پٿر تي ليڪ
ھڪ ايڊيٽر
ڪلھه رات مليو ھو
”سگا“ وارن جي فنڪشن ۾
۽ ھن مون کان شعر گهريو ھو
۽ مون ھائوڪار ڪئي ھئي
ھاڻي جڏھين
شعر اُتارڻ ويٺو آھيان
ميڻ بتيءَ سان
پاڻ به ڳارڻ ويٺو آھيان
توکي
تنھنجي ڳالھين کي سارڻ ويٺو آھيان
جيڪي ڪنڌ ڪُلھي تي لاڙي
سُرٻاٽن ۾ چيون ھئي
پر تنھنجي منھنجي قصي ۾
ٻيا به ته ڪيئي نانوَ ھُيا
ڪي مور ھيا
ڪي چور ھيا
ڪيڏا ڇيڻا ڀور ھيا
جن تنھنجي من ۾ مير ڀريو
ان کان پوءِ ڪڏھن به تو
ڪنڌ ڪلھي تي ڪونه ڌريو!
ھاڻي جڏھين
شعر اُتارڻ ويٺو آھيان
تڏھين
ھڪ اڌ بند لکي
ڦاڙي ڇڏيان ٿو ڪاڳر کي
اھو سوچي
ته ڪنھن جو نانءُ ڪَٽيان
چورن جو
مورن جو
يا ڇيڻا ڀورن جو!
مڪارن جو
عيارن جو
غدارن جو
ڪنھن جو ڪنھن جو نانءُ ڪَٽيان
۽ جيئري ئي مٽيءَ منجهه لٽيان!
پوءِ نئون مان نظم لکڻ چاھيان ٿو
۽ اھڙو نانءُ کڻڻ چاھيان ٿو
جيڪو ڪٽجي ڪونه سگهي
جيئري ئي مٽيءَ ۾ لٽجي ڪونه سگهي
اھڙو نانءُ رڳو ھڪڙو ئي آھي
سنڌڙيءَ جو نانءُ
جندڙي جو نانءُ
آءُ لکان ٿو ڪاڳر تي
ليڪ ڪڍان ٿو پٿر تي!