سين الف ب
آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
رات ۽ ڏينھن بس پروف ڏسڻ
سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان آيل
خط پڙھڻ ۽ وري جواب ڏيڻ
مختلف لکڻيون چڪاس ڪرڻ
ھيءُ جاڳڻ جلڻ، جلڻ جاڳڻ
۽ ائين لفظ لفظ لفظ جُڙڻ
۽ وڃي پوءِ ھڪڙي سٽ سرجڻ
ڪو غزل، نظم يا ڪو گيت رچڻ
يا ڪھاڻي ۽ ڪوئي ليک لکڻ
آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
بند آھي مشين ڏينھن کان
ڪو به سُر ڪونه ٿو ٻُري جانان
تون به ناھين نه تنھنجا ساروڻا
ھانءُ ۾ نانءُ ٿو ٻُري جانان
ته اھو نانءُ آھه ھيڊل برگ
توبه چاھيو ھيو اھوئي متان
ته رڳو ايترو ٻڌاءِ ڇڏيان
توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
ليٽ ”گل ڦل” ۽ ليٽ آ ”سرتيون”
آھه ڪنھن کي به ان جي ڳڻتي ڪانه
ننڊ منھنجي ئي ڇو ڦٽل آھي
ساري جنھن جي جوابداري آ
سو ته آرام سان سُتل آھي
ڦيٿ سان آھه جنھن ڇڏي ماپي
آھه تنھن لاءِ زندگي جانان
صرف ۽ صرف پيٽ ۽ کيسو
سو ته ھر پل اھوئي چاھي ٿو
جو به آھي اھو کڻي وٺجي
وَجهه آھي لپو ھڻي وٺجي
ڪير ڄاڻي سُڀان رھون نه رھون
ھر پني تي ٺپو ھڻي وٺجي!
۽ انھن حالتن کي منھن ڏيندي
آءُ آفيس ڏي سوير ايندي
پوءِ گهر ڏانھن دير سان ويندي
ڪار ۾ اسڪرپٽ کي پڙھندي
ڳڀو کائيندي، ريديو ٻڌندي
نيوز پيپر سرسري ڏسندي
ٽِڪ ڪري ٿو وٺان خبر ڪائي
يا حوالو ڏسي ڪتابن ۾
ڀڃ اُن جاءِ تي وجهي ٿو ڇڏيان
آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
ڪا ڇمر ڇانوَ ڪانه آ سِر تي
۽ اکين منجهه لڙڪ بوند آھي
(ساگر ڀل ته سڪي به وڃن
شل نه سڪي اک جو پاڻي!)
لان آھي سڪي رھي آھي
۽ سڄي سنڌ ۾ اُٿل آھي
وقت سنڌونديءَ جيان آھي
ڪيڏو تڪڙو ڊڪي رھيو آھي
مان انھيءَ وقت سان وکاريان ٿو
توکي ساريان ٿو توکي ساريان ٿو
تون الائي ٻڌين به ٿي يا ڪين
ڪيترو ڏور کان پڪاريان ٿو
توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
شاھه ميران ۽ طالب المولى
ھو گرامي، حسام ۽ سيد
ھو رباني، محمد ابراھيم
۽ نبي بخش خان بلوچ اھو
۽ مبارڪ اياز شيخ اھو
ڏيپلائي، سراج، ابن حيات
اُھو شمشير حيدري شمشير
ھو الانا ۽ قاسمي صاحب
شيخ، سومار، مولوي مائر
ھو علي بخش ۽ ھو مولا بخش
اُھو ممتاز، ڊاڪٽر بيخود
اُھو طالب، ولي محمد سو
اُھو يعقوب ماستر ميمڻ
ڪٿي آھن؟ اُھي ڪٿي آھن؟
سڏ واڪو به ڇا ٻڌن ئي نه ٿا
آءُ پو ڪنھن جي ڪنھن جي در دانھيان!
اُھي در جي مٿم کلن ئي نه ٿا
کڙڪِيون بند اکڙين وانگي
مان رلان پيو تڏھن به ڪنھن سانگي
آءُ مصروف ٿي ويو آھيان
توکي ڄاڻي اھو خوشي ٿيندي
ڪير آ سين الف ب جو سڄڻ؟
ڪير آ سين الف ب جو ڏڄڻ؟
اِھو ديوار تي لکيل آھي
جي اوھان جو پڙھڻ سکيل آھي
ته پڙھي ٿا سگهو اوھين سڀ ڪجهه
ھر اکر لفظ لفظ حرف به حرف
پر انھي لاءِ شرط آھي صرف
ته اوھان کي اھا نظر به ھجي
پَسِ ديوار جي خبر به ھجي
ته مٿان ھن طرد سحر به ھجي!