پُر شور سناٽو
جيترو گوڙ شور آ ٻاھر
آ انھيءَ کان وڌيڪ اندر ۾
يادگيرين جو ھڪ سمونڊ آھي
(وقت جان جو ڪڏھن سمھي ئي نه ٿو)
لھر در لھر ٿو ٻُڏان اُپڙان
ھِڪَ کان پوءِ ٻين ۽ ٽين، چوٿين . . .
شھر لاھور ۾ به ڳوٺ جي ياد
رکي دل جو جھان ٿي آباد
”بانو بازار“ يا ”انارڪلي“
ھجي ڪنھن لاءِ ڪيتري به ڀلي
پر اُھا ڳوٺ جي ڦٽل بازار
نه ٿي وسري ته ياد ڇا ايندي!
شھر لاھور، مال روڊ ۽ آءُ
لان ۾ پام جي اُڀي وڻ تان
شام آھي لٿي ستارن سان
”مال” تي موٽرون ۽ اسڪُوٽر
(نظر کُٽي ٿي وڃي پر ڪٿي کُٽن ئي نه ٿا
شروع ٿي جي ويا سلسلا ٽٽن ئي نه ٿا)
ڪيڏي تيزيءَ سان ھڪڙو اسڪوٽر
منھنجي ڀر مان لنگهي ويو آھي
(ذري گهٽ ماريو ھئائين ٻيو!)
سانوري شام جھڙي ھڪ وينگس
ڪئن نه ھن سان ٻکي پئي آھي!
جيئن وڻ سان ھجي ٻکيل ڪا ول!
۽ پٺيان مڌ ڀرين ھوائن ۾
وار ھُن جا اُڏامندا ٿا وڃن
فور اسٽار ھوٽلون آھن
رنگ بي فور بوتلون آھن
چنڊ چھرا گلاب تن آھن
آءُ پياسو سراب تن آھن
شھر لاھور مال روڊ ۽ آءُ
ٻار ڳاڙھا ڳٽول اڇا اُجرا
۽ انھن ساڻ مائرون پيئر
کل خوشيءَ مان پسار ڪن ٿا پيا
پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھيون ڪن ٿا
جيڪا اسڪول ۾ پڙھن به نه ٿا
(ماڌو لال حُسن جي، جيڪا ٻولي آھه
جنھن ٻوليءَ ۾ ھير آ، ڳائي وارث شاھ)
اُھا ٻوليءَ ته ھُو لکن به نه ٿا!
ڪئن نه آزاد پنھنجي ڌُن ۾ مگن
نوجوان ۽ نوجوانڙيون، ”امداد“
ھڪ ٻئي ڏانھن مُرڪ اڇليندا
۽ سرعام پيار ورڇيندا
ٽھڪ ڏيندا روان دوان آھن!
ھيءُ شاپنگ سينٽر جيڪي
ڪنھن طوائف جي وسترن وانگي
سڀني آڏو کليا پيا آھن
جن ۾ ھر شيءِ اويل بل آھي
ڏوڪڙ آھن ته پوءِ بُل آھي!
ھوءَ جا ڪار مان لٿي آھي
چال ۾ ڪيتري نزاڪت اٿس
ھير وانگر گهلي رھي آھي
سيٺيو فرش راه ديده و دل
ڪيترا تاڪيا کُلي ٿا وڃن
سِلڪ کي ڪيتري نفاست سان
نرم ھٿ جو ڇھاءُ بخشي ٿي!
ٺيڪ ھن مھل، شام ٿيندي ئي
منھنجو ھر ڳوٺ، منھنجو ھر ڪو شھر
ڪنھن ستاري بنان گگن ھيٺان
ڪيڏو ڀڙڀانگ، ڪيترو ويران
ھٿ لڪيرن جيان گهٽيون ان جون
ڪنھن ڏھاڳڻ جي سينڌ جيان سنسان
نه ڪچھريون نه ھُل نه ھنگاما
نه ڪٿي راڳ رنگ، راند نه روند
ھوندي سوندي به ھيتري اڻھوند
ڄڻ ته ماڻھو اُتي رھن ئي نه ٿا!
آسمان کان وٺي زمين تائين
گهور گهنگهور آھه سناٽو
ڪيڏو پرشور آ سناٽو!
رات آئي ته خواب ۾ ٿو ڏسان
ڪيئي ڌاڙيل، ڪيئي دھشتگرد
منھنجي ڳوٺن کي، منھنجي شھرن کي
پنھنجي گهيري ۾ ٿا ڇڏن آڻي
چُونڊ ڳڀرو ڪڍي بھارن ٿا
پوءِ ڪلاشن جا برسٽ ڇوڙي، کين
موت جي ننڊ ۾ سمھارن ٿا!
رتُ ريلا ڪري وھي ٿو پيو
رتُ جو گرم ھو رڳن ۾ ڪڏھن
خواب مان ڇرڪ ٿو ڀري جاڳان
بُت سمورو پگهر ۾ شُم آھي
سآھه تڪڙا کڻي رھيو آھيان
ايئن لڳي ٿو پروڻ سيني ۾
ڄڻ ته ڌنوڻي ڌنوي رھي آھي
ٻيو ته ڪجهه ڪونه پڄي مون کان
ھانوَ تي ھٿ ٿو رکي ڇڏيان