻ گھُمي ويو راڪاس
    ھيٺ وِھندي وڃي پئي ڌرتي
    مٿي ٿيندو وڃي پيو آڪاس
    شھر آھي يا آھه قبرستان
    جنھن جي قبرن تي ڪوبه ڌوپ نه واس

    سر جهڪائي گناھگار جيان
    وڻ اڪيلا پري پري بيٺا
    ماٺ ۾ زرد زد پن ڇاڻين
    ۽ ھوائون پڙھن پيون نوحا
    آخري ساھه پيو کڻي ڪوئي
    يا پيا نوس نوس ڪن ڪُتا

    شھر ۾ آھه ڪرفيو آرڊر
    جي کُليل آھه ڪو دُڪان ڪٿي
    ته انھيءَ تي ڪفن وڪامي ٿو
    جيڪو آھي جتي رھي سو اتي
    ٿوري چُرپر جي موٽ ۾ گولي
    زندگي آھه اڄ ھِتي نه ھُتي

    جسم جو مُلھه ڊبل روٽي
    ڪير ٿو پيٽ تي ٻڌي پٿر
    ٻار ڦٿڪي مري رھيا آھن
    صرف ھڪ اونس کير جي خاطر
    موت رولاڪ آھي گهٽين جو
    ڪو به اڄ رات پنھنجو کولي نه در

    رات جي مُنھن ۾ ھڻ نه رانڀوٽا
    وقت جئن تئن ڪري گذاري ڇڏ
    جيڪي ٿيڻو ھو ٿيو پٺيان نه نھار
    جيڪي گذري ويو وساري ڇڏ
    ھڪ نئين نسل جي جيڻ جي خاطر
    زھر پي وڃ ۽ پاڻ ماري ڇڏ


    ڏک جي آڏو

    ڏک جي آڏو

    ڏکن سان
    وڙھندو جھڙندو رھجانءِ
    رَتو رَتُ ٿِجانءُ
    نراڙ تي ۽ ڇاتيءَ تي
    نو سو نو ڌڪ جھلجانءِ
    ڳڀا ڳڀا ٿي وڃجانءِ
    پر ڏک جي آڏو
    ھٿيار ڪڏھن به ڦِٽا نه ڪجانءِ!


    زھر

    زھر

    چئون پيا
    عرف عام ۾ جنھن کي پاڻ امرت
    اَلا ھُو زھر زندگيءَ جو
    ڳھي نه سگهجي
    ٿُڪي نه سگهجي!


    مون کي وقت نه آھي

    مون کي وقت نه آھي


    ھو جو باھڻ چاھي، ڀل پيو باھي
    مون کي وقت نه آھي

    ٺآھه ٺڳيءَ جا ٺاھڻ چاھي ڀل پيو ٺاھي
    مون کي وقت نه آھي

    ايجنسيءَ جو ماڻھو آھي يا ناھي
    مون کي وقت نه آھي

    ماڻھو به الائي آھي ناھي ڇاھي
    مون کي وقت نه آھي

    گار ڏئي يا گل ھڻي جيڪي چاھي
    مون کي وقت نه آھي


    غزل نيڻ

    غزل نيڻ

    رُئڻ سان سجل نيڻ ٿي ويا سندءِ
    ڪجل ئي ڪجل نيڻ ٿي ويا سندءِ
    کلڻ سان ڪنول نيڻ ٿي ويا سندءِ
    غزل ئي غزل نيڻ ٿي ويا سندءِ


    ٻِن وِھاڻن جيان

    ٻِن وِھاڻن جيان

    زھر لڙڪن جو پِي ويا آھيون
    تنھنجي خاطر کلي پيا آھيون

    ھِڪَ ئي بستري تي تون ۽ مان
    ٻِن وِھاڻن جيان پيا آھيون

    پوءِ تنھا ۽ پھريان رسوا
    جو به ٿيڻو ھُيو ٿيا آھيون

    جيستائين به سِڪ سَڳو سوري
    تيستائين ھليا ويا آھيون

    حال احوال بس اِھو آھي
    تو بنان جاڙ ئي جيان آھيون

    صرف ھڪ ليڪَ آھيون ليڪن
    تنھنجي ھٿ تي لِکيا پيا آھيون

    پاڻ پنھنجا ڪڏھن ٿياسين ڪونه
    سي به تنھنجا ٿيا پيا آھيون


    پاراتو

    پاراتو

    وطن جو لاش ڪفن کان بنان پيو آھي
    ۽ ڪوبه ڪونھي جو روئي ۽ ھاءِ ھاءِ ڪري
    تمام مصلحت انديش ماٺ ۾ آھن
    خدا ڪري ته انھن جو به ڪو عزيز مري!


    نه ڪو ڪتبو نه ڪا تاريخ وفات

    نه ڪو ڪتبو نه ڪا تاريخ وفات

    نه ڪو ڪتبو نه ڪا تاريخ وفات
    نه ڪو خيرات نه ختمو نه درُود
    نه ڪو ريشم نه ڪو اطلس جو غلاف
    نه مجاور نه ڪو سجاده نشين
    نه زيارت ۽ نه ڪو نذر نياز
    نه خليفو نه ڪو چڳ وڍيا مرشد

    نه ڪو ميلو نه ڪو سائو سومار
    نه ڪو شوڪارو نه ٽوڻو ڦيڻو
    نه ڪو ڇوڏو نه ڪو پڙھيل پاڻي
    نه ڪا سلفي نه ڪو آبو شابو
    نه ڪو ڀوتار نه قبلو ڪعبو
    نه ڪو بابو نه ڪو ڏاڏا سائين

    نه قوالي نه ڪو ڌمچر نه ڌمال
    ھست ۽ بود نه ڪو وجد نه حال
    وعظ آھي نه ڪو آھي مولود
    چنگ آھي نه چڙو وڻ ۾ ٻڌل
    نه ڪو نوحو نه ڪا سينا ڪوبي
    نه ڪو سجدو نه ڪا چائنٺ نه ڪو در
    نه ڪو حُجرو نه مُصلو نه عصا
    نه ڪا تسبيح جي داڻن جي ڳڻپ
    نه ڪا دستار نه ڪو عمامو
    نه حويلي نه ڪا گولي ٻانھي
    نه ڪو ٻانھون نه ڪو گيسو نه بدن

    ڪير دفن آھه ھتي ڪھڙي خبر
    ڪير دفن آھه ھتي ڪھڙي خبر


    روز نيون فتوائون

    روز نيون فتوائون


    ھيڏيون ساريون دعوائون
    تن ۾ بس آئون آئون

    روز نوان الزام مٿم
    ھر روز نيون فتوائون

    ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍون ڇا لئه
    ڪنھن جو به ڪونه ٿا کائون

    او غدار ٻڌاءِ کڻي
    منھنجو آ نمبر ڪائون!

    پکي اُڏريا، ڪپجي وييون
    جمڙائو تڙ جون ڇائون

    آءُ ائين ئي پاڻ ملون
    لھريون جيئن لھن لائون


    اکڙيون ڳڙکين جيان

    اکڙيون ڳڙکين جيان

    مون وٽ ھڪڙي سٽ لکي پئي آھي صدين کان
    تنھا آھيان، ملين ته جيڪر دوھو بڻجان ھا

    ننگي اُڀ کي ھٿَ نه آھن، بستر ڍڪي ڇا سان
    گهاٽا وڻ پاڙان پٽجي ويا، منھنجي رستي مان

    ڪارونجهر جي ڪورَ مٿان، آھه ٽھو ڪيو مور
    ساڳي گونج اچي ٿي گجندي، گاج کير ٿر تان

    ڪيچ وڻڻ ڏي ويندي سسئي، پڇيو مروئن کان
    وِندر جي ھن واٽ مٿي ڪٿ، آھه ادا ڪا ڇان

    ٻانھن ۾ ٻل ناھي ڇاھي، ھيڻو ناھي ھان،
    جان جان جيءَ جُسي کي جوکو، تن تانگهي تان تان

    سجُ سڙي ته اھائي آھي، ڪانون جي ڪان ڪان
    چنڊ اولڙو ڏسي کوھ ۾، ڏيڏر ڪن ٽان ٽان

    پيٽرول کي ھٿ سان ھاري، تيلي ڏيکاري
    ٻوٽي بدران گُلشن ٻاري، کيج کٽيو ھو اُن

    ڄِڀَ ڄڀيون ۽ اُماڙ اکيون، دانگيءَ جھڙي دل
    ٿوھر – ھٿ ۾ امرت بدران، زھر ڀريل ھو ٿان

    ڌرتيءَ ڪنوار مٿان ڦُل چونڊي، سُورج لھندو لان
    اوڀر پاسي اُپٽي رکجو، اکڙيون ڳڙکين جان


    آرسيون

    آرسيون

    سرد ھوائون تيز ٿيون
    گُل ٿي وييون روشنيون

    پنھنجي شڪل پئي پسجي
    چئني پاسي آرسيون

    لڙڪ ته کارو سمنڊ آھي
    ڪنھن جي لئه ھي زھر پيون

    تون به ته ناھين پاسي ۾
    جيون ته ڪنھن جي لاءِ جِيُون؟


    روشني اُداس آھي

    روشني اُداس آھي

    ھي چنڊ آھه يا پِيلو گلاب آھه ڇڳل
    اُداس آھين ته دنيا سڄي اُداس آھي
    ٽڙي ٿو جو به سو پٽجي وڃي ٿو ڏانڊيءَ تان
    گُلن جو حشر ڏسي ھر ڪلي اُداس آھي
    مريض بلب، لتاڙيل گهٽي، ٿڪل ”امداد“
    گٽر جي اولڙي ۾ روشني اُداس آھي


    ھڪ شاعر جو موت

    ھڪ شاعر جو موت


    سلپنگ پلز کائڻ کان اڳي مان سوچيان ٿو
    ته پنھنجي وقت جو شيڊول ٺاھيندس سڀاڻي کان
    سويري صبح جو اُٿندس
    ۽ پھريائين ڌڻيءَ جو نانءُ ڳِنھندس
    اُنھيءَ کان پوءِ لکڻ ويھندس
    ڪويتا ڪائي لکندس
    ڪويتا ڪونه لکندس، بلڪه ڪوئي نظم لکندس
    (ڪويتا جئن ته ھندي شبد آھي
    جيڪو ڪاڻيءَ اک ۾ ڪنڊي جان ڇپي ويندو
    چُھي ويو آھه ڪوڙ ۽ مصلحت جو مس – چٽو جنھن اَک جو پاڻي!)

    نظم ۾
    غدار کي غدار ھرگز ڪونه لکندس
    ڇو ته اُن جي ڀاءَ، چاچي،
    سوٽ يا ماسات، مامي يا . . . پُٽيلي
    جي ھٿن جي رينج ۾ آھي ڳچي منھنجي
    ۽ ھو منھنجو قلم مون کان کسي
    منھنجي ئي سيني ۾ ٽنبي ڏيندو!
    نه ڪو قاتل کي قاتل
    نه ڪو مقتول کي مقتول لکندس
    ( ڇو ته قاتل پاڻ ئي مصنف جي چوغي کي سنڀاليندو
    عصا بردار جي ڪڍ عدل جي ڪرسيءَ ڏي وک وک ٿو اچي وڌندو!)

    جو پنھنجي ئي گهٽيءَ ۾
    پنھنجي گهر آڏو
    بنان ڪنھن ڏوھ جي ماريو ويو ھو
    (اِھو ڇا ڏوھ گهٽ آھي ته ھو ڌرتيءَ جو پُٽ ھو!)
    اُھو منھنجي لکڻ سان ڪونه جِي سگهندو!

    سليپنگ پِلز جي لپ ٿو ڦڪيان
    ۽ سوچيان ٿو
    ته پنھنجي وقت جو
    شيڊول
    ٺاھيندس – سڀاڻي – کان
    س ڀ – ا – ڻ ڻ . . .


    حالَ احوالَ

    حالَ احوالَ


    حالَ احوالَ اُھي ئي آھن
    ته اُھا رات اڃا جاري آ
    تالَ تِيتالَ اُھي ئي آھن
    حالَ احوالَ اُھي ئي آھن

    کَرَدجالَ اُھي ئي آھن
    ڪوڙ جي سچ مٿان ساري آ
    حال احوال اُھي ئي آھن
    ته اُھا رات اڃا جاري آ


    اِي لَکڻ ناھه ته . . .

    اِي لَکڻ ناھه ته . . .


    وڇڙڻو ئي اگر آھي ته ملڻ ڇاجي لاءِ؟
    رَتُ ئي آھه جي رُئڻو ته کِلڻ ڇاجي لاءِ؟

    رَڙ ئي ڪونه ٻڌي ڪو ته رڙڻ ڇاجي لاءِ؟
    لُڙڪ ئي ڪونه اُگهي ڪو ته رُئڻ ڇاجي لاءِ؟

    گل ڇڻڻ لاءِ ٽڙن ٿا ته ٽڙڻ ڇا جي لاءِ؟
    جي مرڻ لئه جيڻ آھي ته جيڻ ڇاجي لاءِ؟

    منھنجي نالي جيان تون ڇو نه رھين ٿي مون سان؟
    ھِئن وڃڻ لاءِ اچين ٿي ته اچڻ ڇاجي لاءِ؟

    ڪير سسئيءَ کي اِھا ڳالھه وڃي سمجهائي،
    روح ۾ آھه پنھون، روھه رُلڻ ڇاجي لاءِ؟

    جو کُچين کان ئي رڳو پير ڪپڻ ٿو ڄاڻي،
    بي وڙي ساڻ ڀلا پير ڀرڻ ڇاجي لاءِ؟

    جي نه آھين ته ڀلا فرق پوي ٿو ڪھڙو؟
    اگر آھين ته مڃڻ يا نه مڃڻ ڇاجي لاءِ؟

    لڙڪ کي لفظ ڪرڻ، لفظ ستاري جھڙو
    اِي لکڻ ناھه ته امداد لِکڻ ڇاجي لاءِ؟


    اديب جي لاءِ

    اديب جي لاءِ


    اھائي ھٿ لڪير آھه ھر اديب جي لاءِ
    ته جا به سِٽ لکي، پُرسلات تان اُڪري
    اھو نصيب نه آ ڪنھن به بي نصيب جي لاءِ
    ھُجون، ھجون نه ھجون پوءِ ابنِ مريم پاڻ
    صليب آھه اسان ليءِ، اسين صليب جي لاءِ!


    باغي

    باغي


    زندگي آھه يا جيڻ جو جرم
    رات آھي يا عمر قيد آھي
    ڏينھن آھن پھاڙ جھڙا ڏينھن
    جن کي ٽُڪيان ٿو روز تيشي سان
    آءُ فرھاد آھيان فرھاد
    پنھنجي شيرين جي ياد جو قيدي
    خُسروي تاج تخت جو باغي!


    مِلنداسين

    مِلنداسين


    ڪڏھن نه ڪڏھن
    ڪٿي نه ڪٿي
    مِلنداسين – مِلنداسين
    مُکڙين وانگي
    گُل بڻجڻ لئه
    کِلنداسين – کِلنداسين
    رستي تي يا ڪنھن محفل ۾ ، آمھون سامھون ٿي وينداسين
    ھڪڙي لمحي لاءِ سھي پر، مرندي مرندي جي وينداسين

    ڪڏھن نه ڪڏھن
    ڪٿي نه ڪٿي
    مِلنداسين – مِلنداسين
    مُکڙين وانگي
    گُل بڻجڻ لئه
    کِلنداسين – کِلنداسين
    چانڊوڪيءَ ۾ سِنڌُوءَ تي يا، سمنڊ ڪناري سانجهيءَ ٽاڻي
    ڪينجهر تي يا منڇر تي پَڪ، ڪارونجهر تي اڄ نه سڀاڻي
    ڪڏھن نه ڪڏھن
    ڪٿي نه ڪٿي
    مِلنداسين – مِلنداسين
    مُکڙين وانگي
    گُل بڻجڻ لئه
    کِلنداسين – کِلنداسين
    مِلڻ کِلڻ جي کِلڻ مِلڻ جي، آس ڪڏھن به نه لاھينداسين
    وقت اسان جي وس ۾ ھوندو، ٿيندو سو جو چاھينداسين


    ڪڏھن نه ڪڏھن
    ڪٿي نه ڪٿي
    مِلنداسين – مِلنداسين
    مُکڙين وانگي
    گُل بڻجڻ لئه
    کِلنداسين – کِلنداسين
    اَنڊلٺي اتھاسڪ پنا، ھَٿ تي ھٿ رکي لکنداسين
    سِڪ ئي سڀ ڪجهه سيکاري ٿي، سِڪ کان ئي سڀ ڪجهه سکنداسين

    ڪڏھن نه ڪڏھن
    ڪٿي نه ڪٿي
    مِلنداسين – مِلنداسين
    مُکڙين وانگي
    گُل بڻجڻ لئه
    کِلنداسين – کِلنداسين


    دانُ – وردانُ

    رات ڪاري سھي
    ۽ جھڙ به سھي
    ۽ ڏيو گُلُ سھي
    طاق ويران به سھي
    ٻاھران در جي گهڻو لُڙ به سھي
    آءُ حيران پريشان سھي

    ھوءَ چي ٿي ته : “ڪڏھن
    سجُ حيران پريشانُ نه ٿيو – ڇا به ٿپو
    سجُ جڏھن
    سونَ جي ٿالھه مان مُٺيون ڀري اُڇلائيندو
    ڪرڻن جون کنڪ دار اشرفيون ايندو

    ڪنھن به مت ڀيد بنان
    جنھگ ۽ جَھر
    بحر ۽ بَر
    ڳوٺ ۽ شھر
    سڄي سنڌ مٿان
    پوءِ سڄي عالم تان
    پھريان ڪنوارا ڪرڻا
    جيئن ورکائيندو مٺيون ڀري
    ڪرڻن جو کنڪ دار اشرفيون سانولَ
    تيئن ئي پاڻ ٻئي
    جهول جهلينداسين سڃينداسين اکيون اوڀر ڏي
    پھريان پھريان ڪنوارا ڪِرڻا
    پوءِ اھو دانُ سھي
    پوءِ اِھو وردانُ سھي!”


    ڪِرڻي جھڙو پل

    ڪِرڻي جھڙو پل


    ھونئن ته ساري جِندڙي، مايا ڇايا ڇَلُ
    اَجھل اَمُل مھراڻ جو، امرت ڌارا جَلُ

    لُڙڪ ھجي ته رکي ڇڏيان، ٽِشو پيپر منجهه
    مُٺ ۾ ڪئن پڪڙي سگهان، ڪِرڻي جھڙو پل

    سھڻي جئن وچَ سير ئي، سُپيريان جو سَٿُ
    موج ڀرئي مھراڻ ۾، ٿي وينداسين حَلُ

    لِڪي ساري لوڪ کان، ڳرھينداسين ڳُجھه
    گوڏو گوڏي سي گڏي، ڳل سين لائي ڳلُ

    جهوراڻي ڪِي جيءَ سين، جِھرڻي جھڙي ڪارِ
    سُور ڪري ويو ساھه ۾، ري سِيراڻيءَ سَلُ


    ٻيرُين ٻيرَ جهليا

    ٻيرُين ٻيرَ جهليا


    ٻيريُن ٻيرَ جهليا
    ڪالونيءَ جي روڊ تي
    ٻارَ جهليا نه پَليا!

    اوجاڳو ۽ جَکَ
    مان، رات، سگريٽ
    ٿي وينداسين رَکَ!

    ڪمرو کوري جيئن
    جهرڪيءَ آنا ڦوڙِيا
    پکو ھلايان ڪيئن!


    ڄام شوري جون ھوائو!

    ڄام شوري جون ھوائو!

    ڄام شوري جون ھوائو!
    ٿورڙو ھوريان گهُلو
    تن اڳيئي آ تنور
    ٽامڻي ڌرتي
    ۽ سِڄُ
    ٺيڪ تاروُنءَ جي مٿان
    ڄڻ ٽِڪ ٻڌل
    ۽ گهر به ڏُور

    ڄام شوري جون ھوائو!
    ٿورڙو ھوريان گهُلو
    اک ۾ ھڪڙو لھوءَ جو لڙڪ آھي
    جيڪو آئيءَ ويل جي لئه مون بچائي ھو رکيو
    سو اُھو ھئڊو ڳِٽو، ڳاڙھو ڪندو، سورج جيان لڙندو وڃي!

    ڄام شوري جون ھوائو!
    ٿورڙو ھوريان گهُلو
    ڪجهه لکيل، ڪجهه اڌ لکيل، ڪنھن اڻ لکيل
    جيڪي پنا
    ميز تي آھن رکيل
    سي اُڏارينديون وڃو
    ياد پارن جي ڏيارينديون وڃو

    يار جيڪي ھا ھيين جون ٿوڻيون
    ڏينھن جو سِر تي ڇمر جي ڇانوَ ھا
    رات جو مڌ جي پيالي منجهه تُڙڳيا چنڊ جان
    پَنَ جي ٻيڙي به ھڪ ھڪ ڦُوڪ ھئا جيئندا ھئا
    ھڪ پيالي مان به ھڪ ھڪ سُرڪ سُرڪيندا ھئا
    ڀور مانيءَ مان به ھڪ ھڪ چَڪُ اُوکِيندا ھئا

    سڏ ساڻ سڏ ڏيندا ھئا
    ھڪڙو نه ڪيئي نانوَ ھا
    روبرو، پَرپُٺ حوالي طور جيڪي فخر سان کڻبا ھئا
    تسبيح جي داڻن جيان ڳڻبا ھئا
    ننگ مولا تي رکي
    ٻول تن جيڪي ٻَڌا
    جيڪي ڪيائون واعدا
    “سنڌ جي لئه ھئن ڪنداسون
    سنڌ جي لئه ھونئن ڪنداسون . . . ”
    سو نشي ۾ ڄڻ ته اُو وِڦليا ھئا
    ٻول سي ۽ قول سي
    سگريٽ جي دُونھين جيان وِکري ويا!

    يار جيڪي ڄڻ ته ھا ڪي زرد پن
    درد جي رُت ۾ ڇڻيا ھھڙين ھوائن منجهه
    سائي شاخ تان!
    جت ھجن
    خوش رھن اُو شال پنھنجي خرچ تي!

    ڄام شوري جون ھوائو!
    ٿورڙو ھوريان گهُلو
    رَکَ ۾ آ چڻنگ
    سا ڌڳندي ڀيڙ ٿيندي وڃي
    لوڊشيڊنگ ۾ ڏيي جي لاٽ ٿي ڀڙڪا ڪري
    ۽ مٿان کان
    آسمان کان
    وڄ ٿي ڪڙڪا ڪري!

    ڄام شوري جون ھوائو!
    ٿورڙو ھوريان گهُلو


    پَسيون سون پرڀاتيون

    پَسيون سون پرڀاتيون


    خون کٿوريءَ جي خوشبو
    واسي وئي وِلايتون

    ڳوٺ ڳوٺ ۾ مون تنھنجون
    ڳڀرو ڳالھيون ڳاتيون

    پيھي آيا پاڻ پرين
    پسيون سون پِرڀاتيون

    جيئي سنڌ چئي ڪوئي
    جيءَ وجهي ويو جهاتيون


    شعر لکڻ جي لاءِ

    شعر لکڻ جي لاءِ

    مون وٽ سِٽ لِکڻ جي لاءِ
    تو وٽ سِٽَ سِٽڻ جي لاءِ

    سانول بادل بڻجي آءُ
    ڪرڪي ويس وسڻ جي لاءِ

    صورت مورت ۽ سينگار
    ماندو لوڪ ڏسڻ جي لاءِ

    کائڻ لئه بس مانيءَ ڀور
    ۽ فٽ پاٿ سمھڻ جي لاءِ

    سِرشٽيءَ جي ته سرجڻھار
    سَر جي سُونھن سڄڻ جي لاءِ

    ھڪڙي تنھنجي سارَ سواءِ
    ڪونھي ڪجهه به ڪرڻ جي لاءِ

    کائڻ جي لئه دوکا
    آھن لڙڪ پيڻ جي لاءِ

    ڪيڏيون ڳالھيون ڳالھايونم
    ھڪڙيءَ ڳالھه چوڻ جي لاءِ

    ڪيڏا پنا ڦاڙيم رات
    ھڪڙي شعر لکڻ جي لاءِ

    ڪاش ملي ھا ويساند
    ٿڌو ساھه ڀرڻ جي لاءِ


    سانولڙي سانجهي

    سانولڙي سانجهي

    سانولڙي سانجهي آئي
    آءُ اُھائي تنھائي

    تارو تارو گهاءُ لڳي ٿو
    وٽ جو ويري واءُ لڳي ٿو
    گهٻرائي دل گهٻرائي
    آءُ اُھائي تنھائي
    سانولڙي سانجهي آئي

    ھر ڪو موٽيو پنھنجي گهر ڏي
    منھنجا نيڻ اھي ئي در ڏي
    دور وڄي ٿي شھنائي
    آءُ اُھائي تنھائي
    سانولڙي سانجهي آئي

    ميڙيون منٿون مڃ وو سائين
    انگ لڳائي وڃ وو سائين
    سيني ۾ سِڪ سامائي
    آءُ اُھائي تنھائي
    سانولڙي سانجهي آئي


    ڪجهه ڪونه سُجهي ٿو

    ڪجهه ڪونه سُجهي ٿو

    ھو ڳالھه جڏھن منھنجي ٻُڌي ٿو نه ٻُجهي ٿو
    سگريٽ پيڻ کان سوا ڪجهه ڪونه سُجهي ٿو
    ھو ڳالھه جڏھن منھنجي ٻڌي ٿو ۽ ٻُجهي ٿو
    سگريٽ پيئڻ پيڻ کان سوا ڪجهه ڪونه سُجهي ٿو!


    ڪيتري پياري لڳين ٿي . . .!

    ڪيتري پياري لڳين ٿي . . .!

    ري ڪجل ڪارين اکين ۾ تون ڪجل پائين جڏھن
    ڪيتري پياري لڳين ٿي ھانءُ ھِرکائين جڏھن

    جئن نديءَ ۾ لھر اھڙي لھر لھرائين جڏھن
    اکڙين، بي شرم اکڙين ساڻ شرمائين جڏھن
    ڌيانَ جي ڳڙکيءَ منجهان ھر ھر لِيو پائين جڏھن
    مِڌر ۽ مڌم سُرن ۾ ڳيت ٿي ڳائين جڏھن
    مُندَ کي پھراڻ پنھنجو پاڻ پھرائين جڏھن

    ڪيتري پياري لڳين ٿي ھانءُ ھِرکائين جڏھن
    ري ڪجل ڪارين اکين ۾ تون ڪجل پائين جڏھن

    ٽھڪڙن جا فُل ٿي ڦول ورکائين جڏھن
    ڏات کي جو ڏانءُ ڏي سو ٻول فرمائين جڏھن
    گل گلابي گل ڏيڻ تي خارَ ٿي کائين جڏھن
    ڪوڙ مان يا سچَ مان تون گهنڊ ٿي پائين جڏھن
    نُور جو سُنھن گهور گهري گهورَ سان گهائين جڏھن

    ڪيتري پياري لڳين ٿي ھانءُ ھِرکائين جڏھن
    ري ڪجل ڪارين اکين ۾ تون ڪجل پائين جڏھن

    مُرڪَ جي ھڪ سُرڪَ سان ئي سُورَ سرچائين جڏھن
    پيار جھڙا ئي پيارا پُورَ پرچائين جڏھن
    باز جان جهڙپي جھٽي دلڙي چنبي چائين جڏھن
    ڪجهه نه چوندي صرف اکين سان ڳُجھُ ڳالھائين جڏھن
    منھنجو من اُلجھائي اُلجھيل وارَ سُلجھائين جڏھن

    ڪيتري پياري لڳين ٿي ھانءُ ھِرکائين جڏھن
    ري ڪجل ڪارين اکين ۾ تون ڪجل پائين جڏھن


    مانَ اچي سانول!

    مانَ اچي سانول!

    جھومي برسيو بادل
    مانَ اچي سانول!

    مورُ ٽھوڪيو، ڪُوڪي ڪويل
    لڙڪ ڦڙا پنبڻن ۾ پويَل
    مانَ اچي سانول!

    پَل پَل اھڙو جھڙو پايَل
    ھانءُ به گهايل پيرَ به گهايل
    مانَ اچي سانول!

    اندر ساڙو ٻاھر جَل ٿَل
    تاڙي تاڙيو، جھوميو جھنگل
    مانَ اچي سانول!


    آکيري کان دُور . . .

    آکيري کان دُور . . .


    آکيري کان دُور پکي مان
    بي ڏس ۽ مجبور پکي مان
    رات به آھي پڃري وانگي
    پھر پھر آ ڄڻ ڪا تيلي
    مان تيلي تيلي ٽوڙيان ٿو
    جاڳيل اوجاڳيل نيڻن جو
    ٽُٽل سپنو جوڙيان ٿو
    اوڀر ڏانھن سَڃي اکڙيون
    کڻان نه ٿو، کوڙيان ٿو


    گهر ھليا گهوٽ پرين!

    گهر ھليا گهوٽ پرين!


    مُندَ کاڌي موٽَ پِرين
    گهر ھليا گهوٽَ پِرين
    ڇنن ڇنن ڇُلي ڇُلي ڇولي وئي
    اَلا ڇولي وئي
    تاڙي جي تاڙ ڪندي ٻولي وئي
    اَلا ٻولي وئي
    گهوريان توتان نوٽَ پرين
    گهر ھليا گهوٽَ پِرين
    مُند کاڌي موٽ . . . !

    جُھڙ ٿيو، لُڙُ لٿو جهوري وئي
    اَلا جهوري وئي
    لُلُر ٿيو، لوڙھ لٿي لورِي وئي
    اَلا لورِي وئي
    پَلُرَ جي پالوٽَ پِرين
    گهر ھليا گهوٽ پِرين
    مند کاڌي موٽ . . .!
    ھانءُ ويو ھانءُ ويو ھٿن منجهان ڙي
    اَلا ھٿن منجهان ڙي
    واس پيو ڇلڪي سڄڻ گُلن منجهان ڙي
    اَلا گُلن منجهان ڙي
    جوڙي ڏئين جوٽَ پِرينَ
    گهر ھليا گهوٽَ پِرين
    مند کاڌي موٽ . . .!


    رات جي سانت

    رات جي سانت


    رات جي سانت پئي گيت ڪوئي آلاپي
    روح جي کوھه ۾ پيو چنڊ لِياڪا پائي
    ھر ستاري جي تتل تند پيو ڪو تاڻي
    ھير پنبڻين تي رکي ڄڻ ته ڪپھه جون پوڻيون
    ھوريان ھوريان پئي ننڊ ھندرو واڻي


    اِھائي ھڪڙي دعا اٿم

    اِھائي ھڪڙي دعا اٿم


    ٻيو مان گهري به ته ڇا گهران، بس اِھائي ھڪڙي دُعا اٿم
    منھنجي زندگي به خدا ڪري، ته ملي اوھان کي وڃي صنم

    تنھنجي ھر جفا کي وفا چيم، تنھنجي درد کي به دوا چيم
    تنھنجي بددعا کي دعا چيم، تنھنجي ھر ستم کي چيم ڪرم

    جي ھلين ته آءُ ڪڪر ٿيان، جي ٽِلين ته مورَ جيان نچان
    ۽ اُتي اُتي رکان اکڙيون، تون جتي جتي به رکين قدم

    پوي فرق شل نه ڪو پيارَ ۾، ڪوئي وڇڙي شل نه بھارَ ۾
    رھي نينھن شال نھارَ ۾، نه ڀُري ڪڏھن به سندم ڀرم


    رت سين ريٽا ڳيت

    رت سين ريٽا ڳيت


    لِک نه اھڙو ليکُ، لِک نه جنھن ۾ لوءِ جي
    تِکَ نه جنھن ۾ تيکُ، سِڄُ سڀاڻي جو ڪري
    ليک نه اھڙو لکُ، ساک نه جنھن ۾ باک جي
    سِٽَ اُھائي سِکُ، سُک آڻي جا سنڌ تي
    ليکي ساڻ لکيوءِ، ليکڪڙا جو ليکڙو
    سڄي ڄمار سِکيوءِ، ڪاڳر کي ڪارو ڪرڻ
    ليکڪ ايئن نه ھوءِ، لفظ لکي جو لُڙ ڪري
    اِي ڪانيرو ڪوءِ، چُلڙ چُڻي جو چُھنچ سين
    رَت سين ريٽا ڳيتَ، ھيڊي رُتِ رچيام جي
    من سي اي من ميتَ، چپَ چُمن تنھنجا ڪڏھن

    ڪيڏا وادَ وِوادَ، ڪَچُ ڪري ٿو سَچَ تي
    اَڄُ ته اي امداد، ھِڪ ھِڪاڻي ٿي وڃي
    گروي ذھن ضميرُ، لوئي جو نيلام گر
    خنزيري ته خميرُ، تو ۾ ڄائي ڄَمَ کان
    خائن ۽ خنزيرُ، ڄڻُ ڪُڄڻ ھڪ ماءُ جو
    نيڻ – نياڻ نه نيرُ، رَمق نه ڪائي روح ۾
    ڪڏھن ڇپبي ڪانه، ڇاھيءَ منھنجي ڊائري،
    ان ۾ ڇا ڇا ڇا نه، لکيم لال لھوءَ سان
    ڪوبه نه آس نه پاس، ساڄن سين سڄڻيءَ سوا،
    سرھا سُواسَ سنداس، ويڙھيل وجود واس ۾


    باکَ جي ساکَ

    باکَ جي ساکَ

    ساکَ سان ٿو چوان باکُ ڦُٽندي ضرور
    رات کُٽندي ضرور
    ٿورڙي دير لئه آ انڌيرو ته ڇا
    ميل اڌ ميل تي آ سويرو ادا
    بس رڳو ٿورڙو وِکَ کي تيز ڪر
    جاڳندو رک اکين کي نه ٿي بي خبر
    ختم ٿيندو اَوس ڏکُ ۽ ڏوجهرو
    سنڌ جي سينڌ مان صبح جو سوجهرو
    ڇا به ٿي پئي کڻي آھه ڦٽڻو ضرور
    آ پِٿُون پير جو پنڌُ کُٽڻو ضرور
    رات کُٽندي ضرور
    ساکَ سان ٿو چوان باکَ ڦُٽندي ضرور

    روشنيءَ جي اُجهايو متان پياسَ کي
    اکڙين جي وِسايو متان آسَ کي
    مسجدن ۾ اِجها ٻانگ آئي اِجھا
    گهنڊ گرجا منجهان بس اِجھو گُونجندا
    سنک مندر ۾ وڄندا اِجھو ڪي اِجھو
    دوستو
    ساٿيو
    ڀائرو ڀينرو
    پَڪ پِرھ جا پَکي لات لَنويندا ضرور
    سوجھري کي ڀليڪارَ چوندا ضرور
    رات کُٽندي ضرور
    ساکَ سان ٿو چوان باکَ ڦُٽندي ضرور


    عشق اسلام

    عشق اسلام


    ٻيو سڀ خام آھي ئي آھي
    عشق اسلام آھي ئي آھي

    پنھنجي حصي ۾ ڪا تھمت
    ڪو الزام آھي ئي آھي

    ناھيون سقراط مگر ھٿ ۾
    وِھ جو جام آھي ئي آھي

    ڪجهه نه ھجي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾
    اياز، شيام آھي ئي آھي

    پنھنجي سر تي ڪائي قيمت
    ڪو انعام آھي ئي آھي


    چاھه

    چاھه

    دل ۾ به گهر ۾ به رکندي سانءِ
    ماکيءَ کان به مٺو آھين
    چاھه منجهاران چکندي سانءِ


    لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ

    لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ

    لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناھي
    باھه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناھي

    سنڌ جي لاءِ جيئڻ ايترو سولو به ھجي
    سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناھي

    نيڻ اوڀر تي سڄي رات کُپائي رکيم
    ايترو ڌِير ڌرڻ ايترو سولو ناھي

    چوٽ کان شمع جيان روز سڄي رات ٻرڻ
    ۽ لڳاتار ڳرڻ ايترو سولو ناھي

    صرف غدار جو رت آھه گٽر جو پاڻي
    ماءُ جو کيرُ کرڻ ايترو سولو ناھي

    کوءِ سُک، ٻَنُ سُمھڻ، جانِ ۾ جَنڊي پائي
    ڏيھَه جا ڏُک ڏَرڻ ايترو سولو ناھي

    جيستائين نه لڳي آھه لَھُوءَ جي لالي
    رُتِ ۾ رنگ ڀرڻ ايترو سولو ناھي

    سحر امداد سڄڻ ٻيو ته سڄو لوڪ ڏُجڻ
    ۽ سڄڻ رِيءَ سَرڻ ايترو سولو ناھي

    ھا جڏھن پيار ڪبو آھه تڏھن پيار بنان
    پوءِ ٻيو ڪجهه به ڪرڻ ايترو سولو ناھي


    ھُن بن

    ھُن بن


    ھوءَ سڀاڻي وڃي رھي آھي
    خوفِ تنھائي ھاڻ کان آھي
    ۽ سُڀان رات ٺيڪ ھن ئي مھل
    آءُ ڇا ڪجهه ڪري رھيو ھوندس.
    شعر شايد لکي رھيو ھوندس
    ساڻ سگريٽ پي رھيو ھوندس!


    جيڏل شال جُڙي رھين

    جيڏل شال جُڙي رھين

    جيڏل شالَ جُڙي رھين
    ھو جيڏُل شالَ جُڙي رھين
    ھو جيڏل شال

    جوڙ سجوڙ ٿين شل
    تنھنجي اڱڻ تي گل گلابي
    موتئي لال بھار

    سُونھين پئي ساري سَٿ ۾
    ڪھڙو لال جَڙيو ٿئي نَٿ ۾
    کنڊون کيرَ پيين شل
    جيڏُلَ شال جُڙي رھين

    ڏينھن کان پوءِ ڏکڻ گُھليو آ
    تنھنجي جهوليءَ چنڊُ جهليو آ
    وَرَ سان تون به جيين شل
    جيڏُلَ شال جُڙي رھين

    ھٿن پيرن تي ميندي لائي
    ڪونج ڳچيءَ ۾ دُھري پائي
    دُھرا دانَ ڏيين شل
    جيڏُلَ شال جُڙي رھين


    جِيڻ جيڏيون

    جِيڻ جيڏيون

    ڏکيو آھه جيڻ جيڏيون
    وَٽو آھه وِھُه جو پيڻ جيڏيون


    مون وانگي ئي

    مون وانگي ئي

    سنسار سڄو ئي سناٽيل مون وانگي ئي
    ڪا رڙ آھي گهوگهاٽيل مون وانگي ئي

    مٿو ڦريل پڪ سان منھنجو آھي ليڪن
    اُڀ پڻ آھي گهوماٽيل مون وانگي ئي

    رات ڪلاجي ديوي سرسوتي آئي
    جنب ٽيپ ھجي ڪاٽيل مون وانگي ئي

    سورن ساڻي سنڌ الا کُورن کاڻي
    چيٿاڙيل ۽ چيپاٽيل مون وانگي ئي

    پيتل قاتل زھر اوڳاڇيان شبدن ۾
    واڻي آھه وِھَه وھاٽيل مون وانگي ئي

    ٺوٺ ٺڪر جان ڌرتي ٺونگي ساڻ وڄي
    انت تري تاءِ اُساٽيل مون وانگي ئي

    ڏينھن ٿيڻ تي روزانو ھرڪو ڏيئو
    ڪاراٽيل ۽ دونھاٽيل مون وانگي ئي


    ھير گُھلي

    ھير گُھلي

    ھِيرَ گُھلي
    وڻ جهوليا
    سُرَ ڇِڙيا
    ڦول ٽڙيا
    ڀَؤنر ڀنڀوليا
    ھِيرَ گُھلي
    وڻ جهوليا!

    دل ڌڙڪي
    من مُرڪيو
    سِڪ سُرڪيون
    ھِيرَ گُھلي
    وڻ جهوليا!

    لاک رتي
    کاک ڦُٽي
    پنڌ پُنو
    رات کُٽي
    ھِيرَ گُھلي
    وڻ جهوليا!


    ڪير ڄاڻي

    ڪير ڄاڻي


    ڪير ڄاڻي ته مون لکيا ڪنھن لاءِ
    نظم، جن ۾ نھار آ ڪائي
    انت پاتال جا ڇڏي گهوري
    ھر اکر ڄڻ ته ھڪ نگر آھي
    رنگ سھسين ھزار معنائون
    ھٿ ۾ ڄڻ ته مورَ – پَر آھي

    ڪير ڄاڻي ته مون رچيا آھن
    گيت ڪھڙا الاءِ ڪنھن جي لاءِ
    ھڪڙي اھڙي پرائي پنھنجي لاءِ
    ٿو رھان بيقرار جنھن جي لاءِ!


    لکندس پيو ليک

    لکندس پيو ليک


    ڪو ڇپي يا نه ڇپي، آءُ ته لکندس پيو ليک
    گيت ۽ بيت، ترائيلَ، غزلَ ۽ ٽيڙُو
    ھر لکيل سِٽَ ٿي ته ھجي ڄڻ ھٿ – ريکَ
    ڪو ڇپي يا نه ڇپي، آءُ ته لکندس پيو ليکَ!

    سنڌ جا آءٌ ته لفظن ۾ چٽيندس پيو ڏيکَ
    ميتَ کي گيتَ ڪري آءُ مُنجيندس ميڙُو
    ڪو ڇپي يا نه ڇپي، آءُ ته لکندس پيو ليکَ
    گيت ۽ بيت، ترائيلَ ، غزلَ ۽ ٽيڙُو!


    جوالا

    جوالا


    اسين پيٽ بُکيا اُگهاڙا ۽ نانگا
    ارُوکا اَرُوکا اَٻالا اَٻالا
    وِساريل وِساريل ڌِڪاريل ڌِڪاريل
    نماڻا نماڻا نرالا نِرالا
    اڪيلا اڪيلا توائِي توائِي
    سدا چاڪَ چِڪندا سدا نيڻ آلا
    اوھان وٽ اُجالا گهڻيرا گهڻيرا
    اسان وٽ انڌيرا سُنوالا سُنوالا

    مگر بنده پرور دٻائي نه سگهندا
    اھي زنگ آلود نيزا ۽ ڀالا
    اسين پنھنجي دنيا جا سقراط آھيون
    اسان جو مَرڪ زھر قاتل جا پيالا
    اي آقائو! ھر دور ۾ زنده آھن
    اسان کا ئي منصور سرمد جا نالا

    اوھين ڪيترائي لڳايو اي سائين
    خيالن تي پھرا زبانن تي تالا
    مگر ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن ڦاٽي ئي پوندا
    ازل کان ھي سينن ۾ دُکندڙ جُوالا!


    جيڻ نه مرڻ

    جيڻ نه مرڻ

    سڄي سڄي رات جاڳڻ
    سگريٽ تي سگريٽ ڇڪڻ
    دونھين اکين ۾ اچي وڃڻ
    پاڻھي ڄاڻي ڀِنڇر ڀِڄڻ
    ھيٺيون چپُ ڏندن ۾ اچڻ
    سيني ۾ سُور – سَٽَ اُڀرڻ
    پر ھڪڙي سِٽ به لکي نه سگهڻ
    ڪاڳر جو ڪورو رھجي وڃڻ
    توبن اھڙو آھه جيڻ
    (ھي ته جيڻ نه ڪو آھه مرڻ!)

    تنھائيءَ جو زھر پيڻ
    پينَ چپن تي رکي ڇڏڻ
    تنھنجي سوچن ۾ گم ٿي وڃڻ
    اُھا تنھنجي ڪُئيڪ سروس ڪرڻ
    سلائيس وِد ھَنِي ۽ مکڻ
    ۽ مِلڪ ڪافي ٺاھي اچڻ
    وار ڪُلھن تي کولي ڇڏڻ
    اچي پاسي منجهه وِھڻ
    گوڏو گوڏي ساڻ گڏڻ
    اڄ ناھي، ڪلھه ته ھو سڄڻ
    تنھنجو منھنجو اھڙو ملڻ!
    مُرڪي سُرڪ سُرڪ سُرڪڻ
    سُرڪي مُرڪ مُرڪ مُرڪڻ
    مَڪڻ مُرڪڻ، مُرڪڻ مَرڪڻ
    ۽ پوءِ ڪنڌ ڪلھي تي لاڙڻ
    ۽ ڪَن ۾ اھڙي ڳالھه چوڻ
    جھڙي ماکيءَ لارَ ڳڙڻ

    اڄ ناھي، ڪلھه ته ھو سڄڻ
    تنھنجو منھنجو اھڙو ملڻ!

    سڄي سڄي رات جاڳڻ
    پر ھڪڙي سِٽ به لکي نه سگهڻ
    من ۾ سور سوين سانڍڻ
    پوءِ به ڪجهه به لُڇڻ نه ڪُڇڻ
    اھڙو پنھنجو آھه جيڻ
    (ھي ته جيڻ نه ڪو آھه مرڻ!)

    نه ڪو کِلڻ، نه کِيڻ ، نه پِيڻ
    تو بن ڪجهه به ڪونه اُجهڻ
    جڏھن ڪجهه به ڪونه سُجهڻ
    جڏھن ٻيو ڪجهه ڪونه پُڄڻ
    تڏھن گهر مان نڪري وڃڻ
    بي مقصد رستن تي رُلڻ
    پٿر ٿڏي ساڻ ٿڏڻ
    وڻن سان به نه سُور سَلڻ
    ڄڻ ٻن آڱرين جي وچ ۾ ھئڻ
    سگريٽ وانگي دُکندو رھڻ
    لُڙڪ لُڙڪ لُڙڪ لُڙڪ لَڙڻ
    ۽ پوءِ ان جو لَڙي ٿيڻ
    تڏھن وڃي ڪا سِٽ سرجڻ
    گهر اچي سا سِٽَ لکڻ
    ۽ اُن سِٽَ جو ڪٿي نه ڇپجڻ
    اِن تي اندر منجهه جلڻ
    رڳو کامڻ پچڻ پڄرڻ
    سِٽ کي اکين آڏو جھلڻ
    پوءِ پني کي ڦاڙي ڇڏڻ
    ڦاڙي ھوا ۾ اُڏاري ڇڏڻ!


    ڏسڻي

    مختلف نظمن ۾ آيل ڪي خاص جايون، نالا ۽ ٻيون سمجهاڻيون

    * نما شام (نظم)
    جون: ٽکڙ جي پاسي کان وھندڙ واھ

    * سين الف ب (نظم)
    (سنڌي ادبي بورڊ)

    ھيڊل برگ: آفيسٽ ڇپائي جي آٽوميٽڪ مشين
    گل ڦل: ٻارن جو ماھوار رسالو
    سرتيون: عورتن جو رسالو

    سنڌي ادبي بورڊ سان وابستا اديبن / پراڻن ڪارڪنن جا نالا
    سائين ميران محمد شاھ
    حسام الدين راشدي
    سائين جي ايم سيد
    غلام رباني آگرو
    محمد ابراھيم جويو
    محمد عثمان ڏيپلائي
    سراج ميمڻ
    ابن حيات پنھور
    غلام علي الانا
    علامه غلام مصطفى قاسمي
    شيخ اسماعيل
    سومار علي سومرو
    مولوي مائر
    ميان علي بخش
    ممتاز مرزا
    ڊاڪٽر اسدالله بيخود
    طالب لوھار
    ولي محمد طاھر زادو ۽ ٻيا ورڪر

    * ندي پار (نظم)
    مَس: رات

    * جاڙيون قبرون (نظم)
    مارچ: 4 مارچ 1967ع
    ھوشو: ھوش محمد شھيد
    دولھه: دولھه دريا خان
    حيدر: حيدر علي
    بختاور: ھارياڻي بختاور
    ٻاگھي: دودي جي ڀيڻ ٻاگھل ٻائي
    اختر: اختر بلوچ
    رياض: رياض ميمڻ
    دودي جو موت: شيخ اياز جو ناٽڪ
    مخدوم : مخدوم طالب المولى
    شمشير: شمشير الحيدري
    تنوير: تنوير عباسي
    سراج: سراج ميمڻ
    مشتاق: مشتاق شورو
    جويي: محمد ابراھيم جويو
    عليءَ: علي بابا
    سانگي: مير عبدالحسين سانگي


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 946
    ڪتابن جو مشاهدو: 3032545
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 790282
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ