شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

پيش لفظ

رئيس شمس الدين بلبل پنهنجي دور جي انتهائي وڏي ۽ اعليٰ شخصيت هئا. خدا تعاليٰ کين بيپناهه خداداد صلاحيتن سان نوازيو هو. بلبل صاحب انتها درجي جا ذهين ۽ فهيم شخص، سياسي رهنما، نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت پيار ڪندڙ شفيق انسان، صوم و صلواة جا پابند، علم ۽ ادب جا ڀنڊار، درس ۽ تدريس جي ميدان جا امين ۽ موتي داڻا هئا. سنڌ جي مسلمانن جي فلاح بهبود جي لاءِ ڏينهن رات مصروفِ عمل رهندا هئا. صحافت جا سرواڻ، موجوده سنڌي نثر جي نئين اسلوب ۽ سندن بيباڪيءَ جي ڪري صحافت ۾ انقلاب اچي ويو. بلبل صاحب اسڪول ۽ مدرسه قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي جاکوڙ ڪئي. ميهڙ ۾ ‘سنڌ مدرسو’ قائم ڪيائون جيڪو اڄ هاءِ اسڪول آهي. بلبل صاحب عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسيمبلي مان ڪافي مفيد قانون ۽ ايڪٽ پاس ڪرايائين.

رئيس شمس الدين بلبل قدرتي صلاحيتن جو هڪ خوبصورت گلدستو هئا. جنهن جو هر هڪ گل خوشبودار منفرد ۽ ناياب هيو. بلبل صاحب جي شخصيت جا ڪئي پهلو اڃان عوام آڏو ظاهر نه ٿيا آهن. سندس شخصيت بابت اڃان وضاحت سان نه لکيو ويو آهي. سندس ڪافي قلمي نسخا لائبريري ۾ محفوظ آهن جن کي ڇپرائي ظاهر ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي. رب تعاليٰ کان اها دعا آهي ته اسان کي توفيق ڏئي ته سندس ڪارنامن ۽ ڪاوشن کي قوم آڏو پيش ڪيون.

رئيس شمس الدين بلبل هند ۽ سنڌ جي مسلم ليڊر جي حيثيت سان ڄاتو وڃي ٿو. پاڪستان جو نه صرف تصور بلڪ مسلمانن لاءِ جدا ملڪ جي گُهر، علام اقبال رح جي تصور کان گهڻو پهريان 1918ع ۾ ڪتاب ‘جامِ جم’ لکي، ان ۾ واضح نموني سان چيائين ته اسان کي الڳ ملڪ گهرجي.

بابا سائين هن ڪتاب کي محنت ڪري مرتب ڪيو آهي. جيڪو يقينن پڙهندڙن کي وڻندو. بابا سائين شمس ابن ضيا، پنهنجي ڏاڏي سائين رئيس شمس الدين بلبل ۽ والد صاحب رئيس ضيا الدين ضيا بلبل جا ڪافي ڪتاب مرتب ڪيا آهن بلڪه ڪجهه ڪتاب تصنيف پڻ ڪيا  آهن. انشاءَ الله جلدي اهي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪري پڙهندڙ آڏو پيش ڪيا ويندا.

هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، بابا سائين مون کي ٻه سال اڳ ڇپائڻ لاءِ ڏنو هو. منهنجي سُستي سبب تاخير ٿي وئي. شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڪمپوزر ايترا پروفيشنل نه مليا، ٽائيپنگ ۽ گرامر جون ايتريون ته غلطيون هونديون هيون جو پروف ريڊنگ ڪندي بابا سائين ڏاڍو ڪاوڙ جو اظهار ڪندا رهيا. آخرڪار تنگ ٿي ڪن دوستن جي مشورن تي ڪتاب محترم ڊاڪٽر آفتاب ابڙو صاحب جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب محنت سان ڪم کي جلدي اڪلائي ڪتاب مڪمل ڪيو، سندن مهربانيون.

آخر ۾ ٻه لفظ آءٌ پنهنجي والد محترم شمس الدين بلبل ابڙو جي صحت ۽ عمر درازي جي دعا لاءِ پڙهندڙن کي عرض ڪيان ٿو ۽ اها به دعا ڪن ته بابا سائين جي قلم کي رب تعاليٰ وڌيڪ طاقت ڏئي. الله تعاليٰ بابا سائين کي به پنهنجي ڏاڏي وانگر بيپناهه صلاحيتن جو مالڪ بڻايو آهي. سندس تحرير ۾ تسلسل ۽ لفظن جي جوڙجڪ ۽ پختگي انتها درجي جي آهي. سندن لکڻي تمام خوبصورت ۽ جاذب نظر آهي. انتهائي اصول پرست، دل جا سخي ۽ محنتي سليقي وارا آهن. خدا تعاليٰ سندن سايو اسان جي سرن تي هميشه قائم ۽ دائم رکي آمين ثم آمين.

پروفيسر ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو (بلبل)