ڄام شوري جون ھوائو!
ڄام شوري جون ھوائو!
ٿورڙو ھوريان گهُلو
تن اڳيئي آ تنور
ٽامڻي ڌرتي
۽ سِڄُ
ٺيڪ تاروُنءَ جي مٿان
ڄڻ ٽِڪ ٻڌل
۽ گهر به ڏُور
ڄام شوري جون ھوائو!
ٿورڙو ھوريان گهُلو
اک ۾ ھڪڙو لھوءَ جو لڙڪ آھي
جيڪو آئيءَ ويل جي لئه مون بچائي ھو رکيو
سو اُھو ھئڊو ڳِٽو، ڳاڙھو ڪندو، سورج جيان لڙندو وڃي!
ڄام شوري جون ھوائو!
ٿورڙو ھوريان گهُلو
ڪجهه لکيل، ڪجهه اڌ لکيل، ڪنھن اڻ لکيل
جيڪي پنا
ميز تي آھن رکيل
سي اُڏارينديون وڃو
ياد پارن جي ڏيارينديون وڃو
يار جيڪي ھا ھيين جون ٿوڻيون
ڏينھن جو سِر تي ڇمر جي ڇانوَ ھا
رات جو مڌ جي پيالي منجهه تُڙڳيا چنڊ جان
پَنَ جي ٻيڙي به ھڪ ھڪ ڦُوڪ ھئا جيئندا ھئا
ھڪ پيالي مان به ھڪ ھڪ سُرڪ سُرڪيندا ھئا
ڀور مانيءَ مان به ھڪ ھڪ چَڪُ اُوکِيندا ھئا
سڏ ساڻ سڏ ڏيندا ھئا
ھڪڙو نه ڪيئي نانوَ ھا
روبرو، پَرپُٺ حوالي طور جيڪي فخر سان کڻبا ھئا
تسبيح جي داڻن جيان ڳڻبا ھئا
ننگ مولا تي رکي
ٻول تن جيڪي ٻَڌا
جيڪي ڪيائون واعدا
“سنڌ جي لئه ھئن ڪنداسون
سنڌ جي لئه ھونئن ڪنداسون . . . ”
سو نشي ۾ ڄڻ ته اُو وِڦليا ھئا
ٻول سي ۽ قول سي
سگريٽ جي دُونھين جيان وِکري ويا!
يار جيڪي ڄڻ ته ھا ڪي زرد پن
درد جي رُت ۾ ڇڻيا ھھڙين ھوائن منجهه
سائي شاخ تان!
جت ھجن
خوش رھن اُو شال پنھنجي خرچ تي!
ڄام شوري جون ھوائو!
ٿورڙو ھوريان گهُلو
رَکَ ۾ آ چڻنگ
سا ڌڳندي ڀيڙ ٿيندي وڃي
لوڊشيڊنگ ۾ ڏيي جي لاٽ ٿي ڀڙڪا ڪري
۽ مٿان کان
آسمان کان
وڄ ٿي ڪڙڪا ڪري!
ڄام شوري جون ھوائو!
ٿورڙو ھوريان گهُلو