سنگسار
بي رواج
ھيءُ سماج
ڪٺور
بي احساس
انسان (حيوان ! پر نه حيوان کان به ڪِريل)
انھيءَ بي ريت، بي رسم، بي رواج
سماج جو ٺيڪيدار
رات جي انڌيري ۾
پنھنجي پاپ جي ڳٺڙي
گند جي ڍير تي اُڇلي
پٿر ميڙڻ ھليو ويو
۽ جڏھن
صبح جو سج اُڀريو
تڏھن
اُن ڏٺو
گندگيءَ جي ڍير تي
تازو ڄاول ٻار
آڱوٺو چوسيندڙ
ھونگڙيون ڏيندڙ
جنھن جي ڪن ۾
نه ڪنھن ٻانگ ڏني
نه ڳل تي پَپِي
پوءِ
ماڪوڙن ۽ مکين وانگر
ماڻھو مڙيا
کير جي بوتل بدران
ھٿن ۾ پٿر کڻي
پھريون پٿر
پاپ جي ٺيڪيدار ھنيو
پوءِ پٿرن جو مينھن وسڻ لڳو
۽ ڪوبه نه ھو انھن کڄندڙ ھٿن کي روڪڻ وارو
۽ انھيءَ چوڻ وارو ته
“پھريون پٿر اھو ھڻي
جنھن ڪڏھن ڪو گنآھه نه ڪيو ھجي!”
ھا، ڪوبه نه ھو
ھجي به ھا
ته ماڻھوءَ پاڻ کي پاڪباز ثابت ڪرڻ لاءِ
پھرين کيس ئي سنگسار ڪن ھا!
۽ اخبارون
ڪوڙ ڪٿائون
ڇپجنديون رھيون
ته ڪنھن ڪارو حاشيو ھنيو
ته ڪنھن ايڊيٽوريل لکيو!
۽ رستن تي
ٽريفڪ جو سيلاب ائين وھندو رھيو
۽ ڏينھن جي نُور
شھر جي ماڻھن جي
ٻُوٿ تي ڪارنھن ملي ڇڏي ھئي!