شاعري

ھوا جي سامھون

ھي ڪتاب نامياري شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سحر امداد لکي ٿي:
”مان امداد کي امداد سان ئي ڀيٽيندس، امداد جي شاعري جا گوناگون ۽ ڪڏھن ڇرڪائيندڙ ۽ انوکا موضوع، ھن جي شاعري جو سھڻو سٽاءَ، ھن جو الڳ ۽ نرالو اسٽائيل، ھن جو بيحد منفرد ۽ جاندار ڊڪشن (Diction) ھن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ اھنگ، ھن جي شاعري جو لوچ ۽ رس، ھن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانويت جو رنگ، ھن جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقيت جو رنگ، صرف امداد جو ئي، صرف امداد وٽ ئي آھي. امداد حسينيءَ جي شاعري جو يڪتا رنگ نه ھن کان اڳ ۾ ڪنھن جو ھو، نه ھن وقت ڪنھن جو آھي، نه ئي شايد ھن کان پوءِ ڪنھن وٽ ھوندو. بحيثيت شاعر امداد ايڏو ته ڳوڙھو ۽ گهڻ رُخو آھي: جو اسين ھن کي پنھنجي آساني خاطر ڪنھن ”فارمولي“ ۾ قيد نٿا ڪري سگهون.“
Title Cover of book ھوا جي سامھون

اُجرا اُجرا ٻارَ

انڌي ماءُ ڄڻيندي آھي، اُونڌا سُونڌا ٻارَ
ايندڙ نسل سمورو ھوندو، گونگا ٻوڙا ٻارَ

اڻڀا اڻڀا وارَ انھن جا، سڻڀا سڻڀا ڳل
رستي رستي بيٺا ھوندا، تنھا تنھا ٻارَ

ھٿ – تريءَ جون ليڪون ڊاٺل، اکيون ڄڻ ڪشڪول
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ چوڪ چوڪ تي، رُئندا رُئندا ٻارَ

ٻاھر سارا ٿوھر ٿوھر، اندر کارا کوھ
لک پرچائين سو سمجهائين، ڪجهه به نه ڪڇندا ٻارَ

منھن رکين ۾ ڪانڊا ٽانڊا، اولاڻا سڀ آڳ
ننڊ نه ايندن جاڳ نه ٿيندن، لڇندا رھندا ٻارَ

ھر ڪا مُند ھتي جي آھي، نسل ڪُشيءَ جي مُند
سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻارَ

پيءُ نه ٿيندو ماءُ ڪڏھن ڪو، ماءُ نه ٿيندي پيءُ
اڄ به نڌڻڪا عيسى جھڙا، گرجا گرجا ٻارَ

ڀاڳ نه ڪوئي ماڳ انھن جو، واٽن جو ويراڳ
ڇورا ڇورا پنندا پنندا، رُلندا رُلندا ٻارَ

تون ته چوين ٿو تون سپنو آن، ٻار نسورو سچ
موٽر جي ڦيٿن جي ھيٺان، چِٿجي ويندا ٻارَ

بند ڪتاب به گونگا ٻوڙا، انڌا سڀ اسڪول
ڪھڙيءَ بس تي بيٺا ھوندا، اُجرا اُجرا ٻارَ

گونگا ھوندا ٻوڙا ھوندا، ڀَٽ ڌڻيءَ جا بيت
ھڪٻئي کي ڪئن سمجهي سگهندا، تنھنجا منھنجا ٻارَ