ھِي فقيرن جا ھجوم
ھِي نڀاڳن نامرادن جا ھجوم
بي ضميرن جا ھجوم
ھي بُکيا نانگا اُگهاڙا بدفضيلت بي ضمير
پيٽ جي تاريڪ زندان جا اَسير
بخت جھڙي ئي سيه ڪشڪول ۾ مانيءَ جا ڀور
سآھه کان سوگھا جهلي
ڪھڙي بيدرديءَ سان گنديون آڱريون
ھاءِ ڦيرائن پيا صاحب جي صوفا سيٽ تي
ڪئن نه پاٿولي وجهي ويھندا وڃن
کير جھڙي فرش تي
ڄڻ پڻھن جو راڄ آ
ڪئن نه ھڻندا ٿا وڃن
ھٿ جي ڌڄ سان
چمڪندڙ ايراني قالين تي ٿاڦورن جا زخم
ڪئن نه ڇاتيءَ ۾ پئي ڌَنوڻِي ڌَنوينِ
ڄڻ ته ڪي گرِيَلَ ڪُتا سھڪن پيا
اشرف المخلوقات جي ھستيءَ تي طنز
چنڊ وانگي چمڪندڙ ڌرتيءَ تي داغ
زندگيءَ جي مرمرين ٻانھن تي بار
سائنس جي عھدِ زرين تي مسلسل زھرِ خند
۽ ترقي يافتا
انسان جي تھذيب ۽ تمدن جي جگر تي گهري چوٽَ
ھِي فقيرن جا ھجوم
گدلا گدلا جسم، بي ڊَولا بدن
جن کي ڏسندي ئي اُٻڙڪا ٿا اچن
موت جي گر ھھڙي جسمن تي نظر پئجي وڃي
(سچ ته ميري ٿي وڃي
۽ انھيءَ ميري نظر کي ڪوثر ۽ تسنيم
ڪئن ڌوئي سگهن!)
ٿُڪ ھڻي ھھڙن جي مُنھن تي
ھا وڃي اڳتي وڌي!