بلبل جي شاعريءَ ۾ جمالياتي پهلو
محمد آدم ٻٽ
اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ اهڙين شخصيتن قدم رکيو جن نه رڳو غزل جي تاڃي پيٽي (Diction) بلڪه ان جي تڪ بندي ۽ گهاڙيٽي Form))۽ اظهار (Expression) ۾ نواڻ پيدا ڪري غزل جي شاعريءَ کي عروج بام تي پهچايو. اهڙين شخصيتن ۾ مير عبدالحسين سانگي، غلام محمد شاهه گدا، مرتضائي ٺٽوي، آخوند قاسم ۽ مرزا قليچ بيگ جا نالا اچي وڃن ٿا. اهڙن اعليٰ پايي جي شاعرن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به نئين ماڻهوءَ جو شاعريءَ جي ميدان ۾ پير کپائڻ ۽ اعليٰ مرتبي جي شخصيتن جي صف ۾ پنهنجي لاءِ ڪو مقام ڳولڻ ۽ جاءِ پيدا ڪرڻ ڪا سولي ۽ آسان ڳالهه نه هئي.
شمس الدين “بلبل” جو نالو سنڌي ادب جي اهڙين گڻواڻ شخصيتن جي زمري ۾ اچي ٿو، جن پنهنجي قابليت، محنت ۽ سنجيدگيءَ جي آڌار تي نه رڳو نالو پيدا ڪيو بلڪه اعليٰ مقام پڻ حاصل ڪيو.
سنڌي غزل بنيادي طرح فارسي غزل جي پيداوار آهي ۽ فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ وڌي وڻ ٿيو. تڏهن به سنڌ جي شاعرن فارسي ادب جي هن نازڪ، نفيس ۽ عاشقانه مزاج واري صنف شاعريءَ کي اهڙي ته مقامي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيو جو ان جي هر بند ۽ شعر ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مهڪ اٿي چوڌاري ڦهلجي وئي.
سنڌ جي شاعرن غزل ۾ جتي تصوف جهڙن باريڪ نڪتن کي ڇهيو ۽ بيان ڪيو، اتي هنن غزل جي جمالياتي پهلو کي به ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ محبوب جي “ڳل” جي تِر، ان جي ڳاڙهن ڳٽن، منهن محراب کان وٺي پيچدار “زلفن” ۽ “ڪاڪل” خمدار تائين جو ذڪر نهايت خوبصورت ۽ دل لڀائيندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. “بلبل” به پنهنجي پيش رو ۽ همعصر شاعرن جي تقليد ڪندي غزل ۾ جمالياتي پهلو کي جنهن خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي اهو سندس اعليٰ فنڪارانه صلاحيتن ۽ سندس ڏاهپ ۽ قابليت جو بهترين مثال ۽ اعليٰ نمونو آهي.
اندازو ڪيو ته اهڙي بيباڪي ۽ بهادريءَ جهڙو آواز “بلبل” کانسواءِ ٻيو ڀلا ڪير بلند ڪري سگهي ٿو...!؟
اهڙن خوبصورت خيالن کي لفظن جي روپ ۾ گهڻ مقصديت Multi-Purpose واري انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ملڪو Authority رڳو “بلبل” کي ئي قدرت عطا ڪيو هو. اهوئي سبب آهي جو مولانا غلام محمد گرامي “بلبل” کي سنڌي ادب جو “سپوت” سڏيو آهي جنهن نه رڳو غزل جي تصوف ۽ اصلاح واري پاسي ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ڪنهن رک رکاءَ کان ڪم ورتو، بلڪه حسن ۽ سونهن جي ساراهه کي پيش ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايو. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته:
“Poetry is basically a rich and colorful way of speaking”
“شاعري اظهار جو شاهوڪار ۽ رنگين ذريعو آهي”
شاعري رڳو لفظن جي چونڊ جو نالو ناهي پر دلين کي جهومائڻ ۽ ذهنن کي گرمائڻ شاعري جو اصل جوهر (Real Spirit) آهي. لفظن جي چونڊ به اهڙي ڪرڻي آهي جو پڙهندڙن جون دليون پڙهڻ سان جهومي اٿن ۽ جذبا جاڳي پون، جيڪا شاعري دلين کي جهومائي نه سگهي ۽ جذبن کي اڀاري نه سگهي، جنهن شاعريءَ مان ڪنهن کي ڪجهه حاصل نه ٿي سگهي، جيڪا شاعري ٻين کي ڪجهه به نه ڏئي سگهي سا لفظن جي مالها ته ٿي سگهي ٿي پر شاعري نٿي ٿي سگهي.
شاعريءَ جو واسطو روح سان ۽ دل جي ڌڙڪنن سان سڌو سنئون ٿئي ٿو. تنهنڪري شاعر لفظن کي اهڙو روپ وٺرائي ٿو، جنهن سان حسن مهڪي ٿو اٿي. پوءِ اهو حسن چاهي فطرتي هجي يا انساني. “بلبل” جي شاعري جي به اها خوبي آهي ته هن لفظن کي سونهن جو نمائندو بنائي ڇڏيو آهي. بلبل جي شاعري ۾ حسن ۽ خوبصورتي جون شفاف ڌارائون لفظن جي چشمن مان ڦٽي ۽ وهي هلن ٿيون. محترم جويو صاحب جي چواڻي ته “فن جو بهرحال ڪمال هيءُ آهي ته وقتي اهميت جو رول به ادا ڪري ۽ ان ۾ دائميت ۽ امرتا جو روح پڻ برقرار هجي، بلبل جي شاعري “دائميت ۽ امرتا جي روح” جو باهمي سنگم به آهي ته وقتي اهميت جو رول به ادا ڪري ٿي. بلبل جو محبوب ۽ ان جو حسن اعليٰ قدرن وارو ۽ وڏي اهميت وارو آهي. ان جي حسن اڳيان حورون ۽ پريون ته ڇا سج ۽ چنڊ جي به ڪا حيثيت ڪانهي:
توهان جي حسن ۾ آهي جو زور و زينت- زيب،
نه آهي حور و پري شمس و ماهه ۾ لاريب.
---
فلڪ کي جي فخر آهي قمر جي نور تي اهڙو،
اسان جي ماهرو جو منهن سڄو انوار مهه مهه مهه.
شعر جي آخر ۾ “مهه” لفظ ٽي دفعا قافيه طور استعمال ڪري بلبل شعر جي موسيقي ۽ ترنم ۽ لئي ۾ اضافو ڪيو آهي. هن غزل ۾ بلبل تهه تهه تهه، وهه وهه وهه، ڏهه ڏهه ڏهه جهڙا لفظ ٽي دفعا قافيه ۾ استعمال ڪري قافيه جي سونهن ۽ غزل جي حسن ۾ واڌارو ڪيو آهي.
تشبيهه ۽ تمثيل جو فن ته بلبل کان ڪو سکي، هو تشبيهه جي فن ۾ پنهنجي وقت جو بادشاهه هو. مثال طور چوي ٿو ته:
برگ گل تي هيئن لڳي ٿي خوشنما شبنم پرين،
قطره قطره عرق جا ڪن زيب جيئن رخسار تي.
برگ گل کي رخسار سان ۽ عرق جي قطرن کي شبنم سان تشبيهه ڏئي بلبل شعر جي حسن ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ ان جي مراد ۽ مقصد ۾ سونهن ڀري ڇڏي آهي، محبوب جي رخسار تي عرق جي قطرن جي ائين ٺهي بيهڻ جيئن شبنم جا قطرا گل جي پنکڙي تي سونهن ٿا. اهو فطرت جي سونهن سان گڏ انساني سونهن جي اظهار جو پڻ اعليٰ نمونو آهي.
پرين پنهنجا وار ڇوڙي ڪوٺي جي ڇت تي اچي ۽ عاشق اهڙو نظارو پسي دام ۾ نه ڦاسي سا ڳالهه ناممڪن آهي، پر بلبل جي پرين جي ڪاڪل جي ڳالهه ئي نرالي آهي. عام شاعر جي محبوب جي ڪاڪل جو دام محدود آهي جيڪو رڳو دل وارن کي ئي ڦاسائي سگهي ٿو پر بلبل جي محبوب جي ڪاڪل ۾ جا ڪشش آهي سا عام شاعر وٽ ناهي. بلبل جو پرين / سڄڻ جڏهن وارن کي کولي بام تي اچي ٿو ته دل وارا ته ڦاسن ئي ڦاسن ٿا پر عنبر (خوشبو) به ڪاڪل جي دام کان آجي نٿي رهي سگهي.
ڪاڪل کي سڄڻ کولي، ڪالهه بام تي هو ويٺو
آئي ٿي صبا چوندي عنبر جو خدا حافظ
زلفن جي دام جو ذڪر وري بلبل هيئن ٿو ڪري:
زلفن ۾ ڏسي قابو هڪ ترڪ ڏنم طعنه
اسلام جو هي حال ته ڪافر جو خدا حافظ
رخسار تي زلف جو پيچ ڪهڙو خوبصورت منظر ٺاهي ٿو، هن وٽ ان جو بيان باقي شاعرن کان نرالو آهي.
ڏنو زلف جو پيچ رخسار تي
اهو جيم ۽ دال آهي عجب
محبوب جي منهن کي باهه سان تشبيهه ڏيڻ جو انداز و بيان به بلبل وٽ عجيب آهي. لفظن کي ڪيئن استعمال ڪجي؟ ٻوليءَ جو بيان ڪٿي ۽ ڪيئن خوبصورتي پيدا ڪندو، بلبل کي ان سلسلي ۾ واقعي عبور حاصل هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌيءَ سان گڏ عربي توڙي فارسي لفظن کي جنهن وڻندڙ اسلوب ۾ بيان ڪيو آهي سا ڳالهه بلبل جي ٻوليءَ تي دسترس کي عيان ٿي ڪري.
ڇڏي ٿو زلف کي ڇوڙي هو منهن تي محبوب
وجهي ٿو باهه ۾ ورق عنبرين ڇا باعث
ٻڌم ته ڪالهه انهي خوبرو جي خال مٿان
وڪيو ٿي عابد ايمان دين ڇا باعث
هڪ پاسي تشبيهن جو خوبصورت استعمال، ٻئي پاسي ٻوليءَ جو اسلوب ۽ انداز بيان ۽ وري ٽئين حوالي سان جمالياتي پهلو جو ذڪر هڪ ئي وقت انهن مڙني خاصيتن جي ذڪر ڪرڻ ۽ اهڙي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو پڙهڻ سان شاعر فنڪارجي فن ۽ ان جي ڏات ۽ صلاحيت کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. “بلبل” جي شاعرانه ڏات ۽ فنڪارانه صلاحيتن جي پرک ۽ ان جي خيالن جي پرواز (تخيل جي اڏام) جو اندازو هيٺين شعرن جي سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن وٽ ڪيڏي نه شاعرانه سگهه موجود هئي:
بوئي نسيم زلف سياه مشڪبار کان
سرسبز سمن، سنبل و تر، تابدار ڏس
ائين سونهن ٿا، سنبل ۽ سمن ريحان جا
جيئن گرهه ٿي گول ٿئي هن ڪاڪل خمدار تي.
عاشقن جي دل جڏهن معشوق چورائي وڃي ته ان جو موٽڻ ڏاڍو محال آ. بلبل وٽ به اهڙي ڪيفيت آهي، هن جو محبوب به ڏاڍي نرالي چال وارو آهي، جيڪو دل ته چورائي ڄاڻي پر موٽائي نه. اهڙي حالت ۾ عاشق ويچارو ڇا ڪري؟! سندس غمن جو علاج ته صرف ۽ صرف صبر ۾ آهي.
دل کسي جا گلبدن سا ڪيئن وري موٽي ملي
هاڻ ڀانئج صبر بلبل پهرين نمبر جو علاج
سڄڻ جي سينڌ جو ذڪر اسان کي اڪثر شاعرن وٽ ملي ٿو. بلبل ان جو بيان هيئن ٿو ڪري:
ڪڍي سينڌ زلفن ۾ آهي سڄڻ
دلين جي وڃڻ لاءِ ٺاهيو آ دڳ
ڳل جي خوشبوءِ ۽ گل جي سرخي جي تشبيهه محبوب جي لبن سان ۽ زلفن سان هر شاعر وٽ ملي ٿي پر شاعري رڳو تقليد جو نالو ته ناهي! جيستائين ان ۾ نوان تجربا ڪري ڪا نواڻ يا جدت پيدا نه ٿي ڪئي وڃي، تيستائين شاعر جي انفراديت Exception ڪيئن ٺهي. بلبل پنهنجي شاعري (نظم ۽ غزل) ۾ نوان تجربا ڪري نوان مشاهدا پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪيا آهن:
ڳل سرخ جو پرتوو جو پوي زلف تي هردم
ان عڪس کان هر روز ٿين صبح و مسا سرخ
ڳل جي ڳاڙهاڻ جو پرتوو جڏهن زلف تي پوي ته ان جي عڪس سان صبح و مسا سرخ ٿيو پون، ڪيڏو نه هڪ عجيب، دلچسپ ۽ وڻندڙ منظر آهي، جيڪو شاعر لفظن جي روپ ۾ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪيو آ، حقيقت ۾ اها بلبل جي ڏاهپ ۽ شاعرانه صلاحيت جي خوبي چئجي جو هن هر شيءِ کي اهڙي ته ڪيفيت ۽ انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو پڙهندڙ نه چاهيندي به ان کي پنهنجو ئي قبول ڪري ٿو وٺي.
مذهب روحاني جذبو آهي اهڙو جذبو جنهن جي افاديت ۽ اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ان کان وڌي ان جي اصولن جي پوئواري ۽ پاسداري ڪرڻ انساني فطرت جو اڻ ٽٽ حصو بنجي پوي ٿو، پر جڏهن عشق جو ۽ محبت جو ذڪر ٿئي ته ان جي ادا ۽ ذميداري ئي الڳ ٿي پويو بلبل وٽ محبت جي حيثيت به مذهب کان گهٽ ناهي. هو محبت جي ميدان ۾ به پنهنجو پاڻ کي ايترو ذميوار محسوس ڪري ٿو/ سمجهي ٿو جيترو مذهب جي آڏو.
محبوب جي مذهب ۾ ٿيا فرض رڳا چار،
لب سرخ زبان سرخ، سر دست دوپا سرخ،
ريءَ عشق تنهنجي ڄاڻان نه اسلام ڪفر کي،
تشبيهه فراموش ته زنار فراموش.
عشق کانسواءِ رڳو زندگي اڌوري ناهي، بلڪه دين و ڌرم به اڻپورو لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته عشقيت حقيقت ۾ اهڙو جذبو آهي جنهن جي نه رڳو ذريعي حقيقت پر سچ ۽ ڪوڙ جي فرق کي پڻ سمجهي سگهجي ٿو ۽ ان کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو.
مددي ڪتاب:
- ديوان بلبل- هري سنگهه ڪتب خانو سکر 1906ع
- ديوان بلبل- مرتب غلام محمد گرامي سنڌي ادبي بورڊ
- اوتو جوتون- مهاڳ ٻوهيو ڊاڪٽر الهداد
- وڄون وسڻ آئيون- مهاڳ جويو محمد ابراهيم